الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنّورَ ثُمَّ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 1) |
سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، جنھن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ جنهن اونداهين ۽ روشنيءَ کي بنايو، پوءِ به ڪافر ٻين کي پنھنجي رب سان برابر سمجهن ٿا. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن طينٍ ثُمَّ قَضىٰ أَجَلًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى عِندَهُ ثُمَّ أَنتُم تَمتَرونَ (آيت : 2) |
(الله تعالى جي ذات اها آهي) جنھن توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ۽ (توهان جي لاءِ) هڪڙو وقت مقرر فرمايو ۽ ٻيو وقت به جيڪو ان وٽ مقرر ٿيل آهي. پوءِ به توهان ماڻهو شڪ ۾ پيل آهيو. |
وَهُوَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَفِى الأَرضِ يَعلَمُ سِرَّكُم وَجَهرَكُم وَيَعلَمُ ما تَكسِبونَ (آيت : 3) |
آسمانن ۽ زمين ۾ اهو ئي هڪ الله آهي (جيڪو) توهان جي ڳجهين ۽ ظاهر ڳالهين کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه توهان ڪريو (ڪمايو) ٿا ان کي به هو خوب ڄاڻي ٿو. |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 4) |
(ماڻهن جو هي حال آهي) جو جڏهن به وٽن پنھنجي رب جي نشانين مان ڪا نشاني اچي ٿي ته هو منھن موڙيندا آهن. |
فَقَد كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَسَوفَ يَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 5) |
۽ جڏهن به وٽن حق آيو ته انهن ان کي ڪوڙو ڪيو، جلد ئي انهن وٽ انهن شين جون خبرون اينديون جن تي هو ٽوڪون ڪندا آهن. |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ ما لَم نُمَكِّن لَكُم وَأَرسَلنَا السَّماءَ عَلَيهِم مِدرارًا وَجَعَلنَا الأَنهٰرَ تَجرى مِن تَحتِهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 6) |
ڇا انهن نه ڏٺو ته انهن کان اڳ اسان ڪيترين ئي قومن کي تباهه ڪري ڇڏيوسين جن جو پنھنجي دؤر جي حساب سان وڏو نالو هو. اهڙو عروج ته توهان کي به نه ڏنو آهي، انهن جي مٿان آسمان مان زوردار بارش وسائي ۽ نھرون بنايوسين جيڪي زمين ۾ وهنديون هيون پوءِ اسان کين سندن گناهن جي نتيجي ۾ تباهه ڪري ڇڏيوسين ۽ پوءِ انهن جي جاءِ تي ٻئي دؤر جي قومن کي پيدا ڪيو. |
وَلَو نَزَّلنا عَلَيكَ كِتٰبًا فى قِرطاسٍ فَلَمَسوهُ بِأَيديهِم لَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
(اي نبي ﷺ!) اسان جيڪڏهن توهان جي مٿان ڪاغذ تي لکيل ڪتاب به نازل ڪيون ها ۽ هي ماڻهو ان کي هٿ لائي به ڏسن ها، تڏهن به انڪار ڪرڻ وارا اهو ئي چون ها ته اهو جادوءَ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ مَلَكٌ وَلَو أَنزَلنا مَلَكًا لَقُضِىَ الأَمرُ ثُمَّ لا يُنظَرونَ (آيت : 8) |
۽ اهو به چون ٿا ته هن (نبيءَ) تي ڪو فرشتو ڇو نه نازل ڪيو ويو؟ پر جيڪڏهن فرشتو نازل ڪيو وڃي ها ته پوءِ سندن ڪم به پورو ٿي وڃي ها ۽ کين ڪا به مھلت نه ڏني وڃي ها. |
وَلَو جَعَلنٰهُ مَلَكًا لَجَعَلنٰهُ رَجُلًا وَلَلَبَسنا عَلَيهِم ما يَلبِسونَ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏهن اسان فرشتو موڪليون ها تڏهن به هو انساني شڪل ۾ اچي ها ۽ اهڙي طريقي سان اسان کين وري اهڙي شڪ ۾ مبتلا ڪيون ها جهڙيءَ طرح هو هن وقت شڪ ۾ مبتلا آهن. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
(اي نبي ﷺ!) توهان کان اڳ ۾ به ڪيترن ئي رسولن تي ٽوڪون ڪيون ويون آهن، پوءِ جيڪي ماڻهو انهن (رسول سڳورن) تي ٽوڪون ڪندا هئا تن کي انهن جي ٽوڪن واري عذاب ئي گهيري ۾ ورتو. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ ثُمَّ انظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
انهن کي چؤ ته زمين ۾گهمي ڦري ڏسو ته (الله تعالى جي احڪامن کي) ڪوڙو ڪرڻ وارن جو ڪھڙو انجام ٿيو آهي؟ |
قُل لِمَن ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُل لِلَّهِ كَتَبَ عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 12) |
انهن کان پڇو ته آسمانن ۽ زمين ۾ موجود شيون ڪنھن جون آهن؟ ( انهن وٽ ڪو جواب ئي ڪونهي) توهان ئي کين ٻڌايو! ته الله تعالى جون آهن، هن (الله) پاڻ تي رحم ۽ ٻاجهه ڪرڻ لازم ڪيو آهي، هو قيامت جي ڏينھن توهان سڀني کي گڏ ڪندو، جنھن جي اچڻ ۾ ڪو به شڪ نه آهي. جن ماڻهن پنھنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو، اهي (ڪڏهن به) ايمان نه آڻيندا. |
وَلَهُ ما سَكَنَ فِى الَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 13) |
رات ۽ ڏينھن جي نظام ۾ جيڪي شيون رهن ٿيون، سي سڀ ان (الله) جون آهن ۽ هو ٻڌندڙ ۽ هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَتَّخِذُ وَلِيًّا فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ يُطعِمُ وَلا يُطعَمُ قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَكونَ أَوَّلَ مَن أَسلَمَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 14) |
توهان کين چؤ ته ڇا مان آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪندڙ الله تعالى کي ڇڏي ٻئي ڪنھن کي معبود بنايان؟ هو (ٻين کي) رزق کارائي ٿو پر ٻين کان رزق نٿو وٺي (بلڪه رزق کائڻ کان ئي پاڪ آهي) چؤ ته بيشڪ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ کان پھريائين مان مسلمان ٿيان ۽ هن جي طرفان مون کي اهو به فرمايو ويو آهي ته تون مشرڪن مان ڪڏهن به نه ٿجانءِ. |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
چؤ ته بيشڪ مان پنھنجي رب جي نافرماني ڪرڻ جي صورت ۾ قيامت جي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. |
مَن يُصرَف عَنهُ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمَهُ وَذٰلِكَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 16) |
ان ڏينھن جنھن کان عذاب ٽاريو ويو ته سمجهو ته ان تي الله تعالى وڏو رحم ڪيو ۽ اها ئي اصل ڪاميابي آهي. |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يَمسَسكَ بِخَيرٍ فَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
۽ جيڪڏهن الله تعالى ڪنھن کي نقصان ڏيڻ چاهي ته ان کان سواءِ ٻيو ڪير به ان نقصان کان بچائي نٿو سگهي ۽ جيڪڏهن هو ڀلائي ڏيڻ چاهي ته هو هر شيءِ تي وس وارو آهي. |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 18) |
هو پنھنجي ٻانهن تي مڪمل اختيار رکي ٿو، هو وڏي حڪمت وارو ۽ هر شيءِ کان باخبرآهي. |
قُل أَىُّ شَيءٍ أَكبَرُ شَهٰدَةً قُلِ اللَّهُ شَهيدٌ بَينى وَبَينَكُم وَأوحِىَ إِلَىَّ هٰذَا القُرءانُ لِأُنذِرَكُم بِهِ وَمَن بَلَغَ أَئِنَّكُم لَتَشهَدونَ أَنَّ مَعَ اللَّهِ ءالِهَةً أُخرىٰ قُل لا أَشهَدُ قُل إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِنَّنى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 19) |
توهان پڇا ڪريو ته ڪنھن جي شاهدي سڀني کان وڌيڪ اهم (۽ سچي) آهي، (کين کولي) ٻڌايو ته الله تعالى منھنجي ۽ توهان جي وچ ۾ شاهد آهي. هي قرآن مون ڏي وحي ڪيو ويو آهي ته جيئن مان توهان کي ۽ هي جن تائين به پھچي تن سڀني کي، ان جي ذريعي ڊيڄاريان. ڇا توهان شاهدي ڏئي سگهو ٿا ته الله تعالى سان گڏ ٻيا به معبود آهن؟ (کين وڏي واڪي) ٻڌايو ته مان ته اهڙي شاهدي نٿو ڏيان ۽ مان انهن سڀني کان بيزار آهيان، جن کي توهان (الله تعالى سان گڏ) ڀائيوار بنايو ٿا. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُمُ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
اسان جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنوسين هو هن ڪتاب کي اهڙي طرح سڃاڻن ٿا جيئن پنھنجي اولاد کي سڃاڻيندا هجن. جن ماڻهن پنھنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو، اهي ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 21) |
ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله تعالى جي ذات تي ڪوڙ هڻي يا ان جي نشانين کي ڪوڙو چوي؟ بيشڪ اهڙا ظالم ماڻهو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندا. |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا أَينَ شُرَكاؤُكُمُ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 22) |
۽ جنھن ڏينھن اسان سڀني انسانن کي گڏ ڪنداسين پوءِ مشرڪن کي چونداسين ته توهان جا اهي شريڪ ڪٿي آهن، جن کي توهان الله تعالى سان گڏ شريڪ ڪرڻ جي دعوى ڪندا هئا؟ |
ثُمَّ لَم تَكُن فِتنَتُهُم إِلّا أَن قالوا وَاللَّهِ رَبِّنا ما كُنّا مُشرِكينَ (آيت : 23) |
پوءِ هو ٻي ڪا به شرارت (۽ مڪر) نه ڪري سگهندا سواءِ ان جي جو هو چوندا ته الله تعالى جو قسم! اي اسان جا رب ! اسان ته (ڪڏهن به) مشرڪ نه هئاسين. |
انظُر كَيفَ كَذَبوا عَلىٰ أَنفُسِهِم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
ڏسو ته هو ڪيئن نه پاڻ تي ڪوڙ هڻن ٿا؟ (قيامت واري ڏينھن) انهن کان سڀ ٺڳيءَ جا ٺاهه وسري ويندا، جيڪي هو دنيا ۾ ٺاهيندا هئا. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها حَتّىٰ إِذا جاءوكَ يُجٰدِلونَكَ يَقولُ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 25) |
انهن مان ڪجهه اهڙا به ماڻهو آهن، جيڪي تنھنجي ڳالهه (باقاعده) ڪن لڳائي غور سان ٻڌن ٿا پر اسان سندن دلين تي اهڙا ته پردا وجهي ڇڏيا آهن جو ان ڳالهه کي هو سمجهي ئي نٿا سگهن ۽ (انهن پردن جي ڪري) انهن جا ڪن گهٻرا ٿي چڪا آهن ۽ هي ماڻهو الله تعالى جون سڀ نشانيون ڏسن تڏهن به انهن تي ايمان نه آڻيندا، ايستائين جو هو توهان وٽ ايندا ۽ توهان جون سڀ ڳالهيون ٻڌي پوءِ توهان سان جهڳڙو ڪندا ۽ ڪافر اهو گوڙ مچائيندا ته هي توهان جون سڀ گذري ويل (نبين) جون ڪھاڻيون آهن. |
وَهُم يَنهَونَ عَنهُ وَيَنـَٔونَ عَنهُ وَإِن يُهلِكونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 26) |
هي ماڻهو ٻين کي به حق جي ڳالهين کان روڪين ٿا ۽ پاڻ به پري ڀڄن ٿا، اهڙي طرح هو پنھنجو پاڻ کي هلاڪت ۾ وجهن ٿا جنھن جي کين خبر ئي نٿي پوي . |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلَى النّارِ فَقالوا يٰلَيتَنا نُرَدُّ وَلا نُكَذِّبَ بِـٔايٰتِ رَبِّنا وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 27) |
۽ جڏهن هو باهه جي سامھون بيھاريا ويندا ته توهان انهن کي ڏسندا ته هو چوندا ته ڪاش! اسان کي دنيا ۾ واپس موڪليو وڃي. هاڻي اسان پنھنجي رب جي نشانين کي ڪڏهن به ڪوڙو نه ڪنداسين ۽ اسان مؤمن ٿي رهنداسين. |
