الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنّورَ ثُمَّ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 1) |
ساراهه خاص انهيءَ الله کي جڳائي، ٺاهيو جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ بنايون اونداهيون ۽ سوجهرو، پوءِ به ماڻهن ڪيو آهي انڪار حق جي دعوت مڃڻ کان ۽ ٻين کي رب جو همسر بنايو. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن طينٍ ثُمَّ قَضىٰ أَجَلًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى عِندَهُ ثُمَّ أَنتُم تَمتَرونَ (آيت : 2) |
اهو ئي آهي جنهن خلقيو توهان کي مٽيءَ مان ۽ توهان جي حياتيءَ جي مدت رکيائين ۽ اڃا هڪ ٻي مدت وٽس مقرر آهي، پر توهان اهي ماڻهو آهيو جيڪي شڪ ۾ ڦاٿل آهيو. |
وَهُوَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَفِى الأَرضِ يَعلَمُ سِرَّكُم وَجَهرَكُم وَيَعلَمُ ما تَكسِبونَ (آيت : 3) |
۽ اهو ئي هڪ الله آسمانن ۾ آهي ۽ زمين ۾ به، ڄاڻي ٿو توهان جو ڳجهو ۽ پڌرو سڀ حال ۽ ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ڪمايو ٿا. |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 4) |
ماڻهن جو حال هي آهي جو رب جي نشانين مان ڪابه نشاني اهڙي ناهي جا وٽن آئي ۽ هنن ان کان منهن نه موڙيو (هاڻي حق آيو ته ان کي به ڪوڙو ڀانيو). |
فَقَد كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَسَوفَ يَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 5) |
چڱو، جنهن ڳالهه تي هو اڄ تائين چٿرون ڪندا رهيا، حق کي ڪوڙو چوندا رهيا، سگهوئي ان جون ڪجهه خبرون وٽن پهچنديون. |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ ما لَم نُمَكِّن لَكُم وَأَرسَلنَا السَّماءَ عَلَيهِم مِدرارًا وَجَعَلنَا الأَنهٰرَ تَجرى مِن تَحتِهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 6) |
ڇا هنن ڏٺو ڪونه آهي ته کانئن اڳ اهڙيون قومون تباهه ڪري چڪاسين جن جو پنهنجي زماني ۾ وڏو دور هو، اسان زمين ۾ کين اقتدار عطا ڪيو جو ڏنو ناهي توهان کي، ۽ اسان مٿن آسمان مان وسايا وڏا مينهن، ۽ سندن هيٺان نهرون وهايون (پر جڏهن هنن نعمتن جو قدر نه ڪيو ته) اسان سندن گناهن جي ڪري کين تباهه ڪيو ۽ سندن جاءِ تي قائم ڪيو ٻين قومن جو دور. |
وَلَو نَزَّلنا عَلَيكَ كِتٰبًا فى قِرطاسٍ فَلَمَسوهُ بِأَيديهِم لَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
اي پيغمبر! جيڪڏهن اسان تنهنجي مٿان لاهيون ها ڪاغذ تي ڪو ڪتاب به، ۽ ماڻهو ان کي هٿ لائي به ڏسن ها، تڏهن به جن حق جو انڪار ڪيو آهي، چون ها، هي ته ظاهر ظهور جادو آهي. |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ مَلَكٌ وَلَو أَنزَلنا مَلَكًا لَقُضِىَ الأَمرُ ثُمَّ لا يُنظَرونَ (آيت : 8) |
۽ چون ٿا ته هن نبي تي ڪوبه لاٿو نه ويو آهي ملائڪ، جيڪڏهن اسان نازل ڪريون ها ملائڪ، تڏهن ته فيصلو به ٿي وڃي ها، کين مهلت ئي نه ملي ها. |
وَلَو جَعَلنٰهُ مَلَكًا لَجَعَلنٰهُ رَجُلًا وَلَلَبَسنا عَلَيهِم ما يَلبِسونَ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏهن ڪنهن ملائڪ کي موڪليون ها، تڏهن به انساني شڪل ۾ کيس موڪليون ها، ۽ اهڙيءَ طرح هو شڪ ۾ هجن ها جيئن هاڻي آهن. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
۽ اي نبي، (انهن) چٿرون ڪيون آهن تو کان اڳين رسولن تي به، پر انهن چٿرن ڪندڙن کي اها حقيقت ئي وڪوڙي وئي، جنهن تي هو چٿرون ڪندا هئا. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ ثُمَّ انظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
انهن کي چؤ، (ڀلي) گهمي ڦري ڏسو زمين ۾ ٿورو ۽ ڏسو ته ڪهڙو حال ٿيو، ڪهڙي پڄاڻي ٿي ڪوڙو چوندڙن جي. |
قُل لِمَن ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُل لِلَّهِ كَتَبَ عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 12) |
پڇ انهن کان (اي نبي!) ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه آهي، ڪنهن جو آهي؟ چؤ سڀ الله جو. هن پاڻ تي رحم ڪرڻ جي ريت واجب ڪئي آهي، تنهن ڪري نافرمانين تي جلد پڪڙ نٿو ڪري، ڏينهن قيامت جي سڀني کي گڏ ڪندو، جيڪا بنا شڪ جي حقيقت آهي. جن ماڻهن پاڻ کي تباهي جي ڳٽ ۾ وڌو آهي، اهي ئي اها ڳالهه نٿا مڃين. |
وَلَهُ ما سَكَنَ فِى الَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 13) |
هر شيءِ انهيءَ (الله) جي آهي جيڪا رات جي اونداهي ۽ ڏينهن جي سوجهري ۾ آهي، ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو. |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَتَّخِذُ وَلِيًّا فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ يُطعِمُ وَلا يُطعَمُ قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَكونَ أَوَّلَ مَن أَسلَمَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 14) |
چؤ (اي نبي!) ڇا الله کي ڇڏي ڪنهن غير کي آئون پنهنجو سرپرست بنايان؟ ان خدا کي ڇڏي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو خالق آهي، جيڪو روزي رسائي ٿو پر روزي وٺي نٿو. چؤ (اي نبي!) بيشڪ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ کان پهرين آئون سندس آڏو ڪنڌ نوايان، پر (ڪير شرڪ ڪري ته ڪري) آئون انهن مشرڪن ۾ شامل نه ٿيان.) |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
چؤ، بيشڪ آئون جيڪڏهن پنهنجي رب جي نافرماني ڪريان ته ڊڄان ٿو خوفناڪ ڏينهن تي وڏي عذاب ڀوڳڻ کان. |
مَن يُصرَف عَنهُ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمَهُ وَذٰلِكَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 16) |
ان ڏينهن جيڪو انهيءَ عذاب کان بچي ويو تنهن تي (الله جو) وڏو رحم ٿيو، ۽ اها وڏي ڪاميابي آهي ظاهر ظهور. |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يَمسَسكَ بِخَيرٍ فَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
جيڪڏهن ڪنهن قسم جو نقصان الله توکي رسائي ته توکي ڪير به ان کان بچائي نٿو سگهي، ۽ جيڪڏهن توکي ڪا ڀلائي عطا فرمائي ته اهو ئي هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو. |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 18) |
اهو (الله) مڪمل اختيار رکي ٿو پنهنجن ٻانهن تي، ۽ هو داناء ۽ باخبر آهي. |
قُل أَىُّ شَيءٍ أَكبَرُ شَهٰدَةً قُلِ اللَّهُ شَهيدٌ بَينى وَبَينَكُم وَأوحِىَ إِلَىَّ هٰذَا القُرءانُ لِأُنذِرَكُم بِهِ وَمَن بَلَغَ أَئِنَّكُم لَتَشهَدونَ أَنَّ مَعَ اللَّهِ ءالِهَةً أُخرىٰ قُل لا أَشهَدُ قُل إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِنَّنى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 19) |
انهن کان پڇ، ڪنهن جي اُتم آهي شاهدي سڀ کان؟ چؤ (اي نبي!)، الله ئي شاهد آهي منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾، ۽ وحي وسيلي ئي هي قرآن مون ڏي موڪليو آهي، ان لاءِ ته توهان سڀني کي خبردار ڪريان ۽ جن ماڻهن تائين پهچي سگهان، ڇا سچ جي شاهدي ڏئي سگهو ٿا ته گڏ آهن الله سان ٻيا به خدا؟ چؤ (اي نبي)، اهڙي شاهدي ته آئون ڏئي نٿو سگهان، چؤ بيشڪ اهو الله ته هڪڙو آهي ۽ آئون انهيءَ شرڪ کان بيزار آهيان جنهن ۾ توهان ڦاٿل آهيو. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُمُ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
جن ماڻهن کي اسان ڏنو آهي ڪتاب اهي ڄاڻن ٿا شڪ بنا جيئن پنهنجن پٽن کي سڃاڻڻ ۾ شڪ نه ٿيندو آهي، پر جن ماڻهن پاڻ کي نقصان ۾ وجهي ڇڏيو آهي سي ئي هن کي نٿا مڃين. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 21) |
۽ انهن ماڻهن کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله تي لڳائي ڪوڙو بهتان يا ان (الله) جي آيتن کي ڪوڙو چوي، بيشڪ فلاح پائي نه سگهندا اهڙا ظالم. |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا أَينَ شُرَكاؤُكُمُ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 22) |
۽ جنهن ڏينهن اسان انهن سڀني کي گڏ ڪنداسين پوءِ پڇنداسين انهن مشرڪن کان ته ڪٿي آهن توهان جا ٺاهيل شريڪ، جن کي پنهنجو خدا سمجهندا هئا؟ |
ثُمَّ لَم تَكُن فِتنَتُهُم إِلّا أَن قالوا وَاللَّهِ رَبِّنا ما كُنّا مُشرِكينَ (آيت : 23) |
ته پوءِ وٽن ڪوبه فتنه نه هوندو سواءِ هن جي ته (هي ڪوڙ چوندا) ته تنهنجو قسم، اي اسان جا رب! اسين ته ڪڏهن به مشرڪ نه هئاسين. |
انظُر كَيفَ كَذَبوا عَلىٰ أَنفُسِهِم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
ڏس! هي ڪيئن ٿا ان وقت پنهنجو پاڻ تي ڪوڙ ٺاهين، ۽ اتي سندن سمورا هٿرادو معبود گم ٿي ويندا. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها حَتّىٰ إِذا جاءوكَ يُجٰدِلونَكَ يَقولُ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 25) |
۽ انهن مان ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ڪَن ڏئي تنهنجي ڳالهه ٻڌن ٿا، پر حال هي اٿن جو اسان سندن دلين تي پردا وجهي ڇڏيا آهن، ان ڪري اهي نٿا سمجهن، ۽ انهن جي ڪنن ۾ ڳوراڻ آهي، (سڀ ٻڌندي به ڪجهه نٿا ٻڌن) هو کڻي ڪهڙي به نشاني ڏسن، پر ايمان نه آڻيندا، ايستائين جڏهن هو تو وٽ اچي جهڳڙو ڪن ٿا، ته انهن مان جن انڪار جو فيصلو ڪيو آهي، اهي (سموريون ڳالهيون ٻڌي به) چون ٿا ته هي پراڻن داستانن کان سواءِ ڪجهه نه آهي. |
وَهُم يَنهَونَ عَنهُ وَيَنـَٔونَ عَنهُ وَإِن يُهلِكونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 26) |
۽ هو هن سچي ڳالهه جي قبول ڪرڻ کان ماڻهن کي روڪين ٿا، ۽ پاڻ به پري ڀڄن ٿا (سمجهن ٿا تنهنجو نقصان ٿيندو) هو پنهنجي نقصان جو پاڻ ڪارڻ آهن پر کين سمجهه ڪانهي. |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلَى النّارِ فَقالوا يٰلَيتَنا نُرَدُّ وَلا نُكَذِّبَ بِـٔايٰتِ رَبِّنا وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 27) |
