قَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّتى تُجٰدِلُكَ فى زَوجِها وَتَشتَكى إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ يَسمَعُ تَحاوُرَكُما إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 1) |
(اي رسول) الله ان زال جي ڳالهه ٻڌي ورتي جيڪا پنهنجا مڙس جي معاملي ۾ توکي هر هر چوي پئي ۽ الله جي اڳيان (پاڻ سان ٿيل ناانصافيءَ وارو) پنهنجو ڏک بيان ڪري پئي ۽ الله اوهان ٻنهي جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ٻڌي پيو. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
الَّذينَ يُظٰهِرونَ مِنكُم مِن نِسائِهِم ما هُنَّ أُمَّهٰتِهِم إِن أُمَّهٰتُهُم إِلَّا الّٰـٔى وَلَدنَهُم وَإِنَّهُم لَيَقولونَ مُنكَرًا مِنَ القَولِ وَزورًا وَإِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 2) |
جيڪي اوهان مان (نادانيءَ جي ڪري غصي ۾) پنهنجين زالن کي پاڻ تي مائرن جهڙو ڪن ٿا، سو اهي (زالون) انهن جون مائرون نه ٿيون ٿين. سندن مائرون رڳيون اهي ئي آهن جن کين ڄڻيو آهي. ۽ اهي بيهودي ڳالهه ۽ ڪوڙ چون ٿا (کين گهرجي ته ڪوڙ کان توبهه ڪن) ۽ بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشڻهار آهي. |
وَالَّذينَ يُظٰهِرونَ مِن نِسائِهِم ثُمَّ يَعودونَ لِما قالوا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا ذٰلِكُم توعَظونَ بِهِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 3) |
۽ جيڪي پنهنجين پنهنجين زالن کي پاڻ تي مائرن جهڙو ڪن ٿا، وري جيڪا (بيهودي ڳالهه) چئي اٿن ان کان (پشيمان ٿي پوئتي) موٽن ٿا (انهن تي) هڪٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي هڪ غلام آزاد ڪرڻو آهي. هن (حڪم) سان اوهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي (ته پنهنجو پاڻ تي قابو رکڻ سکو) ۽ الله اوهان جي عملن جي پوري خبر رکندڙ آهي. |
فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا فَمَن لَم يَستَطِع فَإِطعامُ سِتّينَ مِسكينًا ذٰلِكَ لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 4) |
پوءِ جو شخص (ٻانهون غلاميءَ ۾ڦاٿل) نه لهي ته (ان تي) هڪٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي لڳولڳ ٻن مهينن جا روزا آهن. پوءِ جو (هي به) نه ڪري سگهي ته (ان تي) سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ آهي. هي (حڪم) هن لاءِ آهي ته اوهين الله ۽ سندس رسول جا تابعدار ٿي رهو. ۽ اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن (جيڪو الله جي حدن جو ئي مورئون انڪار ڪندو ته اهو ڪافر آهي) ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ كُبِتوا كَما كُبِتَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 5) |
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس رسول جي (حڪمن جي) مخالفت ڪن ٿا اهي (دنيا ۾ به ائين) خوار ٿيندا جيئن اهي خوار ٿيا، جيڪي کانئن اڳ هئا ۽ بيشڪ اسان ته پڌرا حڪم نازل ڪيا آهن ۽ (انهن حڪمن جي مخالفت ڪرڻ وارن) ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا أَحصىٰهُ اللَّهُ وَنَسوهُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 6) |
(ان ڏينهن خوار ڪندڙ عذاب ٿيندن) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي جيئرو ڪري اٿاريندو. پوءِ انهن کي سندن عملن جي خبر ڏيندو. الله ان (سندن ڪئي) کي ڳڻي رکيو آهي ۽ انهن ان کي وساري ڇڏيو آهي. ۽ الله سڀني شين جي خبر رکندڙ آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ ما يَكونُ مِن نَجوىٰ ثَلٰثَةٍ إِلّا هُوَ رابِعُهُم وَلا خَمسَةٍ إِلّا هُوَ سادِسُهُم وَلا أَدنىٰ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكثَرَ إِلّا هُوَ مَعَهُم أَينَ ما كانوا ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 7) |
