سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي (مقرر قانونن تي هلي ان جي عظمت ۽) پاڪائي بيان ڪري ٿو ۽ اهوئي وڏين قوتن ۽ غلبي جو مالڪ (۽) حڪمت وارو آهي. |
هُوَ الَّذى أَخرَجَ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن دِيٰرِهِم لِأَوَّلِ الحَشرِ ما ظَنَنتُم أَن يَخرُجوا وَظَنّوا أَنَّهُم مانِعَتُهُم حُصونُهُم مِنَ اللَّهِ فَأَتىٰهُمُ اللَّهُ مِن حَيثُ لَم يَحتَسِبوا وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ يُخرِبونَ بُيوتَهُم بِأَيديهِم وَأَيدِى المُؤمِنينَ فَاعتَبِروا يٰأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 2) |
هو اهو (قوت ۽ غلبي جو مالڪ) آهي جنهن پهرئين ئي لشڪر گڏ ڪرڻ وقت جيڪي ڪتاب وارن مان (خدائي نظام جي خلاف سرڪشي ڪري) ڪافر ٿيا هئا تن کي پنهنجن گهر مان ڪڍي ٻاهر ڪيو. (اي مسلمانو!) اوهان اهو خيال ئي نه ڪيو هو ته، اهي ڪي نڪرندا. ۽ انهن (ڪافرن) هي خيال ڪيو هو ته سندن ڪوٽ انهن کي الله (جي عذاب) کا بچائڻ وارا آهن، پوءِ الله (جو عذاب) مٿن اتان پهتو جتان کين گمان ئي نه هو، ۽ سندن دلين ۾ (مسلمانن جي اهڙي) دهشت وڌائين جو پنهنجن هٿن سان پنهنجا گهر ويران ڪرڻ لڳا ۽ (جن سرڪشي ڪئي ته) ايمان وارن جي هٿن سان (سندن گهر ويران ٿيڻ لڳا) تنهن ڪري اي اکين وارؤ! اوهين عبرت وٺو (ته حق جي مخالفت جو نتيجو ڇا ٿيندو آهي.) |
وَلَولا أَن كَتَبَ اللَّهُ عَلَيهِمُ الجَلاءَ لَعَذَّبَهُم فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابُ النّارِ (آيت : 3) |
۽ جيڪڏهن الله انهن جي لاءِ ديس نيڪالي نه لکي ها ته انهن کي (ٻي طرح) دنيا ۾ سزا ڏئي ها، ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ باهه جو عذاب آهي ئي! |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِّ اللَّهَ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 4) |
اهو (عذاب) هن ڪري آهي جو انهن الله (جي نظام جي) ۽ سندس رسول جي (جيڪو اهو نظام قائم ڪري رهيو هو) مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله جي (حق ۽ انصاف واري نظام جي) مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي. |
ما قَطَعتُم مِن لينَةٍ أَو تَرَكتُموها قائِمَةً عَلىٰ أُصولِها فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيُخزِىَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
اوهان (محاصري وقت) جو به کجيءَ جو وڻ وڍيو يا انکي پنهنجين پاڙن تي بيٺل ڇڏيو، سو الله جي قانون مطابق آهي ۽ هن ڪري ته (الله) بدڪارن کي خوار ڪري ٿو. |
وَما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِنهُم فَما أَوجَفتُم عَلَيهِ مِن خَيلٍ وَلا رِكابٍ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُسَلِّطُ رُسُلَهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6) |
۽ انهن مان جو ڪجهه الله پنهنجي رسول کي (جنگ ڪرڻ کان سواءِ ئي غنيمت ۾) ڏياريو سو (اي مسلمانو!) ان تي نه اوهان گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اُٺ) پر الله (پنهنجي مشيت واري قانون مطابق) پنهنجن رسولن کي جنهن تي وڻيس تنهن تي غالب ڪري ٿو. ۽ الله سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. |