جي تون ان وقت ڏسي سگهين بيهاريا ويندا هو دوزخ جي ڪنڌيءَ تي، ته چوندا، ڪاش اسان دنيا ۾ واپس موڪليا وڃون ۽ ڪوڙو نه چئون پنهنجي رب جي آيتن کي، ۽ شامل ٿي وڃون ايمان وارن ۾. |
بَل بَدا لَهُم ما كانوا يُخفونَ مِن قَبلُ وَلَو رُدّوا لَعادوا لِما نُهوا عَنهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 28) |
حقيقت ۾ اها ڳالهه هو تڏهن چوندا ته جنهن حقيقت کي انهن لڪايو هو انهيءَ کان اڳ، سا ان وقت ظاهر ٿي سندن اڳيان اچي چڪي هوندي (جي کين واپس موڪليو وڃي) ته وري اهو ئي ڪندا، هو آهن ئي ڪوڙا. |
وَقالوا إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 29) |
۽ اڄ هي چون ٿا ته بس دنيا جي ئي زندگي آهي ۽ مرڻ کان پوءِ ڪڏهن به ٻيهر نه اٿاريا وينداسين. |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلىٰ رَبِّهِم قالَ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 30) |
جيڪڏهن تون اهو منظر ڏسي سگهين جڏهن هو بيهاريا ويندا پنهنجي رب جي اڳيان، سندن رب کانئن پڇندو، ڇا هي حقيقت نه آهي؟ هو چوندا، هائو اي اسان جا رب! اها حقيقت آهي، رب فرمائيندو، چڱو ته پوءِ سچ جي انڪار سبب عذاب جو مزو چکي وٺو. |
قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً قالوا يٰحَسرَتَنا عَلىٰ ما فَرَّطنا فيها وَهُم يَحمِلونَ أَوزارَهُم عَلىٰ ظُهورِهِم أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 31) |
خساري ۾ پيا اهي ماڻهو، جن ڪوڙو چيو الله سان پنهنجي ملاقات کي، جڏهن اوچتو ئي اها گهڙي (قيامت) اچي ويندي، ته اهي ماڻهو چوندا افسوس! اسان کان هن معاملي ۾ ڪوتاهي ٿي وئي، ۽ سندن حالت هيءَ هوندي جو سندن پٺن تي گناهن جو بار کنيل هوندا، (ها) ڏسو! ڪيڏو نه بڇڙو آهي کنيل بار. |
وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَلَلدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 32) |
دنيا جي زندگي ته بس آهي کيل ۽ تماشو، حقيقت ۾ آخرت جي جاءِ ئي ڀلي آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي غلط ڪمن کان بچڻ گهرن ٿا. ڇا توهان سمجهه نه ڌاريندؤ؟ |
قَد نَعلَمُ إِنَّهُ لَيَحزُنُكَ الَّذى يَقولونَ فَإِنَّهُم لا يُكَذِّبونَكَ وَلٰكِنَّ الظّٰلِمينَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 33) |
اي نبي! اسان ڄاڻون ٿا ته توکي ڏک ٿئي ٿو جيڪي ڳالهيون هي ماڻهو ٺاهين ٿا، حقيقت ۾ هو توکي ڪوڙو نٿا چون، پر هي ظالم حقيقت ۾ الله جي آيتن جو انڪار ڪري رهيا آهن. |
وَلَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ فَصَبَروا عَلىٰ ما كُذِّبوا وَأوذوا حَتّىٰ أَتىٰهُم نَصرُنا وَلا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ وَلَقَد جاءَكَ مِن نَبَإِي۟ المُرسَلينَ (آيت : 34) |
تو کان اڳي به گهڻا رسول ڪوڙا چيا ويا آهن، پر انهن صبر ڪيو پنهنجي ڪوڙي ڀانئڻ ۽ ايذائڻ تي، تان جو کين اسان جي مدد پهچي وئي، ڪنهن کي به طاقت ناهي الله جي ڳالهين بدلائڻ جي، ۽ جيڪي وهيو واپريو اڳين نبين سان تن جون خبرون توکي پهتل آهن. |
وَإِن كانَ كَبُرَ عَلَيكَ إِعراضُهُم فَإِنِ استَطَعتَ أَن تَبتَغِىَ نَفَقًا فِى الأَرضِ أَو سُلَّمًا فِى السَّماءِ فَتَأتِيَهُم بِـٔايَةٍ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَمَعَهُم عَلَى الهُدىٰ فَلا تَكونَنَّ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 35) |
۽ ان هوندي به جيڪڏهن انهن ماڻهن جو توکي منهن موڙڻ سٺو نٿو لڳي ته پوءِ طاقت آهي تو ۾ ته ڪا سرنگهه ڳول زمين ۾ يا ڪا ڏاڪڻ لڳاءِ آسمان ۾ ۽ انهن لاءِ ڪا نشاني آڻڻ جي ڪوشش ڪر، جيڪڏهن الله گهري ها ته کين گڏ ڪري ٿي سگهيو هدايت تي، ته پوءِ تون نه ٿي جاهلن مان. |
إِنَّما يَستَجيبُ الَّذينَ يَسمَعونَ وَالمَوتىٰ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ ثُمَّ إِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 36) |
بيشڪ حق جي دعوت تي لبيڪ اهي ئي ماڻهو چوندا آهن جيڪي ٻڌندڙ آهن، باقي رهيا مردا، ته انهن کي الله قبرن مان ئي اٿاريندو پوءِ اهي ڏانهس ئي موٽايا ويندا. |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يُنَزِّلَ ءايَةً وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 37) |
۽ هي ماڻهو چون ٿا ته سندن نبيءَ تي سندس رب جي طرفان ڪا نشاني ڇو نه لاٿي وئي؟ چؤ بيشڪ الله قادر آهي پوري طاقت رکي ٿو ڪا نشاني لاهڻ جي، پر انهن مان گهڻا ماڻهو نادانيءَ ۾ پيل آهن. |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا طٰئِرٍ يَطيرُ بِجَناحَيهِ إِلّا أُمَمٌ أَمثالُكُم ما فَرَّطنا فِى الكِتٰبِ مِن شَيءٍ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم يُحشَرونَ (آيت : 38) |
۽ ڪابه جاندار شيءِ هلڻ واري زمين تي ۽ ڪنهن پکيءَ کي ڏسو پرن سان هوا ۾ اڏامندي، اهي سڀ امتون آهن توهان جهڙيون، اسان سندن تقدير (ڪتاب) لکڻي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، پوءِ اهي سڀ پنهنجي رب ڏانهن ميڙي گڏ ڪيا ويندا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا صُمٌّ وَبُكمٌ فِى الظُّلُمٰتِ مَن يَشَإِ اللَّهُ يُضلِلهُ وَمَن يَشَأ يَجعَلهُ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 39) |
پر جيڪي ماڻهو ڪوڙو چون ٿا اسان جي نشانين کي، اهي ٻوڙا ۽ گونگا آهن، اونداهين ۾ پيا آهن. جنهن کي چاهيندو آهي الله ته ڀٽڪائي ڇڏيندو آهي، ۽ جنهن کي گهرندو آهي ته ان کي سڌي واٽ وٺائيندو آهي. |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ أَو أَتَتكُمُ السّاعَةُ أَغَيرَ اللَّهِ تَدعونَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 40) |
انهن کي چؤ ته ٿورو سوچي ٻڌايو، جيڪڏهن توهان تي ڪو عذاب الله طرفان اچي يا آخري وقت اچي وڃي ته ان وقت الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي سڏيندا آهيو؟ ڪُڇو! جيڪڏهن توهان (جي) سچا آهيو. |
بَل إِيّاهُ تَدعونَ فَيَكشِفُ ما تَدعونَ إِلَيهِ إِن شاءَ وَتَنسَونَ ما تُشرِكونَ (آيت : 41) |
ان وقت ته توهان ان کي ئي سڏيندا آهيو، اگر هو گهرندو آهي ته اها مصيبت توهان تان ٽاري ڇڏيندو آهي، اهڙن ئي وقتن تي توهان وساري ڇڏيندا آهيو پنهنجن ٺاهيل شريڪن کي. |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَأَخَذنٰهُم بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَتَضَرَّعونَ (آيت : 42) |
موڪلياسين رسول ڪيترين ئي قومن ڏانهن توهان کان اڳي به ۽ انهن قومن کي سختين ۽ سورن ۾ وڌوسين ته من اهي نماڻا ٿي اسان آڏو جهڪن. |
فَلَولا إِذ جاءَهُم بَأسُنا تَضَرَّعوا وَلٰكِن قَسَت قُلوبُهُم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 43) |
پوءِ جڏهن اسان جي طرفان مٿن تڪليف آئي، تڏهن هنن ڇو نه عاجزي اختيار ڪئي؟ پر سندن دليون ته اڃا به سخت ٿي ويون، ۽ اطمينان ڏياريو انهن کي شيطان ته جيڪي ڪريو پيا سٺو پيا ڪريو. |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ فَتَحنا عَلَيهِم أَبوٰبَ كُلِّ شَيءٍ حَتّىٰ إِذا فَرِحوا بِما أوتوا أَخَذنٰهُم بَغتَةً فَإِذا هُم مُبلِسونَ (آيت : 44) |
پوءِ جڏهن انهن وساريو ان نصيحت کي جيڪا کين ڪئي وئي هئي ته اسان هر خوشيءَ جا دروازا انهن تي کولي ڇڏيا، پوءِ جڏهن هو عطا ڪيل بخششن تي ڦونڊجي ويا، ته اوچتو اسان کين پڪڙي ورتو، هاڻي حال اهو هئن جو هر خير کان مايوس هئا. |
فَقُطِعَ دابِرُ القَومِ الَّذينَ ظَلَموا وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 45) |
اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن جي پاڙ پٽي وئي جن ظلم ڪيو هو، ۽ تعريف آهي الله جهانن جي رب جي (جنهن سندن پاڙ پٽي). |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَخَذَ اللَّهُ سَمعَكُم وَأَبصٰرَكُم وَخَتَمَ عَلىٰ قُلوبِكُم مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِهِ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ ثُمَّ هُم يَصدِفونَ (آيت : 46) |
(اي نبي!) کين چؤ، ڪڏهن توهان ان تي به سوچيو آهي ته جي الله توهان جا ڪن ۽ توهان جون اکيون کسي وٺي، ۽ توهان جي دلين تي مُهر هڻي ڇڏي، ته ڪير آهي ٻيو جيڪو الله کان سواءِ توهان کي اهي ڏئي سگهي؟ ڏس! ڪيئن نه اسان وري وري پنهنجون نشانيون انهن جي آڏو آڻيون ٿا ۽ هي ڪيئن انهن کان منهن موڙين ٿا. |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ بَغتَةً أَو جَهرَةً هَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الظّٰلِمونَ (آيت : 47) |
چؤ (اي نبي!) ڪڏهن اهو به سوچيو اٿو جي الله طرفان ڪو عذاب اوچتو اچي توهان تي ڪڙڪي، ته ڇا ٻيو ڪير تباهه ٿيندو انهن ئي ظالمن کان سواءِ؟ |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ فَمَن ءامَنَ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 48) |
۽ اسان جيڪي به رسول موڪليندا آهيون اهي نيڪن کي خوشخبري ۽ بدڪارن کي ڊيڄاريندڙ هجن، پوءِ جيڪي ماڻهو سندن ڳالهه مڃن، ۽ پنهنجا عمل سُڌارين، تن کي نه ڪو خوف هوندو ۽ نه اهي ڪو ڏک ڏسندا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا يَمَسُّهُمُ العَذابُ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 49) |
۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کي ڪوڙو چون، اهي ته ضرور عذاب ڏسندا پنهنجين نافرمانين جي ڪري. |
قُل لا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ لَكُم إِنّى مَلَكٌ إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَفَلا تَتَفَكَّرونَ (آيت : 50) |
