سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
اهي سڀ شيءَون جيڪي (به) آسمان ۽ زمين ۾ آهن (سي سڀ) خدا جي تسبيح ڪن ٿيون ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي. |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُحيۦ وَيُميتُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 2) |
آسمانن ۽ زمين جي حڪومت سندس ئي آهي. (اهو) جياري ۽ ماري ٿو، ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
هُوَ الأَوَّلُ وَالءاخِرُ وَالظّٰهِرُ وَالباطِنُ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 3) |
اهو ئي (سڀني کان) پهريون ۽ (سڀني کان) پويون ۽ (پنهنجي قدرتن سان) سڀ تي ظاهر ۽ (نگاهن کان) ڳجهو آهي. ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
هُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ مَعَكُم أَينَ ما كُنتُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 4) |
هو اهو آهي جنهن آسمان ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو. وري عرش (جي بنائڻ) تي آماده ٿيو. جو ڪجھ زمين ۾ وڃي ٿو ۽ جو ڪجھ ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان نازل ٿئي ٿو ۽ جيڪي ان ڏي چڙهي ٿو سو سڀ اهو ڄاڻي ٿو. ۽ اهو اوهان سان گڏ آهي جتي به هجو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڏسندڙ آهي. |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 5) |
آسمانن ۽ زمين جي حڪومت سندس ئي آهي. ۽ خدا ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا. |
يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَهُوَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 6) |
هو رات کي (گهٽائي) ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو (ته ڏينهن وڏو ٿئي ٿو) ۽ ڏينهن کي (گهٽائي رات ۾ داخل ڪري ٿو (ته رات وڏي ٿئي ٿي) ۽ اهو دلين جي راز کي (به) ڄاڻندڙ آهي. |
ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَأَنفِقوا مِمّا جَعَلَكُم مُستَخلَفينَ فيهِ فَالَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَأَنفَقوا لَهُم أَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 7) |
اوهين خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ ان (مال) مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪريو جنهن ۾ اوهان کي پنهنجو نائب ڪيو اٿس پوءِ اوهان مان جن ايمان آندو ۽ خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آهي. |
وَما لَكُم لا تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالرَّسولُ يَدعوكُم لِتُؤمِنوا بِرَبِّكُم وَقَد أَخَذَ ميثٰقَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو خدا تي ايمان نه ٿا آڻيو هوڏانهن رسول اوهان کي سڏي رهيو آهي ته اوهين پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيو ۽ اوهان کان (خدا) پڪو وعدو وٺي (به) چڪو آهي جيڪڏهن اوهين باور ڪريو. |
هُوَ الَّذى يُنَزِّلُ عَلىٰ عَبدِهِ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَإِنَّ اللَّهَ بِكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 9) |
هو اهو آهي جو پنهنجي عبد تي پڌريون آيتون نازل ڪري ٿو ته (جيئن) اوهان کي (ڪفر جي) اونداهين مان ڪڍي (نور جي ايمان) سوجهري ڏي آڻي. ۽ بيشڪ خدا اوهان تي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَما لَكُم أَلّا تُنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا يَستَوى مِنكُم مَن أَنفَقَ مِن قَبلِ الفَتحِ وَقٰتَلَ أُولٰئِكَ أَعظَمُ دَرَجَةً مِنَ الَّذينَ أَنفَقوا مِن بَعدُ وَقٰتَلوا وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 10) |
۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو (پنهنجو مال) خدا جي راھ ۾ خرچ نه ٿا ڪريو هوڏانهن آسمانن ۽ زمين جو مالڪ ۽ وارث الله ئي آهي. اوهان مان جن (مڪي جي) فتح کان اڳي خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو (۽ جن پوءِ خرچ ڪيو) برابر نه ٿا ٿي سگهن. اهي درجي ۾ انهن کان گهڻو وڌيڪ آهن جن (فتح کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو. ۽ (هونئن ته) خدا نيڪي ۽ ثواب جو وعدو سڀني سان ڪيو آهي ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا خدا تنهن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ وَلَهُ أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 11) |
اهڙو ڪير آهي جو خدا کي خالص نيت سان قرض الحسنه ڏئي ته خدا تنهن لاءِ (اجر کي) ڪيئي دفعا وڌائي ۽ ان لاءِ تمام عزت جو بدلو (جنت) ته آهي ئي. |
يَومَ تَرَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ يَسعىٰ نورُهُم بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم بُشرىٰكُمُ اليَومَ جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
جنهن ڏينهن تون (انهن) ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي ڏسندين ته سندن نور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي سڄي پاسي کان پيو ڊوڙندو هلندو (۽ کين چيو ويندو ته) اوهان کي خوش خبري هجي جو اڄ (اوهان لاءِ) اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان واھ پيا وهن انهن ۾ سدائي رهندو ۽ اوهان جي وڏي ڪاميابي آهي. |
يَومَ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ لِلَّذينَ ءامَنُوا انظُرونا نَقتَبِس مِن نورِكُم قيلَ ارجِعوا وَراءَكُم فَالتَمِسوا نورًا فَضُرِبَ بَينَهُم بِسورٍ لَهُ بابٌ باطِنُهُ فيهِ الرَّحمَةُ وَظٰهِرُهُ مِن قِبَلِهِ العَذابُ (آيت : 13) |
ان ڏينهن منافق مرد ۽ منافق عورتون ايمان وارن کي چوندا ته اسان ڏي (شفقت جي نظر سان) ڏسو ته اسين به اوهان جي نور مان ڪجھ روشني حاصل ڪريون (کين) چيو ويندو ته اوهين (دنيا ۾) پٺ تي موٽي وڃو ۽ (اتي وڃي) ڪنهن ٻئي جي نور تلاش ڪريو. پوءِ انهن (مومنن ۽ منافقن) جي وچ ۾ هڪ ڀت بيهاري ويندي ۽ ان ۾ دروازو هوندو. ان جي اندرين پاسي ته رحمت هوندي ۽ ٻاهرين پاسي کان عذاب هوندو. |
يُنادونَهُم أَلَم نَكُن مَعَكُم قالوا بَلىٰ وَلٰكِنَّكُم فَتَنتُم أَنفُسَكُم وَتَرَبَّصتُم وَارتَبتُم وَغَرَّتكُمُ الأَمانِىُّ حَتّىٰ جاءَ أَمرُ اللَّهِ وَغَرَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 14) |
ته منافق، مومنن کي وڏي سڏ چوندا ته ڇا اسين اوهان سان (دنيا ۾) گڏ نه هئاسون؟ (اهي ايمان وارا) چوندا ته هاءُ برابر پر اوهان پاڻهي پاڻ کي مصيبت ۾ وڌو ۽ (اسان جي حق ۾ گردش جا) منتظر رهيا ۽ (دين ۾) شڪ ڪندا رهيو ۽ اوهان کي خواهش ڌوڪو ڏنو ايتري تائين جو الله جو حڪم اچي پهتو ۽ اوهان کي ڌوڪي باز (شيطان) خدا جي باري ۾ ڌوڪو ڏنو. |
فَاليَومَ لا يُؤخَذُ مِنكُم فِديَةٌ وَلا مِنَ الَّذينَ كَفَروا مَأوىٰكُمُ النّارُ هِىَ مَولىٰكُم وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 15) |
سو اڄ نه اوهان کان بدلو ورتو ويندو ۽ نه ڪافرن کان اوهان جو ٺڪاڻو (دوزخ جي) باھ آهي اها ئي ته اوهان لاءِ سزاوار آهي. ۽ (ڪهڙي نه) بڇڙي جڳھ آهي. |
أَلَم يَأنِ لِلَّذينَ ءامَنوا أَن تَخشَعَ قُلوبُهُم لِذِكرِ اللَّهِ وَما نَزَلَ مِنَ الحَقِّ وَلا يَكونوا كَالَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلُ فَطالَ عَلَيهِمُ الأَمَدُ فَقَسَت قُلوبُهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 16) |