ما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِن أَهلِ القُرىٰ فَلِلَّهِ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ كَى لا يَكونَ دولَةً بَينَ الأَغنِياءِ مِنكُم وَما ءاتىٰكُمُ الرَّسولُ فَخُذوهُ وَما نَهىٰكُم عَنهُ فَانتَهوا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 7) |
جيڪو ڪجهه الله پنهنجي رسول کي بستين مان (جنگ کان سواءِ) ڏياريو سو الله لاءِ ۽ رسول لاءِ ۽ (جنگ ۾ شريڪ ٿيندڙن ۽ ان ۾ کپجندڙن جي) قرابت وارن ۽ يتيمن، مسڪينن (ته جيئن انهن جي پرگهور ٿئي) ۽ مسافرن لاءِ آهي (جيڪي مدد جا محتاج هجن) ، ته اهو اوهان جي مالدارن جي وچ ۾ ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي، ۽ (اي مسلمانو!) جو ڪجهه اوهان کي رسول ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته ان کان رڪجي وڃو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي. |
لِلفُقَراءِ المُهٰجِرينَ الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأَموٰلِهِم يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا وَيَنصُرونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 8) |
(ان مال مان) انهن لڏي ايندڙ مسڪينن لاءِ آهي جيڪي پنهنجن گهرن ۽ پنهنجن مالن مان (زبردستي) ٻاهر ڪڍيا ويا آهن، (۽) هو الله (جي قانون تي هلي ان) جو فضل ۽ رضامندي گهرن ٿا ۽ الله ۽ سندس رسول جي مدد ڪن ٿا. اهي ئي سچا آهن (جن پنهنجي ايمان واري دعويٰ کي پنهنجي قربانين سان سچو ڪري ڏيکاريو آهي.) |
وَالَّذينَ تَبَوَّءُو الدّارَ وَالإيمٰنَ مِن قَبلِهِم يُحِبّونَ مَن هاجَرَ إِلَيهِم وَلا يَجِدونَ فى صُدورِهِم حاجَةً مِمّا أوتوا وَيُؤثِرونَ عَلىٰ أَنفُسِهِم وَلَو كانَ بِهِم خَصاصَةٌ وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 9) |
۽ (انهن لاءِ آهي) جيڪي اسلام جي بادشاهيءَ (۾) ۽ ايمان (جي مرڪز) ۾ انهن (مهاجرن) کان اڳ رهيا پيا آهن، جي هنن ڏي لڏي آيا آهن، انهن سان (هو) محبت رکن ٿا ۽ جو ڪجهه انهن (پرديسين) کي ڏنو ويو ان جي ڪري پنهنجن دلين ۾ ڪا تنگي نٿا ڏسن ۽ (سڀ ڪنهن شيء ۾) پنهنجي جان کان به انهن کي اڳي رکن ٿا. توڙي کين تنگدستي ڇو نه هجي ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي بخل کان بچايا ويندا (۽ ايثار کي پنهنجو مرڪ بنائيندا) سي ئي ڪامياب آهن. |
وَالَّذينَ جاءو مِن بَعدِهِم يَقولونَ رَبَّنَا اغفِر لَنا وَلِإِخوٰنِنَا الَّذينَ سَبَقونا بِالإيمٰنِ وَلا تَجعَل فى قُلوبِنا غِلًّا لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا إِنَّكَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 10) |
۽ (انهن لاءِ به آهي) جيڪي انهن (مٿين ٻن قسمن جي حقدارن) کان پوءِ ايندا. چوندا ته، اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي بخش جيڪي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳي ٿيا آهن ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن جي باري ۾ ڪو کوٽ نه وجهه. اي اسان جا پاليندڙ تون ته بيحد شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهين. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نافَقوا يَقولونَ لِإِخوٰنِهِمُ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَئِن أُخرِجتُم لَنَخرُجَنَّ مَعَكُم وَلا نُطيعُ فيكُم أَحَدًا أَبَدًا وَإِن قوتِلتُم لَنَنصُرَنَّكُم وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 11) |