بَل بَدا لَهُم ما كانوا يُخفونَ مِن قَبلُ وَلَو رُدّوا لَعادوا لِما نُهوا عَنهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 28) |
(هرگز نه!) بلڪ هن کان پھريائين دنيا ۾ جيڪي گناهه هو لڪائيندا هئا سي ئي مٿن ظاهر ٿيا آهن. جيڪڏهن کين (دنيا ۾) موٽايو ويندو ته به هو وري ساڳيا ڪم ڪندا رهندا، جن کان کين منع ڪيو ويندو هو، بيشڪ هي ڪوڙا ماڻهو آهن. |
وَقالوا إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 29) |
انهن (ماڻهن) ئي چيو هو ته دنيا جي زندگي ئي سڀ ڪجهه آهي ۽ اسان مرڻ کان پوءِ ٻيھر ڪو نه اٿاريا وينداسين. |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلىٰ رَبِّهِم قالَ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 30) |
۽ جڏهن هو پنھنجي رب جي سامھون بيھاريا ويندا، تڏهن توهان ڏسندا ته الله تعالى کين چوندو ته ڇا اڄوڪو هي ڏينھن سچو نه آهي؟ (جواب ۾) چوندا ته ها! اسان کي پنھنجي رب جو قسم آهي. پوءِ الله تعالى فرمائيندو ته جنھن شيءِ جو توهان انڪار ڪندا هئا ان جي بدلي ۾ هاڻي عذاب چکو. |
قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً قالوا يٰحَسرَتَنا عَلىٰ ما فَرَّطنا فيها وَهُم يَحمِلونَ أَوزارَهُم عَلىٰ ظُهورِهِم أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 31) |
(سڌو سنئون) نقصان ۾ ويا اهي ماڻهو جن الله تعالى جي سامھون اچڻ کي ڪوڙو سمجهيو هو، ايستائين جو جڏهن انهن تي اوچتو قيامت ايندي ته چوندا ته افسوس! اسان کان ان باري ۾ تمام وڏي ڪوتاهي ٿي وئي ۽ پنھنجي گناهن جا وزن هو پنھنجي نازڪ پٺن تي کڻندا. خبردار! اهو ئي برو وزن آهي جيڪو هو کڻندا. |
وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَلَلدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 32) |
دنيا جي زندگي ته بس هڪ کيل ۽ تماشي وانگر آهي ۽ آخرت جو گهر انهن لاءِ سٺو آهي جيڪي پرهيزگار ٿي رهندا، ته ڇا پوءِ اڃا به توهان عقل کان ڪم نه وٺندا؟ |
قَد نَعلَمُ إِنَّهُ لَيَحزُنُكَ الَّذى يَقولونَ فَإِنَّهُم لا يُكَذِّبونَكَ وَلٰكِنَّ الظّٰلِمينَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 33) |
(اي نبي ﷺ!) بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته انهن ماڻهن جون ڳالهيون ضرور توکي غمگين ڪنديون (پر اهو ذهن ۾ رک ته) هي ڪافر توکي ڪوڙو نٿا ڪن، بلڪ هي ظالم الله تعالى جي آيتن جو کلم کلا انڪار ڪري رهيا آهن. |
وَلَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ فَصَبَروا عَلىٰ ما كُذِّبوا وَأوذوا حَتّىٰ أَتىٰهُم نَصرُنا وَلا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ وَلَقَد جاءَكَ مِن نَبَإِي۟ المُرسَلينَ (آيت : 34) |
توکان پھريائين به ڪيترن ئي رسولن کي ڪوڙو ڪيو ويو هو، پوءِ انهن (رسولن) تمام تڪليفن تي صبر ڪيو، ايستائين جو کين اسان جي مدد پھتي. الله تعالى جي ڳالهين کي ڪير به تبديل نٿو ڪري سگهي، توکي ته گذري ويل نبين (سڳورن) جون خبرون پھچي چڪيون آهن (تون ته وڌيڪ صبر ڪر). |
وَإِن كانَ كَبُرَ عَلَيكَ إِعراضُهُم فَإِنِ استَطَعتَ أَن تَبتَغِىَ نَفَقًا فِى الأَرضِ أَو سُلَّمًا فِى السَّماءِ فَتَأتِيَهُم بِـٔايَةٍ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَمَعَهُم عَلَى الهُدىٰ فَلا تَكونَنَّ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 35) |
پر جيڪڏهن انهن ماڻهن جي نافرماني توکان برداشت نه ٿي ٿئي ته پوءِ جيڪڏهن توکي طاقت آهي ته زمين ۾ ڪا سرنگ ڳولهي وٺ يا آسمان تي چڙهي وڃڻ لاءِ ڪا ڏاڪڻ هٿ ڪر پوءِ تون کين ڪا نشاني آڻي ڏيکار. (حقيقت هي آهي ته) جيڪڏهن الله تعالى جي حڪمت ۾ اها شيءِ شامل هجي ها ته الله تعالى (ضرور) انهن سڀني کي هدايت وارو ڪري ڇڏي ها. (بھرحال) توهان ناسمجهن مان هرگز نه ٿيو. |
إِنَّما يَستَجيبُ الَّذينَ يَسمَعونَ وَالمَوتىٰ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ ثُمَّ إِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 36) |
بيشڪ (صحيح طرح) ٻڌڻ وارا ئي حق کي قبول ڪندا آهن باقي رهيا مئل (يعني ڪن لاٽار ڪرڻ وارا ته) الله تعالى انهن کي (بس) قبر مان ئي اٿاريندو، پوءِ هو سڀ ان ڏانھن موٽايا ويندا. |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يُنَزِّلَ ءايَةً وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 37) |
هي چون ٿا ته نبي سڳوري تي پنھنجي رب جي طرف کان ڪا نشاني ڇو نٿي نازل ڪئي وڃي؟ (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته نشاني نازل ڪرڻ جي طاقت صرف الله تعالى کي آهي، پر گهڻن ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي. |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا طٰئِرٍ يَطيرُ بِجَناحَيهِ إِلّا أُمَمٌ أَمثالُكُم ما فَرَّطنا فِى الكِتٰبِ مِن شَيءٍ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم يُحشَرونَ (آيت : 38) |
زمين ۾ هلندڙ ڦرندڙ جانور ۽ (هوا ۾) پنھنجا پر ڦھلائي اڏرڻ وارا پکي، هي سڀ توهان وانگر ئي هڪ بِرادري (يعني امت) آهي. اسان انهن سڀني لاءِ به تقدير لکي آهي ۽ اهي سڀ پنھنجي رب جي درٻار ۾ حاضر ڪيا ويندا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا صُمٌّ وَبُكمٌ فِى الظُّلُمٰتِ مَن يَشَإِ اللَّهُ يُضلِلهُ وَمَن يَشَأ يَجعَلهُ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 39) |
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، اهي ٻوڙا ۽ گونگا آهن، اونداهين ۾ رهن ٿا. الله تعالى جنھن لاءِ مناسب سمجهي ٿو تنهن کي گمراهه ڪندو آهي ۽ جنھن لاءِ مناسب سمجهي ٿو ته کيس سڌي رستي تي هلائيندو آهي. |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ أَو أَتَتكُمُ السّاعَةُ أَغَيرَ اللَّهِ تَدعونَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 40) |
(اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته (توهان دنيا ۾ ئي ڏسي وٺو ته) جڏهن توهان تي الله تعالى جي طرفان ڪو عذاب اچي ٿو يا توهان کي موت اچڻ جو احساس ٿئي ٿو ته ڇا توهان الله تعالى کان سواءِ ڪنھن ٻئي کي سڏيو ٿا؟ جيڪڏهن توهان سچا آهيو (ته پوءِ ان جو نالو ٻڌايو). |
بَل إِيّاهُ تَدعونَ فَيَكشِفُ ما تَدعونَ إِلَيهِ إِن شاءَ وَتَنسَونَ ما تُشرِكونَ (آيت : 41) |
(ڪير به نه) بلڪه توهان صرف الله تعالى کي ئي سڏيندا آهيو. توهان جنھن مقصد لاءِ کيس سڏيندا آهيو، جيڪڏهن هو چاهيندو ته توهان جي تڪليف ختم ڪندو. (بھرحال) ان وقت توهان پنھنجي ٺاهيل شريڪن کي وساري ڇڏيندا آهيو. |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَأَخَذنٰهُم بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَتَضَرَّعونَ (آيت : 42) |
۽ اسان توکان اڳ ڪيترين ئي قومن ڏانھن رسول موڪليا، پوءِ کين (نافرمانين سبب) مصيبتون ۽ تڪليفون ڏئي پڪڙ ڪئي ته جيئن هو گڙگڙائين ۽ هيٺانھين وٺي فرمانبرداري اختيار ڪن. |
فَلَولا إِذ جاءَهُم بَأسُنا تَضَرَّعوا وَلٰكِن قَسَت قُلوبُهُم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 43) |
جڏهن اسان کين پڪڙ ڪئي ته پوءِ انهن ماڻهن ڇو نه هيٺانھين ورتي؟ انهن جون دليون ويتر نافرمانيءَ ۾ وڌيڪ سخت ٿي ويون ۽ شيطان سندن عملن کي سٺو عمل ڪري ڏيکاريندو هو. |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ فَتَحنا عَلَيهِم أَبوٰبَ كُلِّ شَيءٍ حَتّىٰ إِذا فَرِحوا بِما أوتوا أَخَذنٰهُم بَغتَةً فَإِذا هُم مُبلِسونَ (آيت : 44) |
پوءِ جڏهن هو اسان جي ڪيل نصيحت کي وساري ويٺا ته اسان انهن لاءِ هر طرح جي خوشحالي جا دروازا به کولي ڇڏياسين، ايستائين جو هو اسان جي عطا ڪيل خوشحاليءَ تي تمام گهڻو ڦونڊجي (۽ آڪڙجي) ويا، پوءِ اسان انهن جي اوچتو پڪڙ ڪئي ته هو (هر طرف کان) نااميد ٿي ويا. |
فَقُطِعَ دابِرُ القَومِ الَّذينَ ظَلَموا وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 45) |
پوءِ ظالم قوم جي اهڙي طريقي سان پاڙ پٽي ويئي. (بس!) سڀئي تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، جيڪو سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَخَذَ اللَّهُ سَمعَكُم وَأَبصٰرَكُم وَخَتَمَ عَلىٰ قُلوبِكُم مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِهِ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ ثُمَّ هُم يَصدِفونَ (آيت : 46) |
(اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته ڀلا جيڪڏهن الله تعالى توهان جي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي طاقت کسي وٺي ۽ توهان جي دلين تي مھر هڻي ڇڏي ته پوءِ الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير معبود آهي، جيڪو توهان کي اهي شيون واپس آڻي ڏي؟ ڏسو ته اسان ڪهڙي نه سھڻي انداز سان نشانيون گهمائي ڦيرائي پيش ڪريون ٿا، پوءِ به هو ڪن لاٽار ڪن ٿا. |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ بَغتَةً أَو جَهرَةً هَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الظّٰلِمونَ (آيت : 47) |
کين چؤ ته جيڪڏهن الله تعالى جو توهان جي مٿان عذاب اچانڪ اچي يا ٻُڌائي اچي ته ڇا ان عذاب ۾ ظالم ماڻهن کان سواءِ ٻيو به ڪير تباهه ٿيندو؟ |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ فَمَن ءامَنَ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 48) |
اسان ته رسولن کي جنت جي خوشخبري ڏيندڙ ۽ جھنم جي باهه کان ڊيڄاريندڙ جي حيثيت ۾ موڪليوسين پوءِ جنھن به ان تي ايمان آندو ۽ پنھنجي عمل کي سڌاريو ته ان لاءِ ڪنھن به قسم جو نه خوف آهي ۽ نه ئي هو غمگين رهندا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا يَمَسُّهُمُ العَذابُ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 49) |
۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، انهن کي ضرور پنھنجي نافرمانيءَ جي سزا ملندي. |
قُل لا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ لَكُم إِنّى مَلَكٌ إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَفَلا تَتَفَكَّرونَ (آيت : 50) |
(اي نبي ﷺ!) انهن کي (واضح ڪري) ٻڌايو ته مان توهان کي اهو نٿو چوان ته مون وٽ الله تعالى جا خزانا آهن ۽ مون کي ڪنھن به قسم جي غيب جي ڪا خبر آهي ۽ نه ئي اهو چوان ٿو ته مان ڪو فرشتو آهيان، مان ته رڳو ان وحيءَ جي پيروي ڪريان ٿو، جيڪا مون ڏي (الله تعالى جي طرف کان) موڪلي وڃي ٿي (انهن کان پڇو ته) ڇا انڌو ۽ اکين وارو برابر ٿي سگهن ٿا؟(ڪڏهن به نه) ڇا پوءِ به توهان نٿا سوچيو؟ |
