سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو سڀ الله جي پاڪائي ٿو بيان ڪري، اهو غالب ڏاهپ وارو آهي- |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُحيۦ وَيُميتُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 2) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ان جي آهي، هو جيئاري ۽ ماري ٿو ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي سگهه وارو آهي. |
هُوَ الأَوَّلُ وَالءاخِرُ وَالظّٰهِرُ وَالباطِنُ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 3) |
هو سڀ کان پهريون، پويون، پڌرو ۽ ڳجهو آهي ۽ هو سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
هُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ مَعَكُم أَينَ ما كُنتُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 4) |
هو اُهو آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ بنايو؛ پوءِ عرش تي محڪم ٿيو_ جيڪي به زمين ۾ اندر ويندو آهي، جيڪي ٻاهر نڪرندو آهي، جيڪي آسمان مان لهندو آهي ۽ جيڪي مٿي چڙهي ٿو، ان کي هو ڄاڻي ٿو ۽ هو اوهان سان آهي جتي به هجو ۽ جيڪي ڪريو ٿا، تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 5) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ان جي آهي ۽ الله ڏانهن سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا. |
يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَهُوَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 6) |
رات کي ڏينهن ۾ گهيڙيندو آهي ۽ ڏينهن کي رات ۾، ۽ هو دلين جا حال ڄاڻندڙ آهي. |
ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَأَنفِقوا مِمّا جَعَلَكُم مُستَخلَفينَ فيهِ فَالَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَأَنفَقوا لَهُم أَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 7) |
الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ۽ انهي مال مان خرچيو، جنهن ۾ اوهان کي ٻين جو وارث ڪيو اٿس_ پوءِ اوهان مان جن ايمان آندو ۽ خرچ ڪيو، انهن لاءِ وڏو اجر آهي. |
وَما لَكُم لا تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالرَّسولُ يَدعوكُم لِتُؤمِنوا بِرَبِّكُم وَقَد أَخَذَ ميثٰقَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
اوهان کي ڇا ٿيو آهي، جو جڏهن رسول اوهان کي سڏي پيو، ته اوهين پنهنجي رب تي ايمان آڻيو، تڏهن ايمان نٿا آڻيو؟ ۽ جيڪڏهن مڃڻ وارا آهيو ته بيشڪ الله اوهان کان انجام ورتو آهي، |
هُوَ الَّذى يُنَزِّلُ عَلىٰ عَبدِهِ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَإِنَّ اللَّهَ بِكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 9) |
هو اُهو آهي، جو پنهنجي ٻانهي تي کُليون آيتون ٿو نازل ڪري، ته اونداهيءَ مان ڪڍي اوهان کي روشنيءَ ڏي نئي، ۽ بيشڪ الله اوهان تي شفقت ڪندڙ مهربان آهي. |
وَما لَكُم أَلّا تُنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا يَستَوى مِنكُم مَن أَنفَقَ مِن قَبلِ الفَتحِ وَقٰتَلَ أُولٰئِكَ أَعظَمُ دَرَجَةً مِنَ الَّذينَ أَنفَقوا مِن بَعدُ وَقٰتَلوا وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 10) |
اوهان کي ڇا ٿيو آهي، جو الله جي واٽ ۾ نٿا خرچيو، جڏهن ته آسمانن ۽ زمين جي سڀ ملڪيت الله جي آهي؟ اوهان مان جنهن (مڪي جي ) فتح کان اڳ خرچ ڪيو ۽ لڙيو، ان جي برابر اوهان مان ڪو، نه آهي_ اهي انهن کان وڏي درجي وارا آهن، جن فتح کان پوءِ خرچ ڪيو ۽ وڙهيا- پر هر هڪ کي الله چڱائيءَ جو انجام ڏنو آهي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ وَلَهُ أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 11) |
آهي ڪو، جو الله کي چڱو قرض ڏئي؟ ته هو ان کي ٻيڻو ڪري ڏيندو ۽ ان لاءِ سڳورو اجر آهي. |
يَومَ تَرَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ يَسعىٰ نورُهُم بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم بُشرىٰكُمُ اليَومَ جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
جنهن ڏينهن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ڏسندين، ته سندن نور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي سڄن پاسن کان پيو ڊوڙندو، (چئبن ته) ”اڄ اوهان کي مبارڪ هجي، جو اوهان لاءِ اهڙا باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون پيون وهن_ اتي سدائين رهندؤ، اها وڏي مراد ماڻڻ آهي.“ |