ڇا تو نه ڏٺو ته جيڪي آسمان ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، ان کي الله ڄاڻي ٿو. ڪا ٽن ڄڻن جي ڳجهي ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي ته اهو انهن ۾ چوٿون هوندو آهي ۽ پنجن ڄڻن جي ته اهو انهن ۾ ڇهون هوندو آهي ۽ توڻي ان کان گهٽ ۽ توڻي (ان کان) وڌيڪ (ماڻهو هجن) جتي به هجن (۽ جيترا به هجن) پر اهو انهن سان گڏ هوندو آهي، پوءِ الله کين قيامت جي ڏينهن سندن ڪمن جي خبر ڏيندو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيء کي ڄاڻندڙ آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نُهوا عَنِ النَّجوىٰ ثُمَّ يَعودونَ لِما نُهوا عَنهُ وَيَتَنٰجَونَ بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَإِذا جاءوكَ حَيَّوكَ بِما لَم يُحَيِّكَ بِهِ اللَّهُ وَيَقولونَ فى أَنفُسِهِم لَولا يُعَذِّبُنَا اللَّهُ بِما نَقولُ حَسبُهُم جَهَنَّمُ يَصلَونَها فَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 8) |
ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جن کي ڳجهين ڳالهين ٻولهين (ذريعي سازشن) ڪرڻ کان روڪيو ويو، پوءِ اهي جنهن ڳالهه کان جهليا ويا وري به اهوئي ڪن ٿا ۽ پاڻ ۾ گناهه ۽ ظلم ۽ رسول جي نافرماني ڪرڻ جون ڳجهيون ڳالهيون ڪن ٿا، ۽ جڏهن تو وٽ اچن ٿا ته (سلام ڪرڻ مهل) توکي ان (لفظ) سان سلام ڪن ٿا جيڪو سلام الله (مقرر) نه ڪيو آهي ۽ پنهنجين دلين ۾ چون ٿا ته جيڪي اسين چئون ٿا ان جي ڪري الله اسان کي عذاب ڇو نٿو ڪري (ٿورڙو ترسن) انهن لاءِ دوزخ ڪافي آهي. ان ۾ داخل ٿيندا، پوءِ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَنٰجَيتُم فَلا تَتَنٰجَوا بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَتَنٰجَوا بِالبِرِّ وَالتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهين پاڻ ۾ ڳجهي ڳالهه ٻولهه ڪريو ته (منافقن وانگر) گناهه ۽ الله جي حدن کان لنگهڻ ۽ رسول جي نافرمانيءَ جون ڳجهيون ڳالهيون نه ڪريو ۽ اوهين (خدائي قانونن جي نگهباني ۽ انساني فلاح جو سوچي) ڀلائي ۽ پرهيزگاريءَ جون ڳجهيون ڳالهيون ٻولهيون (۽ رٿابنديون) ڪريو، ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن ڏانهن اوهان کي (حساب ڪتاب ڏيڻ واسطي) گڏ ڪيو ويندو. |
إِنَّمَا النَّجوىٰ مِنَ الشَّيطٰنِ لِيَحزُنَ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيسَ بِضارِّهِم شَيـًٔا إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 10) |
اها (منافقن) ڳجهي ڳالهه ٻولهه ته شيطان جي طرفان ئي آهي. هن لاءِ ته ايمان وارن کي غمگين ڪري ۽ اها انهن کي ڪجهه به نقصان پهچائڻ واري نه آهي، الله جي حڪمن کان سواءِ. ۽ الله تي ايمان وارا هر ڳالهه ۾ ڀروسو ڪن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قيلَ لَكُم تَفَسَّحوا فِى المَجٰلِسِ فَافسَحوا يَفسَحِ اللَّهُ لَكُم وَإِذا قيلَ انشُزوا فَانشُزوا يَرفَعِ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ أوتُوا العِلمَ دَرَجٰتٍ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 11) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن به اوهان کي چيو وڃي ته مجلس ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو، تڏهن (ضرورت جيتري) جاءِ ڪشادي ڪريو ته الله اوهان لاءِ ڪشادگي ڪندو. ۽ جڏهن به چيو وڃي ته (هتان وارا حڪم ٻڌي عمل ڪرڻ لاءِ) اٿي کڙا ٿيو ته اٿي وڃو. اوهان مان جن ايمان آندو آهي ۽ جن کي علم ڏنو ويو آهي (اهڙين جماعتي پابندين سان) الله تن جا درجا بلند ڪندو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نٰجَيتُمُ الرَّسولَ فَقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقَةً ذٰلِكَ خَيرٌ لَكُم وَأَطهَرُ فَإِن لَم تَجِدوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن رسول سان ڳجهي ڳالهه ڪرڻ گهرو ته اوهين پنهنجيءَ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳي (عام مفاد لاءِ) خيرات يا عطيو ڏيو. هي (ڪم) اوهان لاءِ تمام چڱو ۽ تمام سٺو آهي. (انهيءَ سان منافق جيڪو گهڙيءَ گهڙيءَ ڳجهي ڳالهه جو بهانو ڪري رسول ڪريم جو وقت وڃائين ٿا سو بند ٿي ويندو) پوءِ جيڪڏهن اوهان وٽ (عطيو ڏيڻ لاءِ) نه هجي ته الله گهڻو بخشيندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
ءَأَشفَقتُم أَن تُقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقٰتٍ فَإِذ لَم تَفعَلوا وَتابَ اللَّهُ عَلَيكُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 13) |
