قَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّتى تُجٰدِلُكَ فى زَوجِها وَتَشتَكى إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ يَسمَعُ تَحاوُرَكُما إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 1) |
اَلله پاڪ اُن جِي، سُئـِي سَمورِي ڳالھ، سَندسِ وَرجي ويڙھ جو، ذڪر ڪيو جِنهن زال، اوري پَئـِي اَلله سِين، اَندر جو اَحوال، اَلله اَوهان جو پاڻ ۾، ٿو ٻُڌي ٻائيتال، سُڻندڙ سَڀ سُوال، ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌَڻِي. |
الَّذينَ يُظٰهِرونَ مِنكُم مِن نِسائِهِم ما هُنَّ أُمَّهٰتِهِم إِن أُمَّهٰتُهُم إِلَّا الّٰـٔى وَلَدنَهُم وَإِنَّهُم لَيَقولونَ مُنكَرًا مِنَ القَولِ وَزورًا وَإِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 2) |
اَوهان مان سَندنِ عورتين، جي سَڏِين ماء مثِال، مائون سي، جَن ڄائـِيا، مائون هي نه مَجال، اُهي ڪَوڙي ۽ ڪُوڙِي، ڳِهلا ڪَن ٿا ڳالھ، ۽ ڀَلو ڪندڙ ڀال، پڻ مَعافِيون ڏِيندڙ مُلڪ کي. |
وَالَّذينَ يُظٰهِرونَ مِن نِسائِهِم ثُمَّ يَعودونَ لِما قالوا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا ذٰلِكُم توعَظونَ بِهِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 3) |
۽ آکِين پَنهنجي عورتينِ، جي مادر، ماء مِثال، وَرِي وَرَن تِنهن ڪنان، جا چِڙ مان چَيائون ڳالھ، پوءِ آهي آجو ڪرڻو، باندِي هِڪ بَحال، اِنهيان اڳ ته ڇُهن ٻَئـِي، هڪ ٻئي کي هَٿ نالي، اِها اَوهان کي ٿِي ڪَجي، نصِحيت نِهال!، جي اوهِين ڪريو اَعمال، آگو آگاھ اُن ڪنان. |
فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا فَمَن لَم يَستَطِع فَإِطعامُ سِتّينَ مِسكينًا ذٰلِكَ لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 4) |
پوءِ جي نه لَهي، ته لَڳ، ٻَه مَهِينا روزا رکڻا، اُنهِئَ ڪَنان اڳ، ته هَٿ لائـِن هيڪ ٻِئي کي. ٻَه مَهِينا روزا رکڻ جِي، جو سَگھ ساري ڪِين، کارائـِڻ خيرات پوءِ، سَٻرِي، سَٺ مِسڪِين، اِها آهي اِن ڪري، توهان کي تَلقِين، ته رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول ۾، يَڪدِل رکو يَقِين، ۽ هِي حَدون هادِي پاڪ جون، مُقرّر مُبِين، ۽ ساڙو سَخت سَنگِين، آهي اِنڪارِيَن لئي. |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ كُبِتوا كَما كُبِتَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 5) |
جي رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جي، اُبتڙ هَلن اَبتر، سي اُونڌا ڪيا وِيا اِنهِئَ کان، مَهندِيَن جِيئن مُنهن ڀَر، ۽ اُتارِيون سون آيتون، پَڌريون هَر ڪِنهن پَر، ۽ مِڙ مُنڪرن ماتر، جُٺ جِھڙو آهي جَنجال ڪو. |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا أَحصىٰهُ اللَّهُ وَنَسوهُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 6) |
