قَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّتى تُجٰدِلُكَ فى زَوجِها وَتَشتَكى إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ يَسمَعُ تَحاوُرَكُما إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 1) |
(اي رسول) جا عورت (خوله نالي) تو سان پنهنجي مڙس (اوس) جي معاملي ۾ جهڳڙو ڪري ٿي ۽ خدا سان گلا ڏک بيان ڪري ٿي خدا ان جي ڳالھ ٻڌي رهيو آهي ۽ خدا اوهان ٻنهي جي گفتگو ٻڌي رهيو آهي. بيشڪ خدا وڏو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
الَّذينَ يُظٰهِرونَ مِنكُم مِن نِسائِهِم ما هُنَّ أُمَّهٰتِهِم إِن أُمَّهٰتُهُم إِلَّا الّٰـٔى وَلَدنَهُم وَإِنَّهُم لَيَقولونَ مُنكَرًا مِنَ القَولِ وَزورًا وَإِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 2) |
جيڪي اوهان مان پنهنجين زالن سان ظهار ڪن ٿا (پنهنجي ماءُ جي پٺ سان مشابهت ڏين ٿا) سو اهي (زالون) انهن جون مائرون نه ٿيون سندس مائرون رڳيون اهي آهن جن کين ڄڻيو آهي. ۽ اهي نه وڻندڙ ڳالھ ۽ ڪوڙ چون ٿا. ۽ بيشڪ خدا گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشڻهار آهي. |
وَالَّذينَ يُظٰهِرونَ مِن نِسائِهِم ثُمَّ يَعودونَ لِما قالوا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا ذٰلِكُم توعَظونَ بِهِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 3) |
۽ جي پنهنجين زالن سان ظهار ڪن ٿا پوءِ وري جيڪي چيو اٿن تنهن کي واپس وٺن ٿا (تن تي) هڪ ٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي (ڪفاره ۾) هڪ غلام جو آزاد ڪرڻ (ضروري آهي) ان جي اوهان کي نصيحت ڪئي ٿي وڃي. ۽ اوهين جيڪي ڪريو ٿا خدا تنهن کان با خبر آهي. |
فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا فَمَن لَم يَستَطِع فَإِطعامُ سِتّينَ مِسكينًا ذٰلِكَ لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 4) |
پر جنهن کي غلام نه ملي ته (هو) هڪ ٻي کي هٿ لائڻ کان اڳي لڳو لڳ ٻن مهينن جا روزا رکي. ۽ جنهن کي اها به طاقت نه هجي ته (ان تي) سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ (فرض آهي) . اهو (حڪم) هن ڪري آهي ته جيئن اوهين خدا ۽ سندس رسول جي (پوري) تصديق ڪريو ۽ اهي خدا جون مقرر ڪيل حدون آهن ۽ انڪار ڪرڻ وارن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ كُبِتوا كَما كُبِتَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 5) |
بيشڪ جيڪي خدا ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا اهي (ائين) خوار ٿيندا جيئن انهن کان اڳيان خوار (۽ ذليل) ٿيا هئا ۽ اسان (ته بلڪل) پنهنجا پڌرا حڪم نازل ڪيا آهن. ۽ انڪار ڪرڻ وارن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا أَحصىٰهُ اللَّهُ وَنَسوهُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 6) |
جنهن ڏينهن خدا انهن سڀني کي ٻيو ڀيرو اٿاريندو ته کين سندن اعمالن کان آگاھ ڪندو. انهن (اگرچه) وساريو آهي پر خدا انهن کي ياد رکيو آهي ۽ خدا ته هر شيءِ جو شاهد آهي ئي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ ما يَكونُ مِن نَجوىٰ ثَلٰثَةٍ إِلّا هُوَ رابِعُهُم وَلا خَمسَةٍ إِلّا هُوَ سادِسُهُم وَلا أَدنىٰ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكثَرَ إِلّا هُوَ مَعَهُم أَينَ ما كانوا ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 7) |