ڇا اوهين پنهنجيءَ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳي عطيو يا خيراتن ڏيڻ کان ڊڄي ويا. پوءِ جڏهن اوهان (خيرات) نه ڪئي (جا تنظيم ڪاري جي ابتدائي معاملن ۾ ضروري هئي) ته الله اوهان کي معاف ڪيو، تڏهن (فرمانبرداري جي واٽ تي هلي) نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ تَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم ما هُم مِنكُم وَلا مِنهُم وَيَحلِفونَ عَلَى الكَذِبِ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 14) |
(اي رسول!) ڇا تو انهن (منافقن) ڏي نه ڏٺو جن اهڙيءَ قوم سان دوستي رکي جن تي (خدائي نظام جي مخالفت ۽ سرڪشيءَ جي ڪري) الله ڪاوڙيو آهي. اهي نه (حقيقت ۾) اوهان مان آهن ۽ نه (کليو کلايو) انهن مان آهن ۽ اهي ڄاڻي ٻجهي (اوهان سان سچي هئڻ جو) ڪوڙ تي قسم کڻن ٿا. |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 15) |
الله انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي، ڇو ته انهن جا ڪم بڇڙا آهن. |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 16) |
انهن (فريب ڪاريءَ سان) پنهنجن قسمن کي ڍال بنايو آهي، پوءِ (ان ڍال جي آڙ ۾) ماڻهن کي الله جي رستي کان روڪين ٿا. سو انهن لاءِ ذلت ڀريو عذاب آهي. |
لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 17) |
سندن مال ۽ سندن اولاد (جنهن جي گهمنڊ تي آهن) الله جي (مڪافات واري قانون جي) مقابلي ۾ کين ڪجهه به ڪم نه ايندا. اهي باهه وارا آهن، ان ۾ پيا رهندا. |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيَحلِفونَ لَهُ كَما يَحلِفونَ لَكُم وَيَحسَبونَ أَنَّهُم عَلىٰ شَيءٍ أَلا إِنَّهُم هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 18) |
جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي (جيئرو ڪري) اٿاريندو، پوءِ اهي سندس اڳيان قسم کڻندا جيئن اوهان جي اڳيان کڻن ٿا ۽ خيال ڪن ٿا ته (سندن انهن قسمن سان ڀرم رهجي ويندو، تنهن ڪري) ڪنهن چڱيءَ حالت ۾ آهن. خبردار ٿيو! اهي ئي (ماڻهو پهرين درجي جا) ڪوڙا آهن. |
استَحوَذَ عَلَيهِمُ الشَّيطٰنُ فَأَنسىٰهُم ذِكرَ اللَّهِ أُولٰئِكَ حِزبُ الشَّيطٰنِ أَلا إِنَّ حِزبَ الشَّيطٰنِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 19) |
مٿن (مفاد پرستين ۽ سرڪشين جو محرڪ) شيطان غالب ٿي ويو آهي، پوءِ انهن کان الله جي يادگيري ڀلائي ڇڏي اٿس. اهي شيطان جي جماعت آهن. خبردار ٿيو شيطان جي جماعت ئي نقصان پائڻ واري آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ فِى الأَذَلّينَ (آيت : 20) |
جيڪي الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا سي (نيٺ) تمام خوار ماڻهن مان ٿيندا. |
كَتَبَ اللَّهُ لَأَغلِبَنَّ أَنا۠ وَرُسُلى إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 21) |
الله جو لکيل فيصلو (قانون) آهي ته مان ۽ منهنجا رسول (حق ۽ باطل جي ڪشمڪش ۾) ضرور (ڪافرن تي) غالب ٿيندا. بيشڪ الله هر قسم جي قوتن جو مالڪ ۽ زبردست آهي. |
لا تَجِدُ قَومًا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ يُوادّونَ مَن حادَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلَو كانوا ءاباءَهُم أَو أَبناءَهُم أَو إِخوٰنَهُم أَو عَشيرَتَهُم أُولٰئِكَ كَتَبَ فى قُلوبِهِمُ الإيمٰنَ وَأَيَّدَهُم بِروحٍ مِنهُ وَيُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ أُولٰئِكَ حِزبُ اللَّهِ أَلا إِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 22) |
(اي رسول!) اهڙي قوم جيڪا الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندي هجي انهن کي تون نه ڏسندين ته جن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي تن سان دوستي رکندا هجن. توڙي جو اهي انهن جا ابا ڏاڏا يا سندن پٽ، سندن ڀائر يا مائٽ هجن. اهي ئي (ڀلارا ماڻهو آهن) جن جي دلين ۾ الله ايمان لکي ڇڏيو آهي، ۽ انهن کي پنهنجي وحي واري فيض سان طاقت ڏني اٿس ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واه پيا وهن. اهي انهن ۾ پيا رهندا. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي ٿيا. اهي الله جي جماعت آهن. پڪ ڄاڻو ته الله جي جماعت ئي ڪامياب ٿيڻ واري آهي. |