قَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّتى تُجٰدِلُكَ فى زَوجِها وَتَشتَكى إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ يَسمَعُ تَحاوُرَكُما إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 1) |
الله انهي عورت جو ڳالهائڻ ٻڌو، جنهن سندس مڙس بابت توسان تڪرار ٿي ڪيو ۽ الله سان ڏک ٿي اوريو ۽ الله اوهان جي گفتگو ٿي ٻڌي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. |
الَّذينَ يُظٰهِرونَ مِنكُم مِن نِسائِهِم ما هُنَّ أُمَّهٰتِهِم إِن أُمَّهٰتُهُم إِلَّا الّٰـٔى وَلَدنَهُم وَإِنَّهُم لَيَقولونَ مُنكَرًا مِنَ القَولِ وَزورًا وَإِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 2) |
اوهان مان جيڪي پنهنجين زالن کي ماءُ ٿا سڏي وجهن، اهي انهن جون مائون ناهن، پر سندن مائون اهي آهن، جن انهن کي ڄڻيو آهي_ بيشڪ اهي هڪ اڻ جڳائيندڙ ڳالهه ۽ ڪوڙ ٿا چون ۽ بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻهار آهي. |
وَالَّذينَ يُظٰهِرونَ مِن نِسائِهِم ثُمَّ يَعودونَ لِما قالوا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا ذٰلِكُم توعَظونَ بِهِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 3) |
جيڪي شخص سندن زالن کي ماءُ ٿا سڏي وجهن، پوءِ وري سندن چوڻ کان موٽن ٿا، ته ٻنهي جي پاڻ ۾ هٿ لائڻ کان اڳ ٻانهو آجو ڪرڻ واجب آهي_ انهي (حڪم) سان اوهان کي نصيحت ڏجي ٿي، جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تَنهن جي الله کي خبر آهي. |
فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا فَمَن لَم يَستَطِع فَإِطعامُ سِتّينَ مِسكينًا ذٰلِكَ لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 4) |
پوءِ جنهن کي ٻانهي آجي ڪرڻ جي طاقت ناهي، تنهن تي ٻنهي جي پاڻ ۾ هٿ لائڻ کان اڳ ٻه مهينا لڳو لڳ روزا رکڻا آهن. پوءِ جيڪو نه پُڄي سگهي، ته ان تي سٺ مسڪينن جو کارائڻ آهي_ اهو هن لاءِ آهي، ته الله ۽ سندس رسول کي مڃو، اهي الله جون حدون آهن، ۽ منڪرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ كُبِتوا كَما كُبِتَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 5) |
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ٿا ڪن، تن کي اونڌو ڪيو ويو، جيئن کانئن اڳين کي اونڌو ڪيو ويو هو، بيشڪ اسان پڌريون آيتون نازل ڪيون ۽ منڪرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا أَحصىٰهُ اللَّهُ وَنَسوهُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 6) |
جنهن ڏينهن الله انهن مڙني کي اٿاريندو، تڏهن کين سندن ڪمائي جي خبر ڏيندو_ هنن ته اهو وساري ڇڏيو، پر الله انهي کي ڳڻي رکيو آهي ۽ الله هر ڪنهن شيءِ تي حاضر آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ ما يَكونُ مِن نَجوىٰ ثَلٰثَةٍ إِلّا هُوَ رابِعُهُم وَلا خَمسَةٍ إِلّا هُوَ سادِسُهُم وَلا أَدنىٰ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكثَرَ إِلّا هُوَ مَعَهُم أَينَ ما كانوا ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 7) |
