سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
تسبيح ڪئي آهي الله جي هر شيءِ جيڪا آسمانن ۾ آهي ۽ زمين ۾، ۽ اهو ئي غالب ۽ داناءُ آهي |
هُوَ الَّذى أَخرَجَ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن دِيٰرِهِم لِأَوَّلِ الحَشرِ ما ظَنَنتُم أَن يَخرُجوا وَظَنّوا أَنَّهُم مانِعَتُهُم حُصونُهُم مِنَ اللَّهِ فَأَتىٰهُمُ اللَّهُ مِن حَيثُ لَم يَحتَسِبوا وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ يُخرِبونَ بُيوتَهُم بِأَيديهِم وَأَيدِى المُؤمِنينَ فَاعتَبِروا يٰأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 2) |
اهوئي آهي جنهن ٻاهر ڪڍيو انهن ڪافرن کي اهلِ ڪتاب مان سندن گهرن مان پهرين ئي حملي ۾، ڪوبه گمان ئي توهان کي نه هو ته اهي نڪري ويندا ۽ سمجهيو ويٺا هئا اهي به ته بچائي وٺندا کين سندن قلعا الله کان، پر اهڙي رخ کان انهن تي الله آيو جيڏانهن سندن خيال به نه ويو هو، ۽ وڌو ان سندن دلين ۾ (اهڙو) رعب جو اهي ڊاهي رهيا هئا پنهنجا گهر پنهنجي هٿن سان ۽ هٿان مؤمنن جي پڻ برباد ڪرائي رهيا هئا، پوءِ عبرت وٺو اي اکيون رکڻ وارؤ! |
وَلَولا أَن كَتَبَ اللَّهُ عَلَيهِمُ الجَلاءَ لَعَذَّبَهُم فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابُ النّارِ (آيت : 3) |
۽ جي نه لکي هجي ها الله انهن جي حق ۾ جلاوطني (ڏيهه نيڪالي) ته کين عذاب ڏئي ها دنيا ۾ ئي، ۽ انهن جي لاءِ ته آخرت ۾ به عذاب آهي دوزخ جو |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِّ اللَّهَ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 4) |
اهو سڀ ان ڪري ٿيو جو انهن مقابلو ڪيو الله ۽ سندس رسول جو، ۽ جيڪو به مقابلو ڪندو الله جو، ته بيشڪ الله ڏاڍو سخت آهي سزا ڏيڻ ۾ |
ما قَطَعتُم مِن لينَةٍ أَو تَرَكتُموها قائِمَةً عَلىٰ أُصولِها فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيُخزِىَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
توهان وڍيا کجين جا جيڪي وڻ يا جن کي ڇڏي ڏنو بيٺل پنهنجي پاڙن تي، اهو حڪم الله سان هو ۽ (اهو ان ڪري به ڏنو ته) جيئن ذليل خوار ڪري نافرمانن کي |
وَما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِنهُم فَما أَوجَفتُم عَلَيهِ مِن خَيلٍ وَلا رِكابٍ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُسَلِّطُ رُسُلَهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6) |
۽ جيڪي به مال موٽايا الله انهن جي قبضي مان ڪڍي پنهنجي رسول ڏي، (اهي اهڙا نه آهن) جن تي ڊوڙايا هجن توهان پنهنجا گهوڙا ۽ اُٺ طرفدار پر الله عطا ڪندو آهي غلبو پنهنجي رسولن کي جنهن تي به گهرندو آهي، ۽ الله هر شيءِ تي وس وارو (قدرت وارو) آهي |
ما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِن أَهلِ القُرىٰ فَلِلَّهِ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ كَى لا يَكونَ دولَةً بَينَ الأَغنِياءِ مِنكُم وَما ءاتىٰكُمُ الرَّسولُ فَخُذوهُ وَما نَهىٰكُم عَنهُ فَانتَهوا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 7) |
جيڪي ڪجهه موٽائي ڇڏي الله پنهنجن رسولن ڏانهن انهن ڳوٺاڻن کان، سو سڀ الله ۽ رسول ۽ مائٽن مٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ (اهي جيڪي) مسافر آهن انهن جي لاءِ آهي جيئن اهو گردش نه ڪندو رهي توهان جي مالدارن جي وچ ۾، ۽ جيڪي ڪجهه توهان کي ڏئي رسول سو وٺو، ۽ جنهن شيءِ کان توهان کي جهلي، تنهن کان رڪجي وڃو، ۽ ڊڄو الله کان، بيشڪ الله ئي ڏيڻ وارو آهي سخت ترين سزا |