وَأَنذِر بِهِ الَّذينَ يَخافونَ أَن يُحشَروا إِلىٰ رَبِّهِم لَيسَ لَهُم مِن دونِهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 51) |
۽ تون انهن ماڻهن کي (قرآن شريف جي آيتن جي ذريعي) ڊيڄاريندو رهه جيڪي ڊڄڻ چاهين ٿا. هو پنھنجي رب جي سامھون اهڙي حالت ۾ پيش ڪيا ويندا جتي الله تعالى کان سواءِ انهن جو ٻيو ڪير به مددگار ۽ سفارش ڪندڙ نه هوندو. اهڙا ئي ماڻهو پرهيزگاريءَ وارو رستو اختيار ڪري سگهن ٿا ته جيئن جهنم جي عذاب کان بچي وڃن. |
وَلا تَطرُدِ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ ما عَلَيكَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَما مِن حِسابِكَ عَلَيهِم مِن شَيءٍ فَتَطرُدَهُم فَتَكونَ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 52) |
(اي نبي ﷺ!) اهڙن ماڻهن کان بيزاري نه ڏيکار جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صبح شام ٻاڏائين ٿا ۽ ان کي خوش ڪرڻ ۾ لڳا پِيا آهن. انهن (ويچارن) جو حساب ڪتاب نه ته تنھنجي مٿان آهي ۽ نه ئي ڪو تنھنجو حساب انهن جي مٿان آهي، جيڪڏهن تون انهن کي پاڻ کان پري ڪندين ته بيشڪ نا انصافي ڪرڻ وارن مان ٿي ويندين. |
وَكَذٰلِكَ فَتَنّا بَعضَهُم بِبَعضٍ لِيَقولوا أَهٰؤُلاءِ مَنَّ اللَّهُ عَلَيهِم مِن بَينِنا أَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِالشّٰكِرينَ (آيت : 53) |
(غريبن جو ايمان آڻڻ ۽ امير ماڻهن جو ايمان کان پري رهڻ) اهڙي طريقي سان اسان هڪڙن کي ٻين جي ذريعي آزمايون ٿا ته جيئن هي (سردار) چون ته ڇا اسان مان رڳو هي (غريب) آهن جن تي الله تعالى (ايمان آڻڻ جي توفيق ڏئي) احسان ڪيو آهي ( انهن کي ڪهڙي خبر؟) ڇا الله تعالى شڪرگذار ٻانهن کي چڱيءَ طرح نٿو سڃاڻي؟ |
وَإِذا جاءَكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِنا فَقُل سَلٰمٌ عَلَيكُم كَتَبَ رَبُّكُم عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ أَنَّهُ مَن عَمِلَ مِنكُم سوءًا بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابَ مِن بَعدِهِ وَأَصلَحَ فَأَنَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 54) |
۽ جيڪڏهن اسان جي آيتن تي ايمان آڻڻ وارا تو وٽ اچن ته کين سلام دعا سان آڌرڀاءُ ڪر (۽چوين ته) توهان جي رب پنھنجو پاڻ تي مھرباني ڪرڻ کي لازمي قرار ڏنو آهي پوءِ جيڪڏهن توهان مان ڪنھن غلطيءَ سان برو ڪم ڪري به وِڌو پر ان کان پوءِ فوراً توبہ ڪيائين ۽ پنھنجي عمل کي سڌاريائين ته (سمجهو ته) بيشڪ الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلِتَستَبينَ سَبيلُ المُجرِمينَ (آيت : 55) |
۽ اسان پنھنجي نشانين کي اهڙي طريقي سان کولي بيان ڪندا آهيون ته جيئن (ماڻهن تي) ڏوهارين وارو رستو چٽو ٿي وڃي. |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قُل لا أَتَّبِعُ أَهواءَكُم قَد ضَلَلتُ إِذًا وَما أَنا۠ مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 56) |
(اي نبي ﷺ!) انهن ماڻهن کي (چڱيءَ طرح کولي) ٻڌايو ته الله تعالى کان سواءِ جن کي توهان پڪاريو ٿا، مون کي انهن جي بندگي ڪرڻ کان سختيءَ سان منع ڪيو ويو آهي، کين اهو به ٻڌايو ته مان توهان جي خواهشن تي (ڪڏهن به) نه هلندس، جيڪڏهن مون کان ايئن ٿي ويو ته پوءِ مان گمراه ٿي ويندس ۽ سڌي رستي تي هلڻ وارن مان نه رهندس. |
قُل إِنّى عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَكَذَّبتُم بِهِ ما عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ يَقُصُّ الحَقَّ وَهُوَ خَيرُ الفٰصِلينَ (آيت : 57) |
(توهان کين) اهو به ٻڌايو ته بيشڪ مان ئي پنھنجي رب جي طرفان پڌري دليل تي قائم آهيان پر توهان ان کي ڪوڙو ڪريو ٿا، توهان جنھن شيءِ لاءِ جلدي ڪريو ٿا، اها شيءِ منھنجي اختيار ۾ نه آهي. حڪم صرف الله تعالى جو ئي هلندو، اهو ئي حق ڳالهه بيان ڪندو آهي ۽ اهو ئي بهترين فيصلو ڪندڙ آهي. |
قُل لَو أَنَّ عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ لَقُضِىَ الأَمرُ بَينى وَبَينَكُم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 58) |
توهان کين اهو به ٻڌايو! ته جنھن شيءِ لاءِ توهان جلدي ڪريو ٿا جيڪڏهن اها شيءِ منھنجي اختيار ۾ هجي ها ته منھنجي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪڏهوڪو فيصلو ٿي چڪو هجي ها (بھرحال) ظالمن کي الله تعالى ئي وڌيڪ بهتر ڄاڻي ٿو. |
وَعِندَهُ مَفاتِحُ الغَيبِ لا يَعلَمُها إِلّا هُوَ وَيَعلَمُ ما فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَما تَسقُطُ مِن وَرَقَةٍ إِلّا يَعلَمُها وَلا حَبَّةٍ فى ظُلُمٰتِ الأَرضِ وَلا رَطبٍ وَلا يابِسٍ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 59) |
غيب جون ڪنجيون ان وٽ ئي آهن. ان کان سواءِ ڪنھن ٻئي کي ان جي خبر به نه آهي، خشڪيءَ ۽ سمنڊ ۾ جيڪو ڪجهه آهي، سو سڀ ان کي معلوم آهي، وڻ جي هڪ هڪ پن جي ڪرڻ جو به کيس علم آهي. زمين جي اندر جيڪي به ٻِج آهن ۽ جيڪا به آلي يا خشڪ شيءِ زمين جي اندر موجود آهي، سا سڀ هڪ واضح ڪتاب (يعني ريڪارڊ) ۾ لکيل آهي. |
وَهُوَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم بِالَّيلِ وَيَعلَمُ ما جَرَحتُم بِالنَّهارِ ثُمَّ يَبعَثُكُم فيهِ لِيُقضىٰ أَجَلٌ مُسَمًّى ثُمَّ إِلَيهِ مَرجِعُكُم ثُمَّ يُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 60) |
اهو الله تعالى ئي آهي، جيڪو توهان کي رات جو (ننڊ جي صورت ۾) موت ڏئي ٿو ۽ ڏينھن جي وقت توهان جيڪي ڪجهه ڪريو ٿا تنھن کي هو ڄاڻي ٿو پوءِ صبح جو توهان کي جيئرو اٿاري ٿو ته جيئن مقرر مدت پوري ڪريو، ان ڏانھن ئي توهان سڀ موٽايا ويندا پوءِ هو اوهان کي توهان جي عملن جي باري ۾ ٻڌائيندو. |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَيُرسِلُ عَلَيكُم حَفَظَةً حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَكُمُ المَوتُ تَوَفَّتهُ رُسُلُنا وَهُم لا يُفَرِّطونَ (آيت : 61) |
۽ هو پنھنجي ٻانهن تي غالب (۽ مڪمل ضابطو رکندڙ) آهي ۽ هو توهان تي نگراني رکڻ وارا (فرشتا) موڪليندو آهي، ايستائين جو اوهان مان ڪنھن جي موت جو وقت اچي ويندو آهي ته اسان جا اهي موڪليل (فرشتا) ان جو ساهه ڪڍندا آهن ۽ هو ان ۾ ذري برابر به ڪوتاهي نه ڪندا آهن. |
ثُمَّ رُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ أَلا لَهُ الحُكمُ وَهُوَ أَسرَعُ الحٰسِبينَ (آيت : 62) |
پوءِ هي سڀ الله تعالى ڏانھن موٽايا ويندا آهن، جيڪو انهن جو حقيقي مالڪ آهي. خبردار! حڪم ڪرڻ جو اختيار صرف ان کي ئي حاصل آهي ۽ هو سڀني حساب وٺندڙن مان جلدي حساب وٺندڙ آهي. |
قُل مَن يُنَجّيكُم مِن ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ تَدعونَهُ تَضَرُّعًا وَخُفيَةً لَئِن أَنجىٰنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 63) |
کين چؤ ته ڪير آهي جيڪو توهان کي خشڪيءَ ۽ سمنڊ جي اونداهين مان بچائي ٿو؟ ان وقت ان کي ئي اوهان انتھائي عاجزيءَ سان (چپن ۾ ويھي) سڏيندا هئا ته جيڪڏهن اسان کي هن مصيبت کان بچائيندين ته اسان ضرور شڪرگذار ٻانهن مان ٿينداسين. |
قُلِ اللَّهُ يُنَجّيكُم مِنها وَمِن كُلِّ كَربٍ ثُمَّ أَنتُم تُشرِكونَ (آيت : 64) |
انهن کي چؤ ته الله تعالى ئي توهان سڀني کي هن مصيبت ۽ ٻين هر قسم جي تڪليفن کان بچائي ٿو. پر پوءِ به توهان ان سان گڏ ٻين کي شريڪ ڪريو ٿا. |
قُل هُوَ القادِرُ عَلىٰ أَن يَبعَثَ عَلَيكُم عَذابًا مِن فَوقِكُم أَو مِن تَحتِ أَرجُلِكُم أَو يَلبِسَكُم شِيَعًا وَيُذيقَ بَعضَكُم بَأسَ بَعضٍ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَفقَهونَ (آيت : 65) |
انهن کي چؤ ته الله تعالى هن ڳالهه جو اختيار رکي ٿو ته توهان تي آسمان مان عذاب نازل ڪري يا زمين مان عذاب ظاهر ڪري يا (عذاب طور) اوهان کي مختلف گروهن ۾ ورهائي ڇڏي ۽ پوءِ توهان مان هرهڪ کي هڪ ٻئي جي لڙائيءَ جو مزو چکائي، ڏسو ته اسان ڪيئن پنھنجون نشانيون صفا کولي بيان ڪريون ٿا ته من هو صحيح ڳالهه کي سمجهي وٺن. |
وَكَذَّبَ بِهِ قَومُكَ وَهُوَ الحَقُّ قُل لَستُ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 66) |
(اي نبي ﷺ!) تنھنجي قوم هن قرآن کي ڪوڙو ڪيو، حالانڪه هي بلڪل سچو آهي بھرحال انهن کي چؤ ته (هاڻي) مان توهان جو ذميدار نه آهيان. |
لِكُلِّ نَبَإٍ مُستَقَرٌّ وَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 67) |
هرهڪ خبر (۽ واقعي) لاءِ هڪ وقت مقرر آهي، سو عنقريب توهان کي ان جو پتو پئجي ويندو. |
وَإِذا رَأَيتَ الَّذينَ يَخوضونَ فى ءايٰتِنا فَأَعرِض عَنهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ وَإِمّا يُنسِيَنَّكَ الشَّيطٰنُ فَلا تَقعُد بَعدَ الذِّكرىٰ مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 68) |
۽ جڏهن تون اهڙن ماڻهن کي ڏسين جيڪي اسان جي آيتن تي تنقيد ڪن ٿا ته انهن کان فوراً الڳ ٿي وڃ، جيستائين هو ٻيون ڳالهيون شروع نه ڪن پر جيڪڏهن شيطان توهان جو ذهن (ان ڳالهه کان) هٽائي ڇڏي ته جڏهن به ذهن ۾اها ڳالهه اچي ته پوءِ اهڙن ظالم ماڻهن سان گڏ نه ويھه. |
وَما عَلَى الَّذينَ يَتَّقونَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَلٰكِن ذِكرىٰ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 69) |
اهڙن ظالم ماڻهن جي ڪا به ذميداري پرهيزگار ماڻهن جي مٿان نه آهي، پر کين نصيحت به (ضرور) ڪرڻي آهي شايد ته هو پرهيزگار ٿي وڃن. |
وَذَرِ الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَعِبًا وَلَهوًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَذَكِّر بِهِ أَن تُبسَلَ نَفسٌ بِما كَسَبَت لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ وَإِن تَعدِل كُلَّ عَدلٍ لا يُؤخَذ مِنها أُولٰئِكَ الَّذينَ أُبسِلوا بِما كَسَبوا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
۽ اهڙن ماڻهن کي ڇڏي ڏي جن پنھنجي دين کي کيل ۽ تماشو ٺاهي ڇڏيو آهي، دنيا جي حياتيءَ کين ڌوڪي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، تون انهن کي قرآن جي ذريعي سمجهائيندو رهه ته جيئن ڪو ماڻهو پنھنجي برن عملن جي شامت ۾ ڦاسي نه پوي. قيامت جي ڏينھن الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير به انهن جو مددگار ۽ سفارش ڪندڙ نه هوندو ، جيڪڏهن هو جان بچائڻ لاءِ بدلي ۾ سڀ شيون به ڏين ته به اهي شيون قبول نه ڪيون وينديون. هي ماڻهو پنھنجي برن ڪمن جي ڪري ڦاسندا، حق جو انڪار ڪرڻ سبب اهڙن ماڻهن لاءِ پيئڻ لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي ۽ تڪليف وارو عذاب هوندو. |