نه ڏٺو اٿئي ڇا، ته جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو اُهو ڄاڻي ٿو_ جيڪي به ٽي ڄڻا ڳجهي صلاح ٿا ڪن، الله انهن جو چوٿون آهي ۽ جيڪي به پنج هوندا، انهن جو الله ڇهون آهي، ۽ ان کان تمام گهٽ هجن، خواهه تمام وڌيڪ، پر جتي به هوندا، الله انهن سان گڏ آهي_ قيامت جي ڏينهن انهن کي خبر ڏيندو، بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نُهوا عَنِ النَّجوىٰ ثُمَّ يَعودونَ لِما نُهوا عَنهُ وَيَتَنٰجَونَ بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَإِذا جاءوكَ حَيَّوكَ بِما لَم يُحَيِّكَ بِهِ اللَّهُ وَيَقولونَ فى أَنفُسِهِم لَولا يُعَذِّبُنَا اللَّهُ بِما نَقولُ حَسبُهُم جَهَنَّمُ يَصلَونَها فَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 8) |
تو انهن ڏي نظر نه ڪئي آهي؟ جن کي ڳُجهين صلاحن ڪرڻ کان روڪيو ويو_ پر هو اهو ئي پيا ڪن، جن کان روڪيو وين، ۽ گناهه ۽ حد کان لنگهڻ ۽ رسول جي نافرماني ڪرڻ بابت پاڻ ۾ ڳجهيون صلاحون ٿا ڪن_ جڏهن تو وٽ اچن ٿا، تڏهن انهي (لفظ) سان توتي سلام ٿا ڪن، جنهن سان توتي الله سلام نه ڪيو آهي ۽ دل ۾ چون ٿا ته ”جيڪي چئون ٿا، تنهن کان الله اسان کي عذاب ڇو نه ٿو ڪري؟“ انهن لاءِ دوزخ بس آهي، جنهن ۾ پوندا ۽ اهو بڇڙي جاءِ آهي! |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَنٰجَيتُم فَلا تَتَنٰجَوا بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَتَنٰجَوا بِالبِرِّ وَالتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 9) |
اي مؤمنو! اوهين پاڻ ۾ جڏهن ڪا ڳجهي صلاح ڪريو، ته گناهه ۽ حد کان لنگهڻ ۽ رسول جي نافرماني بابت نه ڪريو ۽ پاڻ ۾ نيڪيءَ ۽ دينداريءَ بابت صلاح ڪندا ڪريو_ ۽ انهي الله کان ڊڄو، جنهن ڏانهن گڏ ڪيا ويندؤ. |
إِنَّمَا النَّجوىٰ مِنَ الشَّيطٰنِ لِيَحزُنَ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيسَ بِضارِّهِم شَيـًٔا إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 10) |
بڇڙي صلاح ڪرڻ شيطان جو ڪم آهي، ته مؤمنن کي غمگين ڪري، مگر هو انهن کي الله جي حڪم کان سواءِ نقصان پهچائي نٿو سگهي ۽ مؤمنن کي الله تي ڀروسو رکڻ کپي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قيلَ لَكُم تَفَسَّحوا فِى المَجٰلِسِ فَافسَحوا يَفسَحِ اللَّهُ لَكُم وَإِذا قيلَ انشُزوا فَانشُزوا يَرفَعِ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ أوتُوا العِلمَ دَرَجٰتٍ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 11) |
اي مؤمنو! جڏهن اوهان کي چئجي، ته مجلسن ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو، ته ڪشادي ڪريو، ته الله به اوهان لاءِ ڪشادائي ڪري ۽ جڏهن چئجي ”اُٿو“ ته اُٿي وڃو- ته اوهان مان جن ايمان آندو آهي ۽ جن کي علم ڏنو ويو، تن جا مرتبا الله مٿاهان ڪري ۽ جيڪي به ڪريو ٿا، ان کان الله خبردار آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نٰجَيتُمُ الرَّسولَ فَقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقَةً ذٰلِكَ خَيرٌ لَكُم وَأَطهَرُ فَإِن لَم تَجِدوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي مؤمنو!جڏهن اوهين رسول سان ڪا ڳجهي ڳالهه ڪريو، تڏهن انهي ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ خيرات ڏيو- اهو ڪم اوهان لاءِ ڀلو ۽ سٺو آهي_ پوءِ جيڪڏهن ڪجهه نه هجيوَ، ته بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
ءَأَشفَقتُم أَن تُقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقٰتٍ فَإِذ لَم تَفعَلوا وَتابَ اللَّهُ عَلَيكُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 13) |
ڇا، اوهين ڊڄي ويا_ ته پنهنجي ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳي خيرات ڏيو؟ پوءِ جڏهن اوهان نه ڪيو ۽ الله اوهان کي معاف ڪيو، تڏهن نماز پڙهندا رهو، زڪوات ڏيندا رهو ۽ الله ۽ سندس رسول جو چيو مڃيو، جيڪي به ڪريو ٿا ان کان الله خبردار آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ تَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم ما هُم مِنكُم وَلا مِنهُم وَيَحلِفونَ عَلَى الكَذِبِ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 14) |
انهن ڏانهن نه ڏٺو اٿيئي ڇا، جن هڪ اهڙي قوم سان دوستي رکي جن تي الله ڏمر ڪيو، اهي (منافق) نڪي اوهان مان آهن ۽ نڪي انهن مان آهن ۽ اهي ڄاڻي ٻُجهي ڪوڙ تي قسم کڻندا آهن. |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 15) |
الله هنن لاءِ سخت عذاب تيار ڪيو آهي، بيشڪ اُهي جيڪي ڪن ٿا سو بڇڙو آهي. |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 16) |
هنن پنهنجي قسمن کي ڍال ڪري ورتو آهي- پوءِ الله جي واٽ کان ماڻهن کي روڪيائين، تنهن ڪري انهن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي. |
لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 17) |
سندن مال خواهه اولاد الله (جي عذاب) کان انهن کي ڪجهه به بچاءُ ڪري نه سگهندو_ اهي دوزخي آهن ۽ ان ۾ سدائين رهندا. |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيَحلِفونَ لَهُ كَما يَحلِفونَ لَكُم وَيَحسَبونَ أَنَّهُم عَلىٰ شَيءٍ أَلا إِنَّهُم هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 18) |
جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي اٿاريندو، تڏهن وٽس قسم کڻندا، جيئن اوهان وٽ قسم ٿا کڻن ۽ ڀانئن ٿا اُهي ڪنهن ڳالهه تي آهن_ خبردار! بيشڪ اُهي ڪوڙا آهن. |
استَحوَذَ عَلَيهِمُ الشَّيطٰنُ فَأَنسىٰهُم ذِكرَ اللَّهِ أُولٰئِكَ حِزبُ الشَّيطٰنِ أَلا إِنَّ حِزبَ الشَّيطٰنِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 19) |
انهن تي شيطان غالب آهي، جو کانئن الله جي يادگيري وساريائين، بس اهي شيطاني جماعت آهن-خبردار! بيشڪ شيطان جي ٽولي ٽوٽي واري آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ فِى الأَذَلّينَ (آيت : 20) |
جيڪي شخص الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ٿا ڪن، سي تمام خواريءَ ۾ آهن. |
كَتَبَ اللَّهُ لَأَغلِبَنَّ أَنا۠ وَرُسُلى إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 21) |
الله لکي ڇڏيو آهي ته آءُ خواهه منهنجا رسول ضرور غالب رهنداسون، بيشڪ الله سگهارو غالب آهي. |
لا تَجِدُ قَومًا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ يُوادّونَ مَن حادَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلَو كانوا ءاباءَهُم أَو أَبناءَهُم أَو إِخوٰنَهُم أَو عَشيرَتَهُم أُولٰئِكَ كَتَبَ فى قُلوبِهِمُ الإيمٰنَ وَأَيَّدَهُم بِروحٍ مِنهُ وَيُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ أُولٰئِكَ حِزبُ اللَّهِ أَلا إِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 22) |
جيڪي شخص الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندا هجن، تن کي تون الله ۽ رسول جي مخالفن سان دوستي رکندو نه ڏسندين، پوءِ کڻي اهي سندن پيءُ يا سندن پٽ يا سندن ڀائر يا سندن مائٽ هجن_ اهي (مؤمن) آهن جن جي دلين ۾ الله ايمان لکيو آهي، کين پنهنجي ڳجهي فيض سان مدد ڏني اٿس_ ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون ٿيون وهن. هو انهن ۾ سدائين رهندا_ الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي کانئس راضي ٿيا_ اهي ئي الله جي جماعت آهن ۽ خبردار! بيشڪ الله جي جماعت ئي ڪامياب آهي. |