سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
جيڪي آسمانن ۾ آهي، ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ الله جي پاڪائي ٿو بيان ڪري_ ۽ اهو غالب ڏاهپ وارو آهي. |
هُوَ الَّذى أَخرَجَ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن دِيٰرِهِم لِأَوَّلِ الحَشرِ ما ظَنَنتُم أَن يَخرُجوا وَظَنّوا أَنَّهُم مانِعَتُهُم حُصونُهُم مِنَ اللَّهِ فَأَتىٰهُمُ اللَّهُ مِن حَيثُ لَم يَحتَسِبوا وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ يُخرِبونَ بُيوتَهُم بِأَيديهِم وَأَيدِى المُؤمِنينَ فَاعتَبِروا يٰأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 2) |
(الله) اهو آهي، جنهن ڪتاب وارن مان ڪافرن کي سندن گهرن مان پهرين ئي جنگ ۾ ڪڍي ڇڏيو، جن جي نڪرڻ جو اوهان کي ڪو گمان نه هو_ اُهي ڀائيندا هئا، ته الله (جي عذاب) کان انهن کي سندن قلعا بچائڻ وارا هوندا، پوءِ الله کين اتان پهتو، جتان ڄاڻندا ئي نه هئا_ ۽ انهن جي دلين ۾ اهڙي دهشت وڌائين، جو هو پنهنجي هٿن سان ۽ مسلمانن جي هٿن سان پنهنجي گهرن کي ڊاهڻ لڳا، تنهن ڪري اي اکين وارؤ! عبرت وٺو. |
وَلَولا أَن كَتَبَ اللَّهُ عَلَيهِمُ الجَلاءَ لَعَذَّبَهُم فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابُ النّارِ (آيت : 3) |
۽ جيڪڏهن الله انهن لاءِ ديس نيڪالي نه لکي ها، ته کين دنيا ۾ ٻيءَ طرح عذاب ڏئي ها ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ باهه جو عذاب آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِّ اللَّهَ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 4) |
اِهو هنڪري، جو انهن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي، جيڪو الله جي مخالفت ڪندو، ته پوءِ بيشڪ الله سخت عذاب وارو آهي. |
ما قَطَعتُم مِن لينَةٍ أَو تَرَكتُموها قائِمَةً عَلىٰ أُصولِها فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيُخزِىَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
اوهان جيڪي کجين جا وڻ وڍيا، يا انهن کي پنهنجي پاڙن تي بيٺل ڇڏيو، سو الله جي حڪم سان هو ۽ هن لاءِ ته هو بدڪارن کي خوار ڪري. |
وَما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِنهُم فَما أَوجَفتُم عَلَيهِ مِن خَيلٍ وَلا رِكابٍ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُسَلِّطُ رُسُلَهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6) |
۽ انهن جي مال مان الله جيڪي سندس رسول جي هٿ ۾ ڏنو، تنهن تي اوهان گهوڙا يا اُٺ ڪو نه ڊوڙايا هئا، پر الله پنهنجي رسولن کي جنهن تي وڻيس غالب ڪندو آهي ۽ الله سڀ ڪنهن ڳالهه تي وس وارو آهي. |
ما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِن أَهلِ القُرىٰ فَلِلَّهِ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ كَى لا يَكونَ دولَةً بَينَ الأَغنِياءِ مِنكُم وَما ءاتىٰكُمُ الرَّسولُ فَخُذوهُ وَما نَهىٰكُم عَنهُ فَانتَهوا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 7) |
ڳوٺاڻن مان جيڪو مال الله پنهنجي رسول کي هٿ ۾ ڏنو، سو خاص الله لاءِ ۽ رسول لاءِ ۽ مائٽن لاءِ يتيمن ۽ مسڪينن لاءِ ۽ مسافرن لاءِ آهي، ته اهو اوهان مان شاهوڪارن جي وچ ۾ ئي ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي_ ۽ جيڪي رسول اوهان کي ڏئي سو وٺو، جنهن کان اوهان کي جهلي، تنهن کي ڇڏي ڏيو ۽ الله کان ڊڄو_ بيشڪ الله سخت عذاب وارو آهي. |
