قَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّتى تُجٰدِلُكَ فى زَوجِها وَتَشتَكى إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ يَسمَعُ تَحاوُرَكُما إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 1) |
بيشڪ ٻُڌي ورتي الله ڳالهه ان عورت جي جيڪا توسان تڪرار ڪري پئي پنهنجي مڙس جي ۽ شڪايت پئي ڪري الله سان، ۽ الله ٻڌي رهيو آهي ڳالهه ٻولهه توهان جي، بيشڪ الله ٻڌڻ ڏسڻ وارو آهي |
الَّذينَ يُظٰهِرونَ مِنكُم مِن نِسائِهِم ما هُنَّ أُمَّهٰتِهِم إِن أُمَّهٰتُهُم إِلَّا الّٰـٔى وَلَدنَهُم وَإِنَّهُم لَيَقولونَ مُنكَرًا مِنَ القَولِ وَزورًا وَإِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 2) |
اهي ماڻهو جيڪي ظهار ڪن (ماءُ سڏين) توهان مان پنهنجي زالن کي، سندن زالون انهن جون مائرون نه آهن، انهن جون مائرون ته اهي آهن جن کين ڄڻيو آهي، ۽ بيشڪ اهي ماڻهو چون ٿا سخت اڻ وڻندڙ ڳالهه ۽ چون ٿا نسورو ڪوڙ، ۽ بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ درگذر ڪندڙ آهي |
وَالَّذينَ يُظٰهِرونَ مِن نِسائِهِم ثُمَّ يَعودونَ لِما قالوا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا ذٰلِكُم توعَظونَ بِهِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 3) |
۽ جيڪي ماڻهو ظهار ڪن (ماءُ چون مائرن کي) پنهنجي زالن سان، پوءِ موٽن پنهنجي ان ڳالهه کان جيڪا انهن چئي هئي ته آزاد ڪندا هڪ ٻانهو انهيءَ کان اڳ ۾ جو اهي هڪ ٻئي کي هٿ لائن ان ڪري توهان کي نصيحت ڪجي ٿي، ۽ الله ان کان باخبر آهي جيڪي توهان ڪريو ٿا |
فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا فَمَن لَم يَستَطِع فَإِطعامُ سِتّينَ مِسكينًا ذٰلِكَ لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 4) |
۽ جيڪو شخص ٻانهو نه لهي ته پوءِ روزا رکي ٻن مهينن جا لاڳيتو، ان کان پهرين جو اهي هڪ ٻئي کي هٿ لائين، ۽ جيڪو ان جي قدرت به نه رکي ته پوءِ کاڌو کارائي سٺ مسڪينن کي، اهو حڪم ان ڪري ڏنو پيو وڃي ته توهان ايمان آڻيو الله ۽ سندس رسول تي، ۽ اهي حدون آهن الله جون مقرر ڪيل، ۽ ڪافرن جي لاءِ عذاب آهي ڏکوئيندڙ |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ كُبِتوا كَما كُبِتَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 5) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو مخالفت ڪن ٿا الله ۽ سندس رسول جي، اهي اهڙيءَ طرح ذليل ۽ خوار ڪيا ويندا جيئن ذليل ۽ خوار ڪيا ويا آهن ماڻهو انهيءَ کان اڳي (جڏهن ته) اسان نازل ڪيون آهن پڌريون آيتون، پوءِ ته ڪافرن جي لاءِ عذاب آهي ذلت وارو |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا أَحصىٰهُ اللَّهُ وَنَسوهُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 6) |
ان ڏينهن ٿيڻو آهي (ذلت جو عذاب) جڏهن الله سڀني کي جياري کين خبر ڏيندو ته ڇا ڇا ڪري آيا آهن، انهن وساري ڇڏيو آهي پر الله ته سندن سارا عمل ڳڻي سنڀالي رکيا آهن ۽ الله هرهڪ شيءِ تي خبر رکڻ وارو آهي |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ ما يَكونُ مِن نَجوىٰ ثَلٰثَةٍ إِلّا هُوَ رابِعُهُم وَلا خَمسَةٍ إِلّا هُوَ سادِسُهُم وَلا أَدنىٰ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكثَرَ إِلّا هُوَ مَعَهُم أَينَ ما كانوا ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 7) |