ڇا تو انهن (منافقن) ڏي نه ڏٺو آهي جيڪي دغاباز ٿيا پنهنجن انهن (هم فڪر) ڀائرن کي چون ٿا جيڪي ڪتاب وارن مان ڪافر ٿيا ته قسم آهي ته جيڪڏهن اوهان کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي ته ضرور اسين به اوهان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوهان جي حق ۾ ڪڏهن به ڪنهن جو چيو نه مڃينداسون ۽ جيڪڏهن اوهان سان جنگ ٿي ته ضرور اسين اوهان جي مدد ڪنداسون ۽ (اي مسلمانو!) الله شاهدي ڏئي ٿو ته اهي (اوهان سان ته ٺهيو پر انهن سان به اهڙي دوستيءَ جي دعويٰ ۾) ڪوڙا آهن. |
لَئِن أُخرِجوا لا يَخرُجونَ مَعَهُم وَلَئِن قوتِلوا لا يَنصُرونَهُم وَلَئِن نَصَروهُم لَيُوَلُّنَّ الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 12) |
تحقيق جيڪڏهن کين ملڪ نيڪالي ڏني ويئي ته اهي انهن سان ڪين نڪرندا ۽ جيڪڏهن انهن سان جنگ ٿي ته اهي انهن جي مدد به نه ڪندا ۽ جيڪڏهن اهي (ڪنهن عار کان) انهن جي مدد ڪندا ته ضرور پٺ ڦيري ڀڄندا، وري سندن (به ڪٿي) مدد نه ٿيندي. |
لَأَنتُم أَشَدُّ رَهبَةً فى صُدورِهِم مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 13) |
(اي مسلمانو!) بيشڪ اوهين انهن جي دلين ۾ الله کان به وڌيڪ دهشت وارا آهيو. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي (سگهه جي ايمان وارن محرڪن جي) سمجهه نٿا رکن. |
لا يُقٰتِلونَكُم جَميعًا إِلّا فى قُرًى مُحَصَّنَةٍ أَو مِن وَراءِ جُدُرٍ بَأسُهُم بَينَهُم شَديدٌ تَحسَبُهُم جَميعًا وَقُلوبُهُم شَتّىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 14) |
سڀ گڏجي اوهان سان کليل ميدان ۾ ڪڏهن به جنگ نه ڪري سگهندا، پر ڪوٽ وارن ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي پٺيان ٿي، پاڻ ۾ انهن جي اندروني ويڙهه سخت آهي (اي ڳالهه ٻڌندڙ) تون کين ڀائيندين ته گڏ آهن (منجهن وڏو اتحاد آهي) پر حال هي آهي ته سندن دليون ڌار ڌار آهن. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جي بي عقل آهن. (۽ نٿا ڄاڻن ته اصل ۽ دلي اتحاد ايمان ۽ هڪ ئي عمدي نصب العين تي هجڻ سان پيدا ٿئي ٿو.) |
كَمَثَلِ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَريبًا ذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 15) |
(هنن جو قصو) انهن (منڪرن) جي قصي جهڙو آهي، جيڪي انهن کان اڳ هئا. انهن ويجهو ئي پنهنجي ڪم جو بڇڙو نتيجو چکيو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
كَمَثَلِ الشَّيطٰنِ إِذ قالَ لِلإِنسٰنِ اكفُر فَلَمّا كَفَرَ قالَ إِنّى بَريءٌ مِنكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
(هنن منافقن جو قصو) شيطان جي قصي جهڙو آهي، جنهن وقت انسان کي چوي ٿو ته، تون ڪفر ڪر! پوءِ جڏهن ڪفر ڪيائين ته چوندو آهي ته، (منهنجو انهيءَ ۾ ڇا وڃي) آئون توکان بيزار آهيان، آئون جهانن جي پاليندڙ الله کان ڊڄان ٿو. |
فَكانَ عٰقِبَتَهُما أَنَّهُما فِى النّارِ خٰلِدَينِ فيها وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 17) |
