| إِذا وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 1) |
|
جڏهن قيامت ڪڙڪِي، مَتو ڏِينهن مَحشر، |
| لَيسَ لِوَقعَتِها كاذِبَةٌ (آيت : 2) |
|
ناھِ اَچڻ جِي اُن جِي کوٽِي ڪا خَبر، |
| خافِضَةٌ رافِعَةٌ (آيت : 3) |
|
ڪِن کي هَڻندڙ هيٺ ڀَرو، ڪِن مَٿي ڪندڙ ڪَر، |
| إِذا رُجَّتِ الأَرضُ رَجًّا (آيت : 4) |
|
ڌَرتِي جڏهن ڌوڏي ويئـِي، ڌوڏو ڌوڏي ڀَر، |
| وَبُسَّتِ الجِبالُ بَسًّا (آيت : 5) |
|
جڏهن جَبل جھانيا، ڏَرِي پِيا ڏُونگر، |
| فَكانَت هَباءً مُنبَثًّا (آيت : 6) |
|
هوندا پوءِ هيڪر، وارِي اُٿندڙ واءَ مَٿي. |
| وَكُنتُم أَزوٰجًا ثَلٰثَةً (آيت : 7) |
|
۽ اَوهِين اُنهِئَ ڏِينهن ۾، هُوندا ٽولا ٽي، |
| فَأَصحٰبُ المَيمَنَةِ ما أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 8) |
|
پوءِ سائـِين، سائي هٿ جا، صَحِي سونهارا ڪي، سائي وارا سي، آهن وَڏِئَ عِيد ۾. |
| وَأَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ ما أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 9) |
|
۽ ڏوهِي ڏائي هَٿ تي، هُوندا هَچارا، ڏائي هَٿ وارا، آهِن ڏاڍي ڏُک ۾. |
| وَالسّٰبِقونَ السّٰبِقونَ (آيت : 10) |
|
۽ اََڳرا جي، ايمان ۾، اُهي اڳرا مَنجھ اَجر، |
| أُولٰئِكَ المُقَرَّبونَ (آيت : 11) |
|
اُهي حُضورِي حق پاڪ جا، دَرٻارِي داور، |
| فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 12) |
|
آرامِي اَنور، اِنعامِي باغن ۾. |
| ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
مَهندِيَن مان ميڙو وَڏو، جَنّت ۾ جُھونجھار، |
| وَقَليلٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 14) |
|
۽ پويَنِ مان پڻ ٿورَڙا، داخِل دِلقرار، |
| عَلىٰ سُرُرٍ مَوضونَةٍ (آيت : 15) |
|
سوني اوڄن سيجن تي، |
| مُتَّكِـٔينَ عَلَيها مُتَقٰبِلينَ (آيت : 16) |
|
تَڪيو ڏِنل تَڪرار، ويٺا وَهسن پاڻ ۾، مُنهان مُنهن مَهندار، |
| يَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ (آيت : 17) |
|
سدا ساڳِئَ عمر جا، نوڪر نَنڍِي ڄَمار، |
| بِأَكوابٍ وَأَباريقَ وَكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 18) |
|
مَٿن ڪَرَن، ڪوپن سان، چَڪر هَڻنِ چوڌار، پڻ پَٽڙي پَلٽيندڙ جا، پِيالا پُرڪار، |
| لا يُصَدَّعونَ عَنها وَلا يُنزِفونَ (آيت : 19) |
|
جنهن کان نه سِر ۾ سُور ڪو، نه بدن مَٿي ڪو بار، پڻ نه ويڇو وار، پَوي سَندِن پَرُوڙ ۾. |
| وَفٰكِهَةٍ مِمّا يَتَخَيَّرونَ (آيت : 20) |
|
۽ مِٺا ميوا موڪ ٻِئا، جِھڙا وَڻندنِ جام، |
| وَلَحمِ طَيرٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 21) |
|
۽ تازو پڻ طعام، جيڪِي گُھرن گوشت پَکِين جو، |
| وَحورٌ عينٌ (آيت : 22) |
|
وَڏِين اکِين وارِيون، حُورُون حُسْندار، |
| كَأَمثٰلِ اللُّؤلُؤِ المَكنونِ (آيت : 23) |
|
سُچا موتِي سِپ ۾، اُهي اُنهن جي آچار، |
| جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
|
جيڪِي ڪَندا هُئا ڪم ڪار، اِهو اُجورو اُنهن سَندو. |
| لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا تَأثيمًا (آيت : 25) |
|
بَڪ نه اَجائـِي اُن ۾، ۽ نَه ٻُڌن ڪِنو ڪَلام، |
| إِلّا قيلًا سَلٰمًا سَلٰمًا (آيت : 26) |
|
مگر سَلام سَلام، چَئنِين طرفان چَوڻِي. |
| وَأَصحٰبُ اليَمينِ ما أَصحٰبُ اليَمينِ (آيت : 27) |
|
سائـِين، سائي پارجا، ڇا سائين سائي پار؟َ |
| فى سِدرٍ مَخضودٍ (آيت : 28) |
|
ٻَهڪندڙ ٻيڙيَن ۾، جَن جا لاسڙ لامون، ڏار، |
| وَطَلحٍ مَنضودٍ (آيت : 29) |
|
۽ ڀَريل ڦر، ڦرهِيَن سان، ڪٖيوَڙا قطار، |