لِلفُقَراءِ المُهٰجِرينَ الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأَموٰلِهِم يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا وَيَنصُرونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 8) |
(اهو مال) هجرت ڪرڻ وارن مسڪينن لاءِ به آهي، جن کي سندن گهرن مان ۽ مالن مان ٻاهر ڪڍيو ويو، جيڪي الله کان فضل ۽ رضا مندي ڳوليندڙ آهن ۽ الله ۽ سندس رسول کي مدد ٿا ڏين، بس اهي ئي سچا آهن. |
وَالَّذينَ تَبَوَّءُو الدّارَ وَالإيمٰنَ مِن قَبلِهِم يُحِبّونَ مَن هاجَرَ إِلَيهِم وَلا يَجِدونَ فى صُدورِهِم حاجَةً مِمّا أوتوا وَيُؤثِرونَ عَلىٰ أَنفُسِهِم وَلَو كانَ بِهِم خَصاصَةٌ وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 9) |
۽ انهن لاءِ به، جن مديني ۾ مهاجرن کان اڳ گهر بنايو ۽ (پڪو) ايمان آندو ته جيڪو وٽن لڏي اچي، تنهن سان محبت ٿا رکن_ ۽ جيڪي مهاجرن کي ڏجي ٿو، تنهن بابت پنهنجين دلين ۾ ڪا پريشاني نٿا سمجهن ۽ ٻين کي پاڻ کان وڌيڪ پسند ٿا ڪن، جيتوڻيڪ انهن کي به احتياج هوندو آهي_ ۽ جن کي پنهنجي نفس جي حرص کان بچايو ويو، سي ئي ڪامياب آهن. |
وَالَّذينَ جاءو مِن بَعدِهِم يَقولونَ رَبَّنَا اغفِر لَنا وَلِإِخوٰنِنَا الَّذينَ سَبَقونا بِالإيمٰنِ وَلا تَجعَل فى قُلوبِنا غِلًّا لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا إِنَّكَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 10) |
۽ (اهو مال) انهن لاءِ به آهي، جيڪي انهن (مهاجرن ۽ انصارن) کان پوءِ آيا ۽ چون ٿا ”اي اسان جا رب! اسان کي بخش ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي به، جن ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳرائي ڪئي ۽ مؤمنن لاءِ اسان جي دلين ۾ ڪينو نه وجهه- اي اسان جا ڌڻي! بيشڪ تون ڏاڍو شفقت ڪندڙ مهربان آهين!“ |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نافَقوا يَقولونَ لِإِخوٰنِهِمُ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَئِن أُخرِجتُم لَنَخرُجَنَّ مَعَكُم وَلا نُطيعُ فيكُم أَحَدًا أَبَدًا وَإِن قوتِلتُم لَنَنصُرَنَّكُم وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 11) |
(اي رسول) تو انهن منافقن ڏانهن نه ڏٺو، جي اڳين ڪتابن وارن مان سندن ڪافر ٿيل ڀائرن کي چون ٿا ته ”جيڪڏهن اوهان کي تڙيو ويو، ته اسين به اوهان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوهان بابت ڪڏهن به ڪنهن جو چيو نه وٺنداسون ۽ جيڪڏهن اوهان سان لڙائي ٿيندي ته اوهان جي ضرور مدد ڪنداسون.“ ۽ الله واقف ٿو ڪري ته بيشڪ اهي ڪوڙا آهن. |
لَئِن أُخرِجوا لا يَخرُجونَ مَعَهُم وَلَئِن قوتِلوا لا يَنصُرونَهُم وَلَئِن نَصَروهُم لَيُوَلُّنَّ الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 12) |
جيڪڏهن انهن سان جنگ ڪبي، ته انهن کي مدد نه ڪندا، پر جيڪڏهن مدد ڏيندا، ته پٺي ڏيئي ڀڄندا ۽ انهن کي ڪابه مدد نه ملندي- |
لَأَنتُم أَشَدُّ رَهبَةً فى صُدورِهِم مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 13) |
بيشڪ اوهين انهن جي دلين ۾ الله کان به وڌيڪ دهشت وارا آهيو، اهو هن ڪري، جو اُهي بي سمجهه قوم آهن. |
لا يُقٰتِلونَكُم جَميعًا إِلّا فى قُرًى مُحَصَّنَةٍ أَو مِن وَراءِ جُدُرٍ بَأسُهُم بَينَهُم شَديدٌ تَحسَبُهُم جَميعًا وَقُلوبُهُم شَتّىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 14) |