(اي نبي!) انهن کي چؤ! آئون توهان کي ڪونه ٿو چوان ته مون وٽ خزانا آهن الله جا، ۽ نه وري آئون ڪو غيب جو علم رکان ٿو، ۽ نه وري چوان ٿو توهان کي ته آئون ملائڪ آهيان، آئون ته فقط پيروي ڪريان ٿو انهيءَ وحي جي، جيڪا مون تي نازل ٿئي ٿي، وري انهن کان پڇ ته ڇا انڌو ۽ سڄو ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڇا توهان غور نٿا ڪريو؟ |
وَأَنذِر بِهِ الَّذينَ يَخافونَ أَن يُحشَروا إِلىٰ رَبِّهِم لَيسَ لَهُم مِن دونِهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 51) |
اي نبي! نصيحت ڪر (وحي کان مليل علم) وسيلي انهن ماڻهن کي جيڪي ڪنبن ٿا هن ڳالهه کان ته پنهنجي رب اڳيان ڪڏهن اهڙي حال ۾ پيش ڪيا ويندا، جو اتي ٻيو ڪوبه اهڙو نه هوندو جيڪو سندن مددگار هجي يا سفارشي ته من اهي خدا ترسي جي راهه اختيار ڪن. |
وَلا تَطرُدِ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ ما عَلَيكَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَما مِن حِسابِكَ عَلَيهِم مِن شَيءٍ فَتَطرُدَهُم فَتَكونَ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 52) |
۽ نه تڙ انهن کي پاڻ کان ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي رب کي ٻاڏائيندا رهن ٿا رات ۽ ڏينهن، ۽ سندس راضپي جي طلب ۾ لڳا رهن ٿا، تنهنجي مٿان نه آهي انهن جي حساب مان ڪنهن به شيءِ جو بار، ۽ نه آهي تنهنجي حساب مان ڪنهن به شيءِ جو بار انهن تي، پوءِ به جيڪڏهن تون انهن کي تڙيندين ته پڪ ظالمن مان ليکيو ويندين. |
وَكَذٰلِكَ فَتَنّا بَعضَهُم بِبَعضٍ لِيَقولوا أَهٰؤُلاءِ مَنَّ اللَّهُ عَلَيهِم مِن بَينِنا أَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِالشّٰكِرينَ (آيت : 53) |
۽ حقيقت ۾ اهڙيءَ طرح اسان انهن ماڻهن مان هڪڙن کي ٻين جي ذريعي آزمائش ۾ وڌو آهي ته هو انهن کي ڏسي چون، ڇا الله هنن ماڻهن کي اسان جي وچ ۾ فضل ۽ ڪرم سان نوازيو آهي؟ ڇا الله پنهنجي شڪرگذار ٻانهن کي انهن کان وڌيڪ نٿو ڄاڻي؟ |
وَإِذا جاءَكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِنا فَقُل سَلٰمٌ عَلَيكُم كَتَبَ رَبُّكُم عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ أَنَّهُ مَن عَمِلَ مِنكُم سوءًا بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابَ مِن بَعدِهِ وَأَصلَحَ فَأَنَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 54) |
۽ جڏهن تو وٽ اچن ٿا اهي ماڻهو، جيڪي ايمان آڻين ٿا اسان جي آيتن تي، ته ٻڌائينِ ته سلامتي آهي توهان تي توهان جي پالڻهار جي ٻاجهه جي وڙ جو جنهن پاڻ تي واجب ڪئي آهي پنهنجي رحمت جيڪڏهن توهان مان ڪنهن ڪو بڇڙو ڪم ڪيو هجي نادانيءَ سبب ۽ ان بعد توبهه ٿو ڪري ۽ پاڻ سڌاري ٿو ڇڏي ته هو ان کي معاف ڪندو آهي ۽ نرمي ڪندو جو پاڻ غفور ۽ رحيم آهي. |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلِتَستَبينَ سَبيلُ المُجرِمينَ (آيت : 55) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان پنهنجون نشانيون تفصيل سان ڏيندا آهيون جيئن رستو بلڪل نروار ٿي پوي گنهگارن جو. |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قُل لا أَتَّبِعُ أَهواءَكُم قَد ضَلَلتُ إِذًا وَما أَنا۠ مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 56) |
(اي نبي!) چؤ انهن کي ته، توهان جن ٻين کي سڏيو ٿا انهن جي بندگي کان مون کي روڪيو ويو آهي الله کان سواءِ. چوينِِ، آئون پيروي نه ڪندس توهان جي سَڌن جي، جيڪڏهن ائين ڪيم ته گمراهه ٿي ويندس ۽ آئون نه هوندس هدايت وارن مان. |
قُل إِنّى عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَكَذَّبتُم بِهِ ما عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ يَقُصُّ الحَقَّ وَهُوَ خَيرُ الفٰصِلينَ (آيت : 57) |
چؤ (اي نبي!)، آئون ته قائم آهيان پنهنجي رب جي پڌري دليل تي، ۽ توهان ان کي ڪوڙو چيو آهي، هاڻي منهنجي هٿ ۾ اها شيءِ نه آهي جنهن لاءِ توهان تڪڙ ڪري رهيا آهيو. ان فيصلي جو اختيار مڪمل الله وٽ آهي، اهو ئي حق بيان ڪري ٿو ۽ اهو ئي بهترين فيصلو ڪندڙ آهي. |
قُل لَو أَنَّ عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ لَقُضِىَ الأَمرُ بَينى وَبَينَكُم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 58) |
چؤ، جيڪڏهن اها شيءِ منهنجي اختيار ۾ هجي ها جنهن لاءِ توهان تڪڙ پيا ڪريو، ته ڪڏهوڪو فيصلو ٿي وڃي ها منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾، پر الله وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته ظالمن لاءِ ڇا ڪجي. |
وَعِندَهُ مَفاتِحُ الغَيبِ لا يَعلَمُها إِلّا هُوَ وَيَعلَمُ ما فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَما تَسقُطُ مِن وَرَقَةٍ إِلّا يَعلَمُها وَلا حَبَّةٍ فى ظُلُمٰتِ الأَرضِ وَلا رَطبٍ وَلا يابِسٍ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 59) |
۽ ان وٽ ئي غيب جون ڪنجيون آهن جن کي ڪوبه نٿو ڄاڻي سواءِ ان کان، هو ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه بر ۽ بحر ۾ آهي، ڪنهن به ڪرندڙ وڻ جي پن جي ڄاڻ رکي ٿو ۽ نه ڪو اهڙو داڻو آهي جيڪو زمين جي اونداهين ۾ هجي، ان کان اڻ واقف هجي، سڪل توڙي آلو سڀڪجهه لکيل آهي هڪ ڪتابِ پڌري ۾. |
وَهُوَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم بِالَّيلِ وَيَعلَمُ ما جَرَحتُم بِالنَّهارِ ثُمَّ يَبعَثُكُم فيهِ لِيُقضىٰ أَجَلٌ مُسَمًّى ثُمَّ إِلَيهِ مَرجِعُكُم ثُمَّ يُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 60) |
۽ هو اهو ئي آهي جيڪو توهان جا روح رات جو قبض ڪري ٿو ۽ اهو به ڄاڻي ٿو ته جيڪي ڪجهه توهان ڏينهن جو ڪريو ٿا، پوءِ وري توهان کي واپس ٻئي ڏينهن ان دنيا ڏانهن موڪلي ٿو جيئن حياتيءَ جي مقرر مدت پوري ٿئي، پوءِ نيٺ انهيءَ ڏانهن ئي توهان کي موٽڻو آهي، پوءِ اهو ئي توهان کي ٻڌائيندو، ته توهان ڇا ڇا ڪندا رهيا آهيو. |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَيُرسِلُ عَلَيكُم حَفَظَةً حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَكُمُ المَوتُ تَوَفَّتهُ رُسُلُنا وَهُم لا يُفَرِّطونَ (آيت : 61) |
هو پوري پوري قدرت رکي ٿو مٿان پنهنجي ٻانهن جي، ۽ مقرر ڪري موڪلي ٿو توهان تي نظرداري ڪرڻ وارا، تان جو جڏهن توهان مان ڪنهن تي موت اچي ٿو، ته ان جي جان ڪڍي ٿا وٺن ان جا موڪليل (ملائڪ) ۽ اهي فرض ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نٿا ڪن. |
ثُمَّ رُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ أَلا لَهُ الحُكمُ وَهُوَ أَسرَعُ الحٰسِبينَ (آيت : 62) |
پوءِ سڀ جا سڀ آندا وڃن ٿا واپس پنهنجي حقيقي مولا ڏي، خبردار! فيصلي جا سڀ اختيار ان وٽ آهن ۽ اهو تمام تڪڙو آهي حساب وٺڻ ۾. |
قُل مَن يُنَجّيكُم مِن ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ تَدعونَهُ تَضَرُّعًا وَخُفيَةً لَئِن أَنجىٰنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 63) |
(اي نبي!) انهن کان پڇ ته ڪير توهان کي بچائيندو آهي بر ۽ بحر جي انڌارن مان؟ اهو ڪير آهي جنهن کي توهان (مصيبت وقت) آزي نيازي سان لڪي ٻاڏايو ٿا، ڪنهن کي چوندا آهيو ته جيڪڏهن تو هن مصيبت کان بچايو ته اسان ضرور تنهنجا شڪرگذار ٿينداسين. |
قُلِ اللَّهُ يُنَجّيكُم مِنها وَمِن كُلِّ كَربٍ ثُمَّ أَنتُم تُشرِكونَ (آيت : 64) |
چؤ، (اي نبي!) الله توهان کي بچائي ٿو هر تڪليف کان ۽ ڇوٽڪارو ڏئي ٿو هر مصيبت کان، پر توهان پوءِ به سندس شريڪ بڻايو ٿا. |
قُل هُوَ القادِرُ عَلىٰ أَن يَبعَثَ عَلَيكُم عَذابًا مِن فَوقِكُم أَو مِن تَحتِ أَرجُلِكُم أَو يَلبِسَكُم شِيَعًا وَيُذيقَ بَعضَكُم بَأسَ بَعضٍ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَفقَهونَ (آيت : 65) |
چؤ (اي نبي!) اهو ان تي به قادر آهي ته موڪلي توهان تي عذاب توهان جي مٿان کان، يا وري توهان جي پيرن هيٺان پئدا ڪري، يا توهان کي ٽولن ۾ ورهائي ۽ مزو چکائي هڪ ٽولي کي ٻئي جي ڏاڍائيءَ سان، ڏس! ڪيئن نه اسان وري وري ڌار ڌار نمونن سان پنهنجون نشانيون آڻيون ٿا من حقيقت سمجهي وڃن. |
وَكَذَّبَ بِهِ قَومُكَ وَهُوَ الحَقُّ قُل لَستُ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 66) |
۽ ڪوڙو ڪري رهي آهي تنهنجي قوم جڏهن ته اها بلڪل حقيقت آهي. انهن کي چؤ ته آئون توهان جو نگران بڻايل نه آهيان. |
لِكُلِّ نَبَإٍ مُستَقَرٌّ وَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 67) |
هر خبر جي ظاهر ٿيڻ لاءِ وقت مقرر آهي، جلد توهان کي سڀڪجهه معلوم ٿي ويندو. |
وَإِذا رَأَيتَ الَّذينَ يَخوضونَ فى ءايٰتِنا فَأَعرِض عَنهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ وَإِمّا يُنسِيَنَّكَ الشَّيطٰنُ فَلا تَقعُد بَعدَ الذِّكرىٰ مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 68) |
۽ (اي نبي!) جڏهن تون ڏسين ته ماڻهو نڪته چيني ڪن ٿا اسان جي آيتن تي، ته تون انهن کي پٺي ڏئي وڃ، تان جو هو اها گفتگو ڇڏي ٻين ڳالهين ۾ لڳي وڃن، ۽ جيڪڏهن توکي ويساري ۾ وجهي شيطان، ته جنهن وقت توکي غلطيءَ جو احساس ٿئي ته پوءِ اهڙن ظالم ماڻهن سان گڏ نه ويهه. |
وَما عَلَى الَّذينَ يَتَّقونَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَلٰكِن ذِكرىٰ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 69) |
۽ انهن ماڻهن جي پرهيزگاريءَ تي سندن حساب جي ڪابه ذميواري ڪنهن شيءِ جي ناهي، ۽ البته نصيحت ڪرڻ انهن جو فرض آهي (ته ان غلط راهه کان بچن). |
وَذَرِ الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَعِبًا وَلَهوًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَذَكِّر بِهِ أَن تُبسَلَ نَفسٌ بِما كَسَبَت لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ وَإِن تَعدِل كُلَّ عَدلٍ لا يُؤخَذ مِنها أُولٰئِكَ الَّذينَ أُبسِلوا بِما كَسَبوا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
