سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
جي شيءِ آسمانن ۾ آهي ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي (سڀ) خدا جي تسبيح ڪري ٿي ۽ اهو ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
هُوَ الَّذى أَخرَجَ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن دِيٰرِهِم لِأَوَّلِ الحَشرِ ما ظَنَنتُم أَن يَخرُجوا وَظَنّوا أَنَّهُم مانِعَتُهُم حُصونُهُم مِنَ اللَّهِ فَأَتىٰهُمُ اللَّهُ مِن حَيثُ لَم يَحتَسِبوا وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ يُخرِبونَ بُيوتَهُم بِأَيديهِم وَأَيدِى المُؤمِنينَ فَاعتَبِروا يٰأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 2) |
هو اهو آهي جنهن اهل ڪتاب ڪافرن (بني نضير) کي پهرئين حشر (جلا وطن) ۾ کين گهرن کان ڪڍي ٻاهر ڪيو. (مسلمانو!) اوهان کي ته اهو وهم به نه هو ته اهي ڪي نڪرندا. ۽ اهي (ڪافر) هي خيال ڪندا هئا ته سندن قلعا کين خدا (جي عذاب) کان بچائيندا. پوءِ خدا (جو عذاب) مٿن اتان پهتو جتان کين گمان به نه هو ۽ سندن دلين ۾ (مسلمانن جي اهڙي ته) دهشت وڌائين جو پنهنجن هٿن سان ۽ ايمان وارن جي هٿن سان پنهنجا گهر اجاڙڻ لڳا. تنهن ڪري اي اکين وارو! اوهين عبرت حاصل ڪريو. |
وَلَولا أَن كَتَبَ اللَّهُ عَلَيهِمُ الجَلاءَ لَعَذَّبَهُم فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابُ النّارِ (آيت : 3) |
۽ جيڪڏهن مٿن ديس نيڪالي نه لکيل هجي ها ته دنيا ۾ انهن کي (ٻيءَ طرح) سزا ملي ها ۽ آخرت ۾ ته انهن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ئي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِّ اللَّهَ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 4) |
اهو (عذاب) هن ڪري جو انهن خدا ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو خدا جي مخالفت ڪندو ته (ياد رکو!) بيشڪ الله تمام سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي. |
ما قَطَعتُم مِن لينَةٍ أَو تَرَكتُموها قائِمَةً عَلىٰ أُصولِها فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيُخزِىَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
(مومنو) اوهان جيڪو کجيءَ جو وڻ وڍيو يا ان کي پنهنجن پاڙن تي (ائين ئي) رهڻ ڏيو سو خدا جي حڪم سان (ئي) آهي ۽ مطلب هي هو ته اهو نافرمانن کي خوار ڪري. |
وَما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِنهُم فَما أَوجَفتُم عَلَيهِ مِن خَيلٍ وَلا رِكابٍ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُسَلِّطُ رُسُلَهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6) |
(ته پوءِ) جيڪو مال خدا پنهنجي رسول کي انهن ماڻهن سان سواءِ وڙهڻ جي ڏياريو (تنهن مال ۾ اوهان جو حق نه آهي ڇو ته) اوهان ان لاءِ ته ڪا ڪوشش نه ڪئي هئي (۽) نه اوهان گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اٺ. پر خدا پنهنجن پيغمبرن کي جنهن تي وڻيس تنهن تي عالب ڪري ٿو. ۽ خدا هر شيءِ تي قادر آهي. |
ما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِن أَهلِ القُرىٰ فَلِلَّهِ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ كَى لا يَكونَ دولَةً بَينَ الأَغنِياءِ مِنكُم وَما ءاتىٰكُمُ الرَّسولُ فَخُذوهُ وَما نَهىٰكُم عَنهُ فَانتَهوا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 7) |
ته جو مال خدا پنهنجي رسول کي ڳوٺن وارن مان (جنگ کان سواءِ) ڏياريو سو خاص خدا ۽ رسول ۽ (رسول جي) قرابت وارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافن لاءِ آهي، ته اهو گمهي ڦري اوهان جي مالدارن ۾ نه رهي. ۽ (اي مسلمانو) جو ڪجھ اوهان کي رسول ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته ان کان رڪجي وڃو. ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. بيشڪ خدا سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي. |
لِلفُقَراءِ المُهٰجِرينَ الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأَموٰلِهِم يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا وَيَنصُرونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 8) |
(ان مال مان) انهن غريب مهاجرن جو (حصو) به آهي جيڪي پنهنجن گهرن ۽ پنهنجن مالن مان (زبردستي) لڏايا ويا آهن (۽) اهي خدا جو فضل ۽ رضا مندي چاهين ٿا ۽ خدا ۽ سندس رسول جي مدد ڪن ٿا. اهي ئي سچا (ايمان دار) آهن. |
وَالَّذينَ تَبَوَّءُو الدّارَ وَالإيمٰنَ مِن قَبلِهِم يُحِبّونَ مَن هاجَرَ إِلَيهِم وَلا يَجِدونَ فى صُدورِهِم حاجَةً مِمّا أوتوا وَيُؤثِرونَ عَلىٰ أَنفُسِهِم وَلَو كانَ بِهِم خَصاصَةٌ وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 9) |
پڻ (انهن جو به حصو آهي) جي مهاجرن کان اڳ ۾ ئي (هجرت جي) جاءِ (مديني) ۾ رهيل آهن ۽ ايمان ۾ (پختا) رهيا ۽ جي ماڻهو هجرت ڪري وٽن آيا تن سان محبت ڪن ٿا ۽ جيڪي انهن (پرديسين) کي مليو تنهن جي ڪري پنهنجي دلين ۾ غرض نه ٿا ڏسن ۽ (سڀ ڪنهن ڳالھ ۾) پنهنجي جان کان به انهن کي اڳي رکن ٿا توڙي کين تنگدستي هجي. ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي بخل کان بچايا ويا سي ئي ڪامياب آهن. |
وَالَّذينَ جاءو مِن بَعدِهِم يَقولونَ رَبَّنَا اغفِر لَنا وَلِإِخوٰنِنَا الَّذينَ سَبَقونا بِالإيمٰنِ وَلا تَجعَل فى قُلوبِنا غِلًّا لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا إِنَّكَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 10) |
۽ (انهن لاءِ به حصو آهي) جي انهن (مهاجرن) کان پوءِ آيا (۽) دعا ڪن ٿا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ۽ اسان جي ڀائرن کي بخش جيڪي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳي ٿيا آهن. ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن جي باري ۾ کوٽ نه وجھ. اي اسان جا پروردگار بيشڪ تون بيحد شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نافَقوا يَقولونَ لِإِخوٰنِهِمُ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَئِن أُخرِجتُم لَنَخرُجَنَّ مَعَكُم وَلا نُطيعُ فيكُم أَحَدًا أَبَدًا وَإِن قوتِلتُم لَنَنصُرَنَّكُم وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 11) |
ڇا تون انهن منافقن جي حالت تي نظر نه ڪئي جيڪي پنهنجي ڪافر ڀائرن اهل ڪتاب کي چون ٿا ته جيڪڏهن اوهين (گهرن مان) لڏايا ويا ته پڪ ڄاڻو ته اسين به اوهان سان گڏ نڪري پونداسون ۽ اوهان جي باري ۾ ڪڏهين به ڪنهن جي تابعداري نه ڪنداسون. پر جيڪڏهن اوهان سان جنگ ٿي ته ضرور اوهان جي مدد ڪنداسون پر خدا شاهدي ڏئي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن. |
لَئِن أُخرِجوا لا يَخرُجونَ مَعَهُم وَلَئِن قوتِلوا لا يَنصُرونَهُم وَلَئِن نَصَروهُم لَيُوَلُّنَّ الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 12) |
جيڪڏهن اهي (ڪافر) ڪڍايا به ويا ته اهي (منافق) انهن سان گڏ نه نڪرندا ۽ جي انهن سان جنگ ٿي ته مدد به نه ڪندا. پر جيڪڏهن انهن جي مدد ڪندا به ته پٺ ڦيري ڀڄندا. وري کين ڪٿان به مدد نه ملندي. |
لَأَنتُم أَشَدُّ رَهبَةً فى صُدورِهِم مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 13) |
(مومنو!) اوهان جي دهشت سندن دلين ۾ خدا کان به وڌيڪ آهي. اهو هن ڪري جو اهي ماڻهو سمجھ نه ٿا رکن. |
لا يُقٰتِلونَكُم جَميعًا إِلّا فى قُرًى مُحَصَّنَةٍ أَو مِن وَراءِ جُدُرٍ بَأسُهُم بَينَهُم شَديدٌ تَحسَبُهُم جَميعًا وَقُلوبُهُم شَتّىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 14) |
اهي سڀ گڏجي اوهان سان ڪڏهن به جنگ ڪري نه سگهندا مگر محفوظ ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي پٺيان ٿي. پاڻ ۾ ته انهن جي ڏاڍي ڌاڪ آهي جو تون خيال ڪندين ته سڀئي هڪ (جان) آهن. پر در اصل سندن دليون هڪ ٻئي کان الڳ آهن. اهو هن ڪري جو اهي ماڻهو بي عقل آهن. |
كَمَثَلِ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَريبًا ذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 15) |
سندن حال انهن وانگر آهي جي انهن کان ڪجھ اڳي پنهنجن ڪمن جي سزا جو مزو چکي چڪا آهن ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
كَمَثَلِ الشَّيطٰنِ إِذ قالَ لِلإِنسٰنِ اكفُر فَلَمّا كَفَرَ قالَ إِنّى بَريءٌ مِنكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
(منافقن جو) مثال شيطان وانگر آهي جيڪو ماڻهوءَ کي چوندو رهيو ته ڪافر ٿيءُ! پوءِ جڏهن ڪافر ٿيو ته چوڻ لڳس ته آءُ تو کان بيزار آهيان. آءُ سموري جهان جي پالڻهار کان ڊڄان ٿو. |
فَكانَ عٰقِبَتَهُما أَنَّهُما فِى النّارِ خٰلِدَينِ فيها وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 17) |
ته ٻنهي جو نتيجو هي ٿيو جو هي ٻئي دوزخ ۾ (وڌا) ويندا ۽ ان ۾ سدائين رهندا ۽ اها ئي سڀني ظالمن جي سزا آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَلتَنظُر نَفسٌ ما قَدَّمَت لِغَدٍ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18) |
اي ايمان وارو! خدا (جي غضب) کان ڊڄو پڻ هر شخص کي غور ڪرڻ گهرجي ته سڀاڻي (قيامت) جي واسطي ان اڳ ۾ ئي ڇا موڪليو آهي ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. بيشڪ جو ڪجھ اوهين ڪندا رهو ٿا خدا تنهن کان باخبر آهي. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ نَسُوا اللَّهَ فَأَنسىٰهُم أَنفُسَهُم أُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 19) |
۽ انهن جهڙا نه ٿيو جن خدا کي وساري ڇڏيو ته خدا به اهو ڪيو جو پنهنجو پاڻ کي ڀلي ويا، اهي ئي ته بدڪار آهن. |
لا يَستَوى أَصحٰبُ النّارِ وَأَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
دوزخي ۽ بهشت وارا ڪنهن طرح برابر ٿي نه ٿا سگهن بهشت وارا ئي ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن. |
لَو أَنزَلنا هٰذَا القُرءانَ عَلىٰ جَبَلٍ لَرَأَيتَهُ خٰشِعًا مُتَصَدِّعًا مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
جيڪڏهن اسين هن قرآن کي ڪنهن جبل تي نازل ڪريون ها ته تون ان کي خدا جي ڊپ کان عاجزي ڪندڙ ۽ ڦاٽي پوندڙ ڏسين ها. اهي مثال اسين ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته من اهي ڌيان ڌرين. |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 22) |
اهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي. ڳجھ ۽ ظاهر جي ڄاڻڻ وارو، اهو ئي وڏو مهربان ۽ نهايت رحم وارو آهي. |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ المَلِكُ القُدّوسُ السَّلٰمُ المُؤمِنُ المُهَيمِنُ العَزيزُ الجَبّارُ المُتَكَبِّرُ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 23) |
هو اهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪو به لائق عبادت جي نه آهي. (حقيقي) بادشاھ، پاڪ ذات، (سڀني عيبن کان سلامت) امن ڏيڻ وارو، نگهبان، زبردست، خود مختار، وڏائيءَ جو سائين آهي. جن کي ان (الله) جو شريڪ ٺهرائين ٿا ان کان پاڪ آهي. |
هُوَ اللَّهُ الخٰلِقُ البارِئُ المُصَوِّرُ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ يُسَبِّحُ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 24) |
اهو الله ئي پيدا ڪرڻ وارو، نئون بنائڻ وارو، صورت ٺاهڻ وارو آهي. ان جا سڀ چڱا نالا آهن جو ڪجھ آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سندس تسبيح ڪري ٿو ۽ اهو ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |