| إِذا وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 1) |
|
جڏهن اهو جيڪو ٿيڻو آهي سو ٿيندو |
| لَيسَ لِوَقعَتِها كاذِبَةٌ (آيت : 2) |
|
ته پوءِ ڪوبه ان جي ٿيڻ کي ڪوڙ چوڻ وارو نه هوندو |
| خافِضَةٌ رافِعَةٌ (آيت : 3) |
|
اها هيٺ مٿي ڪرڻ واري آفت هوندي |
| إِذا رُجَّتِ الأَرضُ رَجًّا (آيت : 4) |
|
زمين ان وقت هيڪاندي ڌوڏي ويندي |
| وَبُسَّتِ الجِبالُ بَسًّا (آيت : 5) |
|
۽ جبل ائين ڀورا ڀورا ڪيا ويندا |
| فَكانَت هَباءً مُنبَثًّا (آيت : 6) |
|
جو پوءِ کنڊريل دز بڻجي ويندا |
| وَكُنتُم أَزوٰجًا ثَلٰثَةً (آيت : 7) |
|
توهان ان وقت ٽن ٽولن ۾ ورهايل هوندؤ |
| فَأَصحٰبُ المَيمَنَةِ ما أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 8) |
|
ساڄي پاسي وارا، پوءِ ساڄي پاسي وارن جي (ڀاڳن جي) ڪهڙي ڳالهه ڪجي |
| وَأَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ ما أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 9) |
|
۽ کاٻي پاسي وارا، ته وري کاٻي پاسي وارن جي (نڀاڳ جي به) ڪا حد ئي نه هوندي |
| وَالسّٰبِقونَ السّٰبِقونَ (آيت : 10) |
|
۽ اڳ کٽڻ وارا ته هوندا ئي اڳ کٽڻ وارا |
| أُولٰئِكَ المُقَرَّبونَ (آيت : 11) |
|
اهي ئي ته آهن مقرب (ويجهڙائي عطا ڪيل) |
| فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 12) |
|
نعمتن ڀريل جنتن ۾ رهندا |
| ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
اڳين مان تمام گهڻا هوندا |
| وَقَليلٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 14) |
|
۽ پوين مان گهٽ |
| عَلىٰ سُرُرٍ مَوضونَةٍ (آيت : 15) |
|
سون جي تارن سان واڻيل تختن تي |
| مُتَّكِـٔينَ عَلَيها مُتَقٰبِلينَ (آيت : 16) |
|
ٽيڪ ڏئي آمهون سامهون ويهندا |
| يَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ (آيت : 17) |
|
سندن محفلن ۾ لافاني نينگر |
| بِأَكوابٍ وَأَباريقَ وَكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 18) |
|
شراب جي وهندڙ چشمي مان ٽمٽار ٿيل مگا، جڳ ۽ پيالا کنيون پيا هيڏي هوڏي ڊوڙندا ڊڪندا هوندا |
| لا يُصَدَّعونَ عَنها وَلا يُنزِفونَ (آيت : 19) |
|
جنهن کي پيئڻ سان نڪي مٿو ڦرندن ۽ نه عقل خطا ٿيندن |
| وَفٰكِهَةٍ مِمّا يَتَخَيَّرونَ (آيت : 20) |
|
وري قسمين قسمين جا لذيذ ميوا پيش ڪندن ته انهن مان جيڪي به چونڊي کڻن |
| وَلَحمِ طَيرٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 21) |
|
۽ پکين جو گوشت به، ته جنهن جو به وڻين سو کائن |
| وَحورٌ عينٌ (آيت : 22) |
|
۽ انهن لاءِ سهڻين اکين واريون حورون هونديون |
| كَأَمثٰلِ اللُّؤلُؤِ المَكنونِ (آيت : 23) |
|
اهڙيون حسين جهڙا سانڍي رکيل موتي |
| جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
|
اهو سڀ ڪجهه ملندن سندن انهن عملن جو اجورو ٿي، جيڪي دنيا ۾ ڪندا هئا |
| لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا تَأثيمًا (آيت : 25) |
|
اتي هو ڪا بيهودي يا گناهه ۾ وجهندڙ ڳالهه نه ٻڌندا |
| إِلّا قيلًا سَلٰمًا سَلٰمًا (آيت : 26) |
|
جيڪا به ڳالهه ٿيندي بلڪل صحيح هوندي |
| وَأَصحٰبُ اليَمينِ ما أَصحٰبُ اليَمينِ (آيت : 27) |
|
۽ ساڄي پاسي وارا، ته ساڄي پاسي وارن (جي بخت) جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي |
| فى سِدرٍ مَخضودٍ (آيت : 28) |
|
هو بنا ڪنڊن وارين ٻيرين |
| وَطَلحٍ مَنضودٍ (آيت : 29) |
|
۽ هڪ ٻئي مٿان سٿيل ڪيلن |
| وَظِلٍّ مَمدودٍ (آيت : 30) |
|
۽ پري تائين پکڙيل ڇانوَن |
| وَماءٍ مَسكوبٍ (آيت : 31) |
|
۽ هر دم وهندڙ آبشارن |
| وَفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ (آيت : 32) |
|
۽ جام ميون، جن جي نڪي رسد بند ٿيندي |
| لا مَقطوعَةٍ وَلا مَمنوعَةٍ (آيت : 33) |
|
۽ نه انهن جي ملڻ تي ڪا روڪ هوندي |
| وَفُرُشٍ مَرفوعَةٍ (آيت : 34) |
|
۽ اُوچن وڇاڻن منجهه هوندا |
| إِنّا أَنشَأنٰهُنَّ إِنشاءً (آيت : 35) |
|
سندن زالون اسان وري نئين سر جوڙيون هونديون |
| فَجَعَلنٰهُنَّ أَبكارًا (آيت : 36) |
|
۽ کين ڪنوارو بنائينداسين |
| عُرُبًا أَترابًا (آيت : 37) |
|
مڙسن جون پياريون ۽ عمر ۾ هڪ جيڏيون |
| لِأَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 38) |
|
اهو سڀ ڪجهه هوندو ساڄي پاسي وارن لاءِ |
| ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 39) |
|
اهي اڳين مان به گهڻا ئي هوندا |
| وَثُلَّةٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 40) |
|
ته پوين مان به گهڻا |
| وَأَصحٰبُ الشِّمالِ ما أَصحٰبُ الشِّمالِ (آيت : 41) |
|
۽ کاٻي پاسي وارا، ته کاٻي پاسي وارن (جي بدنصيبيءَ) جو ڇا ٿا پڇو |
| فى سَمومٍ وَحَميمٍ (آيت : 42) |
|
هو ساڙيندڙ هوا ۽ ٽهڪندڙ پاڻيءَ |
| وَظِلٍّ مِن يَحمومٍ (آيت : 43) |
|
۽ ڪاري دونهين جي ڇانوَ ۾ هوندا |
| لا بارِدٍ وَلا كَريمٍ (آيت : 44) |
|
جيڪا نڪي ٿڌڪار واري هوندي ۽ نه ڪا فرحت ڏيندڙ |
| إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُترَفينَ (آيت : 45) |
|
اهي اُهي ماڻهو هوندا، جيڪي ان کان اڳ ۾ عيش واري زندگي گذاريندا هئا |
| وَكانوا يُصِرّونَ عَلَى الحِنثِ العَظيمِ (آيت : 46) |
|
۽ وڏي گناهه تي ڳت ڏيندا هئا |
| وَكانوا يَقولونَ أَئِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 47) |
|
چوندا هئا ته "ڇا جڏهن اسان مري وينداسون ۽ مٽي ۽ هڏن جو ڍير ٿي وينداسون ته وري اٿاري کڙا ڪيا وينداسون؟ |
| أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 48) |
|
۽ ڇا اسان جا ابا ڏاڏا به اٿاريا ويندا جيڪي اڳ ٿي گذريا آهن؟" |
| قُل إِنَّ الأَوَّلينَ وَالءاخِرينَ (آيت : 49) |
|
اي نبي چوين ته "بيشڪ اڳيان پويان سڀ |
| لَمَجموعونَ إِلىٰ ميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 50) |
|
هڪ ڏينهن ضرور ميڙي آڻڻا آهن، جنهن جو وقت اڳيئي مقرر ٿي چڪو آهي" |
| ثُمَّ إِنَّكُم أَيُّهَا الضّالّونَ المُكَذِّبونَ (آيت : 51) |
|
پوءِ اي گمراهؤ ۽ ڪوڙو سڏيندڙؤ |
| لَءاكِلونَ مِن شَجَرٍ مِن زَقّومٍ (آيت : 52) |
|
توهان زقوم (ٿوهر) جي وڻ وارو کاڌو کائڻ وارا آهيو |
| فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 53) |
|
انهيءَ مان ئي توهان پيٽَ ڀريندؤ |
| فَشٰرِبونَ عَلَيهِ مِنَ الحَميمِ (آيت : 54) |
|
پوءِ ان جي مٿان پيئندؤ ٽهڪندڙ پاڻي |
| فَشٰرِبونَ شُربَ الهيمِ (آيت : 55) |
|
سخت اڃايل اٺ وانگر |
| هٰذا نُزُلُهُم يَومَ الدّينِ (آيت : 56) |
|
اها آهي مهماني (انهن کاٻي پاسي وارن جي) حساب ڪتاب جي ڏينهن |
| نَحنُ خَلَقنٰكُم فَلَولا تُصَدِّقونَ (آيت : 57) |
|
اسان ئي توهان کي پيدا ڪيو آهي پوءِ ڇو نٿا مڃيو |
| أَفَرَءَيتُم ما تُمنونَ (آيت : 58) |
|
ڪڏهن توهان سوچيو آهي ته اهو ٽيپو جيڪو توهان ڳاڙيو ٿا |
| ءَأَنتُم تَخلُقونَهُ أَم نَحنُ الخٰلِقونَ (آيت : 59) |
|
ان مان ٻار توهان ٿا پيدا ڪريو يا ان جا خلقيندڙ اسان آهيون؟ |
| نَحنُ قَدَّرنا بَينَكُمُ المَوتَ وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 60) |
|
اسان توهان جي وچ ۾ موت کي ورهائي ڇڏيو آهي ۽ اسان ڪو ان ڳالهه کان عاجز نه آهيون |
| عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ أَمثٰلَكُم وَنُنشِئَكُم فى ما لا تَعلَمونَ (آيت : 61) |
|
ته توهان جون شڪليون بدلائي ڇڏيون ۽ توهان کي ڪنهن اهڙيءَ شڪل ۾ پيدا ڪريون، جنهن کي توهان نٿا ڄاڻو |
| وَلَقَد عَلِمتُمُ النَّشأَةَ الأولىٰ فَلَولا تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
|
توهان پنهنجي پهرينءَ پيدائش کي ته ڄاڻو ٿا، پوءِ ڇو نٿا سبق پرايو؟ |
| أَفَرَءَيتُم ما تَحرُثونَ (آيت : 63) |
|
ڪڏهن سوچيو اٿوَ ته اهي ٻج جيڪي توهان پوکيو ٿا |
| ءَأَنتُم تَزرَعونَهُ أَم نَحنُ الزّٰرِعونَ (آيت : 64) |
|
انهن مان پوکون توهان ٿا اپايو يا انهن جي اپائڻ وارا اسان آهيون؟ |
| لَو نَشاءُ لَجَعَلنٰهُ حُطٰمًا فَظَلتُم تَفَكَّهونَ (آيت : 65) |
|
اسان چاهيون ته انهن پوکن کي بــُـهه بڻائي ڇڏيون، جو پوءِ توهان حيرت ۾ رهجي وڃو |
| إِنّا لَمُغرَمونَ (آيت : 66) |
|
(۽ چئو) ته اسان ته رهندو زير بار ٿي وياسون |
| بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 67) |
|
بلڪه اسان جو ته ڀاڳ ئي ڦـِـٽي ويو |
| أَفَرَءَيتُمُ الماءَ الَّذى تَشرَبونَ (آيت : 68) |
|
ڪڏهن اکيون کولي ڏٺو اٿوَ ته اهو پاڻي جيڪو توهان پيئو ٿا |
| ءَأَنتُم أَنزَلتُموهُ مِنَ المُزنِ أَم نَحنُ المُنزِلونَ (آيت : 69) |
|
انهيءَ کي توهان ڪڪرن مان وسايو آهي يا ان جي وسائڻ وارا اسان آهيون؟ |
| لَو نَشاءُ جَعَلنٰهُ أُجاجًا فَلَولا تَشكُرونَ (آيت : 70) |
|
اسان چاهيون ته ان کي ٻاڙو بڻائي ڇڏيون، پوءِ ڇو نٿا شڪر ڪريو |
| أَفَرَءَيتُمُ النّارَ الَّتى تورونَ (آيت : 71) |
|
ڪڏهن سوچيو اٿوَ ته اها باهه جيڪا توهان ٻاريو ٿا |
| ءَأَنتُم أَنشَأتُم شَجَرَتَها أَم نَحنُ المُنشِـٔونَ (آيت : 72) |
|
ان جو وڻ توهان پيدا ڪيو آهي يا ان جي اپائڻ وارا اسان آهيون؟ |
| نَحنُ جَعَلنٰها تَذكِرَةً وَمَتٰعًا لِلمُقوينَ (آيت : 73) |
|
اسان ان کي ياد ڏيارڻ جو وسيلو ۽ گهرجائو ماڻهن لاءِ زندگي گذارڻ جو سامان بڻايو آهي |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 74) |
|
پوءِ اي نبي! تون پنهنجي عظمت واري رب جي پاڪائي بيان ڪر |
| فَلا أُقسِمُ بِمَوٰقِعِ النُّجومِ (آيت : 75) |
|
پوءِ ائين ناهي، مان قسم ٿو کڻان تارن جي بيهڪن جو |
| وَإِنَّهُ لَقَسَمٌ لَو تَعلَمونَ عَظيمٌ (آيت : 76) |
|
۽ جيڪڏهن توهان سمجهو ته اهو تمام وڏو قسم آهي |
| إِنَّهُ لَقُرءانٌ كَريمٌ (آيت : 77) |
|
ته اهو وڏي مانَ وارو قرآن آهي |
| فى كِتٰبٍ مَكنونٍ (آيت : 78) |
|
هڪڙي سانڍي رکيل ڪتاب ۾ لکيل آهي |
| لا يَمَسُّهُ إِلَّا المُطَهَّرونَ (آيت : 79) |
|
جنهن کي پاڪائيءَ وارن کان سواءِ ٻيو ڪوبه هٿ نٿو لائي سگهي |
| تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
|
اهو جهانن جي پالڻهار جو نازل ڪيل آهي |
| أَفَبِهٰذَا الحَديثِ أَنتُم مُدهِنونَ (آيت : 81) |
|
پوءِ اهڙي ڪلام سان توهان بي رخيءَ جو ورتاءُ ڪريو ٿا؟ |
| وَتَجعَلونَ رِزقَكُم أَنَّكُم تُكَذِّبونَ (آيت : 82) |
|
۽ ان نعمتن ۾ توهان پنهنجو حصو هي ٿا رکو جو ان کي ڪوڙو ٿا سڏيو؟! |
| فَلَولا إِذا بَلَغَتِ الحُلقومَ (آيت : 83) |
|
پوءِ جنهن مهل مرڻ واري جو ساهه اچي لــُـڪيءَ ۾ اٽڪندو آهي |
| وَأَنتُم حينَئِذٍ تَنظُرونَ (آيت : 84) |
|
۽ توهان پيا اکين سان ڏسندا آهيو ته هو مري پيو |
| وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِنكُم وَلٰكِن لا تُبصِرونَ (آيت : 85) |
|
تڏهن ته توهان جي بنسبت اسان ان کي وڌيڪ ويجها هوندا آهيون پر توهان کي نظر نه ايندا آهيون |
| فَلَولا إِن كُنتُم غَيرَ مَدينينَ (آيت : 86) |
|
پوءِ جيڪڏهن توهان ڪنهن جا ٻڌا ٻانها نه آهيو |
| تَرجِعونَها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 87) |
|
۽ ان خيال ۾ سچا آهيو ته پوءِ ان جو نڪرندڙ ساهه موٽائي ڇونه آڻيندا آهيو؟ |
| فَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 88) |
|
پوءِ جيڪڏهن اهو مرڻ وارو مقربن (ويجهو ڪيلن) مان هجي |
| فَرَوحٌ وَرَيحانٌ وَجَنَّتُ نَعيمٍ (آيت : 89) |
|
ته ان لاءِ فرحت، ڀلو رزق ۽ نعمتن سان ڀريل جنت آهي |
| وَأَمّا إِن كانَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 90) |
|
۽ جيڪڏهن اهو ساڄي پاسي وارن مان هجي |
| فَسَلٰمٌ لَكَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 91) |
|
ته ان جو آڌرڀاءُ هيئن ٿيندو آهي ته ”توتي سلام هجي، تون ساڄي پاسي وارن مان آهين" |
| وَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُكَذِّبينَ الضّالّينَ (آيت : 92) |
|
۽ جيڪڏهن هو ڪوڙو سڏيندڙن گمراهن منجهان هجي |
| فَنُزُلٌ مِن حَميمٍ (آيت : 93) |
|
ته ان جي مهمانيءَ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي آهي |
| وَتَصلِيَةُ جَحيمٍ (آيت : 94) |
|
۽ جهنم ۾ پوڻ |
| إِنَّ هٰذا لَهُوَ حَقُّ اليَقينِ (آيت : 95) |
|
بيشڪ اهو سڀ ڪجهه پڪو حق آهي |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 96) |
|
پوءِ اي نبي، تون پنهنجي عظيم پالڻهار جي نانءَ جي پاڪائي بيان ڪر |