۽ ڇڏ انهن ماڻهن کي جن بڻائي ڇڏيو آهي پنهنجي دين کي راند ۽ رونشو، ۽ فريب ۾ ڦاسايو آهي کين دنيا جي زندگي، ۽ هن قرآن سان کين تنبيهه ڪندو رهه، ته متان ڪير پنهنجي ڪرتوتن جي وبال ۾ ڦاسجي نه وڃي، ۽ ڦاسجي به اهڙي حال ۾ جو کيس الله کان بچائڻ وارو ڪوبه واهرو نه هجي ۽ نه سفارشي، پر جيڪڏهن هو هر قسم جو عيوضو ڀري ڇٽڻ لاءِ ته قبول نه ڪبو اهو به، ڇاڪاڻ ته اهڙا ماڻهو پنهنجي ئي ڪمائي ۾ پڪڙيا ويندا، کين پنهنجي حق جي انڪار جي بدلي ٽهڪندڙ پاڻي ملندو پيئڻ لاءِ ۽ دردناڪ عذاب سَهڻ لاءِ ملندو سندن ڪفر ڪرڻ لاءِ. |
قُل أَنَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُنا وَلا يَضُرُّنا وَنُرَدُّ عَلىٰ أَعقابِنا بَعدَ إِذ هَدىٰنَا اللَّهُ كَالَّذِى استَهوَتهُ الشَّيٰطينُ فِى الأَرضِ حَيرانَ لَهُ أَصحٰبٌ يَدعونَهُ إِلَى الهُدَى ائتِنا قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَأُمِرنا لِنُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 71) |
(اي نبي!) انهن کان پڇ، ڇا اسين انهن کي سڏيون الله کان سواءِ جيڪي نه نفعو ڏئي سگهن اسان کي ۽ نه وري نقصان ڏين، جڏهن ته لاتو آهي سنئين دڳ الله، (ڇا ان کان پوءِ به ڦري وڃون) پنهنجو حال ان شخص جهڙو ڪريون، جنهن کي شيطانن برپٽ ۾ حيران ڀٽڪائي ڇڏيو هجي، جڏهن ته سندس ساٿي کيس سڌي رستي ڏي سڏي رهيا هجن ته هيڏانهن اچ، چؤ (اي نبي!) صحيح رهنمائي ته فقط الله جي ئي رهنمائي آهي، ۽ اسان کي سندس حڪم آهي ته ڪائنات جي رب آڏو اطاعت جو ڪنڌ نوايو. |
وَأَن أَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّقوهُ وَهُوَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 72) |
۽ نماز قائم ڪريو ۽ سندس نافرمانيءَ کان بچو، ان ڏانهن ئي سڀئي گڏ ڪيا ويندؤ. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَيَومَ يَقولُ كُن فَيَكونُ قَولُهُ الحَقُّ وَلَهُ المُلكُ يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 73) |
۽ اهو ئي اهو آهي جنهن خلقيو آهي آسمانن ۽ زمين کي برحق، ۽ جنهن ڏينهن هو چوندو ته (قيامت) ٿئي ته اها ٿي پوندي، سندس قول بلڪل حق آهي، ۽ بادشاهي ان ڏينهن سندس هوندي جنهن ڏينهن صور ڦوڪي ويندي، هو ڳجهه ۽ ظاهر هر شيءِ جو ڄاڻندڙ آهي. ۽ اهو ئي حڪمت وارو باخبر آهي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ ءازَرَ أَتَتَّخِذُ أَصنامًا ءالِهَةً إِنّى أَرىٰكَ وَقَومَكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 74) |
۽ (ياد ڪر اي نبي!) جڏهن چيو هو ابراهيم پنهنجي پيءُ آذر کي، ڇا بتن کي ٿو خدا بڻائين، آئون ته توکي ۽ تنهنجي قوم کي پڌري گمراهي ۾ پيل ڏسان ٿو. |
وَكَذٰلِكَ نُرى إِبرٰهيمَ مَلَكوتَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلِيَكونَ مِنَ الموقِنينَ (آيت : 75) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان ڏيکاريندا هئاسين ابراهيم کي بادشاهي وارو نظام آسمانن ۽ زمين ۾، ۽ انهيءَ لاءِ بڻجي هو يقين ڪرڻ وارن مان. |
فَلَمّا جَنَّ عَلَيهِ الَّيلُ رَءا كَوكَبًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لا أُحِبُّ الءافِلينَ (آيت : 76) |
پوءِ جڏهن رات مٿس ڇانئجي وئي ته هن هڪ تارو ڏٺو، چيائين هي منهنجو رب آهي، پوءِ جڏهن لهي ويو ته چيائين، لهي ويندڙن سان ته منهنجي پوي ئي ڪانه. |
فَلَمّا رَءَا القَمَرَ بازِغًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لَئِن لَم يَهدِنى رَبّى لَأَكونَنَّ مِنَ القَومِ الضّالّينَ (آيت : 77) |
پوءِ وري جڏهن چنڊ کي چمڪندو ڏٺائين ته چيائين، اهو آهي منهنجو رب، پوءِ جڏهن اهو به لهي ويو ته چيائين، جيڪڏهن منهنجي رهنمائي منهنجي رب نه ڪئي هجي ها ته آئون گمراهه ماڻهن ۾ شامل ٿي وڃان ها. |
فَلَمّا رَءَا الشَّمسَ بازِغَةً قالَ هٰذا رَبّى هٰذا أَكبَرُ فَلَمّا أَفَلَت قالَ يٰقَومِ إِنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 78) |
وري جڏهن سج کي روشن ڏٺائين ته چيائين، هي ئي منهنجو رب آهي، هي سڀ کان وڏو آهي. پر جڏهن اهو به لهي ويو ته (واڪو ڪري) چيو، اي قومي ڀائرو! آءٌ انهن سڀني کان بيزار آهيان جن کي توهان (خدا جو) شريڪ بڻايو ٿا. |
إِنّى وَجَّهتُ وَجهِىَ لِلَّذى فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ حَنيفًا وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 79) |
مون ته هڪ مَنو ٿي پنهنجو رُخ انهيءَ هستي ڏي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ٺاهيو آهي آسمانن ۽ زمين کي، ۽ ڪڏهن به آئون نه آهيان شرڪ ڪرڻ وارن مان. |
وَحاجَّهُ قَومُهُ قالَ أَتُحٰجّونّى فِى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنِ وَلا أَخافُ ما تُشرِكونَ بِهِ إِلّا أَن يَشاءَ رَبّى شَيـًٔا وَسِعَ رَبّى كُلَّ شَيءٍ عِلمًا أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 80) |
۽ جهڳڙو ڪرڻ لڳي سندس قوم، ته هن چيو، جهڳڙو ڪريو ٿا الله جي معاملي ۾ مون سان؟ هدايت جي واٽ مون کي ڏيکاري، ۽ آئون نٿو ڊڄان توهان جي ٺاهيل شريڪن کان، باقي منهنجو رب جيڪي گهري اهو اوس ٿي سگهي ٿو، منهنجي رب جو وسيع آهي علم هر شيءِ تي، پوءِ ڇا توهان هوش ۾ نه ايندؤ؟ |
وَكَيفَ أَخافُ ما أَشرَكتُم وَلا تَخافونَ أَنَّكُم أَشرَكتُم بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا فَأَىُّ الفَريقَينِ أَحَقُّ بِالأَمنِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 81) |
۽ آخر آئون توهان جي ٺاهيل شريڪن کان ڪيئن ڊڄان، جڏهن ته توهان نٿا ڊڄو پنهنجي ٺاهيل شريڪن کي الله سان ملائيندي، جن جي لاءِ هن نازل نه ڪئي آهي توهان تي ڪابه سَند؟ اسان ٻنهي ڌرين مان ڪير حق تي آهي بي ڊپائي ۽ اطمينان سان، ٻڌايو جيڪڏهن ڪوبه علم رکو ٿا؟ |
الَّذينَ ءامَنوا وَلَم يَلبِسوا إيمٰنَهُم بِظُلمٍ أُولٰئِكَ لَهُمُ الأَمنُ وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 82) |
حقيقت ۾ انهن لاءِ ئي امن آهي ۽ سڌي واٽ تي اهي آهن جن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم هاڻو ڪڏهن نه ڪيو، اهي ئي اصل ۾ هدايت تي آهن. |
وَتِلكَ حُجَّتُنا ءاتَينٰها إِبرٰهيمَ عَلىٰ قَومِهِ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 83) |
۽ هي هو اسان جو اهو دليل جيڪو اسان ڏنو هو ابراهيم کي سندس قوم جي مقابلي ۾، اسين بلند درجا ڏيندا آهيون جنهن کي چاهيون، بيشڪ تنهنجو رب داناءُ ۽ علم وارو آهي. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ كُلًّا هَدَينا وَنوحًا هَدَينا مِن قَبلُ وَمِن ذُرِّيَّتِهِ داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ وَأَيّوبَ وَيوسُفَ وَموسىٰ وَهٰرونَ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 84) |
۽ اسان ڏنو ان (ابراهيم) کي اسحاق ۽ يعقوب جهڙو اولاد، سڀني کي سڌي راهه ڏيکاري جيڪا اڳي نوح کي عطا ڪئي هئي ۽ انهن جي نسل مان اسان دائود ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسيٰ ۽ هارون کي هدايت ڏني، اهڙيءَ طرح اسان ڀلارن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏيندا آهيون. |
وَزَكَرِيّا وَيَحيىٰ وَعيسىٰ وَإِلياسَ كُلٌّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 85) |
۽ زڪريا ۽ يحييٰ ۽ عيسيٰ ۽ الياس (کي به اها راهه ڏني)، انهن مان هرهڪ صالحن مان هو. |
وَإِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَيونُسَ وَلوطًا وَكُلًّا فَضَّلنا عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 86) |
۽ اسماعيل ۽ اليسع ۽ يونس ۽ لوط (کي به اهو ئي هدايت وارو رستو ڏنو). ۽ انهن سڀني کي دنيا وارن تي فضيلت عطا ڪئي. |
وَمِن ءابائِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَإِخوٰنِهِم وَاجتَبَينٰهُم وَهَدَينٰهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 87) |
انهن سان گڏ سندن ابن ڏاڏن ۽ سندن اولاد ۽ سندن ڀائرن مان پڻ گهڻن کي نوازيو، کين پنهنجي خدمت لاءِ چونڊيو ۽ سڌي راهه ڏانهن رهنمائي ڪئي. |
ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَلَو أَشرَكوا لَحَبِطَ عَنهُم ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 88) |
هي هدايت آهي الله جي جنهن سان هو هدايت ڪري ٿو، جنهن لاءِ وڻيس پنهنجي ٻانهن مان، پر جي انهن شرڪ ڪيو هجي ها ته سندن سڀ ناس ٿي وڃي ها عمل ۽ ڪمائي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ فَإِن يَكفُر بِها هٰؤُلاءِ فَقَد وَكَّلنا بِها قَومًا لَيسوا بِها بِكٰفِرينَ (آيت : 89) |
اهي ئي ماڻهو هئا جن کي عطا ڪياسين ڪتاب ۽ حڪم ۽ نبوت، پوءِ جيڪڏهن هي ماڻهو ڪفر ڪن ٿا، (ته پرواهه ناهي) اسان ڪن اهڙن ماڻهن کي اها نعمت ڏئي ڇڏي آهي جيڪي ان جا منڪر نه آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدَى اللَّهُ فَبِهُدىٰهُمُ اقتَدِه قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن هُوَ إِلّا ذِكرىٰ لِلعٰلَمينَ (آيت : 90) |
(اي نبي!) اهي ئي ماڻهو هدايت وارا هئا الله جي طرفان، تون به انهن جي طريقي تي هل، ۽ چئي ڇڏ ته آئون (تبليغ واري) ان ڪم تي توهان کان ڪوبه اجورو نٿو گهران، هي ته عام نصيحت آهي دنيا وارن جي لاءِ. |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِذ قالوا ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ بَشَرٍ مِن شَيءٍ قُل مَن أَنزَلَ الكِتٰبَ الَّذى جاءَ بِهِ موسىٰ نورًا وَهُدًى لِلنّاسِ تَجعَلونَهُ قَراطيسَ تُبدونَها وَتُخفونَ كَثيرًا وَعُلِّمتُم ما لَم تَعلَموا أَنتُم وَلا ءاباؤُكُم قُلِ اللَّهُ ثُمَّ ذَرهُم فى خَوضِهِم يَلعَبونَ (آيت : 91) |