اڃا ايمان وارن لاءِ اهو وقت نه آيو آهي ڇا! جو خدا جي ياد ۽ قرآن جي لاءِ جو (خدا جي طرفان) نازل ٿيو آهي انهن جون دليون نرم ٿين ۽ انهن جهڙا نه ٿين جن کي انهن کان اڳي (توريت ۽ انجيل) ڪتاب ڏنو ويو هو، ته (جڏهن) مٿن ڊگهو زمانو گذريو ته سندن دليون سخت ٿي پيون ۽ گهڻا انهن مان بدڪار آهن. |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 17) |
اوهين ڌيان ڌريو ته الله ئي زمين کي ان جي مرڻ (غير آباد ٿيڻ) کان پوءِ جيئرو (آباد) ڪري ٿو. بيشڪ اسان اوهان لاءِ پنهنجي (قدرت جون) ڳالهيون کولي کولي بيان ڪيون آهن ته من اوهين عقل کان ڪم وٺو. |
إِنَّ المُصَّدِّقينَ وَالمُصَّدِّقٰتِ وَأَقرَضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعَفُ لَهُم وَلَهُم أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 18) |
بيشڪ خيرات ڏيندڙ مرد ۽ خيرات ڏيندڙ عورتون ۽ (جي ماڻهو) خدا کي نيڪ نيتي سان قرض ڏين ٿا تن کي ڪئين نفعا (ثواب) ڏنو ويندو. ۽ انهن لاءِ تمام عزت ڀريو صلو (جنت) ته آهي ئي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ أُولٰئِكَ هُمُ الصِّدّيقونَ وَالشُّهَداءُ عِندَ رَبِّهِم لَهُم أَجرُهُم وَنورُهُم وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 19) |
۽ جن خدا ۽ سندس رسولن تي ايمان آندو سي ئي پنهنجي پالڻهار وٽ صادقن ۽ شهيدن جي درجي ۾ هوندا تن لاءِ انهن ئي (صديقن ۽ شهيدن) جو اجر ۽ انهن جو نور هوندو. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو آهي دوزخي آهن. |
اعلَموا أَنَّمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَزينَةٌ وَتَفاخُرٌ بَينَكُم وَتَكاثُرٌ فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ كَمَثَلِ غَيثٍ أَعجَبَ الكُفّارَ نَباتُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَكونُ حُطٰمًا وَفِى الءاخِرَةِ عَذابٌ شَديدٌ وَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنٌ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 20) |
ياد رکو ته دنيا جي حياتي رڳو راند ۽ تماشو۽ سينگارڻ ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فخر ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد ۾ هڪ ٻئي کان وڌڻ جي خواهش آهي، (دنيا جي زندگيءَ جو مثال ته) بارش وانگر آهي جنهن جي (ٽلندڙ) ساوڪ ڪڙمين کي خوش ڪري ٿي، وري سڪڻ لڳي ٿي پوءِ تون ان کي زرد ٿيل ڏسندين وري اها ڀوسو ٿي پوي ٿي. ۽ آخرت ۾ (ڪافرن لاءِ) سخت عذاب آهي، ۽ (مومنن لاءِ) خدا جي طرفان معافي ۽ رضامندي آهي. ۽ دنيا جي حياتي رڳو ڌوڪي جو سامان آهي. |
سابِقوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُها كَعَرضِ السَّماءِ وَالأَرضِ أُعِدَّت لِلَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 21) |
اوهين پنهنجي پالڻهار جي معافي ۽ بهست ڏي جهپٽو جنهن (بهشت) جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي جهڙي آهي، جن خدا ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو تن لاءِ تيار ڪيل آهي. اها الله جي مهرباني آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ٿو. ۽ الله وڏي فضل ۽ ڪرم وارو آهي. |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ فِى الأَرضِ وَلا فى أَنفُسِكُم إِلّا فى كِتٰبٍ مِن قَبلِ أَن نَبرَأَها إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 22) |
جيتريون مصيبتون سموري زمين تي ۽ خود ماڻهن تي نازل ٿين ٿيون (سي سڀ) اسان جي پيدا ڪرڻ کان اڳي ئي ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهن بيشڪ اها (ڳالھ) خدا تي آسان آهي. |
لِكَيلا تَأسَوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا تَفرَحوا بِما ءاتىٰكُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 23) |
(اها خبر اوهان کي هن ڪري ڏني اٿئون) ته جيڪي اوهان کان وڃائجي ويو آهي تنهن تي افسوس نه ڪريو ۽ جيڪا نعمت اوهان کي عطا ڪري تنهن تي وڏائي نه ڪريو. ۽ خدا ڪنهن به هٺيلي ۽ پاڻ پڏائيندڙ کي دوست نه ٿو رکي. |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 24) |
جي پاڻ به ڪنجوس آهن ۽ ٻين ماڻهن کي به ڪنجوسي ڪرڻ لاءِ چون ٿا. ۽ جيڪو (انهن ڳالهين کان) منهن موڙيندو ته خدا به بي پرواھ لائق حمد ۽ ثنا آهي. |
لَقَد أَرسَلنا رُسُلَنا بِالبَيِّنٰتِ وَأَنزَلنا مَعَهُمُ الكِتٰبَ وَالميزانَ لِيَقومَ النّاسُ بِالقِسطِ وَأَنزَلنَا الحَديدَ فيهِ بَأسٌ شَديدٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَنصُرُهُ وَرُسُلَهُ بِالغَيبِ إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 25) |
بيشڪ اسان پنهنجي پيغمبرن کي پڌرا معجزا عطا ڪري موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ (انصاف جي) ترازي نازل ڪئي هن لاءِ ته ماڻهو انصاف تي قائم رهن. ۽ اسان ئي لوھ کي نازل ڪيو، ان ۾ (جنگ لاءِ) سخت طاقت آهي ۽ ماڻهن لاءِ (بيشمار) فائدا آهن. هن لاءِ ته خدا ڏسي ته بنا ڏٺي الله ۽ سندس پيغمبرن جي مدد ڪير ٿو ڪري. بيشڪ خدا زور آور زبردست غالب آهي. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا وَإِبرٰهيمَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِمَا النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ فَمِنهُم مُهتَدٍ وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 26) |
۽ بيشڪ اسان ئي نوح ۽ ابراهيم کي (پيغمبر بنائي) موڪليو ۽ انهن ٻنهي جي اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب مقرر ڪيو، پوءِ انهن مان ڪي هدايت وارا آهن ۽ گهڻا انهن مان بدڪار آهن. |
ثُمَّ قَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِرُسُلِنا وَقَفَّينا بِعيسَى ابنِ مَريَمَ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ وَجَعَلنا فى قُلوبِ الَّذينَ اتَّبَعوهُ رَأفَةً وَرَحمَةً وَرَهبانِيَّةً ابتَدَعوها ما كَتَبنٰها عَلَيهِم إِلَّا ابتِغاءَ رِضوٰنِ اللَّهِ فَما رَعَوها حَقَّ رِعايَتِها فَـٔاتَينَا الَّذينَ ءامَنوا مِنهُم أَجرَهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 27) |
پوءِ انهن جي پٺيان پنهنجا سندن ئي قدم پنهنجا رسول موڪليا ۽ مريم جي وٽ عيسى کي انهن پيغمبرن جي پٺيان موڪليوسون ۽ ان کي انجيل عطا ڪيوسون ۽ جن سندن تابعداري ڪئي تن جي دلين ۾ نرمي ۽ مهرباني رکي ۽ گوشه نشيني (دنيوي لذتن کان پاسو ڪرڻ) پاڻ ٺاهي هئائون، اها اسان مٿن فرض نه ڪئي هئي پر خدا جي رضامندي گهرڻ لاءِ (انهن پاڻ ٺاهي هئي) پوءِ ان کي به جهڙو نڀائڻ گهرجي نه نڀايائون پوءِ جن انهن مان ايمان آندو تن کي اسان سندن اجر ڏنو ۽ گهڻا (ته) انهن مان نافرمان آهن ئي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَءامِنوا بِرَسولِهِ يُؤتِكُم كِفلَينِ مِن رَحمَتِهِ وَيَجعَل لَكُم نورًا تَمشونَ بِهِ وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 28) |
اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو ۽ سندس رسول (محمد) تي ايمان آڻيو ته خدا اوهان کي پنهنجي رحمت جا ٻه حصا عطا فرمائيندو ۽ اوهان کي اهڙو نور عطا ڪندو جنهن (جي روشني) ۾ اوهين هلندو ۽ اوهان کي معاف به ڪندو. ۽ خدا ته نهايت بخشڻهار تمام رحم وارو آهي. |
لِئَلّا يَعلَمَ أَهلُ الكِتٰبِ أَلّا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِن فَضلِ اللَّهِ وَأَنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
(اهو ان لاءِ چيو وڃي ٿو) ته جيئن اهل ڪتاب هئين نه سمجهن ته اهي مومن خدا جي فضل (۽ ڪرم) تي ڪجھ به قدرت نه ٿا رکن پڻ هي ته يقيني ڳالھ آهي ته مهرباني خدا جي قبضي ۽ (قدرت) ۾ آهي اهو جنهن کي گهري عطا فرمائي ۽ خدا ته وڏي فضل (۽ ڪرم) جو مالڪ آهي. |