هو هڪ هنڌ گڏجي اوهان سان جنگ نه ڪندا، پر قلعي وارن ڳوٺن ۾، يا ڀتين جي آڙ ۾_ هنن جي پاڻ ۾ لڙائي به تمام سخت آهي_ تون انهن کي پاڻ ۾ گڏ ٿيل ٿو سمجهين، پر انهن جون دليون ڌار ڌار آهن_ اهو هن ڪري، جو اهي بي عقل قوم آهن. |
كَمَثَلِ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَريبًا ذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 15) |
سندن مثال به انهن جهڙو آهي جيڪي کانئن ڪجهه اڳ ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي ڪئي جي سزا ڀوڳي ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي. |
كَمَثَلِ الشَّيطٰنِ إِذ قالَ لِلإِنسٰنِ اكفُر فَلَمّا كَفَرَ قالَ إِنّى بَريءٌ مِنكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
شيطان جي مثال وانگر، جو جڏهن ماڻهوءَ کي چوندو آهي ته ”ڪافر ٿيءُ“، پوءِ جڏهن ڪافر ٿو ٿئي، تڏهن چوندو آهي ته ”آءُ توکان بيزار آهيان، آءُ جهانن جي ڌڻيءَ کان ڊڄان ٿو.“ |
فَكانَ عٰقِبَتَهُما أَنَّهُما فِى النّارِ خٰلِدَينِ فيها وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 17) |
پوءِ ٻنهي جي پڇاڙي هيءَ آهي، جو ٻئي دوزخ ۾ هوندا، هميشه اتي رهندا ۽ اها ظالمن جي سزا آهي- |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَلتَنظُر نَفسٌ ما قَدَّمَت لِغَدٍ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18) |
اي مؤمنو! الله کان ڊڄو ۽ هر شخص کي ويچارڻ گهرجي، ته سڀاڻ لاءِ، اڳتي ڇا موڪليو اٿس- (الله) کان ڊڄندا رهو، بيشڪ جيڪي به اوهين ڪريو ٿا، ان جي الله خبر رکندڙ آهي. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ نَسُوا اللَّهَ فَأَنسىٰهُم أَنفُسَهُم أُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 19) |
۽ انهن جهڙا نه ٿيو، جن الله کي وساريو، ته الله به کانئن پنهنجو سندن پاڻ وسارائي ڇڏيو_ اهي بدڪار شخص آهن. |
لا يَستَوى أَصحٰبُ النّارِ وَأَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
دوزخي ۽ بهشتي برابر نه آهن، بهشتي ئي مراد ماڻيندڙ آهن. |
لَو أَنزَلنا هٰذَا القُرءانَ عَلىٰ جَبَلٍ لَرَأَيتَهُ خٰشِعًا مُتَصَدِّعًا مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
جيڪڏهن هن قرآن کي ڪنهن جبل تي نازل ڪريون ها، ته ضرور ان کي الله جي خوف کان عاجز ۽ پرزا پرزا ٿيل ڏسين ها_ اهي مثال ماڻهن لاءِ بيان ٿا ڪريون ته من اُهي ڌيان ڪن. |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 22) |
الله اهو آهي، جنهن کان سواءِ ڪو به سائين ڪونهي، ڳجهه ۽ ظاهر جو ڄاڻيندڙ آهي ۽ اهو ٻاجهارو مهربان آهي. |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ المَلِكُ القُدّوسُ السَّلٰمُ المُؤمِنُ المُهَيمِنُ العَزيزُ الجَبّارُ المُتَكَبِّرُ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 23) |
الله اهو آهي، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو به سائين ڪونهي، هو بادشاهه، تما م پاڪ، سلامت ۽ سلامتي ڏيندڙ، امن ڏيڻ وارو، نگهبان، غالب، زبردست ۽ وڏائي وارو آهي- انهن جي شريڪ مقرر ڪرڻ کان الله پاڪ آهي. |
هُوَ اللَّهُ الخٰلِقُ البارِئُ المُصَوِّرُ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ يُسَبِّحُ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 24) |
اهو الله خلقڻهار، ڪين مان بنائيندڙ ۽ شڪليون ٺاهيندڙ آهي، ان جا نالا سڀ چڱا آهن_ جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن، سي سڀ ان جي پاڪائي ٿا بيان ڪن، ۽ اهو غالب ڏاهپ وارو آهي. |