قُل أَنَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُنا وَلا يَضُرُّنا وَنُرَدُّ عَلىٰ أَعقابِنا بَعدَ إِذ هَدىٰنَا اللَّهُ كَالَّذِى استَهوَتهُ الشَّيٰطينُ فِى الأَرضِ حَيرانَ لَهُ أَصحٰبٌ يَدعونَهُ إِلَى الهُدَى ائتِنا قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَأُمِرنا لِنُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 71) |
(اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته ڇا اسان الله تعالى کان سواءِ انهن کي پڪاريون جيڪي اسان کي ڪنھن به قسم جو نفعو ۽ نقصان نٿا پھچائي سگهن ۽ ڇا اسان الله تعالى جي طرفان ڏنل هدايت تي اچڻ کان پوءِ الٽا ڦري وڃون؟ اهو ته ان شخص وانگر ٿيندو جنھن کي شيطان برپٽ زمين ۾ رلائي ڇڏيو هجي ۽ هو (ويچارو) حيران ۽ پريشان ڦرندو وتي (وري) شيطان جا ساٿي ان شخص کي سڏيندا ته اسان ڏي اچ، اسان کي صحيح رستو معلوم آهي. (اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته الله تعالى جي هدايت ئي اصل ۾ صحيح هدايت آهي ۽ اسان کي صرف جھانن جي پالڻھار جي فرمانبرداريءَ جو حڪم ڏنو ويو آهي. |
وَأَن أَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّقوهُ وَهُوَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 72) |
اسان کي نماز قائم ڪرڻ ۽ ان جي نافرماني ڪرڻ کان بچڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ان جي طرف ئي توهان سڀ گڏ ڪيا ويندا. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَيَومَ يَقولُ كُن فَيَكونُ قَولُهُ الحَقُّ وَلَهُ المُلكُ يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 73) |
۽ اهو ئي (الله) آهي جنھن آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آهي ۽ جنھن ڏينھن (جنھن شيءِ کي به) چوندو ته “ٿي” ته اها شيءِ “ٿي پوندي” ان جي ڳالهه بلڪل سچي آهي. جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي (ان ڏينھن به) ان جي بادشاهي هوندي. لڪيل ۽ ظاهر هر شيءِ جو چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ اهو ئي آهي ۽ هو وڏو حڪمت وارو ۽ هر شيءِ جي خبر رکندڙ آهي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ ءازَرَ أَتَتَّخِذُ أَصنامًا ءالِهَةً إِنّى أَرىٰكَ وَقَومَكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 74) |
۽ توهان ابراهيم(ؑ) جو واقعو ٻڌو! جڏهن هن پنھنجي پيءُ آزر کي چيو ته “ڇا تون بتن کي معبود ٿو مڃين؟” مان ته تو کي ۽ تنھنجي قوم کي پڌري گمراهيءَ ۾ ڏسان ٿو. |
وَكَذٰلِكَ نُرى إِبرٰهيمَ مَلَكوتَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلِيَكونَ مِنَ الموقِنينَ (آيت : 75) |
اهڙيءَ طرح اسان ابراهيم (ؑ) کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت جا جلوا ڏيکاريا ته جيئن هو پختو يقين رکڻ وارن مان ٿئي. |
فَلَمّا جَنَّ عَلَيهِ الَّيلُ رَءا كَوكَبًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لا أُحِبُّ الءافِلينَ (آيت : 76) |
پوءِ جڏهن مٿس رات جي اونداهي ٿي ويئي ته هن هڪ (وڏو چمڪدار) ستارو ڏٺو، ان کي ڏسي چيائين ته “اهو ئي منھنجو رب آهي، ” پوءِ جڏهن اهو ستارو لھي ويو ته هن چيو ته “مان گم ٿيندڙن کي پسند نٿو ڪريان.” |
فَلَمّا رَءَا القَمَرَ بازِغًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لَئِن لَم يَهدِنى رَبّى لَأَكونَنَّ مِنَ القَومِ الضّالّينَ (آيت : 77) |
پوءِ جڏهن چنڊ کي چمڪندڙ ڏٺائين ته چيائين ته “اهو ئي منھنجو رب آهي،” پوءِ جڏهن اهو چنڊ به لھي ويو ته “چيائين ته جيڪڏهن منھنجو رب مون کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو ته مان ضرور گمراهه ماڻهن مان ٿي ويندس.” |
فَلَمّا رَءَا الشَّمسَ بازِغَةً قالَ هٰذا رَبّى هٰذا أَكبَرُ فَلَمّا أَفَلَت قالَ يٰقَومِ إِنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 78) |
وري جڏهن (صبح جو) سج کي چمڪندڙ ڏٺائين ته چيائين ته “(بس!) اهو ئي منھنجو رب آهي، اهو ئي سڀني کان وڏو آهي، ”پوءِ جڏهن (شام جو) سج به لھي ويو ته هن (وڏي واڪي) چيو ته “اي منھنجي قوم! توهان جنھن جي پوڄا ڪريو ٿا (اڄ) مان انهن سڀني کان بيزاريءَ جو اعلان ڪريان ٿو.” |
إِنّى وَجَّهتُ وَجهِىَ لِلَّذى فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ حَنيفًا وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 79) |
مان پنھنجو منھن توحيد پرست هجڻ جي حيثيت ۾ سڌو سنئون ان هستيءَ ڏانھن ڦيري ڇڏيو آهي جنھن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي ۽ مان مشرڪن مان (هرگز) نه آهيان. |
وَحاجَّهُ قَومُهُ قالَ أَتُحٰجّونّى فِى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنِ وَلا أَخافُ ما تُشرِكونَ بِهِ إِلّا أَن يَشاءَ رَبّى شَيـًٔا وَسِعَ رَبّى كُلَّ شَيءٍ عِلمًا أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 80) |
(ان اعلان تي) قوم ان سان جهڳڙو ڪرڻ شروع ڪيو (حضرت ابراهيم ؑ) چيو ته ڇا توهان مون سان الله تعالى جي باري ۾ جهڳڙو ڪريو ٿا؟ ان هستيءَ ته مون کي سڌو رستو ڏيکاريو آهي. جن کي توهان الله تعالى سان شريڪ ڪريو ٿا، مان انهن کان بلڪل نٿو ڊڄان، ٿيندو اهو ئي جيڪو منھنجو رب چاهيندو، منھنجي رب جي علم ئي هر شيءِ کي گهيري ۾ ورتو آهي، پوءِ به توهان نصيحت ڇو نٿا مڃو؟ |
وَكَيفَ أَخافُ ما أَشرَكتُم وَلا تَخافونَ أَنَّكُم أَشرَكتُم بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا فَأَىُّ الفَريقَينِ أَحَقُّ بِالأَمنِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 81) |
جڏهن ته توهان الله تعالى سان انهن شين کي شريڪ ڪندي نٿا ڊڄو ته مان ( انهن کان) ڇو ڊڄان جن کي توهان شريڪ ڪريو ٿا؟ جنھن جو الله تعالى جي طرفان توهان وٽ ڪو به دليل نه آهي (اهڙي حالت ۾ توهان ئي ٻڌايو ته) ٻنهي ڌرين مان امن (۽ سلامتيءَ) جو حقدار وڌيڪ ڪير آهي؟ جيڪڏهن توهان کي ڪو علم آهي. |
الَّذينَ ءامَنوا وَلَم يَلبِسوا إيمٰنَهُم بِظُلمٍ أُولٰئِكَ لَهُمُ الأَمنُ وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 82) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ پنھنجي ايمان کي ظلم سان نه ملايائون، اهڙن ماڻهن لاءِ امن آهي ۽ اهي سڌي رستي تي آهن. |
وَتِلكَ حُجَّتُنا ءاتَينٰها إِبرٰهيمَ عَلىٰ قَومِهِ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 83) |
اسان جي طرفان ابراهيم (ؑ) کي سندس قوم جي مقابلي ۾ عطا ڪيل اهو ئي دليل هو، اسان جنھن لاءِ چاهيندا آهيون تنھن کي بلند درجا عطا ڪندا آهيون. بيشڪ تنھنجو رب وڏي حڪمت وارو ۽ هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ كُلًّا هَدَينا وَنوحًا هَدَينا مِن قَبلُ وَمِن ذُرِّيَّتِهِ داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ وَأَيّوبَ وَيوسُفَ وَموسىٰ وَهٰرونَ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 84) |
۽ اسان ابراهيم (ؑ) کي اسحاق ۽ يعقوب (عليهما السلام) اولاد جي صورت ۾ عطا ڪيا ۽ انهن سڀني کي سڌو رستو ڏيکاريوسين. انهن کان پھريائين نوح (ؑ) کي هدايت وارو رستو عطا ڪيو ۽ ان جي ئي نسل مان دائود، سليمان، ايوب، يوسف، موسى ۽ هارون (عليهم السلام) کي هدايت عطا ڪئي، نيڪوڪارن کي اسان (سڌي رستي تي هلڻ جي صورت ۾) اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون. |
وَزَكَرِيّا وَيَحيىٰ وَعيسىٰ وَإِلياسَ كُلٌّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 85) |
زڪريا، يحى، عيسى، الياس (ؓ) کي به (اسان ئي) سڌو رستو ڏيکاريو هو . هي سڀ جا سڀ نيڪ ٻانها هئا. |
وَإِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَيونُسَ وَلوطًا وَكُلًّا فَضَّلنا عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 86) |
اسماعيل، يسع، يونس ۽ لوط (ؓ) کي به سڌو رستو ڏيکاريو هو ۽ اسان کين دنيا وارن تي فضيلت بخشي هئي. |
وَمِن ءابائِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَإِخوٰنِهِم وَاجتَبَينٰهُم وَهَدَينٰهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 87) |
۽ انهن جي ابن ڏاڏن، سندن اولاد ۽ ڀائرن مان ڪيترن کي اسان فضيلت بخشي هئي ۽ انهن سڀني کي (نبوت جي ذميدارين لاءِ) چونڊيو هو ۽ اسان ئي کين سڌو رستو ڏيکاريو هو. |
ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَلَو أَشرَكوا لَحَبِطَ عَنهُم ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 88) |
اها ئي الله تعالى جي هدايت آهي. پنھنجي ٻانهن مان جنھن کي چاهي ان جي ذريعي سڌو رستو ڏيکاري ٿو ۽ جيڪڏهن هو شرڪ ڪن ها ته انهن جا ڪيل سڀ عمل چٽ ٿي وڃن ها. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ فَإِن يَكفُر بِها هٰؤُلاءِ فَقَد وَكَّلنا بِها قَومًا لَيسوا بِها بِكٰفِرينَ (آيت : 89) |
هي (رسول) اهي ئي ماڻهو هئا جن کي اسان ڪتاب، حڪم ۽ نبوت عطا ڪئي پوءِ جيڪڏهن هي ماڻهو انهن کي مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا ته (ڪا ڳالهه نه آهي) اسان ٻين ماڻهن کي مقرر ڪيو آهي جيڪي انهن (نبين سڳورن) کي مڃڻ کان انڪار نه ڪندا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدَى اللَّهُ فَبِهُدىٰهُمُ اقتَدِه قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن هُوَ إِلّا ذِكرىٰ لِلعٰلَمينَ (آيت : 90) |
هي اهي (انبياء ڪرام) آهن جيڪي الله تعالى جي طرفان ٻڌايل سڌي رستي تي هئا. پوءِ تون به انهن جي رستي تي هل ۽ ماڻهن کي چؤ ته مان توهان کان هن ڪم جو ڪو اجورو ته نٿو گهران، هي (قرآن) ته دنيا وارن جي لاءِ هڪ نصيحت آهي. |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِذ قالوا ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ بَشَرٍ مِن شَيءٍ قُل مَن أَنزَلَ الكِتٰبَ الَّذى جاءَ بِهِ موسىٰ نورًا وَهُدًى لِلنّاسِ تَجعَلونَهُ قَراطيسَ تُبدونَها وَتُخفونَ كَثيرًا وَعُلِّمتُم ما لَم تَعلَموا أَنتُم وَلا ءاباؤُكُم قُلِ اللَّهُ ثُمَّ ذَرهُم فى خَوضِهِم يَلعَبونَ (آيت : 91) |
