سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به مخلوق آهن، سي سڀ الله تعاليٰ جو شان ۽ پاڪائي ظاهر ڪري رهيا آهن ۽ هو هر شيء تي غالب ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُحيۦ وَيُميتُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 2) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي سندس ئي آهي، هوئي جيئاري ٿو ۽ هو ئي ماري ٿو ۽ هر شيء تي قادر آهي (۽ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو). |
هُوَ الأَوَّلُ وَالءاخِرُ وَالظّٰهِرُ وَالباطِنُ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 3) |
هوئي اول ۽ آخر آهي (يعني اصل کان آهي ۽ هميشه هوندو) ۽ هوئي ظاهر به آهي ۽ باطن به. ۽ هو هرهڪ شيءِ جو علم رکي ٿو. |
هُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ مَعَكُم أَينَ ما كُنتُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 4) |
اهوئي آهي جنهن ڇهن ايامن ۾ آسمانن ۽ زمين کي خلقيو، پوءِ به پنهجي بادشاهيءَ جي تخت تي محڪم رهيو (يعني هوئي دنيا کي هلائيندو رهي ٿو) جيڪي به زمين ۾ داخل ٿو ٿئي ۽ جيڪي به ان مان ٻاهر ٿو نڪري سو سڀ هو ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي به آسمان مان هيٺ اچي ٿو ۽ جيڪي به ان ۾ چڙهي وڃي ٿو سو به سڀ ڄاڻي ٿو، ۽ توهان (انسان) جتي به هجو تتي توهان سان گڏ آهي، ۽ توهان جيڪي به عمل ڪيو ٿا سي سڀ هو ڏسي ٿو. |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 5) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي سندس ئي آهي ۽ سڀ ڪم الله ڏي موٽن ٿا (يعني سڀ فيصلا آخر الله تعاليٰ ڪري ٿو). |
يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَهُوَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 6) |
هوئي رات کي ڏينهن ۾ ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ٿو ڪري ۽ هو دلين جا سڀ راز ۽ ڳجهه ڄاڻندڙ آهي. |
ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَأَنفِقوا مِمّا جَعَلَكُم مُستَخلَفينَ فيهِ فَالَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَأَنفَقوا لَهُم أَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 7) |
(سو) الله ۽ سندس رسول ۾ ايمان آڻيو، ۽ جن شين جو اوهان کي وارث ڪيو اٿس تن مان (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪيو. پوءِ اوهان مان جيڪي ايمان ٿا آڻين ۽ (خدا جي راهه ۾) خرچ ٿا ڪن تن لاءِ وڏو اجر آهي (۽ کين دنيا ۽ آخرت ۾ وڏيون نعمتون ملنديون. |
وَما لَكُم لا تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالرَّسولُ يَدعوكُم لِتُؤمِنوا بِرَبِّكُم وَقَد أَخَذَ ميثٰقَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
۽ اوهان کي ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو جو توهان الله ۾ ايمان نه آڻيو؟ ۽ هي رسول (حضرت محمدﷺ) اوهان کي هن ڳالهه ڏي سڏي رهيو آهي ته، توهان پنهنجي پروردگار تي ايمان آڻيو (جو توهان جي پرورش ٿو ڪري ۽ توهان کي رزق ٿو ڏئي، مٿس ايمان رکي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪندؤ ته هو اوهان کي ڏهوڻيون نعمتون ڏيندو) ۽ (يا رکو ته) هن اوهان کان (اهڙو) عهد اقرار وٺي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن توهان (سچ پچ) ايمان وارا آهيو. |
هُوَ الَّذى يُنَزِّلُ عَلىٰ عَبدِهِ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَإِنَّ اللَّهَ بِكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 9) |