يَومَ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ لِلَّذينَ ءامَنُوا انظُرونا نَقتَبِس مِن نورِكُم قيلَ ارجِعوا وَراءَكُم فَالتَمِسوا نورًا فَضُرِبَ بَينَهُم بِسورٍ لَهُ بابٌ باطِنُهُ فيهِ الرَّحمَةُ وَظٰهِرُهُ مِن قِبَلِهِ العَذابُ (آيت : 13) |
جنهن ڏينهن منافق ۽ منافقياڻيون مؤمنن کي چوندا، ته ”ترسو ته اوهان جي نور مان روشني وٺون“_ چيو ويندن ته ”اوهين پنهنجي پٺ تي موٽي ڪو سوجهرو ڳوليو-“ پوءِ سندن وچ ۾ اهڙ ي ڀت ڏبي، جنهن کي دروازو هوندو، اُن ڀت جي اندران رحمت هوندي ۽ ان جي ٻاهرئين پاسي کان عذاب! |
يُنادونَهُم أَلَم نَكُن مَعَكُم قالوا بَلىٰ وَلٰكِنَّكُم فَتَنتُم أَنفُسَكُم وَتَرَبَّصتُم وَارتَبتُم وَغَرَّتكُمُ الأَمانِىُّ حَتّىٰ جاءَ أَمرُ اللَّهِ وَغَرَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 14) |
(منافق مسلمانن کي) سڏيندا ته ”اسين اوهان سان (دنيا ۾) گڏ نه هئاسون ڇا؟“ جواب ڏيندا ته ”هائو، پر اوهان پاڻ کي پاڻيهي تڪليف ۾ وڌو، جو دير ڪندڙ هئا، اوهان شڪ ڪيو۽ اوهان کي سڌن ٺڳي ڇڏيو، تان جو الله جو حڪم آيو ۽ اوهان کي الله کان ٺڳيندڙ ٺڳي ڇڏيو. |
فَاليَومَ لا يُؤخَذُ مِنكُم فِديَةٌ وَلا مِنَ الَّذينَ كَفَروا مَأوىٰكُمُ النّارُ هِىَ مَولىٰكُم وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 15) |
تنهن ڪري اڄ نڪي اوهان کان ۽ نڪي ڪافرن کان ڪو عيوض وٺبو، اوهان جي جاءِ دوزخ آهي- اها اوهان جي لائق آهي ۽ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي.“ |
أَلَم يَأنِ لِلَّذينَ ءامَنوا أَن تَخشَعَ قُلوبُهُم لِذِكرِ اللَّهِ وَما نَزَلَ مِنَ الحَقِّ وَلا يَكونوا كَالَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلُ فَطالَ عَلَيهِمُ الأَمَدُ فَقَسَت قُلوبُهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 16) |
ڇا، اڃا مومنن لاءِ اهو وقت نه آيو آهي، جو الله کي ۽ سندس موڪليل سچ کي ياد ڪرڻ وقت انهن جون دليون عاجزي ڪن؟ ۽ انهن وانگر نه ٿين، جن کي هن کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو، پوءِ گهڻو وقت مٿن ائين گذريو، تنهن ڪري انهن جون دليون سخت ٿي پيون ۽ انهن مان گهڻا بدڪار آهن. |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 17) |
ڄاڻو، ته بيشڪ الله زمين کي ان جي سڪي وڃڻ کانپوءِ سائي ٿو ڪري، بيشڪ اسان اوهان لاءِ چٽيون نشانيون بيان ڪيون آهن، ته من اوهين عقل وارا ٿيو_ |
إِنَّ المُصَّدِّقينَ وَالمُصَّدِّقٰتِ وَأَقرَضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعَفُ لَهُم وَلَهُم أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 18) |
بيشڪ خيرات ڏيندڙ مردن خواهه عورتن کي ۽ جن الله کي سهڻو قرض ڏنو آهي، تن کي ٻيڻو ڪري ڏبو ۽ انهن لاءِ سڳورو اجر آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ أُولٰئِكَ هُمُ الصِّدّيقونَ وَالشُّهَداءُ عِندَ رَبِّهِم لَهُم أَجرُهُم وَنورُهُم وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 19) |
جن الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آندو، اهي ئي پنهنجي رب وٽ بلڪل سچا ۽ شهيد آهن انهن لاءِ سندن اجر ۽ نور آهي ۽ جن انڪار ڪيو، ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو، اُهي دوزخي آهن. |
اعلَموا أَنَّمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَزينَةٌ وَتَفاخُرٌ بَينَكُم وَتَكاثُرٌ فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ كَمَثَلِ غَيثٍ أَعجَبَ الكُفّارَ نَباتُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَكونُ حُطٰمًا وَفِى الءاخِرَةِ عَذابٌ شَديدٌ وَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنٌ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 20) |
ڄاڻو، ته دنيا جي حياتي فقط راند، بي فائدي سينگار، پاڻ ۾ فخر ڪرڻ ۽ مالن ۽ اولاد ۾ گهڻائي طلبڻ آهي- ان جو مثال انهي مينهن وانگر آهي، جنهن جو سلو ڪڙمين کي عجب ۾ وجهي، وري سڪي وڃي، پوءِ ان کي هئڊو ٿيل ڏسين- وري سڙيل ڪاٺي ٿي وڃي- آخرت ۾ سخت عذاب به آهي- ۽ الله کان بخشش ۽ رضامندي به آهي- ۽ دنيا جي حياتي رڳو ٺڳيءَ جو سامان آهي. |
سابِقوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُها كَعَرضِ السَّماءِ وَالأَرضِ أُعِدَّت لِلَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 21) |
پنهنجي رب جي بخشش ۽ انهي بهشت ڏانهن اڳرائي ڪريو، جنهن جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي جيئن آهي. انهن لاءِ تيار ڪيل آهي، جن الله ۽ سندن رسولن تي ايمان آندو- اهو الله جو فضل آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي ٿو ڏئي ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ فِى الأَرضِ وَلا فى أَنفُسِكُم إِلّا فى كِتٰبٍ مِن قَبلِ أَن نَبرَأَها إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 22) |
جيڪا مصيبت زمين ۾ خواهه اوهان جي وجود ۾ پهچي ٿي، سا اسان جي ان کي پيد اڪرڻ کان اڳ ڪتاب ۾ لکيل آهي، بيشڪ اهو الله تي سولو آهي. |
لِكَيلا تَأسَوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا تَفرَحوا بِما ءاتىٰكُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 23) |
هن ڪري، ته جيڪي اوهان جي هٿن مان ويو، تنهن تي ارمان نه ڪريو_ ۽ جيڪي اوهان کي ڏنائين، تنهن تي پاڻ نه پڏايو، جو الله سڀ ڪنهن هٺيلي ۽ پاڻ پڏائيندڙ کي پسند نٿو ڪري. |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 24) |
جيڪي بخل ٿا ڪن ۽ ماڻهن کي بخيلي ٿا ڏسين، ۽ جيڪو منهن موڙيندو، ته بيشڪ الله بي پرواهه، ساراهيل آهي. |
لَقَد أَرسَلنا رُسُلَنا بِالبَيِّنٰتِ وَأَنزَلنا مَعَهُمُ الكِتٰبَ وَالميزانَ لِيَقومَ النّاسُ بِالقِسطِ وَأَنزَلنَا الحَديدَ فيهِ بَأسٌ شَديدٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَنصُرُهُ وَرُسُلَهُ بِالغَيبِ إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 25) |
بيشڪ اسان پنهنجن رسولن کي ظاهر نشانين سان موڪليو ۽ ساڻن ڪتاب ۽ ترازو هن لاءِ لاٿوسون، ته ماڻهو انصاف سان بيهن_ ۽ لوهه پيدا ڪيوسون، جنهن ۾ سخت طاقت رکيل آهي ۽ ماڻهن لاءِ ٻيا به فائدا آهن_ ۽ ته جيڪو الله ۽ سندس رسول کي پر پٺ مدد ڏئي، تنهن کي الله ظاهر ڪري_ بيشڪ الله سگهارو غالب آهي. رڪوع : |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا وَإِبرٰهيمَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِمَا النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ فَمِنهُم مُهتَدٍ وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 26) |
بيشڪ اسان نوح ۽ ابراهيم کي موڪليو ۽ سندس اولاد ۾ ڪتاب ۽ نبوت رکيوسون_ پوءِ انهن مان ڪي هدايت وارا آهن ۽ انهن مان گهڻا بدڪار آهن. |
ثُمَّ قَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِرُسُلِنا وَقَفَّينا بِعيسَى ابنِ مَريَمَ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ وَجَعَلنا فى قُلوبِ الَّذينَ اتَّبَعوهُ رَأفَةً وَرَحمَةً وَرَهبانِيَّةً ابتَدَعوها ما كَتَبنٰها عَلَيهِم إِلَّا ابتِغاءَ رِضوٰنِ اللَّهِ فَما رَعَوها حَقَّ رِعايَتِها فَـٔاتَينَا الَّذينَ ءامَنوا مِنهُم أَجرَهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 27) |
وري انهن جي پٺيان پنهنجا ٻيا رسول موڪلياسون- ۽ پوئتان مريم جي پٽ عيسيٰ کي موڪليوسون، ان کي انجيل ڏنو سون ۽ جن ان جي تابعداري ڪئي، تن جي دلين ۾ نرمي ۽ رحمت (ٻاجهه) رکي سون_ ۽ اڪيلو رهي عبادت ڪرڻ جي رسم ماڻهن پاڻ ٺاهي هئي، اها سان مٿن فرض نه ڪئي هئي_ پر الله جي رضا مندي طلبڻ لاءِ پاڻ ٺاهي هئائون، پوءِ ان جو پورو حق ادا نه ڪيائون_ پوءِ انهن مان جن ايمان آندو، تن کي انهن جو اجر ڏنوسون ۽ انهن مان گهڻا بي دين آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَءامِنوا بِرَسولِهِ يُؤتِكُم كِفلَينِ مِن رَحمَتِهِ وَيَجعَل لَكُم نورًا تَمشونَ بِهِ وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 28) |
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو، ته اوهان کي پنهنجي مهرباني سان ٻه ڀاڱا ڏئي ۽ اوهان کي اهڙي روشني ڏئي، جنهن سان هلو ۽ اوهان کي بخشي_ الله بخشڻهار مهربان آهي. |
لِئَلّا يَعلَمَ أَهلُ الكِتٰبِ أَلّا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِن فَضلِ اللَّهِ وَأَنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
هن ڪري، ته ڪتابن وارا ڄاڻن، ته اُهي الله جي فضل مان ڪنهن شيءِ تي طاقت نٿا رکي سگهن ۽ ته الله جي هٿ ۾ فضل آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي ٿو ڏئي ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. |