سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
آسمانن ۽ زمين جي هر مخلوق الله تعالى جي تسبيح بيان ڪري رهي آهي. ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. |
هُوَ الَّذى أَخرَجَ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن دِيٰرِهِم لِأَوَّلِ الحَشرِ ما ظَنَنتُم أَن يَخرُجوا وَظَنّوا أَنَّهُم مانِعَتُهُم حُصونُهُم مِنَ اللَّهِ فَأَتىٰهُمُ اللَّهُ مِن حَيثُ لَم يَحتَسِبوا وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ يُخرِبونَ بُيوتَهُم بِأَيديهِم وَأَيدِى المُؤمِنينَ فَاعتَبِروا يٰأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 2) |
اهو الله ئي آهي جنھن ڪفر ڪرڻ واري يھودي ٽولي (بنو نضير) کي پھرين ئي حملي ۾ سندس گهرن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. (اي مسلمانو!) توهان جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته هو (ايترو آسانيءَ سان مديني مان) نڪري ويندا . اُهي (يھودي) اهو سمجهي ويٺا هئا ته کين سندن قلعا الله تعالى (جي پڪڙ) کان بچائيندا. پر الله تعالى (جو عذاب) انهن ڏي اهڙي طرف کان آيو جو کين گمان ۾ به نه هو. الله تعالى انهن جي دلين ۾ (مسلمانن جي) اهڙي ته دهشت ويھاري ڇڏي جو هُو پنھنجي هٿن سان ۽ مسلمانن جي تعاون سان پنھنجي گهرن کي ڊاهڻ لڳا (ته جيئن ڪجهه سامان بچائي کڻي وڃن) اي بصيرت (يعني سمجهه ۽ سوچ) رکڻ وارؤ! (هن واقعي مان) عبرت پڪڙيو. |
وَلَولا أَن كَتَبَ اللَّهُ عَلَيهِمُ الجَلاءَ لَعَذَّبَهُم فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابُ النّارِ (آيت : 3) |
۽ جيڪڏهن الله تعالى انهن جي لاءِ ملڪ مان نيڪالي نه لکي ها ته کين دنيا ۾ (ٻئي قسم جو) عذاب ڏي ها ۽ آخرت ۾ ته انهن جي لاءِ جهنم جو عذاب (ضرور) آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِّ اللَّهَ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 4) |
انهن سان اهو سلوڪ ان ڪري ٿيو آهي جو انهن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي مخالفت ڪئي. (سو ٻُڌي ڇڏيو ته) جيڪو به الله تعالى جي مخالفت ڪندو ته الله تعالى به سزا ڏيڻ ۾ سخت آهي. |
ما قَطَعتُم مِن لينَةٍ أَو تَرَكتُموها قائِمَةً عَلىٰ أُصولِها فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيُخزِىَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
(بنو نضير کي گهيرو ڪرڻ وقت) توهان جيڪي (سندن کجين جا) وڻ ڪپيا هئا يا جن کي ڇڏي ڏنو هو سو سڀ الله تعالى جي اجازت سان هو ته جيئن هُو نافرمان ماڻهن کي خوار خراب ڪري. |
وَما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِنهُم فَما أَوجَفتُم عَلَيهِ مِن خَيلٍ وَلا رِكابٍ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُسَلِّطُ رُسُلَهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6) |
(بنو نضير جي وڃڻ کان پوءِ) جيڪو مال انهن (يهودين) جي قبضي مان مليو سو الله تعالى پنھنجي رسول (ﷺ) کي ڏنو. ان مال لاءِ توهان گهوڙا ۽ اٺ ڪونه ڊوڙايا هئا پر الله تعالى پنھنجي رسول کي جنھن (قوم) تي وڻيس غالب ڪندو آهي ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندو آهي. |
ما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِن أَهلِ القُرىٰ فَلِلَّهِ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ كَى لا يَكونَ دولَةً بَينَ الأَغنِياءِ مِنكُم وَما ءاتىٰكُمُ الرَّسولُ فَخُذوهُ وَما نَهىٰكُم عَنهُ فَانتَهوا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 7) |
(هاڻي) جيڪو به مال انهن ڳوٺن جي رهندڙ ماڻهن کان، الله تعالى پنھنجي رسول سڳوري کي (بغير ويڙهه جي) ڏياريو آهي سو الله تعالى، رسول سڳوري، سندس مائٽن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن جي لاءِ آهي ته جيئن اهو مال توهان مان رڳو مالدارن جي وچ ۾ ڦرندو نه رهي. توهان کي رسول سڳورو جيڪو ڪجهه ڏيئي اهو وٺو ۽ جنھن شيءِ کان منع ڪري ته ان کان رڪجي وڃو. ۽ توهان الله تعالى کان ڊڄو. بيشڪ الله تعالى سخت عذاب ڏيندڙ آهي. |
لِلفُقَراءِ المُهٰجِرينَ الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأَموٰلِهِم يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا وَيَنصُرونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 8) |
(۽ اهو مال) هجرت ڪندڙ مسڪينن جي لاءِ (به) آهي، جن کي پنھنجي گهرن مان ڪڍي سندن مال کان محروم ڪيو ويو آهي. هُو ته الله تعالى جي مھرباني ۽ رضامندي چاهين ٿا ۽ الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي حمايت ۾ ڄمي بيٺا آهن. اهي ئي سچائي واري رستي تي هلڻ وارا ماڻهو آهن. |
وَالَّذينَ تَبَوَّءُو الدّارَ وَالإيمٰنَ مِن قَبلِهِم يُحِبّونَ مَن هاجَرَ إِلَيهِم وَلا يَجِدونَ فى صُدورِهِم حاجَةً مِمّا أوتوا وَيُؤثِرونَ عَلىٰ أَنفُسِهِم وَلَو كانَ بِهِم خَصاصَةٌ وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 9) |
۽ (اهو مال) اُنهن انصاري ماڻهن لاءِ به آهي جيڪي هجرت ڪندڙ (مھاجرن) کان اڳ ئي ايمان آڻي هن اسلامي حڪومت ۾ رهائش اختيار ڪري چڪا هئا. هي ماڻهو هجرت ڪندڙ (مھاجرن) سان وڏي محبت رکندا آهن ۽ جيڪو ڪجهه هجرت ڪندڙ (مھاجرن) کي ڏنو ويو، اُن تي هنن (انصارين) جي دل نه ڏکندي آهي (بلڪه) هو ته پنھنجي ذات تي ٻين کي ترجيح ڏيندا آهن توڙي جو هو خود به ضرورت مند هوندا آهن. (درحقيقت) جيڪي ماڻهو تنگ نظري (يا مال جي حرص) کان بچايا ويا، سي ئي ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهن. |
وَالَّذينَ جاءو مِن بَعدِهِم يَقولونَ رَبَّنَا اغفِر لَنا وَلِإِخوٰنِنَا الَّذينَ سَبَقونا بِالإيمٰنِ وَلا تَجعَل فى قُلوبِنا غِلًّا لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا إِنَّكَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 10) |
۽ هي مال انهن ماڻهن لاءِ به آهي جيڪي مھاجرن ۽ انصارين کان پوءِ (مديني جي رياست ۾) ايمان جي حيثيت ۾ داخل ٿيا ۽ چون ٿا ته: اي اسان جا پالڻھار! اسان کي ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي معاف فرماءِ جيڪي اسان کان اڳ ايمان آڻي چڪا آهن ۽ اسان جي دلين ۾ مؤمنن جي لاءِ ڪوبه ساڙ نه رکجانءِ. اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ تون وڏو نرمي ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهين. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نافَقوا يَقولونَ لِإِخوٰنِهِمُ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَئِن أُخرِجتُم لَنَخرُجَنَّ مَعَكُم وَلا نُطيعُ فيكُم أَحَدًا أَبَدًا وَإِن قوتِلتُم لَنَنصُرَنَّكُم وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 11) |
ڇا تو نه ڏٺو ته هي منافق ماڻهو پنھنجي ڪافر اهل ڪتاب ڀائرن کي چون ٿا ته جيڪڏهن توهان کي هتان (مديني) مان ڪڍيو ويو ته اسان به توهان سان گڏ نڪرنداسين ۽ اوهان جي خلاف ڪنھن جو به چيو نه مڃينداسين ۽ جيڪڏهن توهان سان ويڙهه ڪئي وئي ته اسان توهان جي ضرور مدد ڪنداسين پر الله تعالى گواهي ڏي ٿو ته هي (منافق) ڪوڙا آهن. |
لَئِن أُخرِجوا لا يَخرُجونَ مَعَهُم وَلَئِن قوتِلوا لا يَنصُرونَهُم وَلَئِن نَصَروهُم لَيُوَلُّنَّ الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 12) |
جيڪڏهن هي (يھودي) هتان ڪڍيا ويا ته هي منافق انهن سان گڏ ڪڏهن به نه نڪرندا ۽ جيڪڏهن انهن سان ويڙهه ڪئي وئي ته هي (منافق) ماڻهو اُنهن جي (ڪابه) مدد نه ڪندا پر جيڪڏهن هي اُنهن جي مدد ڪندا به ته (هي وچ ۾ گوهي هڻي) پُٺي ڏئي ڀڄندا ۽ پوءِ انهن جي ڪٿان به مدد نه ڪئي ويندي. |
لَأَنتُم أَشَدُّ رَهبَةً فى صُدورِهِم مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 13) |
(اي مسلمانو!) انهن (منافقن) جي دلين ۾ الله تعالى کان وڌيڪ توهان جي دهشت ويٺل آهي. اهو ان ڪري آهي جو هي ماڻهو سمجهه نٿا رکن. |
لا يُقٰتِلونَكُم جَميعًا إِلّا فى قُرًى مُحَصَّنَةٍ أَو مِن وَراءِ جُدُرٍ بَأسُهُم بَينَهُم شَديدٌ تَحسَبُهُم جَميعًا وَقُلوبُهُم شَتّىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 14) |
هي ماڻهو توهان سان متحد ٿي (کليل ميدان ۾) جنگ نه ڪري سگهندا. هي ته قلعن ۾ ويھي يا ڀتين پويان (ڊڄڻن ماڻهن وانگر) وڙهندا. توهان سمجهو ٿا ته هي سڀ پاڻ ۾ گڏ آهن حالانڪه انهن جون دليون هڪ ٻئي کان الڳ الڳ (۽ وڙهيل) آهن. اهو ان ڪري آهي جو هي ماڻهو عقل کان ڪم نٿا وٺن. |
كَمَثَلِ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَريبًا ذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 15) |
انهن (منافقن) جو مثال انهن (مڪي جي مشرڪن ۽ يھودي قبيلي بنو قينقاع جي ماڻهن) وانگر آهي جن ٿورو اڳ (بدر جي ميدان ۽ مديني مان نيڪالي جي صورت ۾) پنھنجي عمل جي سزا چکي آهي ۽ انهن لاءِ (وڌيڪ) تڪليف وارو عذاب آهي. |
كَمَثَلِ الشَّيطٰنِ إِذ قالَ لِلإِنسٰنِ اكفُر فَلَمّا كَفَرَ قالَ إِنّى بَريءٌ مِنكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
انهن جو مثال شيطان وانگر آهي جڏهن هو ڪنھن ماڻهوءَ کي چوندو آهي ته ڪفر ڪر، پوءِ جڏهن هو ڪفر ڪندو آهي ته شيطان کيس چوندو آهي ته مان توکان بيزار آهيان (۽ تنھنجي ڪفر سان مان ٻڌل نه آهيان) مان ته خود سڀني جھانن جي پالڻھار کان ڊڄان ٿو. |
فَكانَ عٰقِبَتَهُما أَنَّهُما فِى النّارِ خٰلِدَينِ فيها وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 17) |
پوءِ ٻنهي (شيطان ۽ ماڻهوءَ) جي پڇاڙي اها ٿي جو هو ٻئي هميشه لاءِ باهه ۾ رهندا، ظالمن جي اها ئي سزا آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَلتَنظُر نَفسٌ ما قَدَّمَت لِغَدٍ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى کان ڊڄو ۽ (توهان مان) هر شخص کي اهو ڏسڻ گهرجي ته هُن سڀاڻي (برپا ٿيندڙ آخرت) جي لاءِ اڳتي ڇا موڪليو آهي؟ الله تعالى کان ڊڄو بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کي خوب ڄاڻي ٿو. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ نَسُوا اللَّهَ فَأَنسىٰهُم أَنفُسَهُم أُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 19) |
توهان اُنهن ماڻهن جھڙا نه ٿجو جن الله تعالى کي وساري ڇڏيو پوءِ (نتيجي ۾) الله تعالى به سندن دلين ۾ غفلت (يعني خود فراموشي) پيدا ڪري ڇڏي. (دراصل) اهي ئي ماڻهو نافرمان آهن. |
لا يَستَوى أَصحٰبُ النّارِ وَأَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
باهه ۾ وڃڻ وارا ۽ جنت ۾ وڃڻ وارا ٻئي برابر نٿا ٿي سگهن. جنت ۾ وڃڻ وارا ئي ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهن. |
لَو أَنزَلنا هٰذَا القُرءانَ عَلىٰ جَبَلٍ لَرَأَيتَهُ خٰشِعًا مُتَصَدِّعًا مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
جيڪڏهن اسان هن قرآن کي ڪنھن جبل تي نازل ڪريون ها ته تون ڏسين ها ته اهو (جبل) الله تعالى جي خوف وِچان جهڪي وڃي ها ۽ ڦاٽي پُرزا پُرزا ٿي وڃي ها. اسان ماڻهن جي اڳيان هي مثال ان ڪري پيش ڪندا آهيون ته جيئن هُو غور ۽ فڪر ڪن. |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 22) |
الله تعالى اهو آهي جنھن کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي هو هر ظاهري ۽ لڪيل شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو، هو بيحد مھربان ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ المَلِكُ القُدّوسُ السَّلٰمُ المُؤمِنُ المُهَيمِنُ العَزيزُ الجَبّارُ المُتَكَبِّرُ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 23) |
الله تعالى اهو آهي جنھن کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي، هو بادشاهه، انتھائي پاڪ، سلامتي ڏيندڙ، امن ڏيندڙ، نگھبان، غالب رهندڙ، سڀني کي جهڪائيندڙ ۽ وڏائي وارو آهي. الله تعالى پاڪ آهي اُن شِرڪ کان جيڪي هي ماڻهو ڪري رهيا آهن. |
هُوَ اللَّهُ الخٰلِقُ البارِئُ المُصَوِّرُ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ يُسَبِّحُ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 24) |
الله تعالى اهو آهي جيڪو پيدا ڪندڙ، نئون بنائيندڙ ۽ شڪليون ٺاهيندڙ آهي. ان جا سڀ نالا سھڻا آهن. آسمانن ۽ زمين جي هر مخلوق ان جي تسبيح بيان ڪري رهي آهي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. |