انهن (يھودين) الله تعالى جو، ان جي شان مطابق لحاظ ئي نه رکيو، جڏهن انهن چيو ته الله تعالى ڪنھن به انسان جي مٿان ڪا به شيءِ نازل نه فرمائي آهي. پوءِ انهن کان پڇا ڪر ته اهو ڪتاب ڪنھن نازل ڪيو هو، جيڪو موسى (ؑ) آندو هو، جنھن ۾ سڀني انسانن جي لاءِ روشني (نور) ۽ هدايت هئي، جنھن جي هڪ هڪ پني کي توهان (ماڻهن جي اڳيان) ظاهر ڪريو ٿا ۽ گهڻين ڳالهين کي لڪايو به ٿا. ان ڪتاب جي ذريعي توهان کي اهڙو علم ڏنو ويو جو ان کان اڳ نه توهان کي ۽ نه توهان جي ابن ڏاڏن کي معلوم هو. (اي نبي ﷺ!) چؤ ته الله تعالى (ئي) هن ڪتاب کي نازل ڪيو آهي، کين ڇڏي ڏي ته ڀلي اهي فضول بحثن (۽ بيھوده شغل) ۾ لڳا پيا هجن. |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ مُصَدِّقُ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ يُؤمِنونَ بِهِ وَهُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 92) |
هي برڪت ڀريو ڪتاب آهي جنھن کي اسان نازل ڪيو آهي ۽ جيڪو ڪجهه اڳ ۾ نازل ڪيو ويو آهي ان جي تصديق ڪندڙ آهي. ان جي نازل ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته جيئن تون مڪي پاڪ ۽ ان جي آس پاس رهڻ وارن کي ڊيڄارين، هن ڪتاب تي اهي ئي ماڻهو ايمان آڻيندا جيڪي آخرت واري ڏينھن تي ايمان آڻيندا آهن ۽ پنھنجي نمازن جي پوري پابندي ڪندا آهن. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو قالَ أوحِىَ إِلَىَّ وَلَم يوحَ إِلَيهِ شَيءٌ وَمَن قالَ سَأُنزِلُ مِثلَ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ فى غَمَرٰتِ المَوتِ وَالمَلٰئِكَةُ باسِطوا أَيديهِم أَخرِجوا أَنفُسَكُمُ اليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ غَيرَ الحَقِّ وَكُنتُم عَن ءايٰتِهِ تَستَكبِرونَ (آيت : 93) |
ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم آهي؟ جيڪو الله تعالى جي مٿان ڪوڙ هڻي يا هي چوي ته مون تي وحي نازل ڪئي وئي آهي. حالانڪه ان ڏي ڪا به وحي نازل نه ڪئي وئي هجي يا الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل شين جي باري ۾ چوي ته مان به اهڙيون ئي شيون نازل ڪري سگهان ٿو. ڪاش! جيڪڏهن تون اهڙن ظالم ماڻهن جي موت واري سڪرات جي سختيءَ کي ڏسي سگهين، جڏهن فرشتا پنھنجا هٿ انهن جي ڳچين ۾ وجهندا ۽ کين چوندا ته ڪڍو پنھنجن ساهن کي، اڄ ذلت وارو عذاب توهان کي ان ڪري ڏنو ويندو جو توهان الله تعالى جي مٿان ڪوڙ هڻندا هئا ۽ سندس آيتن جي مقابلي ۾ تڪبر ڪندا هئا. |
وَلَقَد جِئتُمونا فُرٰدىٰ كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَتَرَكتُم ما خَوَّلنٰكُم وَراءَ ظُهورِكُم وَما نَرىٰ مَعَكُم شُفَعاءَكُمُ الَّذينَ زَعَمتُم أَنَّهُم فيكُم شُرَكٰؤُا۟ لَقَد تَقَطَّعَ بَينَكُم وَضَلَّ عَنكُم ما كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 94) |
(قيامت وارو منظر پيش ڪندي الله تعالى مشرڪن کي فرمائي ٿو ته) توهان اسان وٽ ايئن اڪيلا اڪيلا ٿي ڪري پھچي ويا آهيو، جيئن توهان کي پھريون ڀيرو اڪيلو اڪيلو ڪري پيدا ڪيو ويو هو ۽ اسان جيڪو ڪجهه توهان کي ڏنو هو سو سڀ توهان پوئتي ڇڏي آيا آهيو (اڙي هي ڇا!) اسان توهان سان گڏ توهان جا سفارشي به نٿا ڏسون، جن جي باري ۾ توهان کي اهو گمان هو ته هو توهان جي معاملي کي ٺاهڻ ۾ شريڪ آهن؟ اڄ هڪٻئي سان توهان جا رابطا به ڪٽجي چڪا آهن ۽ جن جي باري ۾ توهان کي گمان هو، سي به سڀ توهان کان گم ٿي ويا آهن. |
إِنَّ اللَّهَ فالِقُ الحَبِّ وَالنَّوىٰ يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَمُخرِجُ المَيِّتِ مِنَ الحَىِّ ذٰلِكُمُ اللَّهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 95) |
بيشڪ الله تعالى ئي هر قسم جي ٻجن ۽ کجيءَ جي ککڙيءَ کي چيري سلا ڪڍي ٿو، مئل مان زندهه ۽ زندهه شيءِ مان مئل شيءِ ڪڍي ٿو. توهان جو الله اهو ئي ته آهي پوءِ توهان کي ڪيڏانهن گمراه ڪيو وڃي ٿو؟ |
فالِقُ الإِصباحِ وَجَعَلَ الَّيلَ سَكَنًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ حُسبانًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 96) |
هو رات کي چيري صبح کي ڪڍي ٿو ۽ رات کي سڪون وارو بنايائين۽ سج ۽ چنڊ کي هڪ حساب سان رکيائين. هي اندازا هڪ زبردست ۽ هر قسم جي علم رکڻ واري جا مقرر ڪيل آهن. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ النُّجومَ لِتَهتَدوا بِها فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 97) |
۽ اهو ئي آهي جنھن توهان جي لاءِ ستارن کي برپٽن ۽ سمنڊ جي اونداهين ۾ رستا معلوم ڪرڻ جو ذريعو ٺاهيو، علم وارن لاءِ اسان نشانيون کولي بيان ڪيون آهن. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ فَمُستَقَرٌّ وَمُستَودَعٌ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَفقَهونَ (آيت : 98) |
۽ اهو ئي (الله) آهي جنھن توهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو، پوءِ توهان لاءِ رهڻ جو هڪ هنڌ ۽ حفاظت جي جاءِ مقرر ڪئي، اسان سمجهدار قوم لاءِ اهڙي طرح آيتن کي کولي بيان ڪيو آهي. |
وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ نَباتَ كُلِّ شَيءٍ فَأَخرَجنا مِنهُ خَضِرًا نُخرِجُ مِنهُ حَبًّا مُتَراكِبًا وَمِنَ النَّخلِ مِن طَلعِها قِنوانٌ دانِيَةٌ وَجَنّٰتٍ مِن أَعنابٍ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُشتَبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ انظُروا إِلىٰ ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَيَنعِهِ إِنَّ فى ذٰلِكُم لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 99) |
۽ اهو (الله) ئي آهي جنھن آسمان مان پاڻي نازل ڪيو پوءِ اسان ان جي ذريعي هر قسم جا سلا ڪڍيا، وري انهن مان سائو ٻور ڪڍيوسين، پوءِ ان ٻور مان هڪ ٻئي مٿان سٿيل داڻا ڪڍيا ۽ کجين جي ڳڀ (يعني ٻوڪجڻ) مان ڏوڪن جا ڇڳا پيدا ڪياسين، جيڪي گهڻي وزن هئڻ ڪري لڙڪيل هوندا آهن ۽ (ان پاڻيءَ جي ذريعي) انگور، زيتون ۽ ڏاڙهونءَ جا باغ پيدا ڪيا، جن جا ميوا هڪ جھڙا به آهن ۽ (ذائقي ۾ وري) مختلف به آهن. (اي انسانو!) انهن وڻن ۾ٻور جهلڻ، ميوو اچڻ ۽ ان ميوي جو پچي تيار ٿيڻ واري نظام تي ٿوري نظر ڪريو، بيشڪ ايمان آڻڻ وارن لاءِ انهن شين ۾ وڏيون نشانيون موجود آهن. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ الجِنَّ وَخَلَقَهُم وَخَرَقوا لَهُ بَنينَ وَبَنٰتٍ بِغَيرِ عِلمٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 100) |
۽ انهن مشرڪن (اهڙيون نشانيون ڏسڻ کان پوءِ به) جنن کي الله تعالى جو شريڪ بنايو آهي، حالانڪه انهن جنن کي الله تعالى ئي پيدا ڪيو آهي ۽ هي ماڻهو بغير سوچڻ سمجهڻ جي الله تعالى جي لاءِ پٽ ۽ ڌيئر ٺاهي ويٺا آهن، الله تعالى جي ذات انهن شين کان (بلڪل) پاڪ آهي ۽ انهن جي هٿرادو ڳالهين کان تمام مٿانھين آهي. |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنّىٰ يَكونُ لَهُ وَلَدٌ وَلَم تَكُن لَهُ صٰحِبَةٌ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 101) |
جيڪو آسمانن ۽ زمين کي ٺاهيندڙ آهي، ڀلا تنھن کي اولاد ڪيئن ٿيندو؟ هن جي ته زال به نه آهي بلڪ هن ته هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي ۽ کيس هر شيءِ جو علم به آهي. |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ فَاعبُدوهُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 102) |
اهو اٿو الله، جيڪو توهان سڀني جو پالڻھار آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي. هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي پوءِ توهان سڀ ان جي ئي بندگي ڪريو ۽ هو هر شيءِ کي سنڀاليندڙ آهي. |
لا تُدرِكُهُ الأَبصٰرُ وَهُوَ يُدرِكُ الأَبصٰرَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 103) |
دنيا جون اکيون (يا لڪيل ڪئميرا) هن کي نٿا ڏسي سگهن پر هو خود سڀني جي نگاهن تي نظر رکي ٿو ۽ هو غير محسوس طريقي سان هر شيءِ کان باخبر آهي. |
قَد جاءَكُم بَصائِرُ مِن رَبِّكُم فَمَن أَبصَرَ فَلِنَفسِهِ وَمَن عَمِىَ فَعَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 104) |
هاڻي توهان وٽ پنھنجي رب جي طرفان سمجهه پيدا ڪرڻ واريون نشانيون اچي چڪيون آهن، پوءِ جيڪو اکيون کولي ڏسندو ته سندس فائدو آهي پر جيڪڏهن ڪير (انهن نشانين کان اکيون ٻوٽي) انڌو ٿي رهيو ته سندس ئي نقصان آهي. (اي پيغمبر ﷺ! کين چؤ ته هاڻي) مان توهان جي مٿان نگھبان نه آهيان. |
وَكَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ وَلِيَقولوا دَرَستَ وَلِنُبَيِّنَهُ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 105) |
۽ اسان نشانين کي مختلف طريقن سان بيان ڪريون ٿا ته جيئن هو چون ته تون ڪنھن کان پڙهي آيو آهين ۽ اهو ان لاءِ به آهي ته جيئن علم رکندڙ ماڻهن لاءِ اسان حقيقت کي پڌرو ڪري ڇڏيون. |
اتَّبِع ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 106) |
(اي نبي ﷺ!) پنھنجي رب جي طرف کان آيل وحي جي پيروي ڪندو رهه (ڇو ته) هن (الله) کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي ۽ مشرڪن کان پاسو ڪر. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكوا وَما جَعَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 107) |
جيڪڏهن الله تعالى مناسب سمجهي ها ته هي ماڻهو شرڪ نه ڪن ها ۽ توکي انهن جي مٿان نه ته نگھبان بنايو ويو آهي ۽ نه ئي انهن جي ڪا ذميداري تنھنجي مٿان آهي. |
وَلا تَسُبُّوا الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدوًا بِغَيرِ عِلمٍ كَذٰلِكَ زَيَّنّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم مَرجِعُهُم فَيُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 108) |
(اي مؤمنو!) مشرڪ ماڻهو جن کي پڪارين ٿا توهان انهن کي گاريون نه ڏيو، ايئن نه ٿئي ته هو (ڪفر ۾ انڌا ٿي) دشمنيءَ ۾ بي علميءَ سبب الله تعالى کي برو چون، اسان اهڙي طرح هر امت جي ماڻهن جي عمل کي سھڻو بڻائي ڇڏيو آهي، سڀني کي پنھنجي رب ڏانھن موٽڻو آهي پوءِ هو انهن کي سندن ڪيل عملن جي باري ۾ ٻڌائيندو. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَتهُم ءايَةٌ لَيُؤمِنُنَّ بِها قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَما يُشعِرُكُم أَنَّها إِذا جاءَت لا يُؤمِنونَ (آيت : 109) |
