إِذا وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 1) |
جڏهن قيامت قائم ٿيندي، |
لَيسَ لِوَقعَتِها كاذِبَةٌ (آيت : 2) |
(۽) جنهن جي ٿيڻ ۾ ڪو به ڪوڙ نه آهي (تڏهن ماڻهن ۾ فرق ظاهر ٿيندو). |
خافِضَةٌ رافِعَةٌ (آيت : 3) |
(ها ڪن کي) هيٺ ڪرڻ واري (۽ ڪن کي) مٿي ڪرڻ واري هوندي. |
إِذا رُجَّتِ الأَرضُ رَجًّا (آيت : 4) |
جڏهن زمين تمام زور سان ڌٻائي ويندي. |
وَبُسَّتِ الجِبالُ بَسًّا (آيت : 5) |
۽ جبل (ٽڪرائي) ذرا ذرا ڪيا ويندا. |
فَكانَت هَباءً مُنبَثًّا (آيت : 6) |
پوءِ (اهي) سنهين پکڙيل دز جهڙا ٿي (اڏندا پيا) |
وَكُنتُم أَزوٰجًا ثَلٰثَةً (آيت : 7) |
۽ اوهين ٽي قسم ٿي پوندو. |
فَأَصحٰبُ المَيمَنَةِ ما أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 8) |
پوءِ سڄي هٿ ۾ (اعمال نامه وٺڻ) وارا (واھ!) سڄي هٿ وارا (ڪهڙا نه آرام ۾ آهن) |
وَأَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ ما أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 9) |
۽ کٻي هٿ (۾ نامه اعمال وٺڻ وارا) افسوس! کٻي هٿ وارا ڪهڙي نه (مصيبت ۾) آهن. |
وَالسّٰبِقونَ السّٰبِقونَ (آيت : 10) |
۽ جيڪي اڳي وڌي وڃڻ وارا (ته نيٺ) اڳي وڌڻ وارا آهن، |
أُولٰئِكَ المُقَرَّبونَ (آيت : 11) |
اهي ئي (خدا جا) مقرب آهن. |
فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 12) |
نعمتن وارن باغن ۾ هوندا. |
ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
(اهي) ڪيترائي ته پهرين مان هوندا. |
وَقَليلٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 14) |
پر پوين مان ٿورا هوندا. |
عَلىٰ سُرُرٍ مَوضونَةٍ (آيت : 15) |
(سون جي تارن سان) واڻيل کٽن تي |
مُتَّكِـٔينَ عَلَيها مُتَقٰبِلينَ (آيت : 16) |
ٽيڪ لڳائي هڪ ٻي جي سامهون (ويٺا هوندا). |
يَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ (آيت : 17) |
هميشه (ننڍا) رهڻ وارا نينگر وٽن چڪر پيا لڳائيندا. |
بِأَكوابٍ وَأَباريقَ وَكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 18) |
پيالن ۽ ڪوزن ۽ شفاف شراب جي پيالن سان. |
لا يُصَدَّعونَ عَنها وَلا يُنزِفونَ (آيت : 19) |
جنهن سان مٿي ۾ سور پوندن ۽ نه نشو ٿيندن. |
وَفٰكِهَةٍ مِمّا يَتَخَيَّرونَ (آيت : 20) |
۽ ميوا جيڪي پسند ڪندا. |
وَلَحمِ طَيرٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 21) |
۽ پکين جو گوشت جيڪو خواهش ڪندا (موجود هوندن) |
وَحورٌ عينٌ (آيت : 22) |
۽ وڏين وڏين اکين واريون حورون |
كَأَمثٰلِ اللُّؤلُؤِ المَكنونِ (آيت : 23) |
ڄڻ احتياط سان رکيل موتي آهن. |
جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
اهو بدلو آهي سندن (نيڪ) عملن جو. |
لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا تَأثيمًا (آيت : 25) |
اتي نه بڪ ٻڌندا ۽ نه (گناھ) جي ڳالھ. |
إِلّا قيلًا سَلٰمًا سَلٰمًا (آيت : 26) |
سندن ڪلام رڳو سلام ئي هوندو. |
وَأَصحٰبُ اليَمينِ ما أَصحٰبُ اليَمينِ (آيت : 27) |
۽ سڄي هٿ وارا ڪهڙا (نه چڱا آهن) سڄي هٿ وارا. |
فى سِدرٍ مَخضودٍ (آيت : 28) |
بنا ڪنڊن وارين ٻيرين، |
وَطَلحٍ مَنضودٍ (آيت : 29) |
۽ ڦرسان ڀريل ڪيلي جي وڻن، |
وَظِلٍّ مَمدودٍ (آيت : 30) |
۽ ڊگهي ڊگهي ڇانو، |
وَماءٍ مَسكوبٍ (آيت : 31) |
۽ وهندڙ پاڻي، |
وَفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ (آيت : 32) |
۽ گهڻن ميون ۾ هوندا. |
لا مَقطوعَةٍ وَلا مَمنوعَةٍ (آيت : 33) |
جي نه کٽندا ۽ نه (انهن کان) روڪيا ويندا. |
وَفُرُشٍ مَرفوعَةٍ (آيت : 34) |
۽ اوچن (نرم) وڇاڻن ۾ (مزا ڪندا) هوندا. |
إِنّا أَنشَأنٰهُنَّ إِنشاءً (آيت : 35) |
(کين اهي حورون ملنديون جن کي) اسان نت نئون پيدا ڪيو آهي، |
فَجَعَلنٰهُنَّ أَبكارًا (آيت : 36) |
جو انهن کي اسان ڪنواريون، |
عُرُبًا أَترابًا (آيت : 37) |
پياريون پياريون هڪ جيڏيون ڪيو آهي، |
لِأَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 38) |
(اهو سمورو بندوبست) سڄي هٿ (جي اعمال نامي) لاءِ آهي. |
ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 39) |
(انهن ۾) گهڻا ته پهرين مان. |
وَثُلَّةٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 40) |
۽ ڪيترائي ته پوين مان آهن. |
وَأَصحٰبُ الشِّمالِ ما أَصحٰبُ الشِّمالِ (آيت : 41) |
۽ کٻي هٿ ۾ (اعمال نامه وٺڻ) وارا (افسوس) کٻي هٿ وارا ڪهڙي نه مصيبت ۾ آهن. |
فى سَمومٍ وَحَميمٍ (آيت : 42) |
(اهي دوزخ جي) لڪ ۾ گرم پاڻي، |
وَظِلٍّ مِن يَحمومٍ (آيت : 43) |
۽ ڪاري دونهين جي ڇانو ۾ هوندا. |
لا بارِدٍ وَلا كَريمٍ (آيت : 44) |
جا نه ٿڌي ٿيندي ۽ نه وڻندڙ هوندي. |
إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُترَفينَ (آيت : 45) |
بيشڪ اهي هن کان اڳ (دنيا ۾) ڏاڍا عيش ماڻي چڪا آهن. |
وَكانوا يُصِرّونَ عَلَى الحِنثِ العَظيمِ (آيت : 46) |
۽ تمام وڏي گناھ (شرڪ) تي هميشه رهندا هئا. |
وَكانوا يَقولونَ أَئِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 47) |
۽ چوندا هئا ته ڇا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۾ هڏا ٿينداسون تڏهن (وري) اسين اٿاريا وينداسون ڇا؟ |
أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 48) |
يا اسان جا پهريان ابا ڏاڏا به (اٿاريا ويندا) ڇا؟ |
قُل إِنَّ الأَوَّلينَ وَالءاخِرينَ (آيت : 49) |
(اي رسول کين) چئو ته بيشڪ پهريان ۽ پويان (به) |
لَمَجموعونَ إِلىٰ ميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 50) |
سڀئي هڪ مقرر ڏينهن جي وقت تي ضرور ڪٺا ڪيا ويندا. |
ثُمَّ إِنَّكُم أَيُّهَا الضّالّونَ المُكَذِّبونَ (آيت : 51) |
پوءِ اوهان کي اي گمراهو. ڪوڙو ڪندڙو! |
لَءاكِلونَ مِن شَجَرٍ مِن زَقّومٍ (آيت : 52) |
بيشڪ (دوزخ ۾) ٿوهر جي وڻ مان ضرور کائڻو پوندو. |
فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 53) |
پوءِ ان مان پيٽ ڀريندو. |
فَشٰرِبونَ عَلَيهِ مِنَ الحَميمِ (آيت : 54) |
پوءِ مٿانس گرم پاڻي ڀريندو. |
فَشٰرِبونَ شُربَ الهيمِ (آيت : 55) |
پوءِ (اهو به) اڃ جي بيماري (آليءَ) ۾ ورتلن اٺن وانگر پيئندو. |
هٰذا نُزُلُهُم يَومَ الدّينِ (آيت : 56) |
اها قيامت جي ڏينهن سندن مهماني هوندي. |
نَحنُ خَلَقنٰكُم فَلَولا تُصَدِّقونَ (آيت : 57) |
اسان ئي اوهان کي پيدا ڪيو آهي پوءِ (ٻئي ڀيري جو) ڇو ويساھ نه ٿا ڪريو. |
أَفَرَءَيتُم ما تُمنونَ (آيت : 58) |
ڀلا ٻڌايو ته جو نطفو اوهين (زالن جي) رحم ۾ ڪيرايو ٿا تنهن کي اوهان ڏنو آهي؟ |
ءَأَنتُم تَخلُقونَهُ أَم نَحنُ الخٰلِقونَ (آيت : 59) |
هن کي اوهين پيدا ڪيو آهي ڇا؟ يا اسين ئي پيدا ڪندڙ آهيون. |
نَحنُ قَدَّرنا بَينَكُمُ المَوتَ وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 60) |
اسان اوهان ۾ موت کي مقرر ڪيو آهي ۽ اسين ان کان عاجز نه آهيون. |
عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ أَمثٰلَكُم وَنُنشِئَكُم فى ما لا تَعلَمونَ (آيت : 61) |
جو اوهان جي بدلي پيا آڻيون ۽ اوهان کي اهڙي (صورت) ۾ پيدا ڪريون جنهن کي اوهين مطلق نه ٿا ڄاڻو. |
وَلَقَد عَلِمتُمُ النَّشأَةَ الأولىٰ فَلَولا تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
بيشڪ اوهان پهرينءَ پيدائش کي ڄاتو (ته اسان ڪئي) پوءِ جو غور نه ٿا ڪريو. |
أَفَرَءَيتُم ما تَحرُثونَ (آيت : 63) |
ڀلا ٻڌايو ته جيڪي اوهين پوکيو ٿا، |
ءَأَنتُم تَزرَعونَهُ أَم نَحنُ الزّٰرِعونَ (آيت : 64) |
ڇا اوهين ان کي پيدا ڪريو ٿا يا اسين اپائيندڙ آهيون. |
لَو نَشاءُ لَجَعَلنٰهُ حُطٰمًا فَظَلتُم تَفَكَّهونَ (آيت : 65) |
جيڪڏهن اسين چاهيون ته ان کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيون ته پوءِ اوهين حيرت ۾ رهجي وڃو. |
إِنّا لَمُغرَمونَ (آيت : 66) |
(۽ چوندو ته) اسان تي چٽي بڻجي ويئي آهي. |
بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 67) |
پر (اصلي) اسين بدنصيب آهيون. |
أَفَرَءَيتُمُ الماءَ الَّذى تَشرَبونَ (آيت : 68) |
ڪڏهن ڌيان ڌريو ته جو پاڻي اوهين (رات ڏينهن) پيو ٿا. |
ءَأَنتُم أَنزَلتُموهُ مِنَ المُزنِ أَم نَحنُ المُنزِلونَ (آيت : 69) |
ان کي ڪڪرن مان اوهان لاٿو آهي يا اسين وسايون ٿا. |
لَو نَشاءُ جَعَلنٰهُ أُجاجًا فَلَولا تَشكُرونَ (آيت : 70) |
جيڪڏهن گهرون ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇو نه ٿا احسان مڃيو. |
أَفَرَءَيتُمُ النّارَ الَّتى تورونَ (آيت : 71) |
ڀلا باھ تي به (ڪڏهن) غور ڪيو اٿو! جا اوهين ٻاريو ٿا. |
ءَأَنتُم أَنشَأتُم شَجَرَتَها أَم نَحنُ المُنشِـٔونَ (آيت : 72) |
اوهان ان جو وڻ پيدا ڪيو آهي يا اسين پيدا ڪرڻ وارا آهيون؟ |
نَحنُ جَعَلنٰها تَذكِرَةً وَمَتٰعًا لِلمُقوينَ (آيت : 73) |
اسان ان باھ کي (دوزخ جي) ياد ڏيارڻ لاءِ ۽ مسافرن وغيره جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آهي. |
فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 74) |
پوءِ (اي رسول) تون پنهنجي بزرگ پالڻهار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر! |
فَلا أُقسِمُ بِمَوٰقِعِ النُّجومِ (آيت : 75) |
پوءِ آءُ تارن جي منزلن جو قسم کڻان ٿو. |
وَإِنَّهُ لَقَسَمٌ لَو تَعلَمونَ عَظيمٌ (آيت : 76) |
۽ بيشڪ اهو وڏو قسم آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو. |
إِنَّهُ لَقُرءانٌ كَريمٌ (آيت : 77) |
بيشڪ هي (ڪتاب وڏي) مرتبي وارو قرآن آهي، |
فى كِتٰبٍ مَكنونٍ (آيت : 78) |
جيڪو ڪتاب (لوح) محفوظ ۾ (لکيل) آهي. |
لا يَمَسُّهُ إِلَّا المُطَهَّرونَ (آيت : 79) |
ان کي رڳو پاڪ ماڻهو ئي ڇهن ٿا. |
تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
سموري جهانن جي پالڻهار جي طرفان (محمد تي) نازل ڪيل آهي. |
أَفَبِهٰذَا الحَديثِ أَنتُم مُدهِنونَ (آيت : 81) |
ڇا پوءِ اوهين هن ڪلام جو انڪار ڪريو ٿا. |
وَتَجعَلونَ رِزقَكُم أَنَّكُم تُكَذِّبونَ (آيت : 82) |
۽ (ان مان) پنهنجو هي حصو (روزي حاصل) ڪريو ٿا جو اوهين ان کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
فَلَولا إِذا بَلَغَتِ الحُلقومَ (آيت : 83) |
پوءِ جنهن مهل (ڪنهن جو ساھ) نڙگهٽ تائين پهچي، |
وَأَنتُم حينَئِذٍ تَنظُرونَ (آيت : 84) |
۽ اوهين ان وقت (جي حالت) پيا ڏسو. |
وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِنكُم وَلٰكِن لا تُبصِرونَ (آيت : 85) |
۽ اسين ان (سڪرات واري) کي اوهان کان گهڻو ويجها آهيون پر اوهين نٿا ڏسو، |
فَلَولا إِن كُنتُم غَيرَ مَدينينَ (آيت : 86) |
ته جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي ڌٻاءُ ۾ نه آهيو. |
تَرجِعونَها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 87) |
تڏهن ڇو ان (جي ساھ) کي نه ٿا موٽايو جيڪڏهن اوهين (ان ڳالھ ۾) سچا آهيو. |
فَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 88) |
پوءِ جيڪڏهن اهو (مرڻ وارو خدا جي) ويجهن (ٻانهن) مان آهي. |
فَرَوحٌ وَرَيحانٌ وَجَنَّتُ نَعيمٍ (آيت : 89) |
ته (ان لاءِ) راحت ۽ خوشبودار گل ۽ نعمت جا باغ آهن. |
وَأَمّا إِن كانَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 90) |
۽ جيڪڏهن اهو سڄي هٿ وارن مان آهي. |
فَسَلٰمٌ لَكَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 91) |
ته (ان کي چيو ويندو ته) تو تي سڄي هٿ وارن جي طرفان سلام هجي. |
وَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُكَذِّبينَ الضّالّينَ (آيت : 92) |
پر جيڪڏهن ڪوڙي ڪندڙن گمراهن مان آهي. |
فَنُزُلٌ مِن حَميمٍ (آيت : 93) |
ته ان لاءِ گرم پاڻيءَ جي مهماني آهي. |
وَتَصلِيَةُ جَحيمٍ (آيت : 94) |
۽ (ان کي) باھ ۾ داخل ڪرڻو آهي. |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ حَقُّ اليَقينِ (آيت : 95) |
بيشڪ هيءَ (خبر) يقينا سچي آهي. |
فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 96) |
ته (اي رسول) تون پنهنجي بزرگ پروردگار جي تسبيح ڪر! |