قَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّتى تُجٰدِلُكَ فى زَوجِها وَتَشتَكى إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ يَسمَعُ تَحاوُرَكُما إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 1) |
تحقيق ٻڌو الله قول ان جو جيڪا تڪرار ڪري پئي توسان پنهنجي مڙس جي باري ۾ ۽ شڪايت ڪري پئي الله وٽ ۽ الله ٻڌي پيو اوهان جي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ کي بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي . |
الَّذينَ يُظٰهِرونَ مِنكُم مِن نِسائِهِم ما هُنَّ أُمَّهٰتِهِم إِن أُمَّهٰتُهُم إِلَّا الّٰـٔى وَلَدنَهُم وَإِنَّهُم لَيَقولونَ مُنكَرًا مِنَ القَولِ وَزورًا وَإِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 2) |
اهي ٻانها جيڪي ظهار ڪن ٿا اوهان مان پنهنجين زالن کان ناهن اهي مائرون انهن جون، ناهن مائرون انهن جون مگر جن ڄڻيو انهن کي ۽ بيشڪ اهي البته چون ٿا هڪ ناپسند ڪيل قول ۽ ڪوڙ ۽ بيشڪ الله البته معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي . |
وَالَّذينَ يُظٰهِرونَ مِن نِسائِهِم ثُمَّ يَعودونَ لِما قالوا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا ذٰلِكُم توعَظونَ بِهِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 3) |
۽ اهي ٻانها جو ظهار ڪن ٿا پنهنجين زالن کان ان کان پوءِ موٽن ٿا ان جي لاءِ جو چيائون پوءِ آزاد ڪرڻ آهي ٻانهي جو ان کان اڳي جو هٿ لڳائن اهو نصيحت ڪيا وڃو ٿا ان سان ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا ان جي خبر رکندڙ آهي . |
فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا فَمَن لَم يَستَطِع فَإِطعامُ سِتّينَ مِسكينًا ذٰلِكَ لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 4) |
پوءِ جنهن نه لڌو پوءِ روزو رکڻ ٻن مهينن لاڳيتن جو آهي ان کان اڳي جو هٿ لڳائن پوءِ جيڪو نه ٿو ڪري سگهي پوءِ طعام کارائڻ آهي سٺ مسڪينن کي اهو تانته ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ اهي الله جون حدون آهن ۽ ڪافرن جي لاءِ عذاب دردناڪ آهي . |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ كُبِتوا كَما كُبِتَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 5) |
بيشڪ اهي ٻانها جيڪي مخالفت ڪن ٿا الله جي ۽ ان جي رسول جي ذليل ڪيا ويا جيئن ذليل ڪيا ويا اهي جيڪي انهن کان اڳي هئا ۽ تحقيق نازل ڪيون اسان آيتون چٽيون ۽ ڪافرن جي لاءِ خوارڪندڙ عذاب آهي . |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا أَحصىٰهُ اللَّهُ وَنَسوهُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 6) |
جنهن ڏينهن اٿاريندو انهن کي الله پوءِ خبر ڏيندو انهن کي ان جي جيڪي ڪيائون ڳڻي رکيو ان کي الله ۽ وساريائون ان کي ۽ الله هر شيءِ تي شاهد آهي . |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ ما يَكونُ مِن نَجوىٰ ثَلٰثَةٍ إِلّا هُوَ رابِعُهُم وَلا خَمسَةٍ إِلّا هُوَ سادِسُهُم وَلا أَدنىٰ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكثَرَ إِلّا هُوَ مَعَهُم أَينَ ما كانوا ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 7) |
ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو اهو جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي نه ٿي هجي ڪا صلاح ٽن جي مگر اهو انهن جو چوٿون آهي ۽ نه پنجن جي مگر اهو انهن جو ڇهون آهي ۽ نه گهٽ ان کان ۽ نه گهڻا مگر اهو انهن سان گڏ آهي جتي به هوندا ان کان پوءِ خبر ڏيندو انهن کي ان جي جيڪو ڪيائون قيامت جي ڏينهن بيشڪ الله هرشيءِ ڄاڻندڙ آهي . |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نُهوا عَنِ النَّجوىٰ ثُمَّ يَعودونَ لِما نُهوا عَنهُ وَيَتَنٰجَونَ بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَإِذا جاءوكَ حَيَّوكَ بِما لَم يُحَيِّكَ بِهِ اللَّهُ وَيَقولونَ فى أَنفُسِهِم لَولا يُعَذِّبُنَا اللَّهُ بِما نَقولُ حَسبُهُم جَهَنَّمُ يَصلَونَها فَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 8) |
ڇا نه ڏٺو تو انهن ڏانهن جيڪي روڪيا ويا لڪل وڏي صلاح ڪرڻ کان ان کان پوءِ ورن ٿا ان جي لاءِ جو روڪيا ويا ان کان ۽ وڏو مشورو ڪن ٿا گناهه جو ۽ ظلم جو ۽ رسول جي بي فرماني جو ۽ جڏهن آيا تو وٽ ته مرحبا ڪيائون تنهنجي انهن لفظن سان جو نه مرحبا ڪئي تنهنجي ان سان الله ۽ چون پيا پنهجين دلين ۾ ته ڇو نه ٿو عذاب ڪري اسان کي الله ان جي ڪري جو اسين چئون ٿا ڪافي آهي انهن جي لاءِ جهنم داخل ٿيندا ان ۾ پوءِ بري جاءِ موٽڻ جي آهي . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَنٰجَيتُم فَلا تَتَنٰجَوا بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَتَنٰجَوا بِالبِرِّ وَالتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن ڪو مشورو ڪيو ته پوءِ نه مشورو ڪيو گناهه جو ۽ ظلم جو ۽ رسول جي بي فرمانيءَ جو ۽ مشورو ڪيو نيڪيءَ جو ۽ پرهيزگاريءَ جو ۽ ڊڄو الله کان جو ان ڏانهن اوهان اٿاريا ويندؤ . |
إِنَّمَا النَّجوىٰ مِنَ الشَّيطٰنِ لِيَحزُنَ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيسَ بِضارِّهِم شَيـًٔا إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 10) |
اهو مشورو ته شيطان جي طرفان آهي تانته ڏک ڏئي انهن کي جن ايمان آندو ۽ ناهي نقصان ڏيندڙ انهن کي ڪجهه به مگر الله جي اذن سان ۽ الله تي پوءِ گهرجي ته توڪل ڪن مؤمن . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قيلَ لَكُم تَفَسَّحوا فِى المَجٰلِسِ فَافسَحوا يَفسَحِ اللَّهُ لَكُم وَإِذا قيلَ انشُزوا فَانشُزوا يَرفَعِ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ أوتُوا العِلمَ دَرَجٰتٍ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 11) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن چيو وڃي اوهان کي ته ڪشادا ٿي ويهو مجلسن ۾ ته پوءِ ڪشادا ٿي ويهو ته ڪشادگي ڪندو الله اوهان جي لاءِ ۽ جڏهن چيو وڃي ته اٿي بيهو ته پوءِ اٿي بيهو بلند ڪندو الله انهن جا جن ايمان آندو اوهان مان ۽ انهن جا جيڪي ڏنا ويا علم درجا ۽ الله ان جي جيڪو ڪيو ٿا خبر رکندڙ آهي . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نٰجَيتُمُ الرَّسولَ فَقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقَةً ذٰلِكَ خَيرٌ لَكُم وَأَطهَرُ فَإِن لَم تَجِدوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي ايمان وارا! جڏهن آهستي ڳالهائڻ گهرو رسول سان ته پوءِ اڳي ڏيو پنهنجي آهستي ڳالهائڻ کان پهريان صدقو اهو ڀلو آهي اوهان جي لاءِ ۽ گهڻو پاڪ پوءِ جيڪڏهن نه لهو ته بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي . |
ءَأَشفَقتُم أَن تُقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقٰتٍ فَإِذ لَم تَفعَلوا وَتابَ اللَّهُ عَلَيكُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 13) |
ڇا اوهان ڊڄو ٿا ته پهريان ڏيو پنهنجي عرض ڪرڻ کان اڳيان صدقا پوءِ جيڪڏهن نه ڪيو اوهان ۽ توبہ قبول ڪرڻ سان موٽيو الله اوهان تي پوءِ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيو زڪواة ۽ اطاعت ڪيو الله جي ۽ ان جي رسول جي ۽ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪي اوهان ڪيو پيا . |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ تَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم ما هُم مِنكُم وَلا مِنهُم وَيَحلِفونَ عَلَى الكَذِبِ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 14) |
ڇا نه ڏٺو تو انهن ڏانهن جن دوستي رکي اهڙي قوم سان جو ڪاوڙيو الله انهن تي ناهن اهي اوهان مان ۽ نه انهن مان ۽ قسم کڻن ٿا ڪوڙ تي ۽ اهي ڄاڻن ٿا . |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 15) |
تيار ڪيو الله انهن جي لاءِ عذاب سخت بيشڪ اهي برو آهي اهو جيڪو ڪندا هئا . |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 16) |
بنايائون پنهنجن قسمن کي ڍال پوءِ روڪيائون الله جي واٽ کان پوءِ انهن جي لاءِ عذاب خوارڪندڙ آهي . |
لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 17) |
هرگز نه دفع ڪندا انهن کان انهن جا مال ۽ نه انهن جو اولاد الله کان ڪجهه به اهي دوزخي آهن اهي اُن ۾ هميشہ رهندڙ هوندا . |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيَحلِفونَ لَهُ كَما يَحلِفونَ لَكُم وَيَحسَبونَ أَنَّهُم عَلىٰ شَيءٍ أَلا إِنَّهُم هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 18) |
ان ڏينهن جو اٿاريندو انهن کي الله مڙني کي پوءِ قسم کڻندا ان جي لاءِ جيئن قسم کڻن ٿا اوهان جي لاءِ ۽ سمجهن ٿا ته بيشڪ اهي ڪنهن شيءِ تي آهن خبردار بيشڪ اهيئي ڪوڙا آهن . |
استَحوَذَ عَلَيهِمُ الشَّيطٰنُ فَأَنسىٰهُم ذِكرَ اللَّهِ أُولٰئِكَ حِزبُ الشَّيطٰنِ أَلا إِنَّ حِزبَ الشَّيطٰنِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 19) |
غلبو ڪيو انهن تي شيطان پوءِ وسارايائين انهن کان الله جو ذڪر اهيئي شيطان جو لشڪر آهن خبردار بيشڪ شيطان جو لشڪر اهيئي نقصان وارا آهن . |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ فِى الأَذَلّينَ (آيت : 20) |
بيشڪ اهي شخص جيڪي مخالفت ڪن ٿا الله جي ۽ ان جي رسول جي اهي ذليلن ۾ آهن . |
كَتَبَ اللَّهُ لَأَغلِبَنَّ أَنا۠ وَرُسُلى إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 21) |
لکي ڇڏيو آهي الله ته البته ضرور غالب رهندس مان ۽ منهنجا رسول بيشڪ الله قوت وارو،غالب آهي . |
لا تَجِدُ قَومًا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ يُوادّونَ مَن حادَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلَو كانوا ءاباءَهُم أَو أَبناءَهُم أَو إِخوٰنَهُم أَو عَشيرَتَهُم أُولٰئِكَ كَتَبَ فى قُلوبِهِمُ الإيمٰنَ وَأَيَّدَهُم بِروحٍ مِنهُ وَيُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ أُولٰئِكَ حِزبُ اللَّهِ أَلا إِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 22) |
نه لهندين ڪا قوم جيڪي ايمان رکن ٿا الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ته دوستي رکن انهن سان جن مخالفت ڪئي الله جي ۽ ان جي رسول جي جيتوڻيڪ هجن پيئر انهن جا يا پٽ انهن جا يا ڀائر انهن جا يا قبيلي وارا انهن جا اهي لکيائين دلين انهن جي ۾ ايمان ۽ تائيد ڪيائين انهن جي روح سان پنهنجي طرفان ۽ داخل ڪندو انهن کي بهشتن ۾ جو وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ انهن ۾ راضي ٿيو الله انهن کان ۽ راضي ٿيا اهي ان کان اهي الله جو لشڪر آهن خبردار بيشڪ الله جو لشڪر اهيئي ڪامياب آهن . |