هي ماڻهو الله تعالى جا وڏا وڏا قسم کڻي چوندا آهن ته جيڪڏهن اسان وٽ ڪو معجزو اچي ها ته هو ضرور ان تي ايمان آڻين ها. (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته معجزا ته صرف الله تعالى وٽ آهن. (۽مسلمانو!) اوهان نٿا سمجهو ته جيڪڏهن انهن وٽ معجزا به اچن ها، تڏهن به هي ماڻهو ايمان نه آڻين ها. |
وَنُقَلِّبُ أَفـِٔدَتَهُم وَأَبصٰرَهُم كَما لَم يُؤمِنوا بِهِ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَنَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 110) |
سندن دلين ۽ نگاهن جي حالت کي اسان اهڙي طرح ڦيريون ٿا جيئن هنن شروع ۾ انهن (نشانين) تي ايمان نه آندو هو (يعني انهن جي ايمان آڻڻ جي ڪڏهن نيت رهي به نه آهي) ۽ کين پنھنجي سرڪشيءَ ۾ آزاد ڇڏيون ٿا ته جيئن هو ڀٽڪندا وتن. |
وَلَو أَنَّنا نَزَّلنا إِلَيهِمُ المَلٰئِكَةَ وَكَلَّمَهُمُ المَوتىٰ وَحَشَرنا عَلَيهِم كُلَّ شَيءٍ قُبُلًا ما كانوا لِيُؤمِنوا إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم يَجهَلونَ (آيت : 111) |
۽ جيڪڏهن اسان انهن ماڻهن ڏانھن فرشتا به موڪليون ها، مئل به انهن سان ڳالهائين ها ۽ دُنيا جي سڀني شين کي به سندن آڏو حاضر ڪريون ها تڏهن به هو ايمان نه آڻين ها، سواءِ الله تعالى جي مرضيءَ جي (جن کي هو ايمان آڻڻ جي توفيق ڏي ها) پر انهن مان اڪثر ماڻهو بي علميءَ واريون ڳالهيون ڪن ٿا. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا شَيٰطينَ الإِنسِ وَالجِنِّ يوحى بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ زُخرُفَ القَولِ غُرورًا وَلَو شاءَ رَبُّكَ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 112) |
اهڙيءَ طرح اسان انسانن ۽ جنن مان شيطانن کي هر نبي سڳوري جو دشمن بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪي هڪ ٻئي کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ خوبصورت ڳالهيون ذهن ۾ وجهن ٿا، جيڪڏهن تنھنجي رب جي مرضي هجي ها ته هو ايئن نه ڪن ها. پوءِ (اي نبي ﷺ!) کين ڪوڙ گهڙڻ ۾ ڇڏي ڏي. |
وَلِتَصغىٰ إِلَيهِ أَفـِٔدَةُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَلِيَرضَوهُ وَلِيَقتَرِفوا ما هُم مُقتَرِفونَ (آيت : 113) |
(هي شيطان سھڻيون ڳالهيون ذهن ۾ ان لاءِ وجهندا آهن ته) جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن، تن جون دليون اهڙين ڳالهين ڏانھن مائل رهن، هو ان مان خوش رهن ۽ جيڪي برايون هو ڪرڻ چاهين سي ڪندا وتن. |
أَفَغَيرَ اللَّهِ أَبتَغى حَكَمًا وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ إِلَيكُمُ الكِتٰبَ مُفَصَّلًا وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعلَمونَ أَنَّهُ مُنَزَّلٌ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 114) |
(اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته ڇا مان الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو فيصلي ڪرڻ وارو تلاش ڪريان؟ حالانڪه هن توهان ڏانھن وڏي تفصيل سان هي ڪتاب نازل ڪيو آهي، توکان اڳ جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو هو سي (اهل ڪتاب) خوب ڄاڻن ٿا ته واقعي هي الله تعالى جي پاران نازل ڪيل سچو ڪتاب آهي. (بھرحال) توهان ڪڏهن به شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿجو. |
وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ صِدقًا وَعَدلًا لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 115) |
تنھنجي پالڻھار جون ڳالهيون سچائيءَ ۽ انصاف سان مڪمل ٿيون، ان جي ڳالهين کي ڪير به تبديل نٿو ڪري سگهي ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي. |
وَإِن تُطِع أَكثَرَ مَن فِى الأَرضِ يُضِلّوكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 116) |
۽ جيڪڏهن توهان زمين ۾ گهڻائيءَ جي بنياد تي انهن جي ڳالهين تي هلندا ته هو توهان کي الله تعالى جي رستي کان گمراه ڪندا (ڇو ته) هي ماڻهو رڳو گمان تي هلندا آهن ۽ ويھي ڌڪا هڻندا رهندا آهن. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ مَن يَضِلُّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 117) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته ڪير ان جي رستي کان گمراه آهي ۽ هو سڌي رستي تي هلڻ وارن کي (به) خوب ڄاڻي ٿو. |
فَكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كُنتُم بِـٔايٰتِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 118) |
جيڪڏهن توهان الله تعالى جي آيتن تي ايمان رکو ٿا ته پوءِ جنھن جانور کي الله تعالى جو نالو وٺي ذبح ڪيو وڃي، رڳو ان جو گوشت کائو. |
وَما لَكُم أَلّا تَأكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَقَد فَصَّلَ لَكُم ما حَرَّمَ عَلَيكُم إِلّا مَا اضطُرِرتُم إِلَيهِ وَإِنَّ كَثيرًا لَيُضِلّونَ بِأَهوائِهِم بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِالمُعتَدينَ (آيت : 119) |
توهان جو وري اهو ڪھڙو رويو آهي جو الله تعالى جي نالي تي ذبح ڪيل جانور جو گوشت نٿا کائو؟ توهان کي ته اڳواٽ الله تعالى حرام ڪيل شين جو تفصيل ٻڌايو آهي، باقي لاچاريءَ جي حالت ۾ (حرام جانور) کائي سگهو ٿا. گهڻا ماڻهو بغير ڪنھن ڄاڻ جي (رڳو پنھنجي ذاتي پسند ۽ ناپسند جي ڪري) ماڻهن کي ويھي گمراهه ڪن ٿا، بيشڪ تنھنجو پالڻھار حد کان لنگهندڙن کي خوب ڄاڻي ٿو. |
وَذَروا ظٰهِرَ الإِثمِ وَباطِنَهُ إِنَّ الَّذينَ يَكسِبونَ الإِثمَ سَيُجزَونَ بِما كانوا يَقتَرِفونَ (آيت : 120) |
ظاهري توڙي لڪل (سڀني) گناهن جي ڪمن کي ڇڏي ڏيو، بيشڪ جيڪي ماڻهو (جنھن به قسم جو) گناهه ڪندا، تن کي ان جو ئي بدلو ڏنو ويندو. |
وَلا تَأكُلوا مِمّا لَم يُذكَرِ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَإِنَّهُ لَفِسقٌ وَإِنَّ الشَّيٰطينَ لَيوحونَ إِلىٰ أَولِيائِهِم لِيُجٰدِلوكُم وَإِن أَطَعتُموهُم إِنَّكُم لَمُشرِكونَ (آيت : 121) |
الله تعالى جي نالي وٺڻ کان سواءِ جيڪو جانور ذبح ڪيو وڃي، ان جو گوشت هرگز نه کائو. ڇو ته اهو گناهه آهي ۽ بيشڪ شيطان ته پنھنجي چاهيندڙن جي ذهن ۾ اهڙي ڳالهه ويھاريندا آهن ته جيئن هو توهان سان جهڳڙو ڪن سو جيڪڏهن توهان شيطانن جي ڳالهين تي هلندا ته بيشڪ توهان به مشرڪ ٿي ويندا . |
أَوَمَن كانَ مَيتًا فَأَحيَينٰهُ وَجَعَلنا لَهُ نورًا يَمشى بِهِ فِى النّاسِ كَمَن مَثَلُهُ فِى الظُّلُمٰتِ لَيسَ بِخارِجٍ مِنها كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلكٰفِرينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 122) |
ڇا جيڪو شخص مئل هو پوءِ اسان کيس زندهه ڪيو ۽ ماڻهن سان گڏ رهڻ لاءِ ان کي روشن رستا ڏيکاريا. ڇا اهو ان ماڻهوءَ وانگر هوندو، جيڪو اونداهين ۾ پيل آهي ۽ هو اونداهين مان نڪرڻ جي لاءِ سوچي به نٿو. ڪافرن لاءِ سندن عمل اهڙي طريقي سان سھڻا ڪري ڏيکاريا ويا آهن. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا فى كُلِّ قَريَةٍ أَكٰبِرَ مُجرِميها لِيَمكُروا فيها وَما يَمكُرونَ إِلّا بِأَنفُسِهِم وَما يَشعُرونَ (آيت : 123) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان هر ڳوٺ (يا شھر) ۾ ڏوهاري ماڻهن جي سردارن کي سامهون آندو ته جيئن سڀ ملي ڪري سازشون ڪندا وتن، حالانڪه انهن جون سازشون سندن ئي خلاف وينديون پر (ان ڳالهه کي) هو سمجهن ئي نٿا. |
وَإِذا جاءَتهُم ءايَةٌ قالوا لَن نُؤمِنَ حَتّىٰ نُؤتىٰ مِثلَ ما أوتِىَ رُسُلُ اللَّهِ اللَّهُ أَعلَمُ حَيثُ يَجعَلُ رِسالَتَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ أَجرَموا صَغارٌ عِندَ اللَّهِ وَعَذابٌ شَديدٌ بِما كانوا يَمكُرونَ (آيت : 124) |
جڏهن انهن وٽ ڪا آيت ايندي آهي ته هو چوندا آهن ته اسان ان کي ڪڏهن به نه مڃينداسين، جيستائين اسان کي به اهڙي شيءِ (براه راست) نه ڏني وڃي جيڪا الله تعالى جي رسولن کي ڏني وئي آهي. الله تعالى ئي خوب ڄاڻي ٿو ته پنهِنجيءَ رسالت کي ڪٿي ۽ ڪنھن تي مقرر ڪرڻو آهي، سگهو ئي ڏوهارين کي الله تعالى جي طرفان خواري نصيب ٿيندي ۽ جيڪي به سازشون هو ڪن ٿا، تن جي بدلي ۾ کين سخت عذاب ملندو . |
فَمَن يُرِدِ اللَّهُ أَن يَهدِيَهُ يَشرَح صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ وَمَن يُرِد أَن يُضِلَّهُ يَجعَل صَدرَهُ ضَيِّقًا حَرَجًا كَأَنَّما يَصَّعَّدُ فِى السَّماءِ كَذٰلِكَ يَجعَلُ اللَّهُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 125) |
پوءِ جنھن ماڻهوءَ کي الله تعالى هدايت جو رستو ڏيکارڻ جو ارادو ڪري ٿو ته ان جي سيني کي اسلام لاءِ کولي ٿو ۽ جنھن ماڻهوءَ کي گمراهيءَ ۾ وجهڻ چاهي ٿو ته ان جي سيني کي (اسلام لاءِ) اهڙو ته سخت ۽ سوڙهو ڪري ڇڏي ٿو جو ڄڻ ته هو آسمان ڏانھن چڙهي رهيو هجي، اهڙن بي ايمان ماڻهن تي الله تعالى ناپاڪي مسلط ڪري ڇڏي ٿو. |
وَهٰذا صِرٰطُ رَبِّكَ مُستَقيمًا قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
۽ تنھنجي پالڻھار جو اهو ئي سڌو رستو آهي. بيشڪ اسان آيتن کي نصيحت وٺندڙن لاءِ صفا کولي بيان ڪيو آهي. |
لَهُم دارُ السَّلٰمِ عِندَ رَبِّهِم وَهُوَ وَلِيُّهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 127) |
سندن نيڪ اعمال جي ڪري انهن لاءِ پنھنجي پالڻھار وٽ سلامتيءَ وارو گهر آهي ۽ اهو ئي انهن جو مددگار آهي. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا يٰمَعشَرَ الجِنِّ قَدِ استَكثَرتُم مِنَ الإِنسِ وَقالَ أَولِياؤُهُم مِنَ الإِنسِ رَبَّنَا استَمتَعَ بَعضُنا بِبَعضٍ وَبَلَغنا أَجَلَنَا الَّذى أَجَّلتَ لَنا قالَ النّارُ مَثوىٰكُم خٰلِدينَ فيها إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 128) |
۽ جنھن ڏينهن هو انهن سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪندو (پوءِ جنن کي فرمائيندو ته) اي جنؤ! توهان گهڻن ئي انسانن کي پنھنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو هو ۽ وري جنن جا انساني دوست چوندا ته اي اسان جا پالڻھار! اسان هڪ ٻئي مان خوب فائدو وٺندا رهياسين ايستائين جو اسان ان وقت کي پهتاسين جيڪو تو اسان لاءِ مقرر ڪيو هو. الله تعالى فرمائيندو ته هاڻي باهه ئي توهان سڀني جي رهڻ جي جاءِ آهي، ان ۾ هميشه رهندا، سواءِ انهن ماڻهن جي جن کي الله تعالى (ڪڍڻ) چاهي. بيشڪ تنھنجو پالڻھار وڏي حڪمت وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. |
وَكَذٰلِكَ نُوَلّى بَعضَ الظّٰلِمينَ بَعضًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 129) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان (قيامت جي ڏينهن) ظالمن کي سندن اعمال جي حساب سان هڪ ٻئي جو ساٿي بڻائينداسين. |
يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا شَهِدنا عَلىٰ أَنفُسِنا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 130) |
اي جنؤ ۽ انساني جماعتيو! ڇا توهان وٽ توهان مان ئي رسول سڳورا نه آيا هئا جيڪي اوهان کي منھِنجون آيتون پڙهي ٻڌائيندا هئا ۽ توهان کي اڄوڪي ڏينھن (يعني قيامت) جي اچڻ کان ڊيڄاريندا هئا؟ هو سڀ چوندا (اڄ ته) اسان خود ئي پنھنجو پاڻ تي شاهد آهيون، دنيا جي (رنگين) زندگيءَ انهن کي ڌوڪي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ انهن پنھنجو پاڻ تي شاهدي ڏني ته بيشڪ هو ڪافر هئا. |
ذٰلِكَ أَن لَم يَكُن رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها غٰفِلونَ (آيت : 131) |
اها شاهدي ان ڪري ورتي ويندي ته جيئن هر ڪو سمجهي وٺي ته تنھنجو پالڻھار حق کان بيخبر ڳوٺن ۽ شھرن کي ظلم سان تباهه نه ڪندو آهي. |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 132) |
هر ماڻهوءَ جي لاءِ سندس عمل جي لحاظ کان درجا مقرر آهن ۽ جيڪي به عمل هو ڪن ٿا تن کان (الله) تنھنجو پالڻھار بيخبر نه آهي. |
وَرَبُّكَ الغَنِىُّ ذُو الرَّحمَةِ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَستَخلِف مِن بَعدِكُم ما يَشاءُ كَما أَنشَأَكُم مِن ذُرِّيَّةِ قَومٍ ءاخَرينَ (آيت : 133) |
۽ تنھنجو پالڻھار ئي بي پرواهه ۽ وڏي رحمت وارو آهي. جيڪڏهن هو چاهي ته توهان کي هٽائي جنھن کي چاهي اوهان جي جاءِ تي آڻي جيئن هن توهان کي ٻي قوم جي نسل مان پيدا ڪيو. |
إِنَّ ما توعَدونَ لَءاتٍ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 134) |
بيشڪ (توهان ماڻهن سان) جيڪو وعدو ڪيو وڃي ٿو، سو پورو ٿيڻ وارو آهي. توهان ماڻهو (الله تعالى کي) بيوس نٿا ڪري سگهو. |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عامِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 135) |
(اي نبي ﷺ!) چؤ ته اي منھنجي قوم! پنھنجي جاءِ تي توهان به عمل ڪريو ۽ مان به عمل ڪريان ٿو، پوءِ جلد ئي اوهان کي خبر پئجي ويندي ته آخرت جو گهر ڪنھن جي لاءِ آهي؟ بيشڪ ظالم ماڻهو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ مِمّا ذَرَأَ مِنَ الحَرثِ وَالأَنعٰمِ نَصيبًا فَقالوا هٰذا لِلَّهِ بِزَعمِهِم وَهٰذا لِشُرَكائِنا فَما كانَ لِشُرَكائِهِم فَلا يَصِلُ إِلَى اللَّهِ وَما كانَ لِلَّهِ فَهُوَ يَصِلُ إِلىٰ شُرَكائِهِم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 136) |
انهن ماڻهن الله تعالى جي لاءِ (سندس ئي پيدا ڪيل زمين جي) پيداوار ۽ جانورن مان به حصا مقرر ڪيا آهن ۽ پنھنجي خيال ۾ چون ٿا ته هي حصو الله تعالى جي لاءِ آهي ۽ هي اسان جي (الله تعالى سان گڏ ٺاهيل) شريڪن جي لاءِ آهي. پوءِ جيڪو حصو شريڪن جو آهي، اهو ته الله تعالى کي نٿو پھچي، البته الله تعالى جو حصو انهن جي شريڪن کي ضرور پھچي وڃي ٿو. هي ماڻهو ڪيڏو نه برو فيصلو ڪن ٿا. |
وَكَذٰلِكَ زَيَّنَ لِكَثيرٍ مِنَ المُشرِكينَ قَتلَ أَولٰدِهِم شُرَكاؤُهُم لِيُردوهُم وَلِيَلبِسوا عَلَيهِم دينَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 137) |
۽ اهڙيءَ طرح انهن شريڪن گهڻن مشرڪن جي لاءِ پنھنجي اولاد کي قتل ڪرڻ جو عمل سهڻو ڪري ڏيکاريو آهي ته جيئن کين مصيبت ۾ وجهن ۽ ان عمل کي پنھنجي دين جو حصو ٺاهي ڇڏين. جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته هو اهو عمل نه ڪن ها پوءِ (اي نبي ﷺ!) انهن کي ۽ جيڪي هو ٺاهه ٺاهين ٿا، تن کي ڇڏي ڏيو. |
وَقالوا هٰذِهِ أَنعٰمٌ وَحَرثٌ حِجرٌ لا يَطعَمُها إِلّا مَن نَشاءُ بِزَعمِهِم وَأَنعٰمٌ حُرِّمَت ظُهورُها وَأَنعٰمٌ لا يَذكُرونَ اسمَ اللَّهِ عَلَيهَا افتِراءً عَلَيهِ سَيَجزيهِم بِما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 138) |
هي چون ٿا ته هي جانور ۽ پوک رڳو اهي ماڻهو کائي سگهن ٿا جن کي اسان کارائڻ چاهيون. باقي ٻين جي لاءِ منع ٿيل آهي، اها پابندي انهن پنھنجي خيال سان لڳائي آهي، وري ڪن جانورن (تي سواري ڪرڻ ۽ مٿن سامان ڍوئڻ) کي انهن حرام ڪري ڇڏيو آهي ۽ وري ڪجهه اهڙا جانور آهن جن تي ذبح ڪرڻ وقت هو الله تعالى جو نالو ئي نٿا وٺن. اهو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ تي ڪوڙ هڻن ٿا. انهن کي (الله تعالى) عنقريب ڪوڙ هڻڻ جي سزا ڏيندو. |
وَقالوا ما فى بُطونِ هٰذِهِ الأَنعٰمِ خالِصَةٌ لِذُكورِنا وَمُحَرَّمٌ عَلىٰ أَزوٰجِنا وَإِن يَكُن مَيتَةً فَهُم فيهِ شُرَكاءُ سَيَجزيهِم وَصفَهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 139) |
۽ هو چون ٿا ته هنن جانورن جي پيٽ ۾ جيڪو ڪجهه آهي، سو خاص اسان جي مردن جي لاءِ آهي، ۽ اسان جي گهر وارين تي حرام آهي پر جيڪڏهن اهو مئل هوندو ته ان جي کائڻ ۾ سڀئي شريڪ ٿيندا، اهڙين ڳالهين تي الله تعالى کين سگهو ئي سزا ڏيندو، بيشڪ هو وڏي حڪمت وارو ۽ هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
قَد خَسِرَ الَّذينَ قَتَلوا أَولٰدَهُم سَفَهًا بِغَيرِ عِلمٍ وَحَرَّموا ما رَزَقَهُمُ اللَّهُ افتِراءً عَلَى اللَّهِ قَد ضَلّوا وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 140) |
بيشڪ نقصان ۾ پئجي ويا اهي ماڻهو جن پنھنجي اولاد کي بيوقوفيءَ ۽ ناسمجهيءَ ۾ قتل ڪيو ۽ الله تعالى جي ڏنل رزق کي الله تعالى تي ڪوڙ هڻي حرام ڪيو. بيشڪ هو گمراهه ٿي ويا ۽ هي ماڻهو سڌي رستي تي هلڻ وارا ئي نه آهن. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ جَنّٰتٍ مَعروشٰتٍ وَغَيرَ مَعروشٰتٍ وَالنَّخلَ وَالزَّرعَ مُختَلِفًا أُكُلُهُ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُتَشٰبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ كُلوا مِن ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَءاتوا حَقَّهُ يَومَ حَصادِهِ وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 141) |
اها الله تعالى جي ذات ئي آهي جنھن مٿي چڙهندڙ ۽ زمين تي ڦھلجندڙ ولين وارا (انگورن، هنداڻن ۽ گدرن جا) باغ، کجين جا وڻ ۽ (سرسبز) پوکون پيدا ڪيون، جن مان کائڻ جون مختلف شيون ملنديون آهن ۽ زيتون ۽ ڏاڙهونءَ جا وڻ پيدا ڪيا، جن جا ميوا ڏسڻ ۾ ته هڪ جھڙا لڳندا آهن پر ذائقي ۾ مختلف آهن، پوءِ جڏهن ميوا تيار ٿين ته انهن مان کائو ۽ جڏهن فصل کڻو ته الله تعالى جو حق (يعني عشر) ڪڍو، فضول خرچي نه ڪريو. بيشڪ الله تعالى فضول خرچِي ڪرڻ وارن کي پسند نه ڪندو آهي. |
وَمِنَ الأَنعٰمِ حَمولَةً وَفَرشًا كُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 142) |
۽ (الله تعالي) اهڙا جانور به پيدا ڪيا آهن (يعني اٺ، ڏاند، سانُ وغيره) جيڪي سامان ڍوئڻ جي ڪم اچن ٿا ۽ ڪي وري ننڍي قد وارا جانور به پيدا ڪيا (يعني ٻڪري، رڍ وغيره) جن مان ٻيا فائدا حاصل ڪيا وڃن ٿا (يعني کير، گوشت ۽ کل مان مختلف شيون ٺاهيون وڃن ٿيون) الله تعالى جي عطا ڪيل رزق مان کائو پر شيطان جي پويان نه هلو، بيشڪ هو توهان جو پڌرو دشمن آهي. |
ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ مِنَ الضَّأنِ اثنَينِ وَمِنَ المَعزِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ نَبِّـٔونى بِعِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 143) |
جانورن مان اَٺَ عدد، نر ۽ ماديون پيدا ڪيائين: ٻه رڍن مان (يعني رڍ ۽ گهيٽو) ۽ ٻه ٻڪرِين مان (يعني ٻڪرِي ۽ ٻڪر)، (اي نبي ﷺ!) انهن کان پڇا ڪريو ته ڇا انهن ٻنهي نرن (يعني گهيٽي ۽ ٻڪر) کي يا ٻنهي مادين (يعني رڍ ۽ ٻڪريءَ) کي يا انهن ڦرن کي الله تعاليٰ حرام ڪيو آهي، جيڪي اڃا انهن ٻنهي مادين جي پيٽن ۾ آهن؟ جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته مون کي علمي دليل سان ٻڌايو. |
وَمِنَ الإِبِلِ اثنَينِ وَمِنَ البَقَرِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ وَصّىٰكُمُ اللَّهُ بِهٰذا فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا لِيُضِلَّ النّاسَ بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 144) |
۽ ٻه قسم اُٺن مان (يعني اُٺ ۽ ڏاچي) ۽ ٻه قسم ڳئن مان (يعني ڳئون ۽ ڏاند) پيدا ڪيائين، (اي نبي ﷺ!) انهن کان پڇا ڪريو ته ڇا ٻنهي نرن (يعني اُٺ ۽ ڏاند) کي يا ٻنهي مادين (يعني ڏاچِي ۽ ڳئونءَ) کي يا انهن ڦرن کي الله تعالى حرام ڪيو آهي، جيڪي انهن ٻنهي مادين جي پيٽن ۾ آهن ۽ جڏهن توهان تي هي حڪم نازل ٿي رهيو هو ته ڇا ان وقت توهان موجود هئا؟ پوءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو جيڪو الله تعالى تي ڪوڙ هڻي، ته جيئن جھالت جي ذريعي ماڻهن کي گمراهه ڪري؟ بيشڪ الله تعالى اهڙي ظالم قوم کي (ڪڏهن به) هدايت وارو رستو نه ڏيکاريندو آهي. |
قُل لا أَجِدُ فى ما أوحِىَ إِلَىَّ مُحَرَّمًا عَلىٰ طاعِمٍ يَطعَمُهُ إِلّا أَن يَكونَ مَيتَةً أَو دَمًا مَسفوحًا أَو لَحمَ خِنزيرٍ فَإِنَّهُ رِجسٌ أَو فِسقًا أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ رَبَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 145) |
(اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته مون کي جيڪي حڪم مليا آهن، انهن ۾کائڻ واري تي ڪا به شيءِ حرام نٿو سمجهان، سواءِ مئل جانور جو گوشت، وهندڙ رت، سوئر جو گوشت جيڪي ناپاڪ آهن يا گناهه جو سبب ٿيندڙ ان (حلال) جانور جو گوشت جنھن کي الله تعالى جي نالي وٺڻ کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي نالي ذبح ڪيو ويو هجي(اُهي سڀ حرام آهن) باقي بغير نافرماني ڪرڻ ۽ حد کان لنگهڻ جي نيت سان مجبوريءَ ۾ ڪنھن انهن شين مان کائي ورتو ته پوءِ بيشڪ تنھنجو پالڻھار وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا كُلَّ ذى ظُفُرٍ وَمِنَ البَقَرِ وَالغَنَمِ حَرَّمنا عَلَيهِم شُحومَهُما إِلّا ما حَمَلَت ظُهورُهُما أَوِ الحَوايا أَو مَا اختَلَطَ بِعَظمٍ ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِبَغيِهِم وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 146) |
يھودين تي اسان سڀئي نُنھن وارا جانور حرام ڪري ڇڏيا هئا ۽ انهن تي ڳئون ۽ ٻڪرِيءَ جي چرٻي به حرام ڪئي وئي هئي، سواءِ ان چرٻِيءَ جي جيڪا پٺيءَ، آنڊن يا هڏين سان لڳل هجي، اسان کين اها سزا بغاوت ڪرڻ جي ڪري ڏني هئي، بيشڪ اسان ئي سچ چوڻ وارا آهيون. |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقُل رَبُّكُم ذو رَحمَةٍ وٰسِعَةٍ وَلا يُرَدُّ بَأسُهُ عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 147) |