ڇا توکي خبر نه آهي ته الله ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي ڪجهه زمين ۾، ۽ جيڪا به ڳجهي صلاح ٿئي ٽن ماڻهن ۾ ته سندن وچ ۾ نه هجي اهو (الله) چوٿون، ۽ پنجن (ماڻهن ۾) اهو الله ڇهون نه هجي ۽ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ وارا کڻي ان کان گهٽ هجن يا وڌيڪ، اهو الله انهن سان گڏ هوندو آهي جتي به هجن، پوءِ اهو کين خبر ڏيندو سندن عملن جي ڏينهن قيامت جي، بيشڪ الله هر شيءِ جو علم رکي ٿو |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نُهوا عَنِ النَّجوىٰ ثُمَّ يَعودونَ لِما نُهوا عَنهُ وَيَتَنٰجَونَ بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَإِذا جاءوكَ حَيَّوكَ بِما لَم يُحَيِّكَ بِهِ اللَّهُ وَيَقولونَ فى أَنفُسِهِم لَولا يُعَذِّبُنَا اللَّهُ بِما نَقولُ حَسبُهُم جَهَنَّمُ يَصلَونَها فَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 8) |
ڇا تو نه ڏٺو انهن ماڻهن کي جن کي جهليو ويو هو (سس پس) ۾ صلاحون ڪرڻ کان، وري اهي ئي حرڪتون ڪن پيا جن کان روڪيو ويو هو، ۽ اهي ماڻهو لڪي لڪي پاڻ ۾ گناهه ۽ زيادتي ۽ نافرماني ڪندي رسول جي ڳالهيون جڏهن تو وٽ اچن ٿا ته توکي ان طرح سلام ڪندا آهن جيئن توتي سلام نه ڪيو آهي الله، ۽ چوندا آهن پنهنجي دلين ۾ ته ڇو نٿو ڏئي عذاب اسان کي الله انهن ڳالهين تي، انهن جي لاءِ بس دوزخ ئي آهي، ٻارڻ ٿيندا انهيءَ جو، ڏاڍو برو ٺڪاڻو آهي انهن جو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَنٰجَيتُم فَلا تَتَنٰجَوا بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَتَنٰجَوا بِالبِرِّ وَالتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 9) |
اي لوڪو جن آندو آهي ايمان! جڏهن توهان پاڻ ۾ ڳجهي ڳالهه ڪريو ته نه ڪريو صلاحون گناهه ۽ زيادتي ۽ نافرماني ڪندي رسول جون ڳالهيون پر صلاحون ڪريو نيڪي ۽ تقويٰ جون، ۽ ڊڄو ان الله کان، جنهن جي حضور ۾ توهان کي حشر جي ڏينهن پيش ٿيڻو آهي |
إِنَّمَا النَّجوىٰ مِنَ الشَّيطٰنِ لِيَحزُنَ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيسَ بِضارِّهِم شَيـًٔا إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 10) |
بيشڪ سُس پُس ته هڪ شيطاني ڪم آهي ۽ اها ان لاءِ ڪندا آهن ته غمگين ٿين ايمان وارا ماڻهو، جڏهن ته اها ڪوبه نقصان نٿي رسائي سواءِ حڪم الله جي، ۽ الله تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي مؤمنن کي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قيلَ لَكُم تَفَسَّحوا فِى المَجٰلِسِ فَافسَحوا يَفسَحِ اللَّهُ لَكُم وَإِذا قيلَ انشُزوا فَانشُزوا يَرفَعِ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ أوتُوا العِلمَ دَرَجٰتٍ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 11) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، جڏهن چيو وڃي توهان کي ته ڪشادگي رکو پنهنجي مجلسن ۾، پوءِ جاءِ ڪشادي ڪريو، بخشيندو الله توهان کي ڪشادگي، ۽ جڏهن چيو وڃي توهان کي ته اٿي وڃو، ته اٿي ويندا ڪريو، مٿاهان درجا الله ڏيندو انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو آهي توهان مان، ۽ اهي ماڻهو جن کي عطا ڪيو ويو آهي علم کين مٿاهان درجا ملندا، ۽ الله توهان جي سڀني عملن کان باخبر آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نٰجَيتُمُ الرَّسولَ فَقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقَةً ذٰلِكَ خَيرٌ لَكُم وَأَطهَرُ فَإِن لَم تَجِدوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي لوڪو جن آندو آهي ايمان، جڏهن ڪا ڳجهي ڳالهه ڪريو رسول سان ته انهيءَ ڳالهه ڪرڻ کان پهرين ڪندا ڪريو خيرات، اهو سٺو ڪم آهي توهان جي لاءِ ۽ پاڪيزه پڻ، جي توهان اهو ڪجهه ڪري نه سگهو ته پوءِ الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي |
ءَأَشفَقتُم أَن تُقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقٰتٍ فَإِذ لَم تَفعَلوا وَتابَ اللَّهُ عَلَيكُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 13) |
