سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
اُنٰهن سَڀنِ اَلله کي، چَئـِي چيائون پاڪ، جيڪِي عَجب اُڀن ۾، جيڪِي خوبيون اَندرخاڪ، اُهو اَپر عِزتناڪ، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو. |
هُوَ الَّذى أَخرَجَ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن دِيٰرِهِم لِأَوَّلِ الحَشرِ ما ظَنَنتُم أَن يَخرُجوا وَظَنّوا أَنَّهُم مانِعَتُهُم حُصونُهُم مِنَ اللَّهِ فَأَتىٰهُمُ اللَّهُ مِن حَيثُ لَم يَحتَسِبوا وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ يُخرِبونَ بُيوتَهُم بِأَيديهِم وَأَيدِى المُؤمِنينَ فَاعتَبِروا يٰأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 2) |
اُهو جنهن ڪيو اُنهن، کي، سَندنِ ديسان ڌار، ڪتاب وارِئَ قوم مان، جِن ڪئـِي ڪُفر جِي ڪار، لڏي هليا لاچار، مُقابلي جي مُنڍ ۾. اوهان اِيئن ڀانيو ته، نه نِڪرندا نيڪار، ۽ هُنن به ڀُلجِي ڀانيو، ته سِندنِ گَڍ گِرنار، آهن آڏا اُنهن کي، قادِر کان قَهار، پوءِ آيَنِ اَلله اُتهين، جِنهن جِي، سُڌ نه پِيَن سار، ۽ سَٽئـِين سَندنِ سِينن ۾، ڏاڍو ڪو ڏهڪار، ڊاهيو ڊپ کان، ڍيرڪن، سَندنِ گھر گلزار، پَنهنجن ۽ مؤمنن جي، هٿن سان هيڪار، پوءِ عِبرت وَٺو اِظهار، اَکيارا! اکيون کوليو. |
وَلَولا أَن كَتَبَ اللَّهُ عَلَيهِمُ الجَلاءَ لَعَذَّبَهُم فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابُ النّارِ (آيت : 3) |
۽ جي اَلله نه لِکي ها، اُنهن مَٿي، ڏيہ نيڪالِي ڏور، ته ڌڻِي دُنيا ۾ ڏينِ ها، سَزا سَخت ضرُور، پڻ آخرت ۾ آڳ جو، اُنهن لئي ساڙو سُور، |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِّ اللَّهَ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 4) |
آيون اِنهن تي اِن ڪري، اِهي مُصيبتون مذڪُور، ته رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُوْل کان، هليا مُخالف مُور، اُبتڙ اَلله پاڪ جي، وِيندو جو وَهلور، پوءِ پَروَر پاڪ حُضور، آھِ سَزا ڏِيڻ ۾ سَخت گھڻو. |
ما قَطَعتُم مِن لينَةٍ أَو تَرَكتُموها قائِمَةً عَلىٰ أُصولِها فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيُخزِىَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
جي وَڍيان خاصيون کجيون، وَڻندڙ مَنجھ وڻڪار، يا ڇڏيان پاڙن تي پَنهنجي، بِيٺل برقرار، پوءِ اَمر سان اَلله جي، ۽ پڻ اُنهِئَ هارِ، ۽ ته ڪري خُوب خوار، ڏيہ ۾ ڏهارِيَن کي. |
وَما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِنهُم فَما أَوجَفتُم عَلَيهِ مِن خَيلٍ وَلا رِكابٍ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُسَلِّطُ رُسُلَهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6) |
پَنهنجي پيغمبر کي، ڏِنون، جو مالِڪ اُنهن جو مال، پوءِ اُٺ ۽ نه گھوڙا اُن مَٿي، ڪِي لايا اوهان لال!، پَر پَنهنجي پيغمبرن کي، اَلله جَلّ جَلال، وڻيسِ تنهن ويرِئَ مٿي، فتح ڏِئي فِى الحال، ۽ بارِي آھِ بَحال، سگھارو سَڀ شئ مَٿي. |
ما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِن أَهلِ القُرىٰ فَلِلَّهِ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ كَى لا يَكونَ دولَةً بَينَ الأَغنِياءِ مِنكُم وَما ءاتىٰكُمُ الرَّسولُ فَخُذوهُ وَما نَهىٰكُم عَنهُ فَانتَهوا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 7) |
واهِڻَن وارن جو، سَر تن ۽ سامان، پنهنجي پيغمبر پاڪ تي، جو موٽايو منّان، پوءِ آھِ گنج اَلله جو، پڻ نبي نور نشان، ۽ ويجھائـِي وارن لئي، گُھرجائو گُذران، ۽ ڇورن ڇِنن ٻارن لئي، پڻ ڏُکين بُکِيَن کي ڏان، پڻ واٽهڙن واسطي، ۽ جن ڇَڏيا ماڳ مڪان، تان اُٿل پاٿل اُهو نه ٿئي، تِن ڌُرين درميان، آهِن جي اِنسان، آسُودا اَوهان مَنجھان. پوءِ وَٺو، جو آن کي ڏِنو، مُرسل هِينئَڙي هار، ۽ جنهن کان روڪئـِين، پوءِ روڪجو ۽ ڪَنبو ڀَر قَهّار، پَٽئـِين پالڻهار، آھِ سَزا ڏِيَڻ ۾ سَخت گھڻو. |
لِلفُقَراءِ المُهٰجِرينَ الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأَموٰلِهِم يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا وَيَنصُرونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 8) |
اُنهن مِسڪِين مُهَاجِرن لئي، جي ڪيا وِيا ٻَهار، پَنهنجي ماڳن، مال ڪنان، پڻ ڀيڻِيَن، باغ بهار، گُھرن رِزق رَبَّ ڪنان، پڻ مَرضِي ماڻڻ هارِ، رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جو، ڪن ٻيليِپڻو ٻِيهار، اُهي ئـِي اِظهار، سَچاآهِن سِيل ۾. |
وَالَّذينَ تَبَوَّءُو الدّارَ وَالإيمٰنَ مِن قَبلِهِم يُحِبّونَ مَن هاجَرَ إِلَيهِم وَلا يَجِدونَ فى صُدورِهِم حاجَةً مِمّا أوتوا وَيُؤثِرونَ عَلىٰ أَنفُسِهِم وَلَو كانَ بِهِم خَصاصَةٌ وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 9) |
۽ اُنهن لئي بِه اِنهيان اَ ڳي ڪيو آستان، مَدِيني مُنوّر ۾، پڻ آسڻ مَنجھ اِيمان، جو اَچي لَڏي اُنهن ڏي، ته ڏِينَسِ مُحبت مان، ۽ جو ملينِ، ته پَنهنجي مَن ۾، اُن جو نه رکن اَرمان، اُن کي ڀانئـِن اڳ ۾، ڪنان پَنهنجي جِگر جان، توڻِي هُجي تِن کي، گُھرج سَنِدي گُذران، ۽ پَنهنجي هِينِين کان، جنهن کي مِليو اَمن اَمان، پوءِ خوش دِل آهِن خان!، اُهي آجا هَر اَرمان کان. |
وَالَّذينَ جاءو مِن بَعدِهِم يَقولونَ رَبَّنَا اغفِر لَنا وَلِإِخوٰنِنَا الَّذينَ سَبَقونا بِالإيمٰنِ وَلا تَجعَل فى قُلوبِنا غِلًّا لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا إِنَّكَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 10) |