پوءِ جيڪڏهن هو توهان کي ڪوڙو ڪن ته (کين) چؤ ته توهان جو پالڻھار وڏي ڪشادي رحمت وارو آهي پر بهرحال ڏوهاري قوم تي اچڻ وارو عذاب ڪڏهن به نه ٽاريو ويندو. |
سَيَقولُ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكنا وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم حَتّىٰ ذاقوا بَأسَنا قُل هَل عِندَكُم مِن عِلمٍ فَتُخرِجوهُ لَنا إِن تَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن أَنتُم إِلّا تَخرُصونَ (آيت : 148) |
مشرڪ چوندا ته جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا شرڪ نه ڪن ها ۽ نه ئي اسان ڪنھن شيءِ کي خود حرام قرار ڏيون ها، انهن کان اڳ گذري ويل ماڻهن به سندن ئي طريقي تي ڪوڙو ڪيو هو ايستائين جو هنن اسان جي عذاب جو مزو چکيو، توهان انهن کي ٻڌائي ڇڏيو ته ڇا توهان وٽ ڪا صحيح ڄاڻ آهي ته پوءِ اسان جي سامھون آڻيو، توهان ته رڳو گمانن تي هلندي ويھي ڌڪا هڻندا آهيو. |
قُل فَلِلَّهِ الحُجَّةُ البٰلِغَةُ فَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 149) |
توهان چؤ ته الله تعالى جي حجت ئي مضبوط آهي، جيڪڏهن هو چاهي ها ته توهان سڀني کي هدايت وارو رستو ڏيکاري ها. |
قُل هَلُمَّ شُهَداءَكُمُ الَّذينَ يَشهَدونَ أَنَّ اللَّهَ حَرَّمَ هٰذا فَإِن شَهِدوا فَلا تَشهَد مَعَهُم وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَهُم بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 150) |
انهن کي چؤ ته ڀلا توهان پنھنجن انهن شاهدن کي پيش ڪريو، جيڪي شاهدي ڏين ته الله تعالى انهن سڀني شين کي حرام قرار ڏنو آهي، پوءِ جيڪڏهن هو شاهدي ڏين ته به تون (بھرحال) سندن شاهديءَ کي (هرگز) قبول نه ڪجانءِ ۽ نه ئي سندن خواهشن جي پيروي ڪجانءِ، جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، سي آخرت تي ايمان ئي نٿا آڻين ۽ (وري) ٻين کي پنھنجي پالڻھار جي برابر سمجهن ٿا. |
قُل تَعالَوا أَتلُ ما حَرَّمَ رَبُّكُم عَلَيكُم أَلّا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم مِن إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُكُم وَإِيّاهُم وَلا تَقرَبُوا الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 151) |
(اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته اچو مان توهان کي پڙهي ٻڌايان ٿو جو ڪجهه توهان جي پالڻھار توهان تي حرام ڪيو آهي ٭ ان سان گڏ ڪنھن کي به شريڪ نه ڪجو ٭ ماءُ ۽ پيءُ سان نيڪ سلوڪ ڪريو ٭ پنھنجي اولاد کي غريبيءَ جي ڀؤ کان قتل نه ڪريو،اسان ئي توهان کي ۽ انهن کي رزق ڏيون ٿا ٭ بي حيائيءَ جي ڳالهين جي ويجهو به نه وڃجو چاهي ظاهري هجن يا لڪيل هجن ٭ ۽جنھن جان کي الله تعالى حرام ڪيو آهي تنھن کي ناحق قتل نه ڪريو. هي اهي ڳالهيون آهن جن جي الله تعالى اوهان کي هدايت ڪري ٿو ته جيئن توهان عقل کان ڪم وٺو. |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ بِالقِسطِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَإِذا قُلتُم فَاعدِلوا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَبِعَهدِ اللَّهِ أَوفوا ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 152) |
٭ يتيم جي مال جي ويجهو به نه وڃجو سواءِ جائز طريقي سان، ايستائين جو هو بالغ ٿي وڃن (پوءِ اهو مال سندن حوالي ڪيو وڃي) ٭ ماپ ۽ تور ۾ پورو انصاف ڪريو، اسان ماڻهن کي سندن طاقت مطابق ئي تڪليف ڏيندا آهيون ٭ جڏهن ڪا ڳالهه چؤ ته انصاف واري ڳالهه چوندا ڪريو چاهي توهان جي سامھون توهان جو مائٽ ئي ڇو نه هجي ٭ ۽ الله تعالى سان ڪيل وعدي کي پورو ڪريو، هي اهي ڳالهيون آهن، جن جي الله تعالى اوهان کي هدايت ڪري ٿو ته جيئن توهان نصيحت حاصل ڪريو. |
وَأَنَّ هٰذا صِرٰطى مُستَقيمًا فَاتَّبِعوهُ وَلا تَتَّبِعُوا السُّبُلَ فَتَفَرَّقَ بِكُم عَن سَبيلِهِ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 153) |
بيشڪ اهو ئي منھنجو سڌو رستو آهي، ان تي هلو ۽ ٻين رستن تي نه هلو، ٻيا رستا توهان کي الله تعالى جي رستي کان هٽائي ڇڏيندا، هي اهي ڳالهيون آهن جن جي الله تعالى اوهان کي هدايت ڪري ٿو ته جيئن توهان پرهيزگاري اختيار ڪريو. |
ثُمَّ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ تَمامًا عَلَى الَّذى أَحسَنَ وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم بِلِقاءِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 154) |
پوءِ اسان موسى (ؑ) کي ڪتاب ڏنوسين ته جيئن نيڪوڪارن تي نصيحت پوري ڪريون ۽ هر ڳالهه کي کولي بيان ڪريون ۽ ماڻهن لاءِ (هي ڪتاب) هدايت ۽ رحمت ثابت ٿئي ته جيئن هو پنھنجي پالڻھار جي آڏو پيش ٿيڻ تي ايمان آڻين. |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ فَاتَّبِعوهُ وَاتَّقوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 155) |
۽ هي ڪتاب (قرآن مجيد) به برڪت وارو آهي، جنھن کي اسان نازل ڪيو آهي پوءِ توهان ان جي پيروي ڪريو ۽ الله تعالى کان ڊڄو ته جيئن توهان تي رحم ڪيو وڃي. |
أَن تَقولوا إِنَّما أُنزِلَ الكِتٰبُ عَلىٰ طائِفَتَينِ مِن قَبلِنا وَإِن كُنّا عَن دِراسَتِهِم لَغٰفِلينَ (آيت : 156) |
متان توهان ايئن نه چؤ ته اسان کان اڳ ٻن گروهن تي ڪتاب نازل ڪيو ويو هو تنهنڪري اسان کي ان جي تعليم جي ڪا به خبر نه هئي. |
أَو تَقولوا لَو أَنّا أُنزِلَ عَلَينَا الكِتٰبُ لَكُنّا أَهدىٰ مِنهُم فَقَد جاءَكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَّبَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَصَدَفَ عَنها سَنَجزِى الَّذينَ يَصدِفونَ عَن ءايٰتِنا سوءَ العَذابِ بِما كانوا يَصدِفونَ (آيت : 157) |
يا هي چئو ته جيڪڏهن اسان تي ڪتاب نازل ٿئي ها ته اسان انهن کان وڌيڪ هدايت وارا ٿيون ها، تنهنڪري توهان وٽ به پنھنجي پالڻھار جي طرف کان هڪ دليل، هدايت ۽ رحمت اچي وئي آهي، ان شخص کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو جيڪو اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪري ۽ ان کان منھن موڙي؟ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کان منھن موڙين ٿا تن کي منھن موڙڻ جي ڪري بدترين عذاب ڏنو ويندو. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ رَبُّكَ أَو يَأتِىَ بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ يَومَ يَأتى بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ لا يَنفَعُ نَفسًا إيمٰنُها لَم تَكُن ءامَنَت مِن قَبلُ أَو كَسَبَت فى إيمٰنِها خَيرًا قُلِ انتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 158) |
ڇا هي ماڻهو ان انتظار ۾ آهن ته فرشتا انهن جي سامهون ظاهر ٿين يا تنھنجو پالڻھار خود انهن وٽ هلي اچي يا تنھنجي پالڻھار جون ڪي نشانيون اچن، پر جنھن ڏينھن هي خاص نشانيون اينديون پوءِ نشانين جي اچڻ کان اڳ جنھن ايمان نه آندو يا پنھنجي ايمان واري حالت ۾نيڪيون نه ڪمايون ته ان ڏينھن انهن جو ايمان آڻڻ کين ڪو فائدو نه ڏيندو، کين چؤ ته چڱو توهان به انتظار ڪريو ۽ اسان به انتظار ڪريون ٿا. |
إِنَّ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا لَستَ مِنهُم فى شَيءٍ إِنَّما أَمرُهُم إِلَى اللَّهِ ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 159) |
جن ماڻهن پنھنجي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ مختلف گروهه ٿي ويا تنهنجو انهن سان ڪوبه واسطو نه آهي، انهن جو معاملو الله تعالى جي حوالي آهي پوءِ هو جيڪي به عمل ڪندا تن بابت هو ئي کين ٻڌائيندو. |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ عَشرُ أَمثالِها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 160) |
جيڪو شخص (الله تعاليٰ وٽ) نيڪي کڻي ايندو ته ان جي لاءِ ان جهڙيون ڏهه نيڪيون آهن ۽ جيڪو شخص برائي کڻي ايندو ته ان کي صرف ان برائيءَ جيترو بدلو ڏنو ويندو ۽ ان تي ڪو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
قُل إِنَّنى هَدىٰنى رَبّى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ دينًا قِيَمًا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 161) |
(اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته منھنجي پالڻھار مون کي سڌو رستو ڏيکاريو آهي، اهو ئي درست ۽ صحيح دين آهي جيڪو (حضرت) ابراهيم (ؑ) جو طريقو هو جيڪو توحيد پرست هو ۽ مشرڪن مان نه هو. |
قُل إِنَّ صَلاتى وَنُسُكى وَمَحياىَ وَمَماتى لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 162) |
توهان چؤ ته بيشڪ منھنجي نماز، منھنجي قرباني، منھنجو جيئڻ ۽ منھنجو مرڻ سڀ ڪجهه الله تعالى جي لاءِ آهي، جيڪو سڀني جھانن جو پاليندڙ آهي. |
لا شَريكَ لَهُ وَبِذٰلِكَ أُمِرتُ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُسلِمينَ (آيت : 163) |
ان جو ڪو به شريڪ نه آهي ۽ مون کي ان ڳالهه جو ئي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ مان سڀني فرمانبردارن مان (هن وقت) پھريون فرمانبردار آهيان. |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَبغى رَبًّا وَهُوَ رَبُّ كُلِّ شَيءٍ وَلا تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ إِلّا عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 164) |
توهان انهن کي چؤ ته ڇا مان الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو پالڻھار ڳوليان حالانڪه هو هر شيءِ جو پالڻھار آهي؟ هر ڪمائيندڙ جو بار سندس ئي مٿان آهي ۽ ڪو به بار کڻندڙ ٻئي ڪنھن جو بار نه کڻندو، توهان سڀني کي پنھنجي پالڻھار ڏانھن ئي موٽڻو آهي، پوءِ اوهان جن ڳالهين ۾ اختلاف ڪندا هئا تن جي باري ۾ هو توهان کي ٻڌائيندو. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ الأَرضِ وَرَفَعَ بَعضَكُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم إِنَّ رَبَّكَ سَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 165) |
اها الله تعالى جي ذات ئي آهي، جنھن توهان کي زمين ۾ حڪمراني عطا ڪئي ۽ توهان مان هڪڙن جا درجا ٻين کان بلند ڪيا ته جيئن اوهان کي جيڪو ڪجهه ڏنو آهي ان ۾ توهان جي آزمائش ڪري. بيشڪ تنھنجو پالڻھار جلد حساب وٺندڙ آهي ۽ وري وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ به آهي. |