ڇا توهان ڊڄي ويا ان ڳالهه کان ته اڪيلائي ۾ ڳالهه ڪرڻ کان پهرين توهان کي ڪرڻي پوندي خيرات، چڱو جي توهان ائين نه ڪيو ته معاف ڪيو الله توهان کي، پوءِ قائم ڪريو نماز ۽ ڏيندا رهو زڪواة ۽ اطاعت ڪندا رهو الله ۽ سندس رسول جي، ۽ الله ته باخبر آهي ان کان جيڪي توهان ڪريو ٿا |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ تَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم ما هُم مِنكُم وَلا مِنهُم وَيَحلِفونَ عَلَى الكَذِبِ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 14) |
ڇا تو ناهي ڏٺو انهن ماڻهن کي جن دوست بنايو اهڙي ٽولي کي جن تي غضب (ڏمر) آهي الله جو؟ نه ته اهي توهان جا آهن ۽ نه (توهان) انهن جا، ۽ قسم کڻندا آهن ڪوڙي ڳالهه تي، جڏهن ته اهي اهو به ڄاڻن ٿا |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 15) |
تيار ڪيو آهي الله انهن جي لاءِ عذاب تمام سخت، بيشڪ ڏاڍا برا ڪرتوت آهن انهن جا جيڪي هو ڪن ٿا |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 16) |
انهن ڪري ورتو آهي پنهنجي قسمن کي ڍال جن جي اوٽ ۾ اهي الله جي راهه کان ماڻهن کي روڪين ٿا، ان تي انهن لاءِ عذاب آهي خواريءَ جو |
لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 17) |
انهن کي بچائڻ لاءِ ڪم نه ايندو سندن مال ۽ نه وري سندن اولاد ڪنهن به طرح الله کان، اهي ته دوزخ جا صاحب آهن، ۽ انهيءَ ۾ اهي سدائين رهندا |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيَحلِفونَ لَهُ كَما يَحلِفونَ لَكُم وَيَحسَبونَ أَنَّهُم عَلىٰ شَيءٍ أَلا إِنَّهُم هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 18) |
جنهن ڏينهن اٿاريندو الله سڀني کي ته اهي قسم کڻندا ان جي سامهون ائين ئي جيئن قسم کڻندا هئا توهان جي سامهون ۽ ڀائيندا ته ان سان سندن ڪجهه ڪم ٿي ويندو، چڱيءَ طرح ڄاڻي وٺو ته اهي وڏا ڪوڙا آهن |
استَحوَذَ عَلَيهِمُ الشَّيطٰنُ فَأَنسىٰهُم ذِكرَ اللَّهِ أُولٰئِكَ حِزبُ الشَّيطٰنِ أَلا إِنَّ حِزبَ الشَّيطٰنِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 19) |
قبضو ڪري ويو آهي انهن تي شيطان ۽ وسارائي ڇڏي آهي انهن کان ياد الله جي، اهي ماڻهو آهن طرفدار شيطان جا، خبردار! بيشڪ طرفدار شيطان وارا ئي ٽوٽي ۾ رهڻ وارا آهن |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ فِى الأَذَلّينَ (آيت : 20) |
بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي مقابلو ڪن ٿا الله ۽ سندس رسول سان، اهي وڏي ذليل مخلوق مان آهن |
كَتَبَ اللَّهُ لَأَغلِبَنَّ أَنا۠ وَرُسُلى إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 21) |
لکي ڇڏيو آهي الله ته ضرور غالب رهندس آئون ۽ منهنجا رسول، بيشڪ الله ڏاڍو ۽ زوردار آهي |
لا تَجِدُ قَومًا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ يُوادّونَ مَن حادَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلَو كانوا ءاباءَهُم أَو أَبناءَهُم أَو إِخوٰنَهُم أَو عَشيرَتَهُم أُولٰئِكَ كَتَبَ فى قُلوبِهِمُ الإيمٰنَ وَأَيَّدَهُم بِروحٍ مِنهُ وَيُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ أُولٰئِكَ حِزبُ اللَّهِ أَلا إِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 22) |
نه ڏسندين تون ڪڏهن ته جيڪي شخص ايمان رکڻ وارا آهن الله ۽ آخرت تي، اهي محبت ڪندا هجن جن مخالفت ڪئي آهي الله ۽ سندس رسول جي، ۽ پوءِ ڀلي اهي سندن پيءُ هجن يا سندن پٽ هجن يا سندن ڀائر يا سندن مائٽ هجن، هي اهي (مؤمن) آهن جن جي لاءِ لکيو ويو سندن دلين ۾ ايمان ۽ پنهنجي طرفان هڪ روح عطا ڪري قوت بخشيائين، ۽ اهو کين داخل ڪندو اهڙين جنتن ۾ جن جي هيٺان وهي رهيون هونديون نهرون، انهن ۾ اهي سدائين رهندا، راضي ٿيو الله انهن کان ۽ راضي ٿيا اهي الله کان، اهي ئي ته آهن جماعت الله جي، خبردار رهو! بيشڪ جماعت الله وارا ئي ڪاميابي ماڻڻ وارا آهن |