اهوئي آهي جو پنهنجي ٻانهي (حضرت محمدﷺ) ڏي چٽيون آيتون ۽ حڪم موڪلي ٿو انهيءَ لاءِ ته اوهان کي گهپ اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ڏي آڻي ۽ يقيناً الله تعاليٰ توهان جي لاءِ ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي (جو توهان کي روشنيءَ ڏي آڻڻ ٿو چاهي). |
وَما لَكُم أَلّا تُنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا يَستَوى مِنكُم مَن أَنفَقَ مِن قَبلِ الفَتحِ وَقٰتَلَ أُولٰئِكَ أَعظَمُ دَرَجَةً مِنَ الَّذينَ أَنفَقوا مِن بَعدُ وَقٰتَلوا وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 10) |
۽ توهان کي ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو جو توهان الله تعاليٰ جي راهه ۾ خرچ نه ڪيو! ۽ (نٿا ڄاڻو ڇا ته) آسمانن ۽ زمين جي ميراث سڀ فقط الله جي آهي (نه توهان جي، پوءِ ڇو نٿا الله جو ڏنل رزق الله جي راهه ۾ خرچ ڪيو) اوهان مان جن (حديبيه جي) فتح کان اڳي (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪيو ۽ لڙايون ڪيون تن سان برابر اُهي ناهن (جن پوءِ مال خرچ ڪيو ۽ لڙايون ڪيون) انهن جو وڏو درجو ۽ مرتبو آهي، انهن کان جن پوءِ خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيو ۽ لڙايون ڪيون. پر الله تعاليٰ سڀني کي (يعني جن اڳي اهي ڪم ڪيا ۽ جن پوءِ ڪيا) چڱي انعام جو واعدو ڏنو آهي. ۽ (ياد رکو ته) توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله کي پوري پوري خبر آهي. |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ وَلَهُ أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 11) |
ڪير آهي (اهڙو سچو مؤمن) جو الله (تعاليٰ) کي سهڻو قرض ڏئي جو الله تعاليٰ وري ان کي ٻيڻو (بلڪ ڏهوڻو) ڪري موٽائي ڏئي، (ان کان علاوه) کيس وڏو شاندار اجر به ملي. |
يَومَ تَرَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ يَسعىٰ نورُهُم بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم بُشرىٰكُمُ اليَومَ جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
(اي پيغمبر!) انهيءَ ڏينهن تون ڏسندين ته (اهڙن سچن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين جي اڳيان ۽ ساڄي پاسي کان نور ڊوڙندو هلندو (۽ کين چيو ويندو ته) اڄ اوهان جي لاءِ وڏي خوشخبري آهي (جو توهان جي لاءِ) اهڙا باغ (تيار رکيل آهن) جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، توهان انهن ۾ هميشه لاءِ رهندو. اها ئي آهي جا وڏي ڪاميابي آهي. |
يَومَ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ لِلَّذينَ ءامَنُوا انظُرونا نَقتَبِس مِن نورِكُم قيلَ ارجِعوا وَراءَكُم فَالتَمِسوا نورًا فَضُرِبَ بَينَهُم بِسورٍ لَهُ بابٌ باطِنُهُ فيهِ الرَّحمَةُ وَظٰهِرُهُ مِن قِبَلِهِ العَذابُ (آيت : 13) |
انهيءَ ڏينهن منافق ۽ منافقياڻيون مؤمنن کي چوندا ته، ڪجهه ترسو ته سهي ته اسان توهان جي نور مان ڪجهه نور وٺون. کين چيو ويندو ته، پٺتي هٽي وڃو ۽ اتي وڃي ڪنهن نور جي تلاش ڪيو (پر ملندو ڪونه) پوءِ انهن (ٻنهي جماعتن) جي وچ ۾ هڪ ديوار کڙي ڪئي ويندي، جنهن کي هڪڙو دروازو هوندو. (جنهن مان مؤمن لنگهي اندر ويندا) ان جي اندرئين پاسي ان ۾ رحمت هوندي ۽ ان جي ظاهر (ٻاهرئين) پاسي عذاب هوندو. |
يُنادونَهُم أَلَم نَكُن مَعَكُم قالوا بَلىٰ وَلٰكِنَّكُم فَتَنتُم أَنفُسَكُم وَتَرَبَّصتُم وَارتَبتُم وَغَرَّتكُمُ الأَمانِىُّ حَتّىٰ جاءَ أَمرُ اللَّهِ وَغَرَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 14) |
ٻاهريان (منافق) اندرين (مؤمنن) کي سڏ ڪري چونداته، (اسان کي ڇو هتي ڇڏي ويا آهيو؟) اسان توهان سان گڏ (توهان سان شامل) ڪين هوندا هئاسين؟ اهي (مؤمن) کين جواب ڏيندا ته، هائو (ظاهر طور ته برابر گڏ هئو) پر توهان پاڻ کي پاڻ فتني ۾ وڌو، ۽ (اسان جي حق ۾ مصيبت ۽ ناڪاميابيءَ جو) انتظار ڪيوَ، ۽ توهان (خدا جي فتح واري واعدي بابت) شڪ آندو ۽ توهان کي (ڪوڙين) اميدن ۽ خواهشن ڀلائي ڇڏيو، تان جو حڪم ۽ فيصلو اچي ويو. (هاڻي ڇا ٿيندو؟) توهان کي (آخر تائين) اهو دغاباز (شيطان) الله تعاليٰ بابت ڌوڪو ڏيندو رهيو. |
فَاليَومَ لا يُؤخَذُ مِنكُم فِديَةٌ وَلا مِنَ الَّذينَ كَفَروا مَأوىٰكُمُ النّارُ هِىَ مَولىٰكُم وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 15) |
سو اڄ توهان کان فديو ڪونه ورتو ويندو (جو فديو ڏيئي عذاب کان ڇٽي وڃو) نڪي انهن کان فديو ورتو ويندو جن (کليو کلايو) ڪفر اختيار ڪيو، توهان جي جاءِ دوزخ جي باهه آهي. اهائي توهان جي رفيقياڻي ۽ سنگتياڻي آهي. اها ڪهڙي نه بري رهڻ جي جاءِ آهي! |
أَلَم يَأنِ لِلَّذينَ ءامَنوا أَن تَخشَعَ قُلوبُهُم لِذِكرِ اللَّهِ وَما نَزَلَ مِنَ الحَقِّ وَلا يَكونوا كَالَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلُ فَطالَ عَلَيهِمُ الأَمَدُ فَقَسَت قُلوبُهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 16) |
ڇا مؤمنن لاءِ اهو وقت (ڪاميابي ۽ آسودگيءَ جو) اچي نه ويو آهي، جڏهن سندن دليون الله تعاليٰ جي يادگيري (۽ حڪمن جي پيروي) لاءِ ۽ جيڪو حق نازل ٿيو آهي تنهن لاءِ نماڻيون ٿي جهڪي وڃن ۽ مؤمن انهن (يهودين) وانگر نه ٿين جن تي اڳي ڪتاب نازل ٿيو هو (۽ هنن تي خدا جون وڏيون نعمتون به نازل ٿيون هيون) پر پوءِ جيئن ايام گذرندا ويا تيئن سندن دليون سخت ٿينديون ويون. سو هاڻي هنن مان گهڻا باغي بي فرمان فاسق آهن. |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 17) |
يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ زمين کي سندس موت بعد وري زنده ڪري ٿو ڇڏي (ڏسو) اسان اڳي ئي اوهان کي نشانيون ظاهر ڪري ڏيکاريون آهن، انهيءَ لاءِ ته من توهان عقل هلايو ۽ سمجهو. |
إِنَّ المُصَّدِّقينَ وَالمُصَّدِّقٰتِ وَأَقرَضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعَفُ لَهُم وَلَهُم أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 18) |
يقيناً جيڪي مرد ۽ عورتون صدقا ڏيندڙ آهن ۽ الله تعاليٰ کي سهڻو قرض ٿا ڏين تن کي ٻيڻو (ٽيڻو بلڪ ڏهوڻو) ملندو ۽ انهن کي ان کان سواءِ ٻيو به وڏو شاندار اجر ملندو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ أُولٰئِكَ هُمُ الصِّدّيقونَ وَالشُّهَداءُ عِندَ رَبِّهِم لَهُم أَجرُهُم وَنورُهُم وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 19) |
۽ (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسول ۾ ايمان رکن ٿا سي الله جي نظر ۾ (سچا ۽ خالص) صديق ۽ شهيد آهن. انهن کي سندن اجر ۽ سندن نور ملڻو آهي، پر جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ اسان جي نشانين ۽ حڪمن کي ڪوڙو ٺهرايو اٿن سي ئي جهنم جي باهه جا ساٿي آهن. |
اعلَموا أَنَّمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَزينَةٌ وَتَفاخُرٌ بَينَكُم وَتَكاثُرٌ فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ كَمَثَلِ غَيثٍ أَعجَبَ الكُفّارَ نَباتُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَكونُ حُطٰمًا وَفِى الءاخِرَةِ عَذابٌ شَديدٌ وَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنٌ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 20) |
ڄاڻي ڇڏيو (۽ ياد رکو) ته هن دنيا جي (خودغرضي ۽ عياشيءَ واري) زندگي فقط (ٻاراڻو) کيل تماشو آهي ۽ ظاهري تجمل ۽ سونهن آهي ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي وٽ فخر ڪرڻو آهي، (پنهنجي طاقت ملڪيت وغيره بابت ٻٽاڪون هڻڻيون آهن) ۽ مال ملڪيت ۽ اولاد وڌائڻ ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻي آهي. انهيءَ (زندگيءَ) جو مثال ائين آهي جيئن مينهن جي ڪري پيدا ٿيل پوک ڪڙمين کي وڏي خوشي ڏئي ٿي. پوءِ اها پوک زور وٺي ٿي، پوءِ توهان ڏسو ٿا ته زرد ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ سڪي ذرا ذرا ٿي وڃي ٿي. (اهڙن ماڻهن لاءِ) آخر سخت عذاب اچڻو آهي. پر (نيڪ ماڻهن لاءِ) الله جي مغفرت ۽ راضپو آهي. ۽ (ياد رکو ته) دنيا (۾ خودغرضي ۽ عياشيءَ) واري زندگي ڪجهه به ناهي سواءِ هن جي ته فقط ڌوڪي جو سامان آهي. |
سابِقوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُها كَعَرضِ السَّماءِ وَالأَرضِ أُعِدَّت لِلَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 21) |
(سو اي مسلمانؤ!) پنهنجي پروردگار جي مغفرت ڏانهن ڊوڙڻ ۾ هڪٻئي کان اڳي نڪري وڃڻ جي ڪوشس ڪيو ۽ پڻ جنت ڏانهن ڊوڙڻ ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻي وڃو، جنهن جنت جي ويڪر ايڏي آهي جيڏو آسمان ۽ زمين. اها جنت انهن لاءِ تيار ڪيل آهي جيڪي الله ۾ ۽ سندس رسولن تي ايمان رکن ٿا (۽ سندن حڪمن تي عمل ڪن ٿا) اها (جنت) الله جو فضل آهي جو جنهن کي چاهي تنهن کي ڏيئي ٿو، ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ وڏي فضل وارو آهي. |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ فِى الأَرضِ وَلا فى أَنفُسِكُم إِلّا فى كِتٰبٍ مِن قَبلِ أَن نَبرَأَها إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 22) |
ڪابه مصيبت زمين تي نٿي اچين، نڪي توهانجي جانين تي ٿي اچي، پر اها وجود ۾ آڻيون ٿا، تنهن کان اڳ ئي ڪتاب ۾ لکيل آهي. يعني اسان جي مقرر ڪيل قانونن موجب اها مصيبت ظهور ۾ اچي ٿي) يقيناً هيءَ ڳالهه الله تعاليٰ جي لاءِ بلڪل سولي آهي. |
لِكَيلا تَأسَوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا تَفرَحوا بِما ءاتىٰكُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 23) |
(اهي مصيبتون هِن لاءِ به اچن ٿيون) ته جيڪي اڳ ئي گذري چڪو (يعني توهان اڳ ئي بدعمل ڪري چڪا آهيو) تن تي مايوس نه ٿيو (آئينده نيڪ عمل ڪيو ته خدا جي رحمت ويجهي آهي) ۽ هن لاءِ به (اچن ٿيون) ته جيڪي (نعمتون) توهان کي ڏنيون ويون آهن تن تي ڦونڊجي نه وڃو. بيشڪ الله تعاليٰ هرهڪ ڦونڊ ڪندڙ ٻٽاڪيءَ کي ناپسند ٿو ڪري. |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 24) |
جيڪي (ڦونڊ ڪندڙ ٻٽاڪي) بخل ۽ ڪنجوسائي ڪندا آهن ۽ ماڻهن کي به ڪنجوسائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندا آهن، (پر ياد رکو ته) جيڪڏهن ڪوبه (خدا جي حڪمن کان) ڦري ٿو وڃي ته (ڪابه پرواهه ناهي هو رڳو پنهنجو نقصان ٿو ڪري) الله تعاليٰ ته يقيناً بي پرواهه آهي ۽ سڀ ساراهه جو لائق آهي. |
لَقَد أَرسَلنا رُسُلَنا بِالبَيِّنٰتِ وَأَنزَلنا مَعَهُمُ الكِتٰبَ وَالميزانَ لِيَقومَ النّاسُ بِالقِسطِ وَأَنزَلنَا الحَديدَ فيهِ بَأسٌ شَديدٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَنصُرُهُ وَرُسُلَهُ بِالغَيبِ إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 25) |
هيءَ حقيقت آهي ته اسان پنهنجي رسولن کي چٽين نشانين (۽ چٽن حڪمن) سان موڪليو ۽ انهن سان گڏ ڪتاب ۽ تارازي نازل ڪئي سين انهيءَ ته ماڻهو عدل ۽ انصاف تي قائم رهن ۽ پڻ الله تعاليٰ لوهه نازل ڪيو آهي (يعني عطا ڪيو آهي) جنهن سان سخت لڙائي ڪري ٿي سگهجي ۽ جنهن ۾ ماڻهن لاءِ گهڻائي فائدا رکيل آهن ۽ (اهي ٽيئي شيون) هن لاءِ (عطا ڪيل آهن) ته الله تعاليٰ ڏسي وٺي ته ڪهڙا ماڻهو (انهن ٽن شين سان) کيس ۽ سندس رسولن کي اڻ ڏٺي مدد ڪن ٿا (۽ اهو خيال نٿا ڪن ته اسان جي حق جي راهه ۾ مدد ٻيا ماڻهو ڏسن ٿا يا نه) يقيناً الله تعاليٰ وڏي طاقت وارو ۽ زبردست غالب آهي (۽ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.) |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا وَإِبرٰهيمَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِمَا النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ فَمِنهُم مُهتَدٍ وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 26) |
۽ هيءَ حقيقت آهي ته، اسان حضرت نوح ۽ حضرت ابراهيم کي پيغمبر ڪري موڪليو ۽ هنن جي اولاد ۾ نبوت ۽ وحي قائم رکندا رهياسين. سو هنن ۾ ڪي ته حق جي راهه تي قائم رهيا پر هنن مان گهڻا بي فرمان بدڪار ٿي ويا. |
ثُمَّ قَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِرُسُلِنا وَقَفَّينا بِعيسَى ابنِ مَريَمَ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ وَجَعَلنا فى قُلوبِ الَّذينَ اتَّبَعوهُ رَأفَةً وَرَحمَةً وَرَهبانِيَّةً ابتَدَعوها ما كَتَبنٰها عَلَيهِم إِلَّا ابتِغاءَ رِضوٰنِ اللَّهِ فَما رَعَوها حَقَّ رِعايَتِها فَـٔاتَينَا الَّذينَ ءامَنوا مِنهُم أَجرَهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 27) |
پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي نقش قدم تي اسان ٻيا به پيغمبر موڪليا ۽ انهن جي پٺيان وري حضرت عيسيٰ ابن مريم کي موڪليوسين ۽ کيس انجيل موڪليوسين ۽ جن ماڻهن سندس پيروي ڪئي تن جي دلين ۾ نرمي ۽ رحمدلي پيدا ڪئي سين، پر جيڪا رهبانيت هنن ايجاد ڪئي، (يعني بدعت طور يعني نئين سر اختيار ڪيائون) سا اسان هنن کي ڪتاب ۾ ڪانه سيکاري هئي. اسان ته هنن کي فقط هي سيکاريو هو ته خدا جي راضپي جي تلاش ڪندا رهن، پر هنن اها فرض ادائي نه نڀائي جهڙو انهن جو حق هو. (يعني جيئن الله تعاليٰ جي راضپي جي تلاش ڪجي تيئن ڪري نه سگهيا.) تنهن هوندي به انهن مان جن کي (حضرت عيسيٰ جي تعليم تي) ايمان (۽ عمل) هو تن کي اسان (چڱو) اجر ڏنو، پر هنن مان گهڻا بي فرمان ۽ بدڪار ٿي رهيا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَءامِنوا بِرَسولِهِ يُؤتِكُم كِفلَينِ مِن رَحمَتِهِ وَيَجعَل لَكُم نورًا تَمشونَ بِهِ وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 28) |
اي (عيسائيو) اوهان مان جن کي (حضرت عيسيٰ تي) ايمان آهي، سي خدا کان ڊڄو (۽ خدائي دين جي نظام هيٺ اچو) ۽ سندس رسول (حضرت محمدﷺ) تي ايمان آڻيو (ڇو ته توهان حضرت عيسيٰ واري تعليم وساري ڇڏي آهي ۽ هي رسول حضرت محمدﷺ ساڳئي تعليم ٿو ڏئي) الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجي رحمت مان ٻه حصا ڏيندو. ۽ اوهان جي لاءِ نور پيدا ڪندو جنهن ۾ توهان گامزن ٿيندو (يعني انهيءَ روشنيءَ ۾ عملي طرح اڳتي وڌندا رهندؤ) ۽ اوهان جون (اڳيون) خاميون معاف ڪري ڇڏيندو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ بار بار معاف ڪندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي (بشرطيڪه توهان غلطيون ڦٽي ڪري سڌيءَ واٽ تي هلو). |
لِئَلّا يَعلَمَ أَهلُ الكِتٰبِ أَلّا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِن فَضلِ اللَّهِ وَأَنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
انهيءَ لاءِ (اسان توهان تي نعمتون ڪنداسين) ته اهل ڪتاب (جن رسولﷺ تي ايمان نه آندو آهي سي) سمجهي وٺن ته الله جي فضل مان ڪجهه به سندن هٿ ۾ ناهي، ۽ يقيناً فضل (۽ نعمتون) الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهن جي جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي ڏئي ٿو. بيشڪ الله تعاليٰ تمام وڏي فضل وارو آهي. |