سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
پاڪائي بيان ڪيائين الله جي ان جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ ان جيڪو زمين ۾ آهي ۽ اهو ئي غالب، حڪمت وارو آهي . |
هُوَ الَّذى أَخرَجَ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن دِيٰرِهِم لِأَوَّلِ الحَشرِ ما ظَنَنتُم أَن يَخرُجوا وَظَنّوا أَنَّهُم مانِعَتُهُم حُصونُهُم مِنَ اللَّهِ فَأَتىٰهُمُ اللَّهُ مِن حَيثُ لَم يَحتَسِبوا وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ يُخرِبونَ بُيوتَهُم بِأَيديهِم وَأَيدِى المُؤمِنينَ فَاعتَبِروا يٰأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 2) |
"اهو ئي آهي جنهن ڪڍيو ڪافرن کي اهل ڪتاب مان سندن گهرن مان پهرئين حشر جي لاءِ نه گمان ڪيو هو اوهان ته نڪري ويندا ۽ گمان ڪيائون ته بيشڪ اهي بچائيندڙ آهن انهن کي قلعا انهن جا الله کان پوءِ آيو انهن وٽ الله ""جو قهر"" ان جاءِ کان جو نه گمان ڪيو هيائون ۽ وڌائين دلين انهن جي ۾ ڊپ ويران ڪن پيا پنهنجا گهر پنهنجن هٿن سان ۽ مؤمنن جي هٿن سان پوءِ عبرت وٺو اي اکين وارؤ! ." |
وَلَولا أَن كَتَبَ اللَّهُ عَلَيهِمُ الجَلاءَ لَعَذَّبَهُم فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابُ النّارِ (آيت : 3) |
۽ جيڪڏهن نه هجي ها جو لکي الله انهن تي جلاوطني ته البته عذاب ڪري ها انهن کي دنيا ۾ ۽ انهن لاءِ آخرت ۾باهه جو عذاب آهي . |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِّ اللَّهَ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 4) |
اهو ان سببان جو بيشڪ انهن مخالفت ڪئي الله جي ۽ ان جي رسول جي ۽ جيڪو به مخالفت ڪري ٿو الله جي پوءِ بيشڪ الله عذاب ڪرڻ ۾ سخت آهي . |
ما قَطَعتُم مِن لينَةٍ أَو تَرَكتُموها قائِمَةً عَلىٰ أُصولِها فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيُخزِىَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
جيڪو ڪٽيو اوهان کجيءَ جو وڻ يا ڇڏيو اوهان ان کي بيهندڙ پنهنجي پاڙن تي پوءِ الله جي اذن سان آهي ۽ تانته خوار ڪري فاسقن کي . |
وَما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِنهُم فَما أَوجَفتُم عَلَيهِ مِن خَيلٍ وَلا رِكابٍ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُسَلِّطُ رُسُلَهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6) |
۽ جيڪي مال ڏنو الله پنهنجي رسول کي پوءِ نه ڊوڙايا اوهان ان تي ڪي گهوڙا ۽ نه اُٺ پر الله غالب ڪري ٿو پنهنجن رسولن کي جنهن تي گهري ۽ الله هر شيءِ تي قادرآهي . |
ما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِن أَهلِ القُرىٰ فَلِلَّهِ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ كَى لا يَكونَ دولَةً بَينَ الأَغنِياءِ مِنكُم وَما ءاتىٰكُمُ الرَّسولُ فَخُذوهُ وَما نَهىٰكُم عَنهُ فَانتَهوا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 7) |
جيڪو فيء جو مال ڏنو الله پنهنجي رسول کي ڳوٺن جي رهندڙن وٽان پوءِ الله جو ۽ رسول جو ۽ قرابت وارن جي لاءِ ۽ يتيمن جي لاءِ ۽ مسڪينن جي لاءِ ۽ مسافرن جي لاءِ آهي تانته نه هجي گردش ڪندڙ شاهوڪارن جي وچ ۾ اوهان مان ۽ جيڪي ڏئي اوهان کي رسول پوءِ اهو وٺو ۽ جنهن کان روڪي اوهان کي پوءِ رڪجي وڃو ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله عذاب ڪرڻ ۾ سخت آهي . |