اُٿارِيندو اُن سَڀين کي، جِهِين ڏِينهن ڏاتار، پوءِ سُڌ ڏِيندنِ، اُن سڀ جِي، جي ڪيائون ڪم ڪار، ۽ هُن ته اُهي وِساريا، سارِيا خُوب سَتار، جَلِيل رَبَّ جَبار، حاضِر هَرڪِنهن چِيز تي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ ما يَكونُ مِن نَجوىٰ ثَلٰثَةٍ إِلّا هُوَ رابِعُهُم وَلا خَمسَةٍ إِلّا هُوَ سادِسُهُم وَلا أَدنىٰ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكثَرَ إِلّا هُوَ مَعَهُم أَينَ ما كانوا ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 7) |
ڇا، ڏِٺائون نه؟ ته ڏاتار، سَڀ ڪُجھ آهي سَمجھندو، جيڪِي اُڀن ۾ اَسرار، ۽ جيڪِي زَمن زَمِين ۾. نَه هُوندِي ڪِنهِين به هَنڌن تي، ٽِن جِي رَمز رِهاڻ، مَگر چوٿون اُنهن سان، صِاحب سُرت، سُڄاڻ، نه پنج ڪِنهِين ماڳ، مگر ڇَهون پَنجن سان پاڻ، نه اِنهيان، گھٽ، نه گھڻا، مَگر اُهو اُنهن ساڻ، ڀيڙو هَر ڪِنهن ڀاڻ، جِتي به هُجي جھان ۾. موٽِي مَحشر ڏِينهن ۾، ڏِيندنِ ڪَل ڏاتار، ساري تَن سَڀن جِي، جي ڪيائون ڪم ڪار، سائـِين سَمجھدار، هرگز هَر ڪِنهن چِيز کي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نُهوا عَنِ النَّجوىٰ ثُمَّ يَعودونَ لِما نُهوا عَنهُ وَيَتَنٰجَونَ بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَإِذا جاءوكَ حَيَّوكَ بِما لَم يُحَيِّكَ بِهِ اللَّهُ وَيَقولونَ فى أَنفُسِهِم لَولا يُعَذِّبُنَا اللَّهُ بِما نَقولُ حَسبُهُم جَهَنَّمُ يَصلَونَها فَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 8) |
ڇا، نه ڏِٺئـِي؟ تَن کي، جَن مَنع ٿئـِي مُور، ڳِرهڻ بُڇِڙي ڳالھ کان، وَرِي پوءِ وَهلور، جِنهن کان جھليو کِين وِيو، سو موٽِي ڪَن مَذڪور، گُفتگُوءِ گَند جِي، پڻ ڀَڃڻ حُڪم حُضور، پڻ مُخفِي ڪن مَخمور، نافرمانِي نَبِئ جِي. ۽ جنهن مَهل تو وَٽ، مُصطفى! اَچڻ اِهي اَظلام، ته توتي سَلام، سو نه چيون، جو صاحِب چَئي سَلام، ڪَهن سَندنِ قُلوب ۾، ته ڪَهون جو ڪلام، ڇو نه اَسان تي عَذاب ڪري، اِن تان رَبُّ عَلام، بس آهي باھِ اُنهن لئي، جَھنّم جنهن جو نام، ڪَندا ڪڙڪو اُن ۾، ناگہ سي ناڪام، اُهو ماڳ مَقام، بي حد ڪو بُڇڙو ٿيو! |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَنٰجَيتُم فَلا تَتَنٰجَوا بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَتَنٰجَوا بِالبِرِّ وَالتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 9) |
اي اُهي، جَن مَڃيو!، جڏهن ڳرهيو ڳالھ، ته ڳرهيون نه ڳالهيون، پاپ جون، حَد لنگھڻ جُون لال!، ۽ چوريو نه ڪِنهن چال، نافرمانِي نَبِئ جِي. ۽ ڳرهيؤ ڳالهيون پاڻ ۾، نيڪِئَ جون نبار، پڻ پوتي پاڪ، رکڻ جون، ۽ ڏرو ڀَر ڏاتار، تِنهِين ڏي تڪرار، اَوهِين مِرئـِي ميڙبا. |
إِنَّمَا النَّجوىٰ مِنَ الشَّيطٰنِ لِيَحزُنَ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيسَ بِضارِّهِم شَيـًٔا إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 10) |