لِلفُقَراءِ المُهٰجِرينَ الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأَموٰلِهِم يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا وَيَنصُرونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 8) |
(اهو مال) انهن غريب مهاجرن جي لاءِ آهي جيڪي ڪڍيا ويا آهن پنهنجي گهرن ۽ جائدادن مان، اهي شخص گُهرن ٿا فضل پنهنجي رب جو ۽ سندس رضا ۽ تيار رهندا آهن حمايت الله ۽ سندس رسول جي تي، اهي ئي ماڻهو (حقيقت ۾) سچا آهن |
وَالَّذينَ تَبَوَّءُو الدّارَ وَالإيمٰنَ مِن قَبلِهِم يُحِبّونَ مَن هاجَرَ إِلَيهِم وَلا يَجِدونَ فى صُدورِهِم حاجَةً مِمّا أوتوا وَيُؤثِرونَ عَلىٰ أَنفُسِهِم وَلَو كانَ بِهِم خَصاصَةٌ وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 9) |
۽ (اهو انهن ماڻهن جي لاءِ به آهي) جيڪو ايمان آڻي انهن مهاجرن جي اچڻ کان اڳي ئي انهن سان محبت رکن ٿا جيڪي هجرت ڪري وٽن آيا دار الهجرت (مديني) ۾ رهيل هئا ۽ نٿا محسوس ڪن اهي پنهنجي دلين ۾ ڪابه حاجت جيڪي ڪجهه انهن کي ڏنو وڃي ۽ پنهنجي ذات تي ٻين کي ترجيح ڏين ٿا جيتوڻيڪ اهي خود محتاج هجن، حقيقت هيءَ آهي ته جيڪي بچايا ويا آهن بخيلي سندن نفس جي کان، اهي ئي ڪامياب آهن |
وَالَّذينَ جاءو مِن بَعدِهِم يَقولونَ رَبَّنَا اغفِر لَنا وَلِإِخوٰنِنَا الَّذينَ سَبَقونا بِالإيمٰنِ وَلا تَجعَل فى قُلوبِنا غِلًّا لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا إِنَّكَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 10) |
۽ (اهو انهن ماڻهن لاءِ به آهي ته) جيڪي انهن پهرين آيلن کان پوءِ آيا آهن، چوندا آهن، اي پالڻهار اسان جا! بخش ڪر اسان کي ۽ اسان جي ڀائرن، انهن کي جن اسان کان اڳي ايمان آندو ۽ نه وجهه اسان جي دلين ۾ ڪو بغض انهن جي باري ۾ جن ايمان آندو، اسان جا رب! بيشڪ تون وڏو مهربان رحيم آهين |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نافَقوا يَقولونَ لِإِخوٰنِهِمُ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَئِن أُخرِجتُم لَنَخرُجَنَّ مَعَكُم وَلا نُطيعُ فيكُم أَحَدًا أَبَدًا وَإِن قوتِلتُم لَنَنصُرَنَّكُم وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 11) |
ڇا تو ڏٺو نه آهي انهن ماڻهن کي، جن منافقت جي راهه اختيار ڪئي، اهي چوندا آهن پنهنجي انهن ڀائرن کي جن ڪفر ڪيو اهلِ ڪتاب مان، ”جيڪڏهن ڪڍيو ويو توهان کي ته اسان نڪرنداسين توهان سان گڏ، ۽ هرگز نه مڃينداسين توهان جي باري ۾ ڪنهن جي به ڪا ڳالهه، ۽ جيڪڏهن توهان سان جنگ ڪئي وئي ته اسان توهان جي مدد ڪنداسين، پر الله شاهد آهي ته اهي بلڪل ڪوڙا آهن |
لَئِن أُخرِجوا لا يَخرُجونَ مَعَهُم وَلَئِن قوتِلوا لا يَنصُرونَهُم وَلَئِن نَصَروهُم لَيُوَلُّنَّ الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 12) |
جي اهي واقعي ڪڍيا ويا ته نه نڪرندا اهي انهن سان گڏ، ۽ جي انهن سان جنگ ڪئي وئي ته نه ڪندا اهي مدد انهن جي، ۽ جي انهن جي مدد ڪئي وئي ته ضرور پٺي ڏئي پوئتي ڀڄندا، پوءِ انهن جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي |
لَأَنتُم أَشَدُّ رَهبَةً فى صُدورِهِم مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 13) |
توهان جو تمام سخت خوف آهي انهن جي دلين ۾ الله کان به، ان ڪري جو اهي اهڙا ماڻهو آهن جو نه ٿا رکن ڪابه سمجهه |
لا يُقٰتِلونَكُم جَميعًا إِلّا فى قُرًى مُحَصَّنَةٍ أَو مِن وَراءِ جُدُرٍ بَأسُهُم بَينَهُم شَديدٌ تَحسَبُهُم جَميعًا وَقُلوبُهُم شَتّىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 14) |
نه مقابلو ڪندا توهان جو (کليل ميدان ۾) اهي گڏ ٿي، جي وڙهيا به ته قلعي وارين وستين ۾ ويهي يا ڀتين جي پويان لڪي، اهي پنهنجي مخالفت ۾ ڏاڍا سخت آهن، تون انهن کي سمجهين ٿو گڏيل پر انهن جون دليون ڦٽل آهن هڪ ٻئي کان، انهن جو اهو حال انهيءَ ڪري آهي جو اهي ماڻهو ڪو عقل نٿا رکن |
كَمَثَلِ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَريبًا ذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 15) |
اهي انهن ماڻهن وانگر آهن جو اهي اڳي ٿورڙو وقت مزو چکي چڪا آهن پنهنجي ڪِئي جو، ۽ انهن جي لاءِ عذاب آهي تمام دردناڪ |
كَمَثَلِ الشَّيطٰنِ إِذ قالَ لِلإِنسٰنِ اكفُر فَلَمّا كَفَرَ قالَ إِنّى بَريءٌ مِنكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
انهن جو مثال شيطان وانگر آهي، جو پهرين چوندو آهي انسان کي ته ڪفر ڪر، پوءِ جڏهن اهو ڪفر ڪري ته اهو چوندو آهي آئون ته بيزار آهيان تو کان، مون کي ته خوف ٿو ٿئي الله رب العالمين کان |
فَكانَ عٰقِبَتَهُما أَنَّهُما فِى النّارِ خٰلِدَينِ فيها وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 17) |
پوءِ ٻنهي جي پڇاڙي اها ٿيڻي آهي ته ٻئي دوزخ ۾ سدائين لاءِ ويندا، ۽ اها ئي جزا آهي ظالمن جي لاءِ |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَلتَنظُر نَفسٌ ما قَدَّمَت لِغَدٍ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! ڊڄو الله کان ۽ اهو ڏسي ته هن پنهنجي سڀاڻي جي لاءِ ڇا گڏ ڪيو آهي، ۽ ڊڄندا رهو الله کان، بيشڪ الله سڀ خبر رکي ٿو جيڪي توهان ڪريو ٿا |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ نَسُوا اللَّهَ فَأَنسىٰهُم أَنفُسَهُم أُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 19) |
۽ نه ٿيو انهن ماڻهن جهڙا جن وساريو الله کي ته وساريا ويا سندن نفس، اهي ئي ماڻهو آهن فاسق |
لا يَستَوى أَصحٰبُ النّارِ وَأَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
نه ٿا ٿي سگهن برابر دوزخ وارا ماڻهو ۽ جنت ۾ وڃڻ وارا ماڻهو، جنت ۾ وڃڻ وارا ماڻهو اصل ۾ ڪامياب آهن |
لَو أَنزَلنا هٰذَا القُرءانَ عَلىٰ جَبَلٍ لَرَأَيتَهُ خٰشِعًا مُتَصَدِّعًا مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
جيڪڏهن اسان نازل ڪريون ها هي قرآن ڪنهن جبل تي ته تون ڏسين ها ته اهو لرزي ڦاٽي رهيو آهي خوفِ خدا ۾، ۽ اهي مثال اسان بيان ڪريون ٿا انهن ماڻهن جي لاءِ ته اهي (پنهنجي حالت تي) غور ڪن |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 22) |
اهو الله ئي آهي جنهن کان سواءِ ڪو خدا نه آهي، هرڪا ڄاڻ رکي ٿو ڳجهه ۽ ظاهر جي، اهو ئي ٻاجهه وارو ۽ مهربان آهي |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ المَلِكُ القُدّوسُ السَّلٰمُ المُؤمِنُ المُهَيمِنُ العَزيزُ الجَبّارُ المُتَكَبِّرُ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 23) |
اهو الله ئي آهي جنهن کان سواءِ ڪو خدا نه آهي، اهو ئي بادشاهه مقدس ۽ پاڪ، سراسر سلامتي، امن ڏيڻ وارو نگهبان، سڀني تي غالب، هر حڪم زوري نافذ ڪندڙ، پاڪ آهي الله ان شرڪ کان جيڪو ماڻهو ڪري رهيا آهن |
هُوَ اللَّهُ الخٰلِقُ البارِئُ المُصَوِّرُ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ يُسَبِّحُ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 24) |
اهو الله ئي آهي خالق تخليق جو منصوبو ٺاهيندڙ، نافذ ڪندڙ، شڪليون ڏيندڙ، ان جا سڀ سٺا نالا آهن، هر شيءِ ان جي تسبيح بيان ڪري پئي جيڪا آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، اهو ئي زبردست ۽ حڪمت وارو آهي |