لِلفُقَراءِ المُهٰجِرينَ الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأَموٰلِهِم يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا وَيَنصُرونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 8) |
فقيرن، هجرت ڪندڙن جي لاءِ جيڪي ڪڍيا ويا پنهنجن گهرن مان ۽ پنهنجن مالن مان طلب ڪن ٿا مهرباني الله کان ۽ رضامندو ۽ مدد ڪن ٿا الله جي ۽ ان جي رسول جي اهيئي سچا آهن . |
وَالَّذينَ تَبَوَّءُو الدّارَ وَالإيمٰنَ مِن قَبلِهِم يُحِبّونَ مَن هاجَرَ إِلَيهِم وَلا يَجِدونَ فى صُدورِهِم حاجَةً مِمّا أوتوا وَيُؤثِرونَ عَلىٰ أَنفُسِهِم وَلَو كانَ بِهِم خَصاصَةٌ وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 9) |
۽ اهي ٻانها جن گهر بنايو هن شهر ۽ ايمان کي انهن کان اڳي محبت رکن ٿا ان سان جنهن هجرت ڪئي انهن ڏانهن ۽ نه ٿا لهن پنهنجن سينن ۾ ڪا حاجت ان مان جو ڏنا ويا ۽ ترجيح ڏين ٿا سرن پنهنجن تي جيتوڻيڪ آهي انهن کي سخت ضرورت ۽ جيڪو بچايو وڃي ٿو پنهنجي نفس جي حرص کان پوءِ اهيئي ڪامياب آهن . |
وَالَّذينَ جاءو مِن بَعدِهِم يَقولونَ رَبَّنَا اغفِر لَنا وَلِإِخوٰنِنَا الَّذينَ سَبَقونا بِالإيمٰنِ وَلا تَجعَل فى قُلوبِنا غِلًّا لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا إِنَّكَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 10) |
۽ اهي ٻانها جيڪي آيا انهن کان پوءِ چون ٿا ته اي اسان جا رب! اسان کي بخش ڪر ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي جيڪي اڳي گذريا اسان کان ايمان سان ۽ نه پيدا ڪر تون اسان جي دلين ۾ ڪينو انهن جي لاءِ جن ايمان آندو اي اسان جا رب! بيشڪ تون ٻاجهارو، مهربان آهين . |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نافَقوا يَقولونَ لِإِخوٰنِهِمُ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَئِن أُخرِجتُم لَنَخرُجَنَّ مَعَكُم وَلا نُطيعُ فيكُم أَحَدًا أَبَدًا وَإِن قوتِلتُم لَنَنصُرَنَّكُم وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 11) |
ڇا تو انهن ڏانهن نه ڏٺو جيڪي منافق ٿيا چون پيا پنهنجن انهن ڀائرن جي لاءِ جيڪي ڪافر ٿيا اهل ڪتاب مان ته البته جيڪڏهن اوهان ڪڍيا ويندؤ وطن مان ته البته ضرور اسين به نڪرنداسون اوهان سان گڏ ۽ نه تابعداري ڪنداسون اوهان جي باري ۾ ڪنهن هڪ جي هميشہ ۽ جيڪڏهن جنگ ڪيا ويندؤ اوهان ته البته ضرور مدد ڪنداسون اسين اوهان جي ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته بيشڪ اهي البته ڪوڙا آهن . |
لَئِن أُخرِجوا لا يَخرُجونَ مَعَهُم وَلَئِن قوتِلوا لا يَنصُرونَهُم وَلَئِن نَصَروهُم لَيُوَلُّنَّ الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 12) |
البته جيڪڏهن وطن کان ڪڍيا ويندا ته نه نڪرندا انهن سان گڏ ۽ البته جيڪڏهن جنگ ڪيا ويندا ته نه مدد ڪندا انهن جي ۽ البته جيڪڏهن مدد ڪندا انهن جي ته البته ضرور پٺيون ڦيرائي ويندا ان کان پوءِ نه مدد ڪيا ويندا . |
لَأَنتُم أَشَدُّ رَهبَةً فى صُدورِهِم مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 13) |
البته اوهان سخت هيبت وارا آهيو انهن جي سينن ۾ الله کان اهو ان سببان جو بيشڪ اهي قوم آهن جيڪي نه ٿا سمجهن . |
لا يُقٰتِلونَكُم جَميعًا إِلّا فى قُرًى مُحَصَّنَةٍ أَو مِن وَراءِ جُدُرٍ بَأسُهُم بَينَهُم شَديدٌ تَحسَبُهُم جَميعًا وَقُلوبُهُم شَتّىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 14) |
نه جنگ ڪندا اوهان سان گڏجي مگر ڳوٺن قلعا ڦيرايلن ۾ يا ڀتين جي پويان ويڙهه انهن جي پاڻ ۾ سخت آهي سمجهين ٿو انهن کي گڏ ۽ دليون انهن جون جدا جدا آهن اهو ان سببان جو بيشڪ اهي قوم بي عقل آهن . |
كَمَثَلِ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَريبًا ذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 15) |
انهن وانگر جيڪي انهن کان اڳي ويجها هئا چکيائون سزا پنهنجي امر جي ۽ انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي . |
كَمَثَلِ الشَّيطٰنِ إِذ قالَ لِلإِنسٰنِ اكفُر فَلَمّا كَفَرَ قالَ إِنّى بَريءٌ مِنكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
شيطان وانگر جڏهن چيائين انسان کي ته ڪفر ڪر پوءِ جڏهن ڪفر ڪيائين ته چيائين بيشڪ مان بيزار آهيان توکان بيشڪ مان ڊڄان ٿو الله کان جهانن جي رب کان . |
فَكانَ عٰقِبَتَهُما أَنَّهُما فِى النّارِ خٰلِدَينِ فيها وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 17) |
پوءِ ٿي پڇاڙي انهن ٻنهي جي ته بيشڪ اهي ٻئي باهه ۾ هوندا هميشہ هميشہ رهندڙ ان ۾ ۽ اهو ظالمن جو بدلو آهي . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَلتَنظُر نَفسٌ ما قَدَّمَت لِغَدٍ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18) |
اي ايمان وارا! ڊڄوالله کان ۽ جڳائي ته سوچي هرنفس اهو جو اڳي ڪري موڪليائين صبحاڻي جي لاءِ ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪي ڪيو ٿا . |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ نَسُوا اللَّهَ فَأَنسىٰهُم أَنفُسَهُم أُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 19) |
۽ نه هجو انهن وانگر جن وساريو الله کي پوءِ وسارايائين انهن کان سِــرَ انهن جا اهيئي فاسق آهن . |
لا يَستَوى أَصحٰبُ النّارِ وَأَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
نه ٿا برابر ٿين جهنم وارا ۽ جنت وارا، جنت وارا اهيئي ڪامياب ٿيندڙ آهن . |
لَو أَنزَلنا هٰذَا القُرءانَ عَلىٰ جَبَلٍ لَرَأَيتَهُ خٰشِعًا مُتَصَدِّعًا مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
جيڪڏهن نازل ڪيون ها اسين هي قرآن جبل تي ته البته ڏسين ها ان کي جهڪندڙ، ٽڪرا ٽڪرا ٿيندڙ الله جي خوف کان ۽ اهي مثال بيان ڪيون ٿا اهي ماڻهن جي لاءِ تانته اهي سوچين . |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 22) |
اِهو الله اُهو آهي جو ناهي ڪو معبود بالحق ان کان سواءِ ڄاڻندڙ آهي غيب ۽ ظاهر اهوئي مهربان ٻاجهارو آهي . |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ المَلِكُ القُدّوسُ السَّلٰمُ المُؤمِنُ المُهَيمِنُ العَزيزُ الجَبّارُ المُتَكَبِّرُ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 23) |
اِهو ئي اُهو آهي جو ناهي ڪو سچو معبود ان کان سواءِ بادشاهه، پاڪ، سلامتي ڏيندڙ، امن ڏيندڙ، نگهبان، غالب، جبار، متڪبر، الله جي پاڪائي آهي ان کان جيڪو شريڪ بنائن ٿا . |
هُوَ اللَّهُ الخٰلِقُ البارِئُ المُصَوِّرُ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ يُسَبِّحُ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 24) |
اهوالله پيدا ڪندڙ، وجود ڏيندڙ، صورت ٺاهيندڙ آهي ان جا ئي آهن نالا سهڻا تسبيح پڙهن ٿا ان لاءِ جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ زمين ۾ ۽ اهو ئي غالب، حڪمت وارو آهي . |