گوشي جيِ گُفتار، آهي شر شيطان جو، تان اُهي، جَن مَڃيو، تَن وِجھي مَنجھ وِيچار، ۽ اُهو ڏُک نَه ڏِيندڙ اُنهن کي، حُڪم ڌَڻِئَ جي ڌار، پوءِ بِهتر ته رکن بار، مُؤمِن مالِڪ پاڪ تي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قيلَ لَكُم تَفَسَّحوا فِى المَجٰلِسِ فَافسَحوا يَفسَحِ اللَّهُ لَكُم وَإِذا قيلَ انشُزوا فَانشُزوا يَرفَعِ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ أوتُوا العِلمَ دَرَجٰتٍ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 11) |
اي مَڃِي جَن آڻ!، جڏهن اَوهان کي، آکيو وَڃي، ته وِهو ٿِي ويڪرا، پاٿارِئَ ۾ پاڻ، پوءِ وِهو ٿِي ويڪرا، راهُو! مَنجھ رِهاڻ، ته آگو اَوهان ڪاڻ، سَڀ ڪُجھ سَولائـِي ڪري. جڏهن آن کي آکجي اُٿو، ته اٿو اَنهِئَ وار، ۽ مولا مٿاهون تن ڪري، جن آندو اِعتبار، ۽ جن کي عطا عِلم ٿيو، پڻ سُڃاڻپ ستار، درجن مٿي دِرجا، ڏِئي تَنِين ڏاتار، ۽ ڪَندا آهيو، جا ڪار، آگو آگاھ اُن ڪنان. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نٰجَيتُمُ الرَّسولَ فَقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقَةً ذٰلِكَ خَيرٌ لَكُم وَأَطهَرُ فَإِن لَم تَجِدوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
مُرسل سان، اي مؤمنو! جڏهن ڳَرهيو ڳالھ، پوءِ اَهنجي ڳرهڻ کان اڳي، ڏِيو مالِڪ لڳ، ڪُجھ مال، اِهو ڀَلو ڪم بحال، آھِ اوهان لئي ۽ پاڪ گھڻو. پوءِ خُدا ڪارڻ خير لئي، جي لَهو مُور نه مال، پوءِ بَخشِيندڙ بحال، آھِ سائـِين سَٻاجھو گھڻو. |
ءَأَشفَقتُم أَن تُقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقٰتٍ فَإِذ لَم تَفعَلوا وَتابَ اللَّهُ عَلَيكُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 13) |
ڇا، اَوهين ڊِڄي وِيا اِن ڪان، ته اَهنجي عَرض ڪرڻ کان اڳ، ڪو صدقو سائـِينءَ لَـڳ، آڻي اَڀرن کي ڏِيو؟ پوءِ جي اوهان ڪُجھ نَه ڪيو، ۽ لاٿو بارِي آن تان بار، پوءِ رکو فرض نماز جو، قائـِم بَرقرار، ۽ ڏيو زڪوٰتون مال مان، مُقرر مِقدار، ۽ رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جا، حُڪم مڃيو هيڪار، ۽ جي ڪريو ٿا ڪَم ڪار، واحِد وقِف اُن ڪنان. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ تَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم ما هُم مِنكُم وَلا مِنهُم وَيَحلِفونَ عَلَى الكَذِبِ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 14) |
ڇا تو نه ڏِٺو؟ تَن ڏي ، جي پَر ۾ ڪَن پيار، اُنهئ ڪافِر قوم سان، جَن تي ڏَمرِيو ڏاتار، نه اَوهان مَنجھان، ۽ اُنهن مان، آهِن اِهي آوار، ۽ سَمجھي سُڻي، سُنهن کڻن، مٿي ڪُوڙ ڪُفّار، |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 15) |
اَلله سَخت عذاب ڪيو، تَنِين لئي تَڪرار، جي ڪندا هُئا ڪم ڪار، اُهي بي حد ڪي بُڇڙا ٿيا! |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 16) |