۽ انهن ماڻهن غلط اندازو لڳايو الله جو، ڏاڍو غلط، جڏهن چيائون ته ڪجهه به نازل نه ڪيو آهي الله ڪنهن بني بشر تي ڪابه شيءِ نه، پڇين ته پوءِ ڪنهن نازل ڪيو هو اهو ڪتاب، جيڪو آندو هو (توهان وٽ) موسيٰ، نور ۽ هدايت هو سڀني ماڻهن جي لاءِ، جنهن کي توهان حصا حصا ڪري رکو ٿا، ڪجهه ڏيکاريو ٿا ۽ گهڻو ڪجهه لڪايو ٿا، ۽ جنهن وسيلي علم ڏنو ويو توهان کي جيڪو ڪونه هو توهان کي، ۽ نه توهان جي ابن ڏاڏن کي (اهو ڪنهن ڏنو هو) بس ايترو چئي ڇڏ ته الله، پوءِ ڇڏين ته وتن پنهنجن دليلن سان کيڏندا. |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ مُصَدِّقُ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ يُؤمِنونَ بِهِ وَهُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 92) |
۽ (انهيءَ ڪتاب وانگر) هي ڪتاب اسان نازل ڪيو آهي وڏي ڀلائي ۽ برڪت وارو آهي، تصديق ڪري ٿو ان شيءِ جي جيڪا اڳي آئي هئي، ۽ انهيءَ لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ته تون ان جي ذريعي وستين جي هن مرڪز (مڪه) ۽ ان جي چوڌاري رهڻ وارن کي تنبيهه ڪرين جيڪي آخرت کي مڃين ٿا، سي ئي هن ڪتاب تي ايمان آڻين ٿا، پنهنجي نمازن جي پابندي ڪن ٿا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو قالَ أوحِىَ إِلَىَّ وَلَم يوحَ إِلَيهِ شَيءٌ وَمَن قالَ سَأُنزِلُ مِثلَ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ فى غَمَرٰتِ المَوتِ وَالمَلٰئِكَةُ باسِطوا أَيديهِم أَخرِجوا أَنفُسَكُمُ اليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ غَيرَ الحَقِّ وَكُنتُم عَن ءايٰتِهِ تَستَكبِرونَ (آيت : 93) |
۽ ان ماڻهوءَ کان ٻيو وڏو ظالم ڪير هوندو جيڪو ٺاهه ٺاهي الله تي ڪوڙا يا چوي ته مون ڏانهن وحي آيو آهي جڏهن ته ڪوبه وحي ان ڏانهن موڪليو نه ويو هجي، يا وري(الله جي نازل ڪيل شيءِ جي مقابلي ۾) چوي ته آئون اهڙي شيءِ نازل ڪري ڏيکاريان، جيڪا الله نازل ڪئي آهي، جيڪر تون ظالمن کي ان حالت ۾ ڏسي سگهين جڏهن اهي موت جي سڪرات ۾ پيا هڏڪيون کائين ۽ ملائڪ ڊگهيري پنهنجا هٿ (چون پيا ته) ڪڍي ڏيو پنهنجا ساهه، اڄ توهان کي انهن ڳالهين جي عيوض ذلت وارو عذاب ڏنو ويندو جيڪا توهان تهمت لڳائي الله تي ناحق بڪندا هئا ۽ سندس آيتن جي مقابلي ۾ آڪڙ ڏيکاريندا هئا. |
وَلَقَد جِئتُمونا فُرٰدىٰ كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَتَرَكتُم ما خَوَّلنٰكُم وَراءَ ظُهورِكُم وَما نَرىٰ مَعَكُم شُفَعاءَكُمُ الَّذينَ زَعَمتُم أَنَّهُم فيكُم شُرَكٰؤُا۟ لَقَد تَقَطَّعَ بَينَكُم وَضَلَّ عَنكُم ما كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 94) |
۽ (الله فرمائيندو) ڏسو اڄ توهان اڪيلا ئي اچي اسان وٽ حاضر ٿيا آهيو جيئن توهان کي خلقيو پهريون هو، ۽ جيڪي ڪجهه توهان کي دنيا ۾ ڏنو هو اهو سڀ پوئتي ڇڏي آيا آهيو، اڄ اسان توهان سان گڏ اهي سفارشي ڪونه ٿا ڏسون جن لاءِ سمجهيو ٿي ته انهن جو توهان جي ڪمن پوري ڪرڻ ۾ حصو آهي، توهان جا پاڻ ۾ سڀ لاڳاپا ٽٽي ويا ۽ سڀ توهان کان گم ٿي ويا آهن جيڪي توهان سڀ پنهنجي اندازي سان ٺاهيا هئا. |
إِنَّ اللَّهَ فالِقُ الحَبِّ وَالنَّوىٰ يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَمُخرِجُ المَيِّتِ مِنَ الحَىِّ ذٰلِكُمُ اللَّهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 95) |
بيشڪ الله ئي ڦُٽائيندڙ ٻج ۽ ککڙي کي آهي، اهو ئي جيئري کي ٻاهر ڪڍي ٿو مئل مان ۽ ٻاهر ڪڍي ٿو مئل کي جيئري مان، اهي سڀ ڪم ڪرڻ وارو ته الله آهي پوءِ ڪيڏانهن پيا ٿڙندا وتو؟ |
فالِقُ الإِصباحِ وَجَعَلَ الَّيلَ سَكَنًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ حُسبانًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 96) |
اهو ئي ڦاڙي ٿو صبح کي رات جي پردي مان. هن رات کي سڪون وارو بڻايو آهي. ۽ (هن ئي) سج ۽ چنڊ جو اڀرڻ ۽ لهڻ حساب سان رکيو آهي. هي سڀ انهيءَ زبردست طاقت ۽ علم واري جون رٿون آهن. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ النُّجومَ لِتَهتَدوا بِها فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 97) |
۽ اهو ئي آهي جنهن ٺاهيا آهن توهان جي لاءِ تارا، جيئن توهان انهن جي وسيلي انڌيري بر ۽ بحر ۾ رستو معلوم ڪريو، کولي کولي اهي نشانيون بيان ڪيون آهن انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي ڄاڻن ٿا. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ فَمُستَقَرٌّ وَمُستَودَعٌ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَفقَهونَ (آيت : 98) |
۽ اهو ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو آهي هڪ جيءَ مان، پوءِ هرهڪ لاءِ هڪ سڪون جي جاءِ ۽ هڪ سانڍجڻ جي جاءِ آهي، اسان کولي کولي هي نشانيون بيان ڪيون آهن انهن لاءِ جيڪي سوچ ويچار رکن ٿا. |
وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ نَباتَ كُلِّ شَيءٍ فَأَخرَجنا مِنهُ خَضِرًا نُخرِجُ مِنهُ حَبًّا مُتَراكِبًا وَمِنَ النَّخلِ مِن طَلعِها قِنوانٌ دانِيَةٌ وَجَنّٰتٍ مِن أَعنابٍ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُشتَبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ انظُروا إِلىٰ ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَيَنعِهِ إِنَّ فى ذٰلِكُم لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 99) |
۽ اهو ئي آهي جنهن وسايو آسمان مان پاڻي (مينهن) پوءِ اُپايائين انهيءَ سان هر قسم جا سلا ۽ اپايائين ان سان سايون پوکون ۽ وڻ، پوءِ انهن مان تهن ۾ ويڙهيل داڻا ڪڍيا ۽ کجيءَ جي ٻوڪن مان ڦر سان لٽڪندڙ ڇڳن جا ڇڳا پيدا ڪيا ۽ جيڪي بار کان جهڪيل آهن انگور ۽ زيتون ۽ ڏاڙهن جا باغ لڳايا جن جو ميوو ملي ٿو هڪ ٻئي سان پر ڌار ڌار آهن هرهڪ جون خاصيتون، غور سان ڏسو انهن وڻن جي ڦر کي جڏهن اهي ڦرجن ٿا ۽ وري انهن جي پچڻ کي به ڏسو، بيشڪ اهي نشانيون انهن ماڻهن لاءِ آهن جيڪي ايمان آڻن ٿا. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ الجِنَّ وَخَلَقَهُم وَخَرَقوا لَهُ بَنينَ وَبَنٰتٍ بِغَيرِ عِلمٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 100) |
ان هوندي به ماڻهن الله سان جنن کي شريڪ ڪيو، جڏهن ته اهو ئي انهن جو خالق آهي ۽ بنا ڪنهن ڄاڻ جي ان لاءِ ڌيئر ۽ پٽ ٺاهيائون، جڏهن ته هو پاڪ ۽ مٿانهون آهي انهن کان جيڪي هي چون ٿا. |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنّىٰ يَكونُ لَهُ وَلَدٌ وَلَم تَكُن لَهُ صٰحِبَةٌ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 101) |
هو ته ٺاهيندڙ آهي آسمانن ۽ زمين جو، ڪيئن ٿو ٿي سگهي سندس پٽ، جڏهن ته سندس ڪا ساٿياڻي (زال) ئي نه آهي؟ ۽ هن ئي ٺاهيو آهي هر شيءِ کي، ۽ اهو ئي هر شيءِ جو علم رکي ٿو. |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ فَاعبُدوهُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 102) |
اهو ئي الله توهان جو رب آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه خدا نه آهي، هر شيءِ جو خالق آهي ان ڪري سندس ئي بندگي ڪريو، ۽ اهو ئي هر شيءِ جي سنڀال ڪندڙ آهي. |
لا تُدرِكُهُ الأَبصٰرُ وَهُوَ يُدرِكُ الأَبصٰرَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 103) |
نٿيون پروڙي سگهن نگاهون ان کي، پر هو نگاهن کي پروڙي وڃي ٿو، ۽ هو تمام باريڪ بين ۽ باخبر آهي. |
قَد جاءَكُم بَصائِرُ مِن رَبِّكُم فَمَن أَبصَرَ فَلِنَفسِهِ وَمَن عَمِىَ فَعَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 104) |
ڏسو! توهان وٽ آيا آهن بصيرت ڏيندڙ سوجهرا رب وٽان، پوءِ جيڪو ديد کان ڪم وٺندو، پنهنجو ئي ڀلو ڪندو، ۽ جيڪو انڌو بڻبو، پاڻ کي نقصان ڏيندو، ۽ آئون ته توهان تي رکوالو نه آهيان. |
وَكَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ وَلِيَقولوا دَرَستَ وَلِنُبَيِّنَهُ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 105) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان ڦيرائي پنهنجين آيتن کي بيان ڪريون ٿا جيئن هو چون ”تون ڪنهن کان پڙهي آيو آهين“ جيڪي علم رکن ٿا، انهن ئي حقيقت کي پڌرو ڪيو آهي. |
اتَّبِع ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 106) |
(اي نبي!) تون پيروي ڪندو وڃ وحي جي، جيڪا توتي تنهنجي رب وٽان نازل ٿي آهي، ڇوته هڪ رب کان سواءِ ٻيو ڪو خدا نه آهي، ۽ انهن مشرڪن جي پٺيان نه لڳ. |
وَلَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكوا وَما جَعَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 107) |
جيڪڏهن الله چاهي ها ته (هو پاڻ ان جو بندوبست ڪري ها) هي ماڻهو شرڪ نه ڪن ها، ۽ نه اسان توکي هنن جي مٿان ڪو رکوالو ڪيو آهي، ۽ نڪي تون انهن تي ڪو داروغو آهين. |
وَلا تَسُبُّوا الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدوًا بِغَيرِ عِلمٍ كَذٰلِكَ زَيَّنّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم مَرجِعُهُم فَيُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 108) |
۽ (اي مسلمانؤ!) انهن کي گاريون نه ڏيو هي ماڻهو جن کي پڪارين ٿا الله کان سواءِ، متان هي به حد ٽپي الله کي گهٽ وڌ ڳالهائين جهالت سبب، ائين اسان هر ٽولي جي لاءِ سهڻو بڻايو آهي ڏسڻ ۾ سندس هر عمل کي، پوءِ انهن کي پنهنجي رب ڏانهن موٽي اچڻو آهي، تڏهن اهو کين ٻڌائيندو ته هو ڇا ڪندا رهيا آهن. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَتهُم ءايَةٌ لَيُؤمِنُنَّ بِها قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَما يُشعِرُكُم أَنَّها إِذا جاءَت لا يُؤمِنونَ (آيت : 109) |
۽ هي ماڻهو وڏا قسم کڻي چون ٿا ته ايمان آڻينداسين جيڪڏهن وٽن ڪا نشاني آئي ته ضرور ايمان آڻينداسين، اي نبي! چوين ته بيشڪ نشانيون ته الله وٽ آهن پر ڪيئن توهان کي سمجهائجي، جيڪڏهن اهي اچي به وڃن ته اهي ايمان آڻڻ وارا ناهن. |