جي اُنهن پُڃاڻا آئـِيا، اُنهن کي بِه ڏبو ڏان، جي ڪَن ٿا رَبَّ ڪَرِيم کي، زاريون ساڻ زبان، ته بَخش اَسان کي بَديون، سانيمِ رَبَّ، سُبحان!، پڻ بَخش اَسان جي ڀائـِرين، آگا! سِين اِحسان، اَسان ڪنان اَڳڀرو، آندو جِن اِيمان، ۽ مَدِي نه اَسان جي مَن ۾ ڏِئي مُؤمن، ڏي مَنَّان!، تون مُورهِين مِهربان، تَرس وارو توڙ کان. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نافَقوا يَقولونَ لِإِخوٰنِهِمُ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَئِن أُخرِجتُم لَنَخرُجَنَّ مَعَكُم وَلا نُطيعُ فيكُم أَحَدًا أَبَدًا وَإِن قوتِلتُم لَنَنصُرَنَّكُم وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 11) |
ڇا، ڪُوڙ جِن جي قَلب ۾، تِن جو، هُوند نه ڏِٺئـِي حال؟ ڀُليا سَندنِ ڀائـِرن سان، ڪَن مَنجهو مَنجھ مَقال، جي ڪنان اَهل ڪتاب جي، ڪافِر ٿيا ڪُلال، جي توهان کي تَڙِيو وِيو، ڪَنان مِلڪيت مال، ته نِڪرنداسون، نڪڻٖي اَسِين بِه اَوهان نال، ۽ ڪِنهن هِڪ جِي، اَوهان جي حق ۾، مُور نه مَڃيون ڳالھ، ۽ جي اَوهان سان اِسلام جِي لڳي جنگ جِدال، ته آڌاريداسون اَوهان کي، بِلاشڪ بحال، ۽ سائـِين ڏئي ٿو ساک اِها، بيشڪ بي مِثال، ته مُنافِق مَتوال، ڪُوڙا آهِن قول ۾. |
لَئِن أُخرِجوا لا يَخرُجونَ مَعَهُم وَلَئِن قوتِلوا لا يَنصُرونَهُم وَلَئِن نَصَروهُم لَيُوَلُّنَّ الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 12) |
۽ جي تِڙيا وِيا، ته تِن سان، نه نِڪرن گَڏ نيڪار، ۽ جي لَڳي لَڙائـِي اُنهن سان، ته وَرندنِ ڪِين وَهار، ۽ جي ڏَڪندي ڏِنائون کَڻِي ڪا، اُنهن کي آڌار، ته ڦيرِينِ پُئاڏون پَڪ سان، ڀَڄنِ ٿِي بيزار، تِهانپوءِ تڪرار، وَرندنِ وَاهرو ڪو نڪو. |
لَأَنتُم أَشَدُّ رَهبَةً فى صُدورِهِم مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 13) |
خُود خُدا پاڪ ڪنان، مَنجھ هيبت ۽ حشمت، سَخت سَندنِ سِينن ۾، آهيو اوهين البت، اِهو سَڀ اِن ڪري، ته صَحِي سا سنگت، آهِن مُوڙهل مَت، صفا سَمجھن ڪِين ڪِي. |
لا يُقٰتِلونَكُم جَميعًا إِلّا فى قُرًى مُحَصَّنَةٍ أَو مِن وَراءِ جُدُرٍ بَأسُهُم بَينَهُم شَديدٌ تَحسَبُهُم جَميعًا وَقُلوبُهُم شَتّىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 14) |
مِڙِئي نه اوهان سان مُورهِين، ڪَن مقابلو مگر، گَڍ وارن گامن ۾، يا جَھلي ڀتين جِي ڀر، جھيڙو پَنهنجو پاڻ ۾، آهينِ گھڻو اَپر، ڀيڙو ڀانئـِين کِينِ تون ۽ اَلڳ سَندنِ اَندر، اِهو سَڀ اِن ڪري، ته آهِن اِهي اَبتر، جي پَروڙِينِ نه ڪِنهن پَر، هِي صَحِي آهِن، ساٿ سو. |
كَمَثَلِ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَريبًا ذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 15) |
آهِن اُنهن مِثال، جِن اڳهرو اِنهن کان، سَزا سَندنِ ڪَمن جِي، چکي چڱئَ چال، ۽ آهي اُنهن نال، سُورن وارو ساڙ ڪو. |
كَمَثَلِ الشَّيطٰنِ إِذ قالَ لِلإِنسٰنِ اكفُر فَلَمّا كَفَرَ قالَ إِنّى بَريءٌ مِنكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
آهي حال اُنهن جو، حال شَقِي شيطان، آکيو جنهن اِنسان کي، ته ڦِرڪَنان فَرمان، پوءِ جڏهن ڦِريو فرمان کان، ته بِيهِي ڪَئـِين بَيان، جو صاحِب سَڀ جھان، آئون ڏَران تِنهن ڏاتار کان. |
فَكانَ عٰقِبَتَهُما أَنَّهُما فِى النّارِ خٰلِدَينِ فيها وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 17) |
پوءِ عاقِبت اُنهن جِي، ٻَئـِي ڄيري مَنجھ ڄَمار، ۽ اِها مُقرّر مار، آهي اَنڌاريلن لئي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَلتَنظُر نَفسٌ ما قَدَّمَت لِغَدٍ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18) |
اي اُهي جِن مَڃيو!، سي ڪَنبو ڀَر قهار، ۽ هرڪو پَنهنجي حال ڏي، ڪري نِرت نِهار، ته سَندسِ هَٿن سَنڀاهيو، جو سمر سُڀان هار، ۽ رکو ربَّ ڪريم کان، اَنديشو اِظهار، واقف آهي اُن ڪنان، پٽيـين پالڻهار، هَڙ حاصِل، توڻي هارِ، جيڪي ڪريو جھان ۾. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ نَسُوا اللَّهَ فَأَنسىٰهُم أَنفُسَهُم أُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 19) |
اُنهن جِيئن نَه بنو بيهود!، واحِد جن وِساريو، پوءِ پَروَر ڏِنن پَنهنجا، وِساري وُجود، آهن اُهي مَردُود، هَلندڙ ٻاهر حُڪم کان. |
لا يَستَوى أَصحٰبُ النّارِ وَأَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
ساٿِي باغ ۽ باھِ جا، ٿِيَن بارو بار، ۽ بي شڪ اَهل بهشت جا، ساڪِن باغ بهار، آهِن اُهي اِظهار، مَن مُرادون ماڻڻا. |
لَو أَنزَلنا هٰذَا القُرءانَ عَلىٰ جَبَلٍ لَرَأَيتَهُ خٰشِعًا مُتَصَدِّعًا مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
جيڪر نازِل جبل تي، ڪيوسون هِي قُرآن، ته ڏِٺئـِيسِ ڀَنوارون، ڀورئون، رُعب ڪنان رَحمان، ۽ ماڻهن لئي مِثال اِهي، ڀَريو ڪريون بَيان، ته مَن ۾، اِهي مانِ!، ڪو ڦورو ڦيرِين فِڪر جو. |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 22) |
اُهو اَلله آهي سو، جنهن ڌاران، نه ڪا دربار، ڳُجِھي پَڌرِي ڳالھ کان، واقِف ويرو تار، اُهوئـِي ڏيہ ڏاتار، ٻَهون ٻاجھارو گھڻو. |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ المَلِكُ القُدّوسُ السَّلٰمُ المُؤمِنُ المُهَيمِنُ العَزيزُ الجَبّارُ المُتَكَبِّرُ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 23) |
اُهو اَلله، آھِ سو، جنهن ڌاران، نه ڪا درگاھ، سدا سلامت پاڪ سو، برحق بادشاھ، اَجھو ڏِيندڙ عاجزِين، مالِڪ مِهر نگاھ، زَبردست زور ڀريو، وڏائي وارو واھ!، جيڪِي به گڏِين گُمراھ، اَلله پاڪ اُنهن کان. |
هُوَ اللَّهُ الخٰلِقُ البارِئُ المُصَوِّرُ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ يُسَبِّحُ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 24) |
خالِق ساري خلق جو، آهي اُهوئـِي، جوڙون جوڙِيندڙ، مُنڍ کان نَموني نوئـِي، سِينگارِيندڙ سوئي، سَڀ رنگ واريون صُورتون. سُهڻا سَڀ اُنِهئَ جا، نالا نُور نِشان، پَڙهن پاڪائـِي اُن جِي، جُملي جڳ جھان، جيڪي زَمن زمين ۾، ۽ جي اَندر آسمان، اُهو غالِب بي گمان، حِڪمتِي هوشيار گھڻو. |