سندن قسم ڪيائون ڍال، پوءِ روڪيؤن ربّ جي راه کان، پوءِ آهي اُنهن نال، سِٺ وارو سَخت عذاب ڪو. |
لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 17) |
مال ۽ اولاد اُنهن جو، وَڳر وَڳ وَٿاڻ، قادر رَبَّ ڪرِيم کان، ڪُجھ نه ڇُڏائيندنِ ڪاڻ، صَحِي ساٿِي باھ جا، اُهيئـِي اَڄاڻ، سَدا سُورن ساڻ، گھارِيندڙ اُن گَھر ۾. |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيَحلِفونَ لَهُ كَما يَحلِفونَ لَكُم وَيَحسَبونَ أَنَّهُم عَلىٰ شَيءٍ أَلا إِنَّهُم هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 18) |
اُٿارِيندو اُن مِڙن کي، جِھِين ڏِينهن جَبّار، پوءِ اُن کي ڏِيندا، ڏِينِ جِيئن آن کي اِعتبار، ۽ آهِن اُهي ڪِنهن ڳالھ تي،ڀانئـِن ٿا بيڪار، رَهو خَبردار، اُهي آهِن اَصل ڪُوڙ تي. |
استَحوَذَ عَلَيهِمُ الشَّيطٰنُ فَأَنسىٰهُم ذِكرَ اللَّهِ أُولٰئِكَ حِزبُ الشَّيطٰنِ أَلا إِنَّ حِزبَ الشَّيطٰنِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 19) |
شامتِي شيطان ٿيو، سِر تي، تَن سُوار، پوءِ ڏِنئين وِسارِي اُنهن کي، رَبَّ جي تات تنوار، اُهي ئـِي اِبليس جِي، آهِن فوج فُجَّار، کُٽو ٽُٽو خُوار، آهي ساٿ اِبلِيس جو. |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ فِى الأَذَلّينَ (آيت : 20) |
رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول کي، جي پُرن پُٺ ڏيئـِي، آهِن اُهيئـِي، هميشه هِيڻن ۾. |
كَتَبَ اللَّهُ لَأَغلِبَنَّ أَنا۠ وَرُسُلى إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 21) |
قُدرت جي ڪتاب۾، اَلله لِکيو اَصل، ته مَهٽِيندسِ آئون مُورهِين، پڻ مُنجھائـِي مُرسل، مالِڪ بي مِثل، زَبردست زور ڀَريو. |
لا تَجِدُ قَومًا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ يُوادّونَ مَن حادَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلَو كانوا ءاباءَهُم أَو أَبناءَهُم أَو إِخوٰنَهُم أَو عَشيرَتَهُم أُولٰئِكَ كَتَبَ فى قُلوبِهِمُ الإيمٰنَ وَأَيَّدَهُم بِروحٍ مِنهُ وَيُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ أُولٰئِكَ حِزبُ اللَّهِ أَلا إِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 22) |
اَلله ۽ آخِر ڏِينهن ۾، جي آڻِينِ اِعتبار، ڪَڏهن نه ڏِسندِين تِنهن قوم کي، ته تِن سان ڪن پيار، رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول سان، جي ڪن طَبل تڪرار، توڻي پِئَ، پُٽ اُنهن جا، ڀائيچارِي يا ڀار، لکيا اکر ايمان جا، تن جي قلبن ۾ ڪلتار، پڻ ڏِنئـِين اُنهن آڌار، پنهنجي پاران رُوح ڪو. جوڙي ڏِيندنِ جايون، جَنَّت مَنجھ جَبّار، هَلن هيٺان جَن جي، ناليون نِير نِبار، سَرهَا سَڀ ڄَمار، ساڪِن اُن سُکن ۾. سائـِين سَرهو اُنهن کان، اُهي سَرها، کان، سائـِين، خبردار! خبر رکو، اَندر ۾ آئـِين، ته آهِن لشڪر اَلله جو، اِهي مُؤمِن مُهائـِين، سَچ ته سَدائـِين، آهي آجو ساٿ اَلله جو. |