وَنُقَلِّبُ أَفـِٔدَتَهُم وَأَبصٰرَهُم كَما لَم يُؤمِنوا بِهِ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَنَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 110) |
۽ پنهنجي دلين ۽ نگاهن کي ائين ڦيرائي رهيا آهيون جيئن انهن ايمان نه آندو هو ان تي پهريون ڀيرو به، اسان انهن کي ڀٽڪڻ لاءِ پنهنجي سرڪشيءَ ۾ ڇڏي ٿا ڏيون. |
وَلَو أَنَّنا نَزَّلنا إِلَيهِمُ المَلٰئِكَةَ وَكَلَّمَهُمُ المَوتىٰ وَحَشَرنا عَلَيهِم كُلَّ شَيءٍ قُبُلًا ما كانوا لِيُؤمِنوا إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم يَجهَلونَ (آيت : 111) |
۽ جيڪڏهن اسان انهن تي لاهيون ها ملائڪ ۽ ساڻن ڳالهائن ها مُردا ۽ گڏ ڪريون ها انهن جي آڏو هر شيءِ، تڏهن به اهي ايمان آڻڻ وارا ڪونه هئا، باقي جيڪڏهن گُهري ها الله ته اهي ايمان آڻين (ته اها ٻي ڳالهه آهي) پر گهڻا بي وقوفيءَ جون ڳالهيون ڪن ٿا. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا شَيٰطينَ الإِنسِ وَالجِنِّ يوحى بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ زُخرُفَ القَولِ غُرورًا وَلَو شاءَ رَبُّكَ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 112) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان بڻايو آهي هر نبي لاءِ ويري شيطان، انسانن ۽ جنن کي، جيڪي ڌُتاريندڙ ڳالهيون هڪ ٻئي کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ ڪندا رهيا آهن، ۽ جي تنهنجي رب جي منشا اها هجي ها (ته ائين نه ڪن) ته ڪڏهن به ائين نه ڪن ها، پوءِ ڇڏي ڏي انهن کي جيئن کپين ڪن. |
وَلِتَصغىٰ إِلَيهِ أَفـِٔدَةُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَلِيَرضَوهُ وَلِيَقتَرِفوا ما هُم مُقتَرِفونَ (آيت : 113) |
۽ اسان کين ان لاءِ ڪرڻ ڏيون ٿا ته جيڪي ماڻهو ايمان نٿا رکن آخرت تي، ۽ انهن جون دليون (انهيءَ ڌوڪي ۾ رهن) ۽ اهي برائيون ڪمائن جيڪي هو ڪمائڻ گهرن ٿا. |
أَفَغَيرَ اللَّهِ أَبتَغى حَكَمًا وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ إِلَيكُمُ الكِتٰبَ مُفَصَّلًا وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعلَمونَ أَنَّهُ مُنَزَّلٌ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 114) |
سندن حال اهو آهي ته پوءِ الله کي آئون ڪيئن ٿو ڇڏي ڪو ٻيو فيصلي وارو ڳوليان، جڏهن ته ان نازل ڪيو آهي توهان تي ڪتاب مڪمل تفصيل سان، ۽ جن ماڻهن کي ڏنو هو ڪتاب توکان اڳ، اهي ڄاڻن ٿا ته بيشڪ هي ڪتاب نازل ٿيو آهي تنهنجي ئي رب وٽان حق سان، تنهن ڪري تون شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿي. |
وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ صِدقًا وَعَدلًا لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 115) |
۽ تنهنجي رب جو سخن سچائي ۽ انصاف وارو آهي مڪمل. ڪوبه سندس ڪمن کي بدلائڻ وارو ناهي، اهو سڀڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو. |
وَإِن تُطِع أَكثَرَ مَن فِى الأَرضِ يُضِلّوكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 116) |
۽ (اي نبي!) جيڪڏهن تون اڪثريت جي چوڻ تي انهن زمين وارن جي هلندين ته اهي توکي الله جي راهه کان ٿيڙيندا، اهي رڳو اندازي تي هلن ٿا، سواءِ ڌڪا هڻڻ جي سندن ڪو ڪم ئي نه آهي. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ مَن يَضِلُّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 117) |
بيشڪ تنهنجو رب ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪير سندس واٽ تي هلندڙ ناهي ۽ ڪير سڌي واٽ تي هلڻ وارو آهي. |
فَكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كُنتُم بِـٔايٰتِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 118) |
پوءِ کائو (گوشت) جنهن جانور تي نالو ورتو ويو هجي الله جو، جيڪڏهن توهان الله جي آيتن تي ايمان رکڻ وارا مؤمن آهيو. |
وَما لَكُم أَلّا تَأكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَقَد فَصَّلَ لَكُم ما حَرَّمَ عَلَيكُم إِلّا مَا اضطُرِرتُم إِلَيهِ وَإِنَّ كَثيرًا لَيُضِلّونَ بِأَهوائِهِم بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِالمُعتَدينَ (آيت : 119) |
آخر ڇا ٿيو آهي جو اها شيءِ نه کائو جنهن تي الله جو نالو ورتو ويو هجي؟ جڏهن ته لاچاري حالت کان سواءِ جن شين کي توهان تي حرام ڪيو ويو آهي، انهن جو تفصيل توهان کي ٻڌايل آهي، ۽ گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جو پنهنجي خواهشن جي پيروي ڪندي گمراهه ڪندڙ ڳالهيون ڪن ٿا بنا ڪنهن علم جي، بيشڪ تنهنجو رب چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو حد کان لنگهي ويندڙن کي. |
وَذَروا ظٰهِرَ الإِثمِ وَباطِنَهُ إِنَّ الَّذينَ يَكسِبونَ الإِثمَ سَيُجزَونَ بِما كانوا يَقتَرِفونَ (آيت : 120) |
۽ توهان بچو پڌرن گناهن کان ۽ لڪل گناهن کان به، بيشڪ انهن ماڻهن کي پنهنجي گناهن جي ڪمائيءَ جو بدلو ضرور ملندو. |
وَلا تَأكُلوا مِمّا لَم يُذكَرِ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَإِنَّهُ لَفِسقٌ وَإِنَّ الشَّيٰطينَ لَيوحونَ إِلىٰ أَولِيائِهِم لِيُجٰدِلوكُم وَإِن أَطَعتُموهُم إِنَّكُم لَمُشرِكونَ (آيت : 121) |
۽ نه کائو اهو گوشت، جنهن جانور تي الله جو نالو وٺي ذبح نه ڪيو ويو هجي، ۽ ائين ڪرڻ بلڪل گمراهي آهي، ۽ بيشڪ شيطان پنهنجي دوستن جي دلين ۾ شڪ ۽ اعتراض ان لاءِ وجهندا آهن ته اهي توهان سان جهڳڙو ڪن، جيڪڏهن توهان به سندن پيروي ڪئي ته توهان به مشرڪ آهيو. |
أَوَمَن كانَ مَيتًا فَأَحيَينٰهُ وَجَعَلنا لَهُ نورًا يَمشى بِهِ فِى النّاسِ كَمَن مَثَلُهُ فِى الظُّلُمٰتِ لَيسَ بِخارِجٍ مِنها كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلكٰفِرينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 122) |
ڇا اهو ماڻهو جيڪو پهرين مئل هو، پوءِ اسان ان کي جيئرو ڪيو ۽ کيس اها روشني عطا ڪئي جنهن جي سوجهري سان هو ماڻهن ۾ زندگيءَ جي راهه طئي ڪري ٿو اهو ان ماڻهو جهڙو ٿي سگهي ٿو جيڪو اونداهين ۾ پيل هجي ۽ هو ڪنهن به طرح ان مان نڪري نه سگهي؟ اهڙيءَ طرح سهڻا بڻايا ويا آهن ڪافرن لاءِ سندن عمل. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا فى كُلِّ قَريَةٍ أَكٰبِرَ مُجرِميها لِيَمكُروا فيها وَما يَمكُرونَ إِلّا بِأَنفُسِهِم وَما يَشعُرونَ (آيت : 123) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان لڳائي ڇڏيو آهي هر ڪنهن وستيءَ ۾ اتان جي وڏن ڏوهارين کي، ته اهي پنهنجي مڪر ۽ فريب جا ڄار وڇائين، ۽ حقيقت ۾ اهي پنهنجي فريب وارين ڄارين ۾ پاڻ ڦاسن ٿا پر کين ان جو احساس ناهي. |
وَإِذا جاءَتهُم ءايَةٌ قالوا لَن نُؤمِنَ حَتّىٰ نُؤتىٰ مِثلَ ما أوتِىَ رُسُلُ اللَّهِ اللَّهُ أَعلَمُ حَيثُ يَجعَلُ رِسالَتَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ أَجرَموا صَغارٌ عِندَ اللَّهِ وَعَذابٌ شَديدٌ بِما كانوا يَمكُرونَ (آيت : 124) |
۽ جڏهن انهن جي آڏو ڪا آيت اچي ٿي ته چون ٿا اسين نه مڃينداسين جيستائين اسان کي اها شيءِ خود نه ٿي ملي جيڪا ڏني وئي آهي الله جي رسولن کي، الله وڌيڪ بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪنهن کان وٺي پنهنجي پيغمبريءَ جو ڪم ۽ ڪيئن وٺي، سگهوئي اهي ماڻهو جيڪي ڏوهاري آهن پنهنجي مڪارين جي بدلي الله وٽ خواري ۽ عذاب سخت ۾ ورتل هوندا پنهنجي مڪارين جي عيوض. |
فَمَن يُرِدِ اللَّهُ أَن يَهدِيَهُ يَشرَح صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ وَمَن يُرِد أَن يُضِلَّهُ يَجعَل صَدرَهُ ضَيِّقًا حَرَجًا كَأَنَّما يَصَّعَّدُ فِى السَّماءِ كَذٰلِكَ يَجعَلُ اللَّهُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 125) |
پوءِ (حقيقت ۾) الله جنهن کي هدايت ڪرڻ جو ارادو ڪري ٿو ته سندس سينو کولي ڇڏي ٿو اسلام جي لاءِ، ۽ جنهن کي گمراهيءَ ۾ رکڻ جو ارادو ڪري ٿو ته ان جي سيني کي سوڙهو ڪري ٿو ۽ اهڙو ته ڀچائي ڇڏي ٿو جو (اسلام جو تصور ڪندي) سمجهي ٿو ته سندس روح آسمان ڏي اڏامي پيو، اهڙيءَ طرح الله (حق کان فرار جي) پليتي ٿڦي ٿو انهن ماڻهن تي جيڪي ايمان نٿا آڻين. |
وَهٰذا صِرٰطُ رَبِّكَ مُستَقيمًا قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
۽ جيتوڻيڪ اها واٽ تنهنجي رب جي سڌي واٽ آهي، ۽ ان جون کولي نشانيون ماڻهن لاءِ ظاهر ڪيون جيڪي نصيحت قبول ڪن ٿا. |
لَهُم دارُ السَّلٰمِ عِندَ رَبِّهِم وَهُوَ وَلِيُّهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 127) |
انهن لاءِ سلامتيءَ جو گهر آهي سندن رب وٽ ۽ اهو ئي سندن سرپرست آهي صحيح روش جي ڪري جيڪا انهن اختيار ڪئي. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا يٰمَعشَرَ الجِنِّ قَدِ استَكثَرتُم مِنَ الإِنسِ وَقالَ أَولِياؤُهُم مِنَ الإِنسِ رَبَّنَا استَمتَعَ بَعضُنا بِبَعضٍ وَبَلَغنا أَجَلَنَا الَّذى أَجَّلتَ لَنا قالَ النّارُ مَثوىٰكُم خٰلِدينَ فيها إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 128) |
۽ جنهن ڏينهن الله انهن کي ميڙي گڏ ڪندو، انهيءَ ڏينهن جنن کي مخاطب ٿي فرمائيندو، اي جنن جا ٽولا! توهان خوب هٿ رڱيا انسانن مان، ۽ انهن جا ساٿي عرض ڪندا انسانن مان، اسان جا رب! اسان خوب استعمال ڪيو آهي هڪ ٻئي کي ۽ هاڻي اسين ان وقت کي پهتا آهيون جيڪو تو اسان لاءِ مقرر ڪيو هو. الله فرمائيندو، چڱو هاڻي توهان جو ٺڪاڻو آهي باهه، جنهن ۾ هميشه رهندؤ، ان کان بچندا اهي جن کي الله بچائڻ گهرندو، بيشڪ تنهنجو رب داناءُ ڄاڻندڙ آهي. |
وَكَذٰلِكَ نُوَلّى بَعضَ الظّٰلِمينَ بَعضًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 129) |
۽ ڏس! اهڙيءَ طرح اسان (آخرت ۾) هڪ ٻئي جو ساٿي بڻائينداسين ظالمن کي، انهيءَ ڪمائيءَ جي ڪري، جيڪا دنيا ۾ هو ملي ڪندا هئا. |
يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا شَهِدنا عَلىٰ أَنفُسِنا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 130) |
(ان موقعي تي الله کانئن پڇندو) اي جنن ۽ انسانن جا ٽولا! ڇا توهان وٽ توهان مان اهي رسول ڪونه آيا، جيڪي توهان کي منهنجون آيتون ٻڌائيندا ۽ هن ڏينهن حشر واري کان ڊيڄاريندا نه هئا؟ هو چوندا، هائو! اسان شاهدي ٿا ڏيون پنهنجي خلاف، ۽ ڌوڪي ۾ رکيو دنيا جي زندگيءَ انهن ماڻهن کي، ۽ اهي پنهنجو پاڻ تي شاهدي ڏيندا پنهنجي خلاف، ته بيشڪ اهي ڪافرن منجهان هئا. |
ذٰلِكَ أَن لَم يَكُن رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها غٰفِلونَ (آيت : 131) |
اها شاهدي کانئن ان لاءِ ورتي ويندي ته ثابت ٿي وڃي ته تنهنجو رب وستين کي ظلم سان تباهه ڪندڙ نه هو، جو اتان جا رهاڪو حقيقت کان اڻڄاڻ هجن. |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 132) |
هر ماڻهوءَ جو درجو سندس عمل جي لحاظ سان آهي، ۽ تنهنجو رب غافل نه آهي ماڻهن جي عملن کان. |
وَرَبُّكَ الغَنِىُّ ذُو الرَّحمَةِ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَستَخلِف مِن بَعدِكُم ما يَشاءُ كَما أَنشَأَكُم مِن ذُرِّيَّةِ قَومٍ ءاخَرينَ (آيت : 133) |
۽ تنهنجو رب بي نياز آهي رحمت ڪندڙ آهي، هو جيڪڏهن چاهي ته توهان ماڻهن کي کڻي وٺي ۽ توهان جي جاءِ تي وڻيس ته ٻين کي آڻي، جهڙيءَ طرح توهان کي ڪن ٻين ماڻهن جي نسل مان پيدا ڪيو اٿائين. |
إِنَّ ما توعَدونَ لَءاتٍ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 134) |
بيشڪ توهان سان جنهن شيءِ جو وعدو ڪيو پيو وڃي، اها ته ضرور اچڻي آهي ۽ توهان خدا کي مجبور ڪري نٿا سگهو. |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عامِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 135) |
چوين (اي نبي!) ته اي قوم! توهان عمل ڪندا رهو پنهنجي جاءِ تي، ۽ بيشڪ آئون پنهنجي جاءِ تي عمل ڪريان پيو، جلد ئي توهان کي معلوم ٿيندو ته ڪنهن جي چڱي ٿي ٿئي پڄاڻي (پڇاڙي)، اها حقيقت آهي ته ڪاميابي نه ملندي ظالمن کي. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ مِمّا ذَرَأَ مِنَ الحَرثِ وَالأَنعٰمِ نَصيبًا فَقالوا هٰذا لِلَّهِ بِزَعمِهِم وَهٰذا لِشُرَكائِنا فَما كانَ لِشُرَكائِهِم فَلا يَصِلُ إِلَى اللَّهِ وَما كانَ لِلَّهِ فَهُوَ يَصِلُ إِلىٰ شُرَكائِهِم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 136) |
۽ هنن ماڻهن الله جي لاءِ سندس ئي پيدا ڪيل پوکن ۽ ڍورن مان هڪ حصو مقرر ڪيو آهي ۽ گمان ڪندي چون ٿا، ته هي الله جي لاءِ آهي ۽ هي اسان جي ٺاهيل شريڪن جي لاءِ، پوءِ جيڪو حصو سندن ٺاهيل شريڪن جي لاءِ آهي اهو ته نٿو پهچي الله کي، پر جيڪو الله جي لاءِ آهي اهو پهچي وڃي ٿو سندن شريڪن کي، ڪهڙا نه برا فيصلا ڪن ٿا اهي ماڻهو. |
وَكَذٰلِكَ زَيَّنَ لِكَثيرٍ مِنَ المُشرِكينَ قَتلَ أَولٰدِهِم شُرَكاؤُهُم لِيُردوهُم وَلِيَلبِسوا عَلَيهِم دينَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 137) |
۽ اهڙيءَ طرح سهڻو بڻايو آهي ڪيترن ئي مشرڪن قتل ڪرڻ پنهنجي اولاد کي سندن شريڪن لاءِ، جيئن کين تباهي ۾ وجهن ۽ شڪي بڻائن انهن تي سندن دين کي، ۽ جيڪڏهن گُهري ها الله ته هو ائين نه ڪن ها، پوءِ ڇڏي ڏين ته پنهنجي ٺاهيل ڳالهين ۾ لڳا رهن. |
وَقالوا هٰذِهِ أَنعٰمٌ وَحَرثٌ حِجرٌ لا يَطعَمُها إِلّا مَن نَشاءُ بِزَعمِهِم وَأَنعٰمٌ حُرِّمَت ظُهورُها وَأَنعٰمٌ لا يَذكُرونَ اسمَ اللَّهِ عَلَيهَا افتِراءً عَلَيهِ سَيَجزيهِم بِما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 138) |
۽ چون ٿا ته هي جانور ۽ هي پوکون محفوظ (منع ٿيل) آهن، نٿو کائي سگهي ڪوبه ماڻهو پر جن کي اسين کارائڻ چاهيون، اها پابندي سندن ٺاهيل آهي، وري ڪي جانور آهن جن تي سواري ۽ بار ڍوئڻ حرام ڪيل آهي. ڪي جانور آهن جن تي نالو نٿا وٺن الله جو، ۽ اهو سڀڪجهه انهن الله تي مڙهيو آهي، جلد ئي الله کين سندن ٺاهيل ڪوڙن جو بدلو ڏيندو. |
وَقالوا ما فى بُطونِ هٰذِهِ الأَنعٰمِ خالِصَةٌ لِذُكورِنا وَمُحَرَّمٌ عَلىٰ أَزوٰجِنا وَإِن يَكُن مَيتَةً فَهُم فيهِ شُرَكاءُ سَيَجزيهِم وَصفَهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 139) |
۽ چون ٿا ته جيڪي انهن جانورن جي پيٽ ۾ آهي، اهو خاص اسان مردن جي لاءِ آهي ۽ حرام آهي اسان جي عورتن تي، پر جيڪڏهن اهو مئل هجي ته پوءِ ٻئي ان جي کائڻ ۾ شريڪ آهن، اهي ڳالهيون جيڪي انهن ٺاهيون آهن، انهن جو بدلو الله کين ڏيندو، يقينًا هو حڪيم ۽ خبردار آهي. |
قَد خَسِرَ الَّذينَ قَتَلوا أَولٰدَهُم سَفَهًا بِغَيرِ عِلمٍ وَحَرَّموا ما رَزَقَهُمُ اللَّهُ افتِراءً عَلَى اللَّهِ قَد ضَلّوا وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 140) |
بيشڪ خساري ۾ پيا اهي ماڻهو جن قتل ڪيو پنهنجي اولاد کي بي عقلي ۽ اڻڄاڻائيءَ جي ڪري، ۽ حرام ڪيائون انهيءَ الله جي ڏنل رزق کي ڪوڙ ٺاهي الله تي، يقينًا هو غلط رستي تي هليا ويا ۽ اهي سڌي راهه لهڻ وارا نه هئا. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ جَنّٰتٍ مَعروشٰتٍ وَغَيرَ مَعروشٰتٍ وَالنَّخلَ وَالزَّرعَ مُختَلِفًا أُكُلُهُ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُتَشٰبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ كُلوا مِن ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَءاتوا حَقَّهُ يَومَ حَصادِهِ وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 141) |
۽ اهو الله ئي آهي جنهن طرح طرح جا باغ، مَنَهن تي چاڙهيل (وليون) ۽ اڻ چاڙهيل (وليون) پيدا ڪيا ۽ نخلستان ۽ پوکون نسرايون، جن مان قسمين قسمين کاڌي جون جنسون ملن ٿيون، زيتون ۽ ڏاڙهون جا وڻ اُپايا، جن جا ميوا ڏسڻ ۾ هڪ جهڙا ۽ سواد ۾ جدا جدا آهن، کائو انهن جي پئداوار جڏهن اهي ڦرجن ۽ حق ادا ڪريو الله جو جڏهن فصل لڻو ٿا، ۽ حد نه اورانگهيو، ڇاڪاڻ ته الله پسند نٿو ڪري حدون لنگهندڙن کي. |
وَمِنَ الأَنعٰمِ حَمولَةً وَفَرشًا كُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 142) |
پوءِ اهو ئي آهي جنهن چوپايا جانور پئدا ڪيا (سواري، بار ڍوئڻ ۽ ڪي کائڻ ۽ وڇائڻ لاءِ ڪم اچن) کائو انهن مان جيڪي الله عطا ڪيو آهي ۽ نه پيروي ڪريو شيطان جي، ڇو ته اهو توهان جو پڌرو دشمن آهي. |
ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ مِنَ الضَّأنِ اثنَينِ وَمِنَ المَعزِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ نَبِّـٔونى بِعِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 143) |
هي اَٺ نر ۽ ماديون آهن، جن مان ٻه ريڍي قسم مان ۽ ٻه ٻاڪري قسم مان، اي نبي! انهن کان پڇ ته الله انهن جا نر حرام ڪيا آهن يا ماديون، يا اهي ڦر جيڪي رڍن ۽ ٻڪرين جي پيٽ ۾ آهن؟ صحيح ڄاڻ سان مون کي ٻڌايو جيڪڏهن توهان سچا آهيو. |
وَمِنَ الإِبِلِ اثنَينِ وَمِنَ البَقَرِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ وَصّىٰكُمُ اللَّهُ بِهٰذا فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا لِيُضِلَّ النّاسَ بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 144) |
۽ اهڙيءَ طرح ٻه اوٺي قسم مان آهن ۽ ٻه ڳائي قسم مان، پڇين ته الله انهن جا نر حرام ڪيا آهن يا ماديون، يا اهي ڦر جيڪي انهن (ڏاچي ۽ ڳئون) جي پيٽ ۾ آهن؟ ڇا توهان ان وقت حاضر هئا جڏهن حرام هجڻ جو حڪم ڏنو هو الله توهان کي؟ پوءِ ان ماڻهو کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو جيڪو منسوب ڪري الله ڏانهن ڪوڙي ڳالهه، غلط رهنمائي ڪري ماڻهن جي بنا ڪنهن ڄاڻ جي، بيشڪ الله اهڙن ماڻهن جي رهنمائي نه ڪندو آهي جيڪي ظالم آهن. |
قُل لا أَجِدُ فى ما أوحِىَ إِلَىَّ مُحَرَّمًا عَلىٰ طاعِمٍ يَطعَمُهُ إِلّا أَن يَكونَ مَيتَةً أَو دَمًا مَسفوحًا أَو لَحمَ خِنزيرٍ فَإِنَّهُ رِجسٌ أَو فِسقًا أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ رَبَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 145) |
(اي نبي!) انهن کي چؤ ته جيڪو آيو آهي مون وٽ وحي، ان ۾ ته ڪا شيءِ مون کي نٿي ملي جيڪا کائڻ ۾ حرام هجي، سواءِ ان جي ته اها مردار هجي يا وهايل رت هجي، يا اهو سوئر جو گوشت هجي جيڪو بلڪل پليت آهي يا اهو ڪنهن غير الله جي نالي تي نافرماني ڪري ذبح ڪيل هجي، پوءِ جيڪو مجبوري ڪري انهيءَ مان ڪجهه کائي، نافرماني جي ارادي سان نه، ته بيشڪ تنهنجو رب معاف ڪندڙ ۽ ٻاجهارو آهي. |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا كُلَّ ذى ظُفُرٍ وَمِنَ البَقَرِ وَالغَنَمِ حَرَّمنا عَلَيهِم شُحومَهُما إِلّا ما حَمَلَت ظُهورُهُما أَوِ الحَوايا أَو مَا اختَلَطَ بِعَظمٍ ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِبَغيِهِم وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 146) |
۽ جن ماڻهن يهوديت اختيار ڪئي انهن تي حرام ڪيا هئا اسان اهي سڀ ننهن وارا جانور، ۽ ڳئون جي ۽ ٻڪري جي چرٻي به، سواءِ ان جي جيڪا سندن پٺي يا آنڊن تي لڳل هجي يا هڏيءَ سان چنبڙيل هجي، اها اسان کين سندن سرڪشيءَ جي ڪري سزا ڏني هئي، هي جيڪي ڪجهه اسان چئون ٿا صحيح ٿا چئون. |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقُل رَبُّكُم ذو رَحمَةٍ وٰسِعَةٍ وَلا يُرَدُّ بَأسُهُ عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 147) |
پوءِ جي هو توکي ڪوڙو چون ته چوين ته تنهنجي رب جو دامن رحمت وارو ۽ تمام ڪشادو آهي، ۽ ٽاري نٿو سگهجي سندس عذاب کي ڏوهارين تان. |
