سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
هر عيب ڪنان اَلله کي، چَئـِي چيائون پاڪ، جيڪي عَجب اُڀن ۾، پڻ جيڪِي خُوبيون اَندر خَاڪ، ۽ اُهو اَپر عِزت ناڪ، قابِل ڪار ڪَمن ۾. |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُحيۦ وَيُميتُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 2) |
آهي اُڀن ۽ ڀون ۾، راڄ رُڳو اُن ڪاڻ، جياري جَڏن کي، پڻ مارِيو ڀَري مَساڻ، ۽ پهچندڙ آهي پاڻ، هادِي هر ڪِنهن ڳالھ کي. |
هُوَ الأَوَّلُ وَالءاخِرُ وَالظّٰهِرُ وَالباطِنُ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 3) |
اول، آخِر آھِ سو، مالِڪ مِهربان، ظاهِر زَمن، زَمِين ۾، پڻ مخفِي هَر مَڪان، سَمجھندڙ سُبحان، حال هر ڪِنهن ٽول جو. |
هُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ مَعَكُم أَينَ ما كُنتُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 4) |
اُهو اَلله آھِ سو، جَلَّ جلالہٗ، جَبَّار، جنهن جوڙيا ڇهن ڏِينهَن ۾، اُڀ، ڀُون عَجب اِسرار، تِهانپوءِ تڪرار، ٿِيو اُتاهون عرش تي. ڄاڻي ، جو گِھڙي زَمِين ۾، پڻ ٿئي مَنجھانسِ ٻَهار، ۽ جيڪي اُتري آسمان کان، پِڻ اُسري اُنهِئَ پار، ۽ اُهو اوهان سان، جِتي به هُجو، صاحِب رَبُّ، ستّار، ڪريو جي ڪَم ڪار، سي ڏِسندڙ آهي، ڏيہ ڌَڻِي. |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 5) |
آهي اُڀن ۽ ڀُون ۾، هِڪ اُن جو اِختيار، ۽ اِيندا پَروَر پارِ، ڦِري سَڀيئـِي فيصلا. |
يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَهُوَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 6) |
رات ڳَنڊي ڏِينهن ۾، ڏِينهن ڳنڊي مَنجھ رات، سوئـِي پاڪ صِفات، سَمجھندڙ سِينن وارِيون. |
ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَأَنفِقوا مِمّا جَعَلَكُم مُستَخلَفينَ فيهِ فَالَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَأَنفَقوا لَهُم أَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 7) |
رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول ۾، جي آڻيو اِعتبار، ته آن کي جِنهن اِملاڪ جو، ڪيو والِي وَرثيدار، تِنهن تَرڪي مان تڪرار، آڌاريو اَڀرن کي. پوءِ جَن آن مان، مَڃيو ۽ مال مان، لَڌئون سَقِيمن سار، آهِن آخِرڪار، وَڏا اُجُورا اُنهن لئي. |
وَما لَكُم لا تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالرَّسولُ يَدعوكُم لِتُؤمِنوا بِرَبِّكُم وَقَد أَخَذَ ميثٰقَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
۽ آهي اوهان کي ڇا ٿيو؟ ته ڪِين مَڃيو ڪَلتار، ۽ جڏهن آن کي پُڪار ي پِيو، مُرسل مَڻياندار، ته مَڃو اَوهِين مُورهِين، پَنهنجو پالڻهار، ۽ جَڏهن اَوهان کان اَلَست ۾، ڪري سَڀ قِطار، وَرتا قول قرار، جي وِسهڻ وارا آهِيو. |
هُوَ الَّذى يُنَزِّلُ عَلىٰ عَبدِهِ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَإِنَّ اللَّهَ بِكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 9) |
اُهو اَلله، سو، جو سَندسِ ٻانهي سِر، اُتاري ٿو آيتون، پَڌريون هَر ڪِنهن پَر، ته ڪڍي اوهان کي ڪاراڻ مان، نُور نِسوري ڀَر، ۽ آھِ اوهان تي اَصل ڪنان، پاڪ ڌڻي پَروَر، سَٻاجھو سَٻر، پڻ تَرسَوَند تمام گھڻو. |
وَما لَكُم أَلّا تُنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا يَستَوى مِنكُم مَن أَنفَقَ مِن قَبلِ الفَتحِ وَقٰتَلَ أُولٰئِكَ أَعظَمُ دَرَجَةً مِنَ الَّذينَ أَنفَقوا مِن بَعدُ وَقٰتَلوا وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 10) |
۽ آن کي آهي ڇا ٿيو؟ ته ڏِيو نه رَبَّ جي راھ، ۽ آهِن لئي اَلله، وَرثا اُڀَ، زَمِين جا. اَصل نه ٿِيَن اُن سان، مَٽو مَٽ مَنجھ مانَ، مَهند مَڪي جي فتح کان، جَن ڏِنان ڏُکين ڏان، ۽ وِڙهيا ويريَن سامهان، مانجِھي مَنجھ ميدان، اُهي وَڏا آهِن اُنهن ڪنان، دَرجن ۾ دگران، جَن پوءِ خُدا لڳ خير ڪيا، يا لڙيا جوڌ جُوان، ۽ ڏِنا اَنجام اِنعام جا، سَڀن کي سُبحان، ۽ جيڪِي ڪَريو مَنجھ جَھان، والِي واقِف اُن ڪنان. |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ وَلَهُ أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 11) |
اُهو آهي ڪير؟ ته ڏِئي سُهڻو قَرض ڪَرِيم کي، ته ٻِيڻو ڏيسِ ٻاجھ سان، فَرا بِنان ڦير، پڻ آهي آخِر وير، اَجر سڳورو اُن لئي. |
يَومَ تَرَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ يَسعىٰ نورُهُم بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم بُشرىٰكُمُ اليَومَ جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
مُؤمن ۽ مُؤمنياڻِين، ويکيندِين جِنهن وار سَندن سُهائو، ڊوڙندو، سامهون ۽ ساڄي پار، آن کي مبارڪ مؤمنو!، اَڄ بهشت باغ بهار، هَلن هيٺان جَن جي، واهِيون ويرو تار، سَداساڪِن اُن ۾، سَرها سَڀ ڄمار، آهي وَڏو اَپار، اِي ماڻڻ، مَن مُراد جو. |
يَومَ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ لِلَّذينَ ءامَنُوا انظُرونا نَقتَبِس مِن نورِكُم قيلَ ارجِعوا وَراءَكُم فَالتَمِسوا نورًا فَضُرِبَ بَينَهُم بِسورٍ لَهُ بابٌ باطِنُهُ فيهِ الرَّحمَةُ وَظٰهِرُهُ مِن قِبَلِهِ العَذابُ (آيت : 13) |
جِنهن ڏِينهن کوٽا، کوٽيون، جَن جي قَلبن ۾ ڪُفران، آزِيون ڪَندا اُنهن کي، آندو جَن اِيمان، ته نِهاريو ته اَهنجي نُور مان، ڪا چِڻنگ چُونڊيو مان!، چي، وَرِي وَرو پوءِ تي، پوءِ ڳَوليو نُور نِشان، هِڪدَم هَنيو وِيو اُنهن وِچان، ڪو قابُو ڪوٽ ڪَلان، آهي دَر اُن جو، تَنهن اندران، رَحمت رَبَّ، رحمان، باهِيون بي گمان، ٻَرندڙ، اُن جي ٻاهِران. |
يُنادونَهُم أَلَم نَكُن مَعَكُم قالوا بَلىٰ وَلٰكِنَّكُم فَتَنتُم أَنفُسَكُم وَتَرَبَّصتُم وَارتَبتُم وَغَرَّتكُمُ الأَمانِىُّ حَتّىٰ جاءَ أَمرُ اللَّهِ وَغَرَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 14) |
ڪَندا قلعي جي ٻاهِران، ساري اُنهن کي سَڏ، ڇا، هُت نه هُئاسون گڏ؟ اَسِين اوهان سان دِين ۾. چي، هائو، هُئا اَسا سان، ظاهِر ساڻ زبان، پر پاڻهِين اَوهان پَنهنجِي، جوکي وِڌِي جان، ۽ نِڌر نٽائـِيندا رهيا، ۽ ڪيان غلط گُمان، ۽ آن کي خالِي خواهِشَن، موهي ڪيو مَستان، تان اوهان کي آئـِيو، فائـِق جو فَرمان، ۽ ڪَنان رَبَّ، رَحمان، آن کي ٺڳ ٺڳي ڇَڏيو. |
فَاليَومَ لا يُؤخَذُ مِنكُم فِديَةٌ وَلا مِنَ الَّذينَ كَفَروا مَأوىٰكُمُ النّارُ هِىَ مَولىٰكُم وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 15) |
پوءِ اَڄ نه اوهان کان وَٺبو، ڪو پَئـِسو پائـِي پار، پڻ نه عِوض ڪو اُنهن ڪنان، جَن ڪَئـِي ڪُفر جي ڪار، آهي گَھر اَوهان جو، دَوزخ دَهشت دار، وَڙ اَوهان جو آھِ سو، ڄيرو ڄِڀياندار، ۽ بُڇڙو ٿِيو بِسيار، موٽِي ماڳ رَهڻ جو. |
أَلَم يَأنِ لِلَّذينَ ءامَنوا أَن تَخشَعَ قُلوبُهُم لِذِكرِ اللَّهِ وَما نَزَلَ مِنَ الحَقِّ وَلا يَكونوا كَالَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلُ فَطالَ عَلَيهِمُ الأَمَدُ فَقَسَت قُلوبُهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 16) |
ڇا اُنهن لئي وقت نه آئـِيو، آندو جَن اِيمان، ته ڪَونرا ٿِيَن قلب سَندنِ، سارڻ لئي سُبحان، پڻ اُن لئي، جو اُتاريو مالِڪ مِهربان، ۽ نَڪِي ٿِين نِڪما، اُنهن جِھڙا مَنجھ جھان، جن کي ڪتاب ڪرِيم جا، اڳي ٿِيا اِحسان، پوءِ اِنگھيُون عُمريون اُنهن جون، پوءِ ٿيا ڪَٺن قلن سَندان، فاسق بي فرمان، آهِن گھڻا اُنهن مَنجھان. |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 17) |
سوچيو صِحِي سڄُاڻ! ته اَلله جَلَّ جلالہٰ، ٿو جِياري زمِين کي، سَندسِ سُڪن پُڄاڻ، کولياسون خُوب طرح، اَوهان لئي اُهڃاڻ، مانَ پُروڙيو پاڻ، ڪِي سَمجھ سَگھ سُبحان جِي! |
إِنَّ المُصَّدِّقينَ وَالمُصَّدِّقٰتِ وَأَقرَضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعَفُ لَهُم وَلَهُم أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 18) |
صَدقو ڏِيندڙ صِدق مان، سَچيون ۽ سَچار، ۽ ڏِنئون قَرض ڪرِيم کي، سُهڻو سهِڻ ڌار، اُهو ڏِبو اُنهن کي، ٻِيڻو ڪري ٻيهار، ۽ آهي اُنهِئ هارِ، اُجورو آبائـِتو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ أُولٰئِكَ هُمُ الصِّدّيقونَ وَالشُّهَداءُ عِندَ رَبِّهِم لَهُم أَجرُهُم وَنورُهُم وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 19) |
۽ مَڃيو جَن اَلله کي، پڻ اُن جا پيغمبر، اُهي سَچا سَندنِ سائـِينءَ وَٽ، پڻ مُقرر مُعتبر، اُنهن لئي اَجر اُنهن جو، پڻ اُنهن جو اَوجر، ۽ اُهي جَن اِنڪار ڪيو، پِئا ڪُفر ۾ ڪافِر، ڪُوڙيون ڪوٺيؤَن آيتون، اسان جون اَڪثر، آهِن اُهي اَبتر، بي شڪ ڀاتِي باھِ جا. |
اعلَموا أَنَّمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَزينَةٌ وَتَفاخُرٌ بَينَكُم وَتَكاثُرٌ فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ كَمَثَلِ غَيثٍ أَعجَبَ الكُفّارَ نَباتُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَكونُ حُطٰمًا وَفِى الءاخِرَةِ عَذابٌ شَديدٌ وَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنٌ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 20) |
هِئَ حياتِي نَنڍڙِي، گَھٽ ۾ گَھٽ ڄَمار، سَمجھو راند، راڳ رُڳو، صُورت جو سيگار، ۽ آهي ناز اوهان جو، هِڪ ٻئي تي هيڪار، ۽ واڌارو ڪا وار، مال ۽ اولاد ۾. جَيَڻ هِن جَھان جو، آهي مِينهن آچار، هارِي حيرت ۾ هَنيا، جنهن جي اوڀرن اِسرار، ڪک ڪَڪوريا، پوءِ وَرِي پوءِ هَيڊا پَسِين هَر پار، تِهانپوءِ تڪرار، ڇاڻو ٿِيَن سي ڇَڻِي ۽ آهي آخرت ۾، عَذاب سَخت اَپار، پن مَره مالِڪ پاڪ کان، ۽ رضا ربَّ، ستار، ۽ ناهي هِئَ ڄَمار، مگر ٺاٺ ٺڳِئَ جو. |
سابِقوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُها كَعَرضِ السَّماءِ وَالأَرضِ أُعِدَّت لِلَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 21) |
هِئَ حياتِي نَنڍڙِي، گَھٽ ۾ گَھٽ ڄَمار، سَمجھو راند، راڳ رُڳو، صُورت جو سينگار، ۽ آهي ناز اوهان جو، هِڪ ٻئي تي هيڪار، ۽ واڌارو ڪا وار، مال ۽ اولاد ۾. جَيَڻ هِن جَھان جو، آهي مِينهن آچار، هارِي حيرت ۾ هَنيا، جنهن جي اوڀرن اِسرار، ڪک ڪَڪوريا، پوءِ وَرِي پوءِ هَيڊا پَسِين هَر پار، تِهانپوءِ تڪرار، ڇاڻو ٿِيَن سي ڇَڻِي ۽ آهي آخرت ۾، عَذاب سَخت اَپار، پن مَره مالِڪ پاڪ کان، ۽ رضا ربَّ، ستار، ۽ ناهي هِئَ ڄَمار، مگر ٺاٺ ٺڳِئَ جو. |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ فِى الأَرضِ وَلا فى أَنفُسِكُم إِلّا فى كِتٰبٍ مِن قَبلِ أَن نَبرَأَها إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 22) |
ذِلت نه رَسي زَمِين ۾، ۽ نه اَهنجي جان اَندر، قُدرت جي ڪتاب ۾، موجود آهي، مگر، اِنهيان اَڳ ته ڪريونسِ اَسِين، پَڌرو ڪِنهِين پَر، آهي اِهو آسان گھڻو، سَچي صاحِب سِر، |
لِكَيلا تَأسَوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا تَفرَحوا بِما ءاتىٰكُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 23) |
آن کي ڏِني ويئـِي اِن ڪري، اِها خاص خبر، ته ٿيو اوهان کان ٿوڪ جو، غفلت مَنجھ گُذر، ڪريو نه پَنهنجي قَلب ۾، تِنهن گُذرِئَ جو گُوندر، ۽ ته ڪِين مَرڪون اُن مٿي، ڏِنان جو ڏاتر، پِيار نه ڏئـِي پَروَر، ڪِنهن مَرڪندڙ مَغرور کي. |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 24) |
اُهي مَرڪندڙ مال تي، جي بُخل ڪن بيڪار، مُوڙهل ڏَسِينِ ماڻهئـِين، ڪَنجوسِئَ جِي ڪار، ۽ جيڪي مُنهن موڙِيندو، ته پوءِ صاحب رَبُّ سَتار، آھِ تونگر تڪرار، پڻ ساراهيل سَڀِـين پَرِين. |
لَقَد أَرسَلنا رُسُلَنا بِالبَيِّنٰتِ وَأَنزَلنا مَعَهُمُ الكِتٰبَ وَالميزانَ لِيَقومَ النّاسُ بِالقِسطِ وَأَنزَلنَا الحَديدَ فيهِ بَأسٌ شَديدٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَنصُرُهُ وَرُسُلَهُ بِالغَيبِ إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 25) |
اَسان مُقرّر موڪليا، پَنهنجا پيغمبر، پَڌرن پيغامن سان، ثابِت سراسر، ۽ لِکيا لاٿا سون، اُنهن سان، پڻ مِيزان مُقرر، تان آدمِي اِنصاف تي، بِيهن برابر، ۽ لوه لاٿاسون جنهن ۾، وَڏو خوف خطر، ٻِئا به مَطلب ماڻهن جا، هزارِين هُنر، ۽ پَرکي تان پاڻ ڌَڻِي، لَهي خُوب خبر، ته پَر پُٺ ڪِهڙو پِڙ ۾، وِير ڪري واهِر، اُن جِي، ڪِ جيڪِي اُن جا، نَبِي نيڪ نَظر، زور آوَر زَبر، پڻ ڏاڍو آهي، ڏيہ ڌَڻِي. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا وَإِبرٰهيمَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِمَا النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ فَمِنهُم مُهتَدٍ وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 26) |
۽ اَسان مُقرّر موڪليا، نُوح، اِبراهِيم، ۽ رکي سون پاڪ پيغمبري، پڻ ڪِتاب ڪَرِيم، اُن ٻِنهِين جي اولاد ۾، اَمانت عَظِيم، آهِن پوءِ اُنهن مَنجھان، سُونهان، ڪي سَلِيم، پڻ ڀُڃندڙ حُڪم حَڪِيم، آهِن گھڻا اُنهن منجھان. |
ثُمَّ قَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِرُسُلِنا وَقَفَّينا بِعيسَى ابنِ مَريَمَ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ وَجَعَلنا فى قُلوبِ الَّذينَ اتَّبَعوهُ رَأفَةً وَرَحمَةً وَرَهبانِيَّةً ابتَدَعوها ما كَتَبنٰها عَلَيهِم إِلَّا ابتِغاءَ رِضوٰنِ اللَّهِ فَما رَعَوها حَقَّ رِعايَتِها فَـٔاتَينَا الَّذينَ ءامَنوا مِنهُم أَجرَهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 27) |
موٽي مُڪاسون تَن پُٺيان، پَنهنجا پيغمبر، ۽ عِيسٰى اِبن مَريم پوئتان، اُماڻيوسُون اَنور، ۽ اِنجيل ڏِنوسون اُن کي، ۽ پارِيَسِ جَنِين پَر، رَکِيسون اُنهن جي رُوح ۾، نَرمِي، ٻاجھ ٻيهر، ٽِي پڻ جُڙتو جو ڳـپـَڻِي، جا اَسان نه لِکِي اُنهن سِر، پاڻهِين ٺاهِيون پَروَر جي، خُوشنودِي خاطِر، |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَءامِنوا بِرَسولِهِ يُؤتِكُم كِفلَينِ مِن رَحمَتِهِ وَيَجعَل لَكُم نورًا تَمشونَ بِهِ وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 28) |
اي اُهي، جَن مَڃيو!، ڪَنبو ڀر قهار، پڻ سَندسِ سَچي رَسُول تي، آڻيو اِعتبار، ته ٻِيڻو پَنهنجِي ٻاجھ سان، ڏِئي اوهان کي ڏاتار، پڻ اُن سان اوهان لئي ڪري، چانڊوڪي چوڌار، اُنهِئَ نُور نِبار تي، هَلو چَلو هَر پار، پڻ اگلايون اوهان کي، بَخشي بَخشڻهار، ۽ صاحِب رَبُّ سَتّار، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو. |
لِئَلّا يَعلَمَ أَهلُ الكِتٰبِ أَلّا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِن فَضلِ اللَّهِ وَأَنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
اِن لئي ته اَهل ڪتاب جا، سَمجھن صاف بيان، ته ڀَلي جي ڪِنهن ڀال تي، اَٿن قُدرت ڪانه، ۽ آهي هَٿ اَلله جي، اَڙِيَن سان اِحسان، جِنهن کي گُھري جَھان مان، ڏِئي اُنِهئ کي ڏان، ۽ آهي رَبُّ، رَحمان، وَڏي وَڙ وارو ڌَڻِي. |