ڇا اوهان کي معلوم نه آهي ته جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (مطلب ته سڀ کي)خدا ڄاڻي ٿو. ٽن ڄڻن جي ڳجهي ڳالھ ٻولھ نه ٿيندي پر اهو (خدا) انهن ۾ چوٿون آهي ۽ نه پنجن ڄڻن جي (پاڻ ۾ صلاح) پر خدا انهن ۾ ڇهون هوندو ۽ نه ان کان گهٽ هجن يا وڌيڪ جتي به هجن پر اهو (خدا) انهن سان گڏ هوندو آهي. پوءِ جو ڪجھ اهي (دنيا ۾) ڪندا رهيا قيامت جي ڏينهن کين ان کان آگاھ ڪندو. بيشڪ خدا هر ڳالھ کان چڱيءَ طرح واقف آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نُهوا عَنِ النَّجوىٰ ثُمَّ يَعودونَ لِما نُهوا عَنهُ وَيَتَنٰجَونَ بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَإِذا جاءوكَ حَيَّوكَ بِما لَم يُحَيِّكَ بِهِ اللَّهُ وَيَقولونَ فى أَنفُسِهِم لَولا يُعَذِّبُنَا اللَّهُ بِما نَقولُ حَسبُهُم جَهَنَّمُ يَصلَونَها فَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 8) |
ڇا تون انهن کي نه ڏٺو جن کي ڳجهين ڳالهين ٻولهين ڪرڻ کان روڪيو ويو هو مطلب ته جنهن ڳالھ کان کين جهليو ويو هو تنهن کي وري ڪن ٿا ۽ (وڏي ڳالھ ته) گناھ ۽ (بيجا) زيادتي ۽ رسول جي نافرمانيءَ ڪرڻ جون ڳجهيون ڳالهيون (سس پس) ڪن ٿا. ۽ جڏهن به تو وٽ اچن ٿا ته جن لفظن سان تو کي الله سلام نه ڪيو تن (ڪريل) لفظن سان سلام ڪن ٿا ۽ پنهنجي دل ۾ چون ٿا (جيڪڏهن هي سچو نبي آهي ته) جيڪي اسين چئون ٿا خدا ان جي سزا ڇو نه ٿو ڏئي! (اي رسول) کين دوزخ (جي سزا ئي) ڪافي آهي جنهن ۾ اهي داخل ڪيا ويندا. ته اها (ڪهڙي نه) بڇڙي جڳھ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَنٰجَيتُم فَلا تَتَنٰجَوا بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَتَنٰجَوا بِالبِرِّ وَالتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارو! جڏهن اوهين پاڻ ۾ ڳجهي ڳالھ ٻولھ ڪريو ته گناھ ۽ حد کان لنگهڻ ۾ رسول جي نافرمانيءَ جو ڳجهيون ڳالهيون نه ڪريو ۽ اوهين نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جون ڳجهيون ڳالهيون ڪريو ۽ ان خدا (جي غضب) کان ڊڄو جنهن (جي بارگاھ) ۾ اوهان کي ڪٺو ڪيو ويندو. |
إِنَّمَا النَّجوىٰ مِنَ الشَّيطٰنِ لِيَحزُنَ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيسَ بِضارِّهِم شَيـًٔا إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 10) |
(برين ڳالهين جي) ڳجهي ڳالھ ٻولھ ته شيطاني ڪم آهي (اهو هن لاءِ ڪن ٿا) ته ايمان وارن کي ان مان رنج پهچي. هوڏانهن خدائي مشيت کان سواءِ (سندن) ڳجهي ڳالھ ٻولھ انهن (مومنن) کي ڪو به نقصان پهچائي نه ٿي سگهي. ۽ مومنن کي ته خدا تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قيلَ لَكُم تَفَسَّحوا فِى المَجٰلِسِ فَافسَحوا يَفسَحِ اللَّهُ لَكُم وَإِذا قيلَ انشُزوا فَانشُزوا يَرفَعِ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ أوتُوا العِلمَ دَرَجٰتٍ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 11) |
اي ايمان وارو! جڏهن به اوهان کي چيو وڃي ته مجلس ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو ته ڪشادي ڪندا ڪريو الله اوهان کي ڪشادگي عطا ڪندو. جڏهن به اوهان کي چيو وڃي ته اٿي کڙا ٿيو ته اٿي وڃو جي شخص اوهان مان ايماندار آهن ۽ جن کي علم عطا ڪيل آهي خدا تن جا درجا بلند ڪندو ۽ خدا اوهان جي سڀني ڪمن کان خوب واقف آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نٰجَيتُمُ الرَّسولَ فَقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقَةً ذٰلِكَ خَيرٌ لَكُم وَأَطهَرُ فَإِن لَم تَجِدوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي ايمان وارو! جڏهن رسول سان ڳجهي ڳالھ ڪرڻ گهرو ته اوهين پنهنجيءَ ڳجهي ڳالھ ڪرڻ کان اڳي پهرين صدقو ڏيو. اها اوهان لاءِ تمام چڱي ۽ پاڪيزه ڳالھ آهي. پر جيڪڏهن اوهان وٽ ڪجھ به نه هجي ته خدا گهڻو بخشيندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
ءَأَشفَقتُم أَن تُقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقٰتٍ فَإِذ لَم تَفعَلوا وَتابَ اللَّهُ عَلَيكُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 13) |