پوءِ انهن ٻنهي جي پڇاڙي هي آهي ته اهي باه ۾ پيا رهندا ۽ جيڪي به ماڻهو ظلم ۽ زيادتي ڪن ٿا، انهن جو اهوئي حشر آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَلتَنظُر نَفسٌ ما قَدَّمَت لِغَدٍ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18) |
اي ايمان وارؤ! (توهان به) الله کان ڊڄو ۽ سڀڪو شخص ڏسي ته سڀاڻ (مستقبل سنوارڻ) لاءِ ڇا اڳي ڪيو اٿس ۽ (وري وري) الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله اوهان جي عملن جي پوري خبر رکندڙ آهي. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ نَسُوا اللَّهَ فَأَنسىٰهُم أَنفُسَهُم أُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 19) |
۽ انهن جهڙا نه ٿيو جن (رڳو طبعي زندگيءَ جي پرورش کي مقصد بڻايو ۽) الله کي وساريو پوءِ (ائين ڪرڻ جي ڪري) الله انهن کان سندن جانيون به وسارائي ڇڏيون. (يعني پاڻ کان به غافل ٿي ويا) اهي ئي (صحيح رستي کان هٽي غلط رستي تي هلندڙ) بدڪار آهن. |
لا يَستَوى أَصحٰبُ النّارِ وَأَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
(پنهنجي تخليقي مقصدن کي وساريندڙ) باهه وارا ۽ (پنهنجي تخليقي مقصدن تي ڄمي بيٺل) جنت وارا (پنهنجي عملن جي نتيجي ۾) برابر نٿا ٿين. جنت وارا ئي ڪامياب آهن. |
لَو أَنزَلنا هٰذَا القُرءانَ عَلىٰ جَبَلٍ لَرَأَيتَهُ خٰشِعًا مُتَصَدِّعًا مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
(اي پيغمبر!) جيڪڏهن اسين هن قرآن کي ڪنهن جبل تي نازل ڪريون ها ته، تون ان کي الله جي ڊپ کان عاجزي ڪندڙ ۽ ڦاٽي پوندڙ ڏسين ها. هي مثال اسين ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته من اهي (عقل ۽ فڪر کان ڪم وٺن ۽) ڌيان ڪن (ته اهڙي عظمت واري قرآن جي خلاف ورزيءَ جا نتيجا ڇا ٿي سگهن ٿا). |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 22) |
الله (هن ڪتاب جو موڪليندڙ) اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي. (سڄي ڪائنات تي سندس ڪارفرمائي آهي) ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو آهي. اهوئي وڏو مهربان (پنهنجي ٻانهن تي) نهايت ٻاجهارو آهي. |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ المَلِكُ القُدّوسُ السَّلٰمُ المُؤمِنُ المُهَيمِنُ العَزيزُ الجَبّارُ المُتَكَبِّرُ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 23) |
الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي. (سموري ڪائنات تي) سندس حڪمراني هلندڙ آهي، (ان جي ڪامل ۽) پاڪ ذات، سڀني عيبن کان سلامت، (ڪائنات جي ايذائيندڙ قوتن کان) امن ڏيڻ وارو، (ويچارن جي) نگهباني ڪرڻ وارو، (ظالمن کان بچائڻ وارو) زبردست، خودمختيار ۽ وڏائي جو سائين آهي. الله هن ڳالهه کان پاڪ آهي جو ماڻهو ساڻس ڪنهن ٻئي (جي قوت ۽ اقتدار) کي شريڪ سمجهن. |
هُوَ اللَّهُ الخٰلِقُ البارِئُ المُصَوِّرُ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ يُسَبِّحُ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 24) |
اهو الله ئي پيدا ڪرڻ وارو، (نقطه آغاز کان) نئون بنائڻ وارو ۽ صورت ٺاهڻ وارو آهي. ان جا سڀ چڱا نالا (۽ صفتون) آهن. (هي ته رڳو چند صفتون بيان ڪيل آهن) جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو (سندس حڪم جي مطابق هلي ٿو ۽) سندس عظمت جي شهادت ڏئي ٿو ۽ اهوئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |