قَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّتى تُجٰدِلُكَ فى زَوجِها وَتَشتَكى إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ يَسمَعُ تَحاوُرَكُما إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 1) |
بيشڪ الله تعالى اُن عورت جو مسئلو ٻڌي ورتو جيڪا توسان پنھنجي مڙس جي باري ۾ تڪرار ڪري رهي هئي ۽ الله تعالى جي اڳيان هُو پنهنجو ڏکڙو بيان ڪري رهي هئي ۽ الله تعالى توهان ٻنهي جي گفتگو ٻڌي رهيو هو. بيشڪ الله تعالى وڏو ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. |
الَّذينَ يُظٰهِرونَ مِنكُم مِن نِسائِهِم ما هُنَّ أُمَّهٰتِهِم إِن أُمَّهٰتُهُم إِلَّا الّٰـٔى وَلَدنَهُم وَإِنَّهُم لَيَقولونَ مُنكَرًا مِنَ القَولِ وَزورًا وَإِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 2) |
توهان مان جيڪي ماڻهو پنھنجي گهر وارين کي پاڻ لاءِ ماءُ جھڙو چئي ويھن ته درحقيقت هو گهر واريون انهن جون مائرون نٿيون ٿين. انهن جون مائرون صرف اهي ئي آهن جن کين ڄڻيو آهي. بيشڪ اهڙو ٻول ڳالهائڻ وارا ڪوڙ ۽ ناپسنديده ڳالهه چون ٿا. بيشڪ الله تعالى وڏو درگذر ڪندڙ ۽ وڏو معاف ڪندڙ آهي. |
وَالَّذينَ يُظٰهِرونَ مِن نِسائِهِم ثُمَّ يَعودونَ لِما قالوا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا ذٰلِكُم توعَظونَ بِهِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 3) |
۽ جيڪي ماڻهو پنھنجي گهر وارين کي پاڻ لاءِ ماء چئي ويھن پوءِ ان غلطي تان هٿ کڻن ته هاڻي (مڙس کي) زال سان قرب ونڊڻ کان اڳ هڪ غلام آزاد ڪرڻ (واجب) آهي. ان حڪم جي ذريعي توهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ۽ توهان جيڪو به عمل ڪريو ٿا الله تعالى کي ان جي خوب خبر آهي. |
فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا فَمَن لَم يَستَطِع فَإِطعامُ سِتّينَ مِسكينًا ذٰلِكَ لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 4) |
پر جيڪو ماڻهو غلام آزاد ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي ته هُو قرب ونڊڻ کان اڳ ٻه مھينا لڳاتار روزا رکي. پر جيڪڏهن کيس ان جي به طاقت نه آهي ته پوءِ سَٺ مسڪينن کي کاڌو کارائي. اهو حڪم ان لاءِ آهي ته جيئن توهان الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) تي پُختو ايمان آڻيو. ۽ (هي ڳالهه به چڱي طرح ٻڌي وٺو ته) اهي الله تعالى جون مقرر ڪيل حدون آهن، انهن حدن جي ڀڃڪڙي نه ڪريو ۽ خلاف ورزي ڪندڙن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ كُبِتوا كَما كُبِتَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 5) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي مخالفت ڪن ٿا سي اهڙا ته ذليل ۽ خوار ٿيندا جيئن انهن کان اڳ مخالفت ڪرڻ وارا ذليل ٿي چُڪا آهن. بيشڪ اسان ته پڌريون آيتون نازل ڪري چڪا آهيون. ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا أَحصىٰهُ اللَّهُ وَنَسوهُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 6) |
الله تعالى جنھن ڏينھن انهن سڀني کي ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريندو پوءِ کين سندن عمل ٻڌائيندو. الله تعالى ته انهن جي هر شيءِ کي ڳڻي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. پر هي ماڻهو خود پنهنجن عملن کي وساري ويٺا آهن ۽ الله تعالى هر شيءِ تي گواهه آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ ما يَكونُ مِن نَجوىٰ ثَلٰثَةٍ إِلّا هُوَ رابِعُهُم وَلا خَمسَةٍ إِلّا هُوَ سادِسُهُم وَلا أَدنىٰ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكثَرَ إِلّا هُوَ مَعَهُم أَينَ ما كانوا ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 7) |
ڇا توکي خبر نه آهي ته بيشڪ الله تعالى آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو. ايئن نٿو ٿي سگهي جو ٽي ماڻهو پاڻ ۾ ويھي ڳجهيون صلاحون ڪن، اُنهن ۾ چوٿون الله تعالى خود موجود نه هجي. يا پنج ماڻهو پاڻ ۾ ڳجهيون صلاحون ڪن، ڇهون انهن ۾ الله تعالى موجود نه هجي. ڳجهيون صلاحون ڪرڻ وارا تعداد ۾ چاهي گهٽ هجن يا وڌيڪ جتي به ويھي صلاحون ڪندا، الله تعالى خود انهن سان گڏ هوندو آهي. پوءِ الله تعالى کين قيامت جي ڏينھن سندن عملن جي باري ۾ ٻڌائيندو. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کان خوب واقف آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نُهوا عَنِ النَّجوىٰ ثُمَّ يَعودونَ لِما نُهوا عَنهُ وَيَتَنٰجَونَ بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَإِذا جاءوكَ حَيَّوكَ بِما لَم يُحَيِّكَ بِهِ اللَّهُ وَيَقولونَ فى أَنفُسِهِم لَولا يُعَذِّبُنَا اللَّهُ بِما نَقولُ حَسبُهُم جَهَنَّمُ يَصلَونَها فَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 8) |
ڇا توهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي ڳجهين صلاحن ڪرڻ کان منع ڪيو ويو هو پر پوءِ به هو منع ڪيل ڳالهه کي ورجائين ٿا ۽ گناهه، ظلم ۽ رسول سڳوري جي نافرماني ڪرڻ لاءِ لڪي لڪي صلاحون ڪن ٿا ۽ جڏهن اهي تو وٽ حاضر ٿين ٿا ته اهڙي طريقي جو سلام ڪن ٿا جنھن طريقي جو الله تعالى توتي سلام نه ڪيو آهي ۽ پنھنجي دلين ۾ چون ٿا ته (جيڪڏهن اسان جي سلام جو طريقو غلط هجي ها ته) ان غلط ڳالهه تي الله تعالى عذاب ڇو نٿو نازل ڪري؟ انهن جي لاءِ جھنم ئي ڪافي آهي ۽ هو ان ۾ ئي اڇلايا ويندا. اها انتھائي بُري موٽڻ جي جاءِ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَنٰجَيتُم فَلا تَتَنٰجَوا بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَتَنٰجَوا بِالبِرِّ وَالتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن به توهان ڳجهيون ڳالهيون ڪريو ته (بهرحال) انهن ۾ گناهه، ظلم ۽ رسول سڳوري جي نافرماني جي ڳالهه شامل نه هجي، بلڪه نيڪي ۽ پرهيزگاري جي ڳالهه ڪندا ڪريو. ان الله کان ڊڄو جنھن ڏانھن توهان سڀني کي گڏ ڪيو ويندو. |
إِنَّمَا النَّجوىٰ مِنَ الشَّيطٰنِ لِيَحزُنَ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيسَ بِضارِّهِم شَيـًٔا إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 10) |
اهڙي طريقي جون ڳجهيون ڳالهيون ڪرڻ ته شيطان جو طريقو آهي ته جيئن مؤمنَ دلگير ٿين. حالانڪه الله تعالى جي اجازت کان سواءِ (شيطان) کين ڪجهه به نقصان نٿو پھچائي سگهي. مؤمنن کي ته رڳو الله تعالى تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قيلَ لَكُم تَفَسَّحوا فِى المَجٰلِسِ فَافسَحوا يَفسَحِ اللَّهُ لَكُم وَإِذا قيلَ انشُزوا فَانشُزوا يَرفَعِ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ أوتُوا العِلمَ دَرَجٰتٍ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 11) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان کي (ڪنهن مجلس ۾) چيو وڃي ته ويھڻ لاءِ ڪشادگي پيدا ڪريو ته (سوڙها ٿي) ڪشادگي پيدا ڪندا ڪريو ته الله تعالى توهان جي لاءِ ڪشادگي پيدا ڪندو ۽ وري جڏهن توهان کي اٿڻ لاءِ چيو وڃي ته (فوراً) اُٿي ويندا ڪريو ته جيئن اوهان مان جن ايمان آندو آهي ۽ جن کي علم ڏنو ويو آهي تن جا الله تعالى درجا بلند ڪري. توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا، الله تعالى کي ان جي خوب خبر آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نٰجَيتُمُ الرَّسولَ فَقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقَةً ذٰلِكَ خَيرٌ لَكُم وَأَطهَرُ فَإِن لَم تَجِدوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان رسول سڳوري سان عليحدگي ۾ ڳالهه ڪرڻ گهرو ته (ڳالهه ڪرڻ کان) پھريائين ڪجهه خيرات ڪڍندا ڪريو. اهو طريقو توهان لاءِ ئي بھتر۽ پاڪيزهه آهي پر جيڪڏهن (خيرات ڪڍڻ لاءِ) ڪجهه به نه آهي ته بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
ءَأَشفَقتُم أَن تُقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقٰتٍ فَإِذ لَم تَفعَلوا وَتابَ اللَّهُ عَلَيكُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 13) |
ڇا توهان عليحدگي ۾ ڳالهه ڪرڻ کان اڳ خيرات ڪڍڻ کان ڊڄي ويا (ٺيڪ آ) توهان اهو نه ڪري سگهيا. الله تعالى به توهان کي معاف ڪري ڇڏيو. (هاڻي) توهان نماز قائم ڪريو، زڪوات ادا ڪريو ۽ الله تعالى ۽ ان جي رسول سڳوري جي اطاعت ڪريو. توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا الله تعالى کي ان جي خوب خبر آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ تَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم ما هُم مِنكُم وَلا مِنهُم وَيَحلِفونَ عَلَى الكَذِبِ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 14) |
ڇا تو انهن منافق ماڻهن کي نه ڏٺو، جن الله تعالى جي ڪاوڙ هيٺ آيل ماڻهن (يعني يھودين) کي دوست بنايو آهي. هي (منافق) ماڻهو نه توهان جا آهن ۽ نه ئي يهودين جا آهن. هُو ڄاڻي واڻي ڪوڙين ڳالهين تي قسم کڻن ٿا. |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 15) |
الله تعالى اهڙن ماڻهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي. بيشڪ اُهي جيڪو ڪجهه ڪن ٿا سو انتھائي برو آهي. |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 16) |
انهن ماڻهن پنهنجي قَسمن کي بچڻ جي ڍال بنائي ورتو آهي. جنھن ڪري هي (ٻين ماڻهن کي) الله تعالى جي رستي کان روڪين ٿا. پر انهن جي لاءِ ذليل ڪرڻ وارو عذاب آهي. |
لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 17) |
انهن کي الله تعالى جي مقابلي ۾ پنھنجا مال ۽ پنھنجو اولاد ڪجهه به ڪم نه ايندو. هي ماڻهو باهه ۾ وڃڻ وارا آهن، جنھن ۾ هو هميشه پيل رهندا. |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيَحلِفونَ لَهُ كَما يَحلِفونَ لَكُم وَيَحسَبونَ أَنَّهُم عَلىٰ شَيءٍ أَلا إِنَّهُم هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 18) |
جنھن ڏينھن الله تعالى انهن سڀني کي ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريندو ته هو ايئن قسم کڻندا جيئن توهان جي اڳيان قسم کڻن ٿا ۽ اهو گمان ڪن ٿا ته هو ڪنھن (چڱائي) تي بيٺل آهن. خبردار رهو! اهي سڀ ڪوڙا آهن. |
استَحوَذَ عَلَيهِمُ الشَّيطٰنُ فَأَنسىٰهُم ذِكرَ اللَّهِ أُولٰئِكَ حِزبُ الشَّيطٰنِ أَلا إِنَّ حِزبَ الشَّيطٰنِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 19) |
اُنهن جي مٿان شيطان غالب اچي چڪو آهي پوءِ هُن انهن کان الله تعالى جي ياد وساري ڇڏي آهي. هي شيطان جو ٽولو آهي. خبردار! بيشڪ شيطان جو ٽولو ئي نقصان ۾ رهڻ وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ فِى الأَذَلّينَ (آيت : 20) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي مخالفت ڪن ٿا سي انتھائي ذليل ماڻهن ۾ شامل آهن. |
كَتَبَ اللَّهُ لَأَغلِبَنَّ أَنا۠ وَرُسُلى إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 21) |
الله تعالى اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته مان ۽ منھنجا رسول سڳورا ئي غالب رهندا. بيشڪ الله تعاليٰ زبردست طاقت وارو آهي. |
لا تَجِدُ قَومًا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ يُوادّونَ مَن حادَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلَو كانوا ءاباءَهُم أَو أَبناءَهُم أَو إِخوٰنَهُم أَو عَشيرَتَهُم أُولٰئِكَ كَتَبَ فى قُلوبِهِمُ الإيمٰنَ وَأَيَّدَهُم بِروحٍ مِنهُ وَيُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ أُولٰئِكَ حِزبُ اللَّهِ أَلا إِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 22) |
جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي (دل سان) ايمان آڻين ٿا انهن کي تون الله تعالى ۽ سندس رسول سڳوري جي مخالفن سان (ڪڏهن به) دوستي رکندي نه ڏسندين. ڀلي اُهي ان جا پيئر، پُٽ، ڀائر يا ويجها مائٽ ئي ڇونه هجن. اهڙي (ڪردار وارن) ماڻهن جي دلين ۾ الله تعالى ايمان لکي ڇڏيو آهي ۽ انهن کي پنھنجي طرفان هڪ روحاني طاقت عطا ڪئي آهي، هو کين اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهنديون جن ۾ هو هميشه رهندا. الله تعالى انهن کان راضي ٿيو ۽ هو الله تعالى کان راضي ٿي ويا. اُها ئي الله تعالى جي جماعت آهي. (ڪن کولي) ٻڌي ڇڏيو ته الله تعالى جي جماعت ئي ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهي. |