سَيَقولُ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكنا وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم حَتّىٰ ذاقوا بَأسَنا قُل هَل عِندَكُم مِن عِلمٍ فَتُخرِجوهُ لَنا إِن تَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن أَنتُم إِلّا تَخرُصونَ (آيت : 148) |
ضرور چوندا اهي ماڻهو جيڪي مشرڪ آهن(تنهنجي انهن ڳالهين جي جواب ۾ ته) جيڪڏهن الله گُهري ها ته اسين شرڪ نه ڪريون ها ۽ نه اسان جا ابا ڏاڏا شرڪ ڪن ها، ۽ نه حرام ڪريون ها اسان ڪا شيءِ انهن تي، اهڙيءَ طرح اڳين ماڻهن ڳالهيون ٺاهي حق کي ڪوڙو چيو، تان جو مزو چکيائون اسان جي عذاب جو، انهن کي چؤ (اي نبي!) ڇا توهان وٽ ڪوبه علم آهي جيڪو پيش ڪري سگهو اسان جي آڏو؟ توهان ته رڳو هلو پيا اندازن تي، ۽ توهان ته رڳو ڌڪا پيا هڻندا وتو. |
قُل فَلِلَّهِ الحُجَّةُ البٰلِغَةُ فَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 149) |
چوين ته توهان جي حجت جي مقابلي ۾ الله جي حجت توهان کي حقيقت تي پهچائيندي، بيشڪ الله گُهري ها ته توهان کي هدايت ڏئي ها سڀني کي. |
قُل هَلُمَّ شُهَداءَكُمُ الَّذينَ يَشهَدونَ أَنَّ اللَّهَ حَرَّمَ هٰذا فَإِن شَهِدوا فَلا تَشهَد مَعَهُم وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَهُم بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 150) |
انهن کي چؤ ته آڻيو پنهنجا اهي شاهد، جيڪي ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ته بيشڪ الله ئي حرام ڪيو آهي انهن شين کي، پوءِ جيڪڏهن اهي شاهدي ڏين، پوءِ تون شاهد نه ٿجان انهن سان گڏ، ۽ ڪڏهن به انهن ماڻهن جي پويان نه هلجان، جن ماڻهن ڪوڙو ڪيو آهي اسان جي آيتن کي ۽ اهي ماڻهو ايمان نٿا آڻين آخرت تي، ۽ اهي پنهنجي رب سان ٻين کي برابر (شريڪ) ڪن ٿا. |
قُل تَعالَوا أَتلُ ما حَرَّمَ رَبُّكُم عَلَيكُم أَلّا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم مِن إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُكُم وَإِيّاهُم وَلا تَقرَبُوا الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 151) |
(اي نبي!) انهن کي چؤ، اچو ته آئون توهان کي ٻڌايان ته ڪهڙيون پابنديون توهان جي رب توهان تي وڌيون آهن، هي ته توهين ساڻس ڪنهن کي شريڪ نه ڪريو، ۽ ماءُ پيءُ (والدين) سان سٺو هلو، ۽ قتل نه ڪريو پنهنجي اولاد کي سڃائيءَ جي خوف کان، اسين ته رزق توهان کي ڏيون ٿا ۽ انهن کي به ڏينداسين، ۽ ويجهو نه وڃو بي حيائيءَ جي ڳالهين کي، ڀلي اهي ظاهر هجن يا اهي لڪل هجن، ۽ قتل نه ڪريوجان کي جنهن کي حرام ڪيو آهي الله، پر حق سان، اهي ئي ڳالهيون آهن جن جي توهان کي هدايت ڪيل آهي ته من سمجهه کان ڪم وٺو. |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ بِالقِسطِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَإِذا قُلتُم فَاعدِلوا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَبِعَهدِ اللَّهِ أَوفوا ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 152) |
۽ ويجها نه وڃو يتيم جي مال کي، سواءِ اهڙي طريقي سان جيڪو سهڻو هجي. ايستائين جو اهو بلوغت کي پهچي وڃي، ۽ پورو پورو انصاف ڪريو ماپ ۽ تور ۾، ڪنهن به ماڻهو تي ذميواري جو ايترو بار رکون ٿا جيڪو هو کڻي سگهي، ۽ جڏهن به ڳالهه ڪريو ته انصاف جي ڪريو، پوءِ ڀلي معاملو ويجهي عزيز جو ڇو نه هجي، ۽ ڪيل وعدا الله سان پورا ڪريو، انهن ئي ڳالهين جي هدايت ڪئي وئي آهي ته من نصيحت قبول ڪريو. |
وَأَنَّ هٰذا صِرٰطى مُستَقيمًا فَاتَّبِعوهُ وَلا تَتَّبِعُوا السُّبُلَ فَتَفَرَّقَ بِكُم عَن سَبيلِهِ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 153) |
وڌيڪ اها به هدايت آهي ته اهو ئي منهنجو سڌو رستو آهي توهان انهيءَ تي هلو، ۽ نه هلو ٻين راهن تي، جو اهي توهان کي ٿيڙي ڇڏينديون ان جي راهه کان، هيءَ ئي اها هدايت آهي، جيڪا توهان جي رب توهان کي ڪئي آهي ته بچو غلط راهه کان. |
ثُمَّ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ تَمامًا عَلَى الَّذى أَحسَنَ وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم بِلِقاءِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 154) |
پوءِ اسان ڏنو هو موسيٰ کي ڪتاب جيڪو سهڻي راهه اختيار ڪندڙن لاءِ هو اسان جي نعمت جي تڪميل به، ۽ هر تفصيل هو ان ۾ هر شيءِ جو ۽ سراسر هدايت ۽ رحمت هو بني اسرائيل لاءِ، ته من اهي پنهنجي رب جي ملاقات تي ايمان آڻين. |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ فَاتَّبِعوهُ وَاتَّقوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 155) |
ساڳيءَ طرح هي ڪتاب اسان نازل ڪيو آهي برڪت وارو، سو توهان به ان جي پيروي ڪريو۽ تقويٰ جي راهه اختيار ڪريو، من توهان تي رحم ڪيو وڃي. |
أَن تَقولوا إِنَّما أُنزِلَ الكِتٰبُ عَلىٰ طائِفَتَينِ مِن قَبلِنا وَإِن كُنّا عَن دِراسَتِهِم لَغٰفِلينَ (آيت : 156) |
هاڻي توهان ائين چئي نٿا سگهو ته ڪتاب اسان کان اڳين ٻن ٽولن کي ڏنو ويو هو، ۽ اسان کي ڪا خبر ڪانه هئي ته هو ڇا پڙهندا پڙهائيندا هئا. |
أَو تَقولوا لَو أَنّا أُنزِلَ عَلَينَا الكِتٰبُ لَكُنّا أَهدىٰ مِنهُم فَقَد جاءَكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَّبَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَصَدَفَ عَنها سَنَجزِى الَّذينَ يَصدِفونَ عَن ءايٰتِنا سوءَ العَذابِ بِما كانوا يَصدِفونَ (آيت : 157) |
۽ هاڻي توهان بهانو به ڪري نٿا سگهو ته جيڪڏهن نازل ڪيو وڃي ها اسان تي ڪتاب، ته اسان وڌيڪ سڌي راهه وارا ثابت ٿيون ها، جڏهن ته توهان وٽ اچي وئي آهي روشن دليلن سان توهان جي رب وٽان هدايت ۽ رحمت، پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو جيڪو ڪوڙو چوي آيتن کي الله جي ۽ انهن کان منهن موڙي، جيڪي ماڻهو منهن موڙين ٿا اسان جي چِٽين نشانين کان، انهن کي تمام بري سزا ڏينداسين ان ڪنڌ ڦيرائڻ جي ڪري. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ رَبُّكَ أَو يَأتِىَ بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ يَومَ يَأتى بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ لا يَنفَعُ نَفسًا إيمٰنُها لَم تَكُن ءامَنَت مِن قَبلُ أَو كَسَبَت فى إيمٰنِها خَيرًا قُلِ انتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 158) |
ڇا هاڻي ماڻهو ان جا منتظر آهن ته سندن سامهون ملائڪ اچي بيهن يا تنهنجو رب پاڻ اچي، يا چِٽيون نشانيون ظاهر ٿين تنهنجي رب جون؟ جنهن ڏينهن ظاهر ٿينديون ڪي خاص نشانيون تنهنجي رب جون، ته ڪوبه فائدو اهڙي ماڻهو کي سندس ايمان جو نه ملندو، جنهن پهرين ايمان نه آندو هجي يا ڪنهن ڪا ڪمائي پنهنجي ايمان ۾ چڱي نه ڪمائي هجي، (اي نبي!) انهن کي چؤ انتظار ڪريو اسين به انتظار ڪريون ٿا. |
إِنَّ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا لَستَ مِنهُم فى شَيءٍ إِنَّما أَمرُهُم إِلَى اللَّهِ ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 159) |
جن ماڻهن ٽڪرا ٽڪرا ڪيو پنهنجي دين کي ۽ ٽولا ٽولا ٿي ويا، تنهنجو ڪوبه واسطو ناهي انهن سان ڪنهن به طرح جو، سندن معاملو بيشڪ حوالي آهي الله جي ئي، پوءِ اهو ئي کين ٻڌائيندو ته انهن ڇا ڇا پئي ڪيو آهي؟ |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ عَشرُ أَمثالِها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 160) |
جيڪو الله جي حضور ۾ نيڪي کڻي ايندو، پوءِ انهن لاءِ ڏهوڻو اجر آهي ۽ جيڪو پاڻ سان برائي کڻي ايندو جيتري به، ان جي لاءِ بدلو اهو ڏنو ويندو جيترو هن جو قصور هوندو، ۽ ڪنهن تي ظلم نه ڪيو ويندو. |
قُل إِنَّنى هَدىٰنى رَبّى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ دينًا قِيَمًا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 161) |
(اي نبي!) چوين ته بلاشڪ مون کي ڏيکاريو آهي منهنجي رب سڌو رستو، بلڪل صحيح دين جنهن ۾ ڪوبه ڏيک نه آهي، ابراهيم جو (سڌو) طريقو، جنهن کي هن هڪ مَنو ٿي اختيار ڪيو هو ۽ اهو مشرڪن مان نه هو. |
قُل إِنَّ صَلاتى وَنُسُكى وَمَحياىَ وَمَماتى لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 162) |
چوين ته بيشڪ منهنجي نماز، منهنجون سڀ ٻانهپ جون ريتون رسمون، جيئڻ ۽ منهنجو مرڻ سڀ الله رب العالمين جي لاءِ آهي. |
لا شَريكَ لَهُ وَبِذٰلِكَ أُمِرتُ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُسلِمينَ (آيت : 163) |
جنهن جو ڪوبه شريڪ نه آهي، ۽ ان ڳالهه جو ئي مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ کان پهرين آئون ئي سِر نوائڻ وارو آهيان. |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَبغى رَبًّا وَهُوَ رَبُّ كُلِّ شَيءٍ وَلا تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ إِلّا عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 164) |
چوينِ ته ڇا آئون الله کان سواءِ ڳوليان ڪو ٻيو رب، ۽ جڏهن ته اهو ئي هر شيءِ جو رب آهي، هر شخص جيڪي ڪمائي ٿو ان جو ذميوار اهو پاڻ آهي، ۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نٿو کڻي، پوءِ توهان سڀني کي پنهنجي رب ڏي ئي موٽڻو آهي، ان وقت توهان سڀني تي توهان جي اختلافن کي ظاهر ڪندو. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ الأَرضِ وَرَفَعَ بَعضَكُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم إِنَّ رَبَّكَ سَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 165) |
۽ اهو ئي آهي جنهن توهان کي خليفو بڻايو زمين جو ۽ بلند ڪيا توهان مان درجا ڪن جا ٻين جي مقابلي ۾، جيئن جيڪي ڪجهه توهان کي ڏنو اٿس، ان ۾ آزمائش ڪري. بيشڪ توهان جو رب سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو تيز آهي، ۽ بيشڪ اهو وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |