سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
ساراهه ڪن ٿا الله جي جيڪي ڪجهه آهي آسمانن ۽ زمين ۾، ۽ اهو ئي آهي زبردست حڪمت وارو |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُحيۦ وَيُميتُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 2) |
اهو ئي مالڪ آهي آسمانن ۽ زمين جي سلطنت جو، زندگي بخشي ٿو ۽ موت ڏئي ٿو، ۽ اهو ئي هر شيءِ تي (مڪمل) قدرت رکي ٿو |
هُوَ الأَوَّلُ وَالءاخِرُ وَالظّٰهِرُ وَالباطِنُ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 3) |
اهو ئي اول آهي ته آخر به، ۽ ظاهر آهي ته لڪل به، ۽ اهو ئي هر شيءِ جو علم رکي ٿو |
هُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ مَعَكُم أَينَ ما كُنتُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 4) |
اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾، ۽ پوءِ جلوه افروز ٿيو عرش تي، ڄاڻي ٿو اهو سڀ ڪجهه جيڪو وڃي ٿو زمين ۾ ۽ جيڪو ڪجهه ان مان نڪرندو آهي ۽ جيڪي نازل ٿئي ٿو آسمان مان ۽ جيڪي ڪجهه ان مان چڙهندو آهي، ۽ اهو ئي توهان سان گڏ آهي جتي به توهان هجو، ۽ الله ئي آهي جيڪو ڪجهه توهان ڪريو ٿا اهو سڀڪجهه ڏسي رهيو آهي |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 5) |
اهو ئي مالڪ آهي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت جو، ۽ انهيءَ ڏي ئي معاملا فيصلي لاءِ موٽايا وڃن ٿا |
يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَهُوَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 6) |
اهو ئي رات کي ڏينهن ۾ ۽ ڏينهن کي داخل ڪندو آهي رات ۾، ۽ اهو ئي لڪل راز ڄاڻي ٿو جيڪي دلين ۾ آهن |
ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَأَنفِقوا مِمّا جَعَلَكُم مُستَخلَفينَ فيهِ فَالَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَأَنفَقوا لَهُم أَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 7) |
ايمان آڻيو الله تي ۽ سندس رسول تي ۽ خرچ ڪريو انهن شين مان جن تي توهان کي خليفو (نائب) ڪيو ويو آهي، پوءِ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا توهان مان ۽ خرچ ڪندا مال، انهن لاءِ اجر آهي وڏو |
وَما لَكُم لا تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالرَّسولُ يَدعوكُم لِتُؤمِنوا بِرَبِّكُم وَقَد أَخَذَ ميثٰقَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
۽ ڇا ٿي ويو آهي توهان کي جو نٿا آڻيو ايمان الله تي، جڏهن ته رسول توهان کي دعوت ڏئي رهيو آهي ايمان آڻڻ جي پنهنجي رب تي، ۽ انهيءَ ورتو آهي توهان کان وعدو جيڪڏهن واقعي توهان مڃڻ وارا آهيو |
هُوَ الَّذى يُنَزِّلُ عَلىٰ عَبدِهِ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَإِنَّ اللَّهَ بِكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 9) |
اهو (الله ئي آهي) جيڪو نازل ڪري رهيو آهي پنهنجي بندي تي پڌريون نشانيون (آيتون) جيئن ڪڍي توهان کي اونداهين مان روشنيءَ ۾، ۽ بيشڪ الله توهان تي ٻاجهارو ۽ رحم وارو آهي |
وَما لَكُم أَلّا تُنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا يَستَوى مِنكُم مَن أَنفَقَ مِن قَبلِ الفَتحِ وَقٰتَلَ أُولٰئِكَ أَعظَمُ دَرَجَةً مِنَ الَّذينَ أَنفَقوا مِن بَعدُ وَقٰتَلوا وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 10) |
۽ آخر ڪهڙي ڳالهه آهي جو توهان خرچ نٿا ڪريو الله جي راهه ۾، جڏهن ته الله جي لاءِ ئي سموري ميراث آهي آسمانن ۽ زمين جي، نٿا برابر ٿي سگهن توهان مان انهن سان جن فتح کان اڳي خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو، انهن جو وڏو درجو آهي انهن کان جن خرچ ڪيو (فتح کان) بعد ۾ ۽ جهاد ڪيو، جڏهن ته وعدا ڪيا آهن الله (ٻنهي سان) سهڻا، ۽ الله هر شيءِ کان باخبر آهي جيڪي توهان ڪريو ٿا |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ وَلَهُ أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 11) |
ڪير آهي جيڪو قرض ڏئي الله کي؟ قرض سهڻو، جيئن وڌائي موٽائي اهو ۽ ان جي لاءِ اجر بهترين آهي |
يَومَ تَرَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ يَسعىٰ نورُهُم بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم بُشرىٰكُمُ اليَومَ جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
ان ڏينهن تون جڏهن ڏسندين مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي، ڏسندين سندن نور انهن جي آڏو، انهن جي ساڄي پاسي ڊوڙندو هوندو (کين چيو ويندو) بشارت آهي توهان لاءِ اڄ، اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان وهي رهيون هونديون نهرون جن ۾ اهي سدائين رهندا، اها ئي آهي ڪاميابي وڏي |
يَومَ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ لِلَّذينَ ءامَنُوا انظُرونا نَقتَبِس مِن نورِكُم قيلَ ارجِعوا وَراءَكُم فَالتَمِسوا نورًا فَضُرِبَ بَينَهُم بِسورٍ لَهُ بابٌ باطِنُهُ فيهِ الرَّحمَةُ وَظٰهِرُهُ مِن قِبَلِهِ العَذابُ (آيت : 13) |
ان ڏينهن چوندا منافق ۽ منافقياڻيون مؤمنن کي ته، ٿورو اسان ڏي ڏسو جيئن اسان فائدو وٺون توهان جي نور مان، پر انهن کي چيو ويندو، پوئتي هٽو، ڳوليو ٻئي هنڌ پنهنجو نور، پوءِ هڪ ڀت ڏني ويندي انهن جي وچ ۾، ان ۾ هڪ در هوندو ان در جي اندران هڪ رحمت هوندي ۽ ٻاهرين پاسي هوندو عذاب |
يُنادونَهُم أَلَم نَكُن مَعَكُم قالوا بَلىٰ وَلٰكِنَّكُم فَتَنتُم أَنفُسَكُم وَتَرَبَّصتُم وَارتَبتُم وَغَرَّتكُمُ الأَمانِىُّ حَتّىٰ جاءَ أَمرُ اللَّهِ وَغَرَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 14) |
اهي سڏي چوندا مؤمنن کي، ڇا اسان توهان سان گڏ نه هئاسين؟ ۽ مؤمن جواب ڏيندا، هائو، پر توهان فتني ۾ وڌو پنهنجو پاڻ کي ۽ موقع پرستي ڪئي ۽ شڪ ۾ پيا رهيا ۽ ڪوڙيون اميدون توهان کي فريب ڏينديون رهيون تان جو فيصلو آيو الله جو ۽ آخري وقت تائين اهو دوکي باز توهان کي الله جي باري ۾ دوکو ڏيندو رهيو |
فَاليَومَ لا يُؤخَذُ مِنكُم فِديَةٌ وَلا مِنَ الَّذينَ كَفَروا مَأوىٰكُمُ النّارُ هِىَ مَولىٰكُم وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 15) |
ان ڪري اڄ نه قبول ڪيو ويندو توهان کان ڪو فديو ۽ نه انهن ماڻهن کان جن ظاهر ظهور ڪفر ڪيو، توهان جو ٺڪاڻو دوزخ آهي، اهو ئي توهان جي خبر وٺندو ۽ اهو تمام برو انجام (پڄاڻي) آهي.) |
أَلَم يَأنِ لِلَّذينَ ءامَنوا أَن تَخشَعَ قُلوبُهُم لِذِكرِ اللَّهِ وَما نَزَلَ مِنَ الحَقِّ وَلا يَكونوا كَالَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلُ فَطالَ عَلَيهِمُ الأَمَدُ فَقَسَت قُلوبُهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 16) |
ڇا اهو وقت نه آيو آهي انهن ايمان آڻڻ وارن لاءِ، جو نرم ٿين انهن جون دليون يادِ الاهي سان، ۽ ان جي نازل ڪيل حق جي سامهون جهڪن، ۽ اهي نه ٿي پون انهن ماڻهن وانگر جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو اڳي، پوءِ هڪ ڊگهو مدو انهن تي گذريو ته ٿي ويون سخت سندن دليون، ۽ اڄ گهڻا ئي آهن انهن مان فاسق (نافرمان) |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 17) |
ڄاڻي وٺو چڱيءَ طرح ته، بيشڪ الله جياريندو (آباد ڪندو) آهي زمين کي ان جي ويران ٿيڻ کان پوءِ، ڏيکاريون آهن توهان کي پڌريون نشانيون، شايد توهان عقل کان ڪم وٺو |
إِنَّ المُصَّدِّقينَ وَالمُصَّدِّقٰتِ وَأَقرَضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعَفُ لَهُم وَلَهُم أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 18) |
بيشڪ صدقو (خيرات) ڏيڻ وارا مرد ۽ عورتون آهن، ۽ انهن قرض ڏنو آهي الله کي، قرض سهڻو، انهن کي پڪ سان وڌائي ڏنو ويندو ۽ انهن لاءِ اجر بهترين آهي |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ أُولٰئِكَ هُمُ الصِّدّيقونَ وَالشُّهَداءُ عِندَ رَبِّهِم لَهُم أَجرُهُم وَنورُهُم وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 19) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو الله ۽ سندس رسولن تي، اهي ئي آهن سچا صديق، ۽ شهيد پنهنجي رب وٽ، انهن جي لاءِ اجر آهي ۽ انهن لاءِ نور، ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو چيو اسان جي آيتن کي، اهي ئي آهن دوزخ ۾ وڃڻ وارا |
اعلَموا أَنَّمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَزينَةٌ وَتَفاخُرٌ بَينَكُم وَتَكاثُرٌ فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ كَمَثَلِ غَيثٍ أَعجَبَ الكُفّارَ نَباتُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَكونُ حُطٰمًا وَفِى الءاخِرَةِ عَذابٌ شَديدٌ وَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنٌ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 20) |
ڄاڻي وٺو ته دنيا جي حياتي ان کان سواءِ ڪجهه نه آهي جو هڪ راند ۽ وندر، ۽ ظاهري ڏيکاءُ ۽ فخر ڪرڻ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي ۽ وڌڻ هڪ ٻئي کان ۽ ڪوشش ڪن وڌڻ جي مال ۽ اولاد ۾، ۽ ان جو مثال ائين آهي جيئن هڪ مِينهن پيو، ته ان سان ڪافر ڦٽندڙ سلن کي ڏسي خوش ٿي ويا، پوءِ اهو ئي فصل پچي ويو ۽ تون ڏسين ٿو ته اهو هيڊو ٿي ڀُريل ڪاٺي ٿي ويندو آهي، ۽ ان جي ابتڙ آخرت اها آهي جتي عذاب سخت آهي ۽ بخشش طرفان الله جي ۽ رضامندي به آهي، ۽ ناهي حياتي (ڪجهه به) دنيا جي سواءِ ٺڳيءَ جي ٺاهه جي |
سابِقوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُها كَعَرضِ السَّماءِ وَالأَرضِ أُعِدَّت لِلَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 21) |
ڊوڙو ۽ مغفرت لاءِ هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرو پنهنجي رب جي بخشش ۽ ان جي بهشت لاءِ جنهن جي پکيڙ آسمان ۽ زمين جيڏي آهي، جيڪو تيار ڪيل آهي انهن ماڻهن لاءِ جن ايمان آندو الله ۽ سندس رسولن تي، اهو فضل آهي الله جو عطا ڪندو آهي ان کي جنهن کي گهري، ۽ الله وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ فِى الأَرضِ وَلا فى أَنفُسِكُم إِلّا فى كِتٰبٍ مِن قَبلِ أَن نَبرَأَها إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 22) |
جيڪا به پهچي ٿي مصيبت زمين ۾ يا نه ٿي پهچي توهان جي جانين کي پر اها ڪتاب ۾ اڳي ئي (اسين) لکي چڪا آهيون، بيشڪ اهو الله جي لاءِ سولو ڪم آهي |
لِكَيلا تَأسَوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا تَفرَحوا بِما ءاتىٰكُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 23) |
(اهو سڀ ان لاءِ ته) جيئن جيڪو به نقصان ٿئي توهان کي ته ان تي مايوس نه ٿيو يا فخر ڪريو جيڪي توهان کي عطا ٿئي ۽ الله (بلڪل) پسند نٿو ڪري تڪبر ڪندڙ فخر ڪندڙن کي |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 24) |
اهي جيڪي پاڻ (ڪنجوسي) بخيلي ڪن ٿا ۽ حڪم ڏين ٿا ماڻهن کي به بخيليءَ جو، ۽ جيڪو به منهن موڙي ٿو، پوءِ ته الله بي نياز ۽ ساراهيل صفتن وارو آهي |
لَقَد أَرسَلنا رُسُلَنا بِالبَيِّنٰتِ وَأَنزَلنا مَعَهُمُ الكِتٰبَ وَالميزانَ لِيَقومَ النّاسُ بِالقِسطِ وَأَنزَلنَا الحَديدَ فيهِ بَأسٌ شَديدٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَنصُرُهُ وَرُسُلَهُ بِالغَيبِ إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 25) |
اسان موڪليوسين پنهنجن رسولن کي پڌرين نشانين ۽ هدايتن سان ۽ نازل ڪيو ان سان گڏ ڪتاب ۽ ماپو (ميزان) جيئن قائم رهن ماڻهو انصاف تي، ۽ لاٿوسين لوهه، جنهن ۾ ته وڏو زور آهي ۽ نفعا به آهن ماڻهن جي لاءِ، (اهو ان لاءِ ڪيو ويو) ته جيئن معلوم ٿئي الله کي ته ڪير مدد ڪري ٿو ان جي ۽ سندس رسولن جي ڏسڻ بنا. بيشڪ الله وڏي طاقت وارو زبردست آهي |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا وَإِبرٰهيمَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِمَا النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ فَمِنهُم مُهتَدٍ وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 26) |
۽ اسان موڪليو نوح ۽ ابراهيم کي ۽ رکي سين انهن جي نسل ۾ نبوت ۽ ڪتاب کي، پوءِ انهن مان ڪنهن هدايت اختيار ڪئي ۽ ڪيترا ئي انهن مان فاسق (نافرمان) ٿيا |
ثُمَّ قَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِرُسُلِنا وَقَفَّينا بِعيسَى ابنِ مَريَمَ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ وَجَعَلنا فى قُلوبِ الَّذينَ اتَّبَعوهُ رَأفَةً وَرَحمَةً وَرَهبانِيَّةً ابتَدَعوها ما كَتَبنٰها عَلَيهِم إِلَّا ابتِغاءَ رِضوٰنِ اللَّهِ فَما رَعَوها حَقَّ رِعايَتِها فَـٔاتَينَا الَّذينَ ءامَنوا مِنهُم أَجرَهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 27) |
انهن کان پوءِ (لاڳيتا) موڪلياسين سندن پيرويءَ ۾ پنهنجا رسول ۽ پويان وري موڪليوسين عيسيٰ پٽ مريم کي ۽ کيس عطا ڪيو انجيل، ۽ وڌي سين دلين ۾ انهن جي پيروي ترس ۽ رحم، ۽ رهبانيت (گوشه نشيني) انهن پاڻ ايجاد ڪئي، اها مٿن فرض ڪيل نه هئي، پر اختيار ڪيائون خوشنودي الله جي ۾ انهن پاڻ ئي اها بدعت ڪڍي، پوءِ ڏنوسين انهن مان ايمان وارن کي انهن جو اجر، پر گهڻا ته انهن مان فاسق آهن |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَءامِنوا بِرَسولِهِ يُؤتِكُم كِفلَينِ مِن رَحمَتِهِ وَيَجعَل لَكُم نورًا تَمشونَ بِهِ وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 28) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، ڊڄو الله کان ۽ ايمان آڻيو سندس رسول (محمد) تي ۽ عطا ڪندو اهو (الله) ٻيڻو حصو پنهنجي رحمت جو ۽ بخشيندو توهان کي پنهنجو نور، جنهن جي روشني ۾ توهان هلندا، معاف ڪندو توهان کي (قصور)، ۽ الله وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي |
لِئَلّا يَعلَمَ أَهلُ الكِتٰبِ أَلّا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِن فَضلِ اللَّهِ وَأَنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
(توهان اها ڳالهه اختيار ڪريو) جيئن ڄاڻي وٺن اهلِ ڪتاب ته فقط انهن جو حق ناهي الله جي فضل تي، ۽ هي ته بيشڪ ان جو فضل سندس هٿن ۾ آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي عطا ڪري، ۽ الله وڏي فضل وارو آهي |