(مسلمانو!) ڇا اوهين (رسول سان) پنهنجيءَ ڳجهي ڳالھ ڪرڻ کان اڳي خيراتن ڪرڻ کان ڊڄي ويا؟ ته جڏهن اوهان ماڻهون (ايترو ڪم به) نه ڪري سگهيا ۽ خدا توهان کي معاف ڪري ڇڏيو ته نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيندا رهو پڻ خدا ۽ سندس رسول جي اطاعت ڪريو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا باخبر آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ تَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم ما هُم مِنكُم وَلا مِنهُم وَيَحلِفونَ عَلَى الكَذِبِ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 14) |
ڇا تون انهن (منافقن) جي رويه تي غور نه ڪيو آهي آهي جن اهڙن ماڻهن سان دوستي رکي جن تي خدا غضب نازل ڪيو آهي. اهي نه ته اوهان مان آهن ۽ نه انهن مان آهن ۽ اهي ڄاڻي ٻجهي ڪوڙ تي قسم کڻن ٿا اهي ڄاڻن ٿا. |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 15) |
خدا انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي بيشڪ اهي جو ڪجھ ڪن ٿا بلڪل بڇڙي ڳالھ آهي. |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 16) |
انهن پنهنجن قسمن کي ڍال بنايو آهي ۽ ماڻهن کي خدا جي راھ کان روڪين ٿا سو انهن لاءِ خوار ڪندڙ آهي. |
لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 17) |
سندن مال ۽ سندن اولاد خدا جي مقابلي ۾ کين ڪجھ به ڪم نه ايندا. اهي دوزخي آهن جي سدائين ان ۾ رهندا. |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيَحلِفونَ لَهُ كَما يَحلِفونَ لَكُم وَيَحسَبونَ أَنَّهُم عَلىٰ شَيءٍ أَلا إِنَّهُم هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 18) |
جنهن ڏينهن خدا انهن سڀني کي ٻيو ڀيرو (جياري) اٿاريندو ته اهي ماڻهو جيئن تنهنجي اڳيان (ڪوڙا) قسم کڻڻ ٿا تئين ان (خدا) جي اڳيان به قسم کڻندا ۽ اهو گمان اٿن ته اهي به ڪنهن چڱيءَ حالت ۾ رهن. خبردار ٿيو! اهي ئي يقينا ڪوڙا آهن. |
استَحوَذَ عَلَيهِمُ الشَّيطٰنُ فَأَنسىٰهُم ذِكرَ اللَّهِ أُولٰئِكَ حِزبُ الشَّيطٰنِ أَلا إِنَّ حِزبَ الشَّيطٰنِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 19) |
مٿن شيطان غالب ٿي ويو آهي جنهن انهن کان خدا جي ياد گيري ڀلائي ڇڏي آهي. اهي شيطان جي جماعت آهن.ياد رکو! شيطان جي جماعت ئي نقصان پائڻ واري آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ فِى الأَذَلّينَ (آيت : 20) |
جيڪي خدا ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا سي (ئي) تمام خوار (خراب) ماڻهن مان آهن. |
كَتَبَ اللَّهُ لَأَغلِبَنَّ أَنا۠ وَرُسُلى إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 21) |
خدا ناطق حڪم ڪري ڇڏيو آهي ته آءُ ۽ منهنجا رسول ضرور غالب ٿينداسون. بيشڪ خدا زور آور زبردست آهي. |
لا تَجِدُ قَومًا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ يُوادّونَ مَن حادَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلَو كانوا ءاباءَهُم أَو أَبناءَهُم أَو إِخوٰنَهُم أَو عَشيرَتَهُم أُولٰئِكَ كَتَبَ فى قُلوبِهِمُ الإيمٰنَ وَأَيَّدَهُم بِروحٍ مِنهُ وَيُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ أُولٰئِكَ حِزبُ اللَّهِ أَلا إِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 22) |
جي ماڻهو خدا ۽ ڏينهن قيامت تي ايمان رکن ٿا تون انهن کي خدا ۽ سندس رسول جي دشمن سان دوستي ڪندي نه ڏسندين توڙي جو اهي انهن جا ابا ڏاڏا يا سندن پٽ يا سندن ڀائر يا سندن خاندان مان هجن. اهي ئي اهي آهن جن جي دلين ۾ خدا ايمان کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي پڻ خاص پنهنجي نور سان سندن تائيد ڪئي آهي. ۽ کين اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ پيا وهن، اهي انهن ۾ پيا رهندا. خدا انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي الله کان راضي ٿيا. اهو ئي خدائي گروھ آهي. خبردار ٿيو الله جي جماعت ئي ڪامياب ٿيڻ واري آهي. |