سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
آسمانن ۽ زمين جي هر مخلوق الله تعالى جي تسبيح بيان ڪري رهي آهي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُحيۦ وَيُميتُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 2) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي به ان جي ئي آهي، هو جياري ۽ ماري ٿو ۽ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
هُوَ الأَوَّلُ وَالءاخِرُ وَالظّٰهِرُ وَالباطِنُ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 3) |
اول به اُهو ته آخر به اهو ئي آهي، (صِفاتي طور تي) هو ظاهر آهي ۽ (ذاتي طور تي) لڪيل آهي. هو هر شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو. |
هُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ مَعَكُم أَينَ ما كُنتُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 4) |
اهو ئي آهي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينھن ۾ پيدا ڪيو پوءِ هو (نگھباني ڪرڻ لاءِ) جلوه افروز ٿيو (جو ڪير به ان جي نگھباني کي ظاهري طور نٿو ڏسي سگهي)، جيڪا شيءِ زمين (جي حد) ۾ داخل ٿئي ٿي يا جيڪا شيءِ ان کان ٻاهر نڪري ٿي يا جيڪا شيءِ آسمان (جي حدن) مان هيٺ لهي ٿي يا جيڪا شيءِ ان (جي حد) ۾ مٿي وڃي داخل ٿئي ٿي، تن سڀني کي هو خوب ڄاڻي ٿو. توهان جتي به موجود آهيو هو توهان سان هر وقت گڏ آهي ۽ الله تعالى توهان جي هر عمل کي ڏسي رهيو آهي. |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 5) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ان جي ئي آهي ۽ الله تعالى ڏانھن ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا. |
يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَهُوَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 6) |
اهوئي آهي جيڪو رات کي ڏينھن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينھن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ هو سينن جي رازن کان به خوب واقف آهي. |
ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَأَنفِقوا مِمّا جَعَلَكُم مُستَخلَفينَ فيهِ فَالَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَأَنفَقوا لَهُم أَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 7) |
توهان الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) تي ايمان آڻيو ۽ ان مال مان خرچ ڪريو جنھن جو هُن توهان کي جانشين (جي حيثيت ۾ ذميدار) بڻايو آهي. پوءِ توهان مان جن ماڻهن ايمان آندو ۽ (اُن جي راهه ۾) خرچ ڪيو ته اُنهن جي لاءِ وڏو اجرآهي. |
وَما لَكُم لا تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالرَّسولُ يَدعوكُم لِتُؤمِنوا بِرَبِّكُم وَقَد أَخَذَ ميثٰقَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو توهان الله تعالى تي ايمان نٿا آڻيو؟ حالانڪه رسول سڳورو توهان کي پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻڻ لاءِسڏي رهيو آهي ۽ هن توهان کان پڪو وعدو به ورتو آهي. جيڪڏهن توهان واقعي ايمان آڻڻ وارا آهيو (ته ان وعدي کي پورو ڪريو) |
هُوَ الَّذى يُنَزِّلُ عَلىٰ عَبدِهِ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَإِنَّ اللَّهَ بِكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 9) |
اهو (الله) ئي آهي جيڪو پنھنجي ٻانهي تي پڌريون آيتون نازل ڪري ٿو ته جيئن هو توهان کي انڌيرن مان ڪڍي روشني ۾ آڻي ۽ بيشڪ الله تعالى توهان تي وڏو نرمي ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَما لَكُم أَلّا تُنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا يَستَوى مِنكُم مَن أَنفَقَ مِن قَبلِ الفَتحِ وَقٰتَلَ أُولٰئِكَ أَعظَمُ دَرَجَةً مِنَ الَّذينَ أَنفَقوا مِن بَعدُ وَقٰتَلوا وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 10) |
ڀلا توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ جو توهان الله تعالى جي رستي ۾ خرچ نٿا ڪريو. حالانڪه آسمانن ۽ زمين جي ملڪيت الله تعالى جي ئي آهي. اوهان مان ڪوبه ماڻهو ان ماڻهوءَ جي برابر نٿو ٿي سگهي جنھن (مڪي) جي فتح ٿيڻ کان اڳ الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪيو ۽ جھاد ۾ حصو ورتو، اهڙن ماڻهن جو درجو انهن ماڻهن کان تمام اتم آهي، جن فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ خرچ ڪيو ۽ جھاد ۾ حصو ورتو (پر تڏهن به) الله تعالى سڀني سان چڱائي جو وعدو ڪيو آهي ۽ توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا، الله تعالى کي ان جي خوب خبر آهي. |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ وَلَهُ أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 11) |
ڪير آهي جيڪو الله تعالى کي سھڻو (۽ خلوص سان) قرض ڏئي؟ پوءِ هُو ان کي وڌائي واپس ڪندو ۽ ان لاءِ بھترين اجر به آهي. |
يَومَ تَرَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ يَسعىٰ نورُهُم بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم بُشرىٰكُمُ اليَومَ جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
(اهو ڏينھن ذهن ۾ هجي) جنھن ڏينھن تون ڏسندين ته مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن جي اڳيان ۽ ساڄي پاسي کان سندن نور ڊوڙندو رهندو (کين چيو ويندو ته) اڄ توهان کي ان جنت جي خوشخبري ٻڌائجي ٿي، جنھن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهن ٿيون. اُن ۾ هميشه رهندا، اهائي وڏي ڪاميابي آهي. |
يَومَ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ لِلَّذينَ ءامَنُوا انظُرونا نَقتَبِس مِن نورِكُم قيلَ ارجِعوا وَراءَكُم فَالتَمِسوا نورًا فَضُرِبَ بَينَهُم بِسورٍ لَهُ بابٌ باطِنُهُ فيهِ الرَّحمَةُ وَظٰهِرُهُ مِن قِبَلِهِ العَذابُ (آيت : 13) |
ان ڏينھن منافق مرد ۽ منافق عورتون ايمان وارن کي چوندا ته اسان ڏي (ٿوري شفقت واري نظر سان ته) ڏسو ته جيئن اسان توهان جي نور مان ڪجهه روشني حاصل ڪريون. پر کين چيو ويندو ته پوئتي هٽي وڃو، (ٻئي هنڌ وڃي) نور تلاش ڪريو. پوءِ انهن جي وچ ۾ هڪ ڀت ڏني ويندي جنھن ۾ هڪ دروازو هوندو، ان جي اندرئين پاسي رحمت هوندي پر ٻاهران عذاب هوندو. |
يُنادونَهُم أَلَم نَكُن مَعَكُم قالوا بَلىٰ وَلٰكِنَّكُم فَتَنتُم أَنفُسَكُم وَتَرَبَّصتُم وَارتَبتُم وَغَرَّتكُمُ الأَمانِىُّ حَتّىٰ جاءَ أَمرُ اللَّهِ وَغَرَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 14) |
اُهي مؤمنن کي (رڙ ڪري) چوندا ته ڇا اسان (دنيا ۾) توهان سان گڏ نه هئاسين؟ مؤمن چوندا ته برابر (ڳالهه ته صحيح آهي پر) توهان پنھنجو پاڻ کي آزمائش ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو ۽ (ايمان آڻڻ لاءِ) موقعن جي تلاش ۾ هوندا هئا ۽ شڪ به ڪندا هئا ۽ توهان کي نفس جي خواهشن ڌوڪي ۾ وڌو ايستائين جو الله تعالى جو حڪم اچي پھتو ۽ ڌوڪي ڏيندڙ (شيطان) توهان کي الله تعالى جي باري ۾ ڌوڪي ۾ وجهي ڇڏيو. |
فَاليَومَ لا يُؤخَذُ مِنكُم فِديَةٌ وَلا مِنَ الَّذينَ كَفَروا مَأوىٰكُمُ النّارُ هِىَ مَولىٰكُم وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 15) |
اڄ توهان (منافقن) ۽ ڪافرن کان (آزاديءَ جي عيوض) ڪوبه فديو قبول نه ڪيو ويندو. (هاڻي) توهان سڀني جي جڳھه باهه آهي. اهائي توهان جي ساٿياڻي آهي ۽ اُها بدترين جاءِ آهي. |
أَلَم يَأنِ لِلَّذينَ ءامَنوا أَن تَخشَعَ قُلوبُهُم لِذِكرِ اللَّهِ وَما نَزَلَ مِنَ الحَقِّ وَلا يَكونوا كَالَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلُ فَطالَ عَلَيهِمُ الأَمَدُ فَقَسَت قُلوبُهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 16) |
ڇا ايمان وارن لاءِ اڃا به اهو وقت نه آيو آهي جو انهن جون دليون الله تعالى جي ذڪر سان ڊڄي وڃن ۽ ان جي نازل ڪيل حق ڳالهه جي اڳيان جُهڪي وڃن؟ پوءِ هي ماڻهو اُنهن ماڻهن جھڙا نه ٿي وڃن جن کي ڪتاب ڏنو ويو ۽ ڪافي عرصي کان پوءِ انهن جون دليون سخت ٿي ويون ۽ اڄ انهن مان اڪثر ماڻهو نافرمان ئي آهن. |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 17) |
اهو چڱي طرح سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ الله تعالى ويراني کان پوءِ زمين کي آباد ڪندو آهي. بيشڪ اسان توهان جي لاءِ نشانيون بيان ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن توهان عقل کان ڪم وٺو. |
إِنَّ المُصَّدِّقينَ وَالمُصَّدِّقٰتِ وَأَقرَضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعَفُ لَهُم وَلَهُم أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 18) |
بيشڪ خيرات ڪڍندڙ مرد ۽ خيرات ڪڍندڙ عورتون ۽ جن ماڻهن الله تعالى کي سھڻو قرض ڏنو آهي (الله تعالى جي طرفان) انهن سڀني کي گهڻو وڌائي واپس ڏنو ويندو ۽ انهن لاءِ بھترين اجرآهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ أُولٰئِكَ هُمُ الصِّدّيقونَ وَالشُّهَداءُ عِندَ رَبِّهِم لَهُم أَجرُهُم وَنورُهُم وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 19) |
۽ جن ماڻهن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) تي ايمان آندو، اُهي پنھنجي پالڻھار جي نظر ۾ انتهائي سچا ۽ حق جي گواهي ڏيندڙ آهن. انهن لاءِ سندن اجر۽ نور آهي (باقي) جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو اهي سڀ جھنم (۾ داخل ٿيڻ) وارا آهن. |
اعلَموا أَنَّمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَزينَةٌ وَتَفاخُرٌ بَينَكُم وَتَكاثُرٌ فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ كَمَثَلِ غَيثٍ أَعجَبَ الكُفّارَ نَباتُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَكونُ حُطٰمًا وَفِى الءاخِرَةِ عَذابٌ شَديدٌ وَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنٌ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 20) |
اهو سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ دنيا جي زندگي کيل، تماشو، سينگار ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فخر ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد ۾ هڪ ٻئي کان وڌي وڃڻ جو ئي نالو آهي (ان جو مثال) ان مينھن وانگر آهي جو جنھن جي وسڻ سان زمين ۾ پيدا ٿيل ساوڪ ڪڙميءَ کي ڏاڍو خوش ڪري ڇڏيندي آهي. پر پوءِ جڏهن اها پچي تيار ٿي ويندي آهي ته اها توهان جي ئي سامهون پيلي ٿي بُهه ٿي وڃي ٿي. (ان جي مقابلي ۾) آخرت اها جڳهه آهي جنهن ۾ (ڪافرن لاءِ ) سخت عذاب آهي ته (مؤمنن لاءِ) الله تعالى جي طرفان بخشش ۽ رضامندي به آهي. دنيا جي زندگي رڳو ڌوڪي جي سامان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. |
سابِقوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُها كَعَرضِ السَّماءِ وَالأَرضِ أُعِدَّت لِلَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 21) |
تنهنڪري توهان پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ ان جنت جي طرف ڊوڙو جنھن جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي جيتري آهي، جيڪا انهن ماڻهن جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي جن الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) تي ايمان آندو. اها الله تعالى جي مھرباني آهي، جنھن کي هو چاهي تنھن کي عطا ڪندو آهي ۽ الله تعالى وڏي مھرباني ڪندڙ آهي. |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ فِى الأَرضِ وَلا فى أَنفُسِكُم إِلّا فى كِتٰبٍ مِن قَبلِ أَن نَبرَأَها إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 22) |
زمين جي گولي تي يا خود توهان جي مٿان جيڪا به مصيبت اچي ٿي ان جي اچڻ کان پھريائين اسان پنھنجي ڪتاب ۾ ان کي لکي ڇڏيو آهي. بيشڪ اهو ڪم الله تعالى جي لاءِ تمام سولو آهي. |
لِكَيلا تَأسَوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا تَفرَحوا بِما ءاتىٰكُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 23) |
(اهو ان ڪري آهي) ته جيئن توهان هٿن مان ويل ڪنھن شيءِ تي نه افسوس ڪريو ۽ نه ان تي غرور ڪريو جيڪا شيءِ توهان کي ڏني وڃي ٿي. (ڇوته) الله تعالى وڏائي خور ۽ پاڻ پڏائيندڙ کي پسند نه ڪندو آهي. |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 24) |
(۽ الله تعالى اهڙن ماڻهن کي به پسند نه ڪندو آهي) جيڪي نه رڳو خود ڪنجوسي ڪندا آهن پر ٻين ماڻهن کي به ڪنجوسيءَ جو سبق پڙهائيندا آهن (هاڻي به) جيڪو ماڻهو (ان ڳالهه کان) منھن موڙيندو ته الله تعالى بيپرواهه ۽ تعريف جي لائق آهي. |
لَقَد أَرسَلنا رُسُلَنا بِالبَيِّنٰتِ وَأَنزَلنا مَعَهُمُ الكِتٰبَ وَالميزانَ لِيَقومَ النّاسُ بِالقِسطِ وَأَنزَلنَا الحَديدَ فيهِ بَأسٌ شَديدٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَنصُرُهُ وَرُسُلَهُ بِالغَيبِ إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 25) |
بيشڪ اسان پنھنجي رسول سڳورن کي پڌريون نشانيون ڏئي موڪليو ۽ انهن سان گڏ ڪتاب ۽ تارازي نازل ڪئي ته جيئن ماڻهو انصاف تي قائم رهن ۽ اسان لوهه به نازل ڪيو آهي جنهن ۾ تمام گهڻي سختي ۽ ماڻهن جي لاءِ وڏا فائدا رکيل آهن (اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪيوسين) ته جيئن الله تعالى کي معلوم ٿي وڃي ته ڪير اڻ ڏٺي ان جي ۽ سندس رسول سڳورن جي مدد ڪري ٿو. بيشڪ الله تعالى زبردست طاقت وارو آهي. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا وَإِبرٰهيمَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِمَا النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ فَمِنهُم مُهتَدٍ وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 26) |
بيشڪ اسان نوح ۽ ابراهيم (ؐ) کي (رسول ڪري) موڪليو ۽ ٻنهي جي اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب (موڪلڻ) جو سلسلو جاري رکيو. پوءِ انهن مان ڪجهه ماڻهو هدايت وارا ٿيا ۽ گهڻا وري انهن مان نافرمان ٿيا. |
ثُمَّ قَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِرُسُلِنا وَقَفَّينا بِعيسَى ابنِ مَريَمَ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ وَجَعَلنا فى قُلوبِ الَّذينَ اتَّبَعوهُ رَأفَةً وَرَحمَةً وَرَهبانِيَّةً ابتَدَعوها ما كَتَبنٰها عَلَيهِم إِلَّا ابتِغاءَ رِضوٰنِ اللَّهِ فَما رَعَوها حَقَّ رِعايَتِها فَـٔاتَينَا الَّذينَ ءامَنوا مِنهُم أَجرَهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 27) |
پوءِ اسان انهن کان پوءِ (ٻيا) رسول سڳورا موڪليا ۽ عيسى پُٽ مريم (ؐ) کي (به) موڪليوسين جنهن کي انجيل عطا ڪيو. پوءِ جن ماڻهن ان جي فرمانبرداري ڪئي اسان انهن جي دلين ۾ شفقت ۽ رحم وڌوسين. گوشه نشيني (يعني دنيا کان الڳ ٿي رهڻ ته) انهن ماڻهن پاڻ اختيار ڪئي آهي، اسان اِها اُنهن تي فرض نه ڪئي هئي.اسان ته انهن تي الله تعالى جي رضامندي حاصل ڪرڻ فرض ڪئي هئي (پر ان رضامندي کي حاصل ڪرڻ جو انهن اهو نئون طريقو پنھنجي طرفان گهڙي ورتو هو) پوءِ هو ان طريقي تي قائم به نه رهي سگهيا جيترو ان جو حق هو. پوءِ انهن مان جن ماڻهن ايمان آندو اسان انهن کي سندن اجرعطا ڪيوسين پر انهن مان گهڻا ماڻهو نافرمان آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَءامِنوا بِرَسولِهِ يُؤتِكُم كِفلَينِ مِن رَحمَتِهِ وَيَجعَل لَكُم نورًا تَمشونَ بِهِ وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 28) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى کان ڊڄو ۽ سندس رسول سڳوري تي ايمان آڻيو ته هو توهان کي پنھنجي رحمت مان ٻيڻو اجرعطا ڪندو ۽ اهڙو نور عطا ڪندو جو توهان ان جي روشنيءَ ۾ هلندا ۽ توهان کي بخش ڪندو ۽ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
لِئَلّا يَعلَمَ أَهلُ الكِتٰبِ أَلّا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِن فَضلِ اللَّهِ وَأَنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
(اهو ان لاءِ آهي ته جيئن) اهل ڪتاب (يھودين ۽ عيسائين) کي خبر پئجي وڃي ته هُو الله تعالى جي مھرباني مان ڪنھن به شيءِ تي طاقت نٿا رکن. بيشڪ اها مھرباني (صرف) الله تعالى جي هٿ ۾ آهي، هو جنھن کي چاهي اها عطا ڪندو آهي ۽ الله تعالى وڏي مھرباني ڪندڙ آهي. |