| وَظِلٍّ مَمدودٍ (آيت : 30) |
|
ڇِڪِي پَنڌ، ڇانين ۾، |
| وَماءٍ مَسكوبٍ (آيت : 31) |
|
۽ مٿان بُوند بهار، |
| وَفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ (آيت : 32) |
|
۽ گھڻا ۽ گھاٽا وَرِي، ميوا مزيدار، |
| لا مَقطوعَةٍ وَلا مَمنوعَةٍ (آيت : 33) |
|
نَڪِي کاڌي کُٽڻا، نه هَڪل مَٿنِ هيڪار، |
| وَفُرُشٍ مَرفوعَةٍ (آيت : 34) |
|
اوسر ساڻ اَپار، پَلنگن مَٿان پَٿراڻيون. |
| إِنّا أَنشَأنٰهُنَّ إِنشاءً (آيت : 35) |
|
اَسان اُپايو اُنهن کي، هِڪدَم ٻالِڪ ٻار، |
| فَجَعَلنٰهُنَّ أَبكارًا (آيت : 36) |
|
پوءِ ڪيوسونِ ڪنواريون، ناريون نيڪ نِبار، |
| عُرُبًا أَترابًا (آيت : 37) |
|
هميشه هِڪ جيڏيون، وَر وَڻندڙ ويرو تار، |
| لِأَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 38) |
|
اُهي حُورون حاصل تن کي، جي سائـِين سائي پار، |
| ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 39) |
|
۽ مَهندين مان مهندار، ججھا، |
| وَثُلَّةٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 40) |
|
بِه جَجھا پوين مان. |
| وَأَصحٰبُ الشِّمالِ ما أَصحٰبُ الشِّمالِ (آيت : 41) |
|
۽ ڏوهِي ڏائي پارِ جا، ڇا ڏوهي ڏائي پار؟ |
| فى سَمومٍ وَحَميمٍ (آيت : 42) |
|
لُـک ۽ پاڻِي گَرم ۾، وَرتل ويرو تار، |
| وَظِلٍّ مِن يَحمومٍ (آيت : 43) |
|
دونهِين سَندِئَ ڇانَو ۾، جو ڪارو ڪارُونڀار، |
| لا بارِدٍ وَلا كَريمٍ (آيت : 44) |
|
نه سَرد، نه سو سَرِير کي، ڏِيندڙ ڪو به قرار، |
| إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُترَفينَ (آيت : 45) |
|
اِن لئي ته اَڳي هِت هُئا، مُوذِي مالدار، |
| وَكانوا يُصِرّونَ عَلَى الحِنثِ العَظيمِ (آيت : 46) |
|
هُئا طبل ڪندا تڪرار، ڪنهن ڏاڍي وڏي ڏوه تي. |
| وَكانوا يَقولونَ أَئِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 47) |
|
۽ چوندا هئا، ته ڇا، جڏهن مَرِي وِياسون مُور، خاڪ ٿياسون خاڪ ۾، ۽ هُونداسُون هَڏ چُور، اَسِين ۽ اَسان جا اڳيان، اَبا اوڏا، ڏُور، |
| أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 48) |
|
ڪِيئن مَڃيون اِي مَذڪُور، ته اَسِين اُٿڻ وارا آهيون؟ |
| قُل إِنَّ الأَوَّلينَ وَالءاخِرينَ (آيت : 49) |
|
چئو ته، پهريان، پويان، ڪوڙِين، ڪِروڙِين ڪٖيڙ، |
| لَمَجموعونَ إِلىٰ ميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 50) |
|
مِڙِئي ٿيندا ميڙ، مُقرّر ڏِينهن مَعلوم تي. |
| ثُمَّ إِنَّكُم أَيُّهَا الضّالّونَ المُكَذِّبونَ (آيت : 51) |
|
اِي وِرسيل واٽ کان! اَوس اَوهِين آخِر، ڪُوڙو ڏِينهن قِيام کي، ڪوٺِيندڙ ڪافِر!، |
| لَءاكِلونَ مِن شَجَرٍ مِن زَقّومٍ (آيت : 52) |
|
اَوهِين آهيو وَڻ ٿوهر مان، کائڻ وارا کَر! |
| فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 53) |
|
پوءِ تِنهن مان پيٽ کي، ڀَرِيندڙ بَدتر! |
| فَشٰرِبونَ عَلَيهِ مِنَ الحَميمِ (آيت : 54) |
|
پوءِ تَتل پاڻِي تِنهن مٿان، اوتِيندڙ اَبتر!، |
| فَشٰرِبونَ شُربَ الهيمِ (آيت : 55) |
|
پوءِ پِيَندڙ آهيو پِيَڻِي اُٺ اُڃِيَل وانگر، |
| هٰذا نُزُلُهُم يَومَ الدّينِ (آيت : 56) |
|
اِها آهي اُنهن جِي، مِهمانِي مُقرّر، اِي آهَر، تَن آهِر، آهي ڏِينهن اِنصاف جي. |
| نَحنُ خَلَقنٰكُم فَلَولا تُصَدِّقونَ (آيت : 57) |
|
اَسان اوهان کي جوڙيو، هَٿِين پيرِين هيڪر، جاچي پوءِ جيڪر، صدقي صَد آفرِين چَئو. |
| أَفَرَءَيتُم ما تُمنونَ (آيت : 58) |
|
سوچيان ڪِي صَحِي؟ ته جو مَجهِين هارِيو مَند، اَوهين جوڙيو اُن مَنجهان، ڦيري ڪو فرزند، |
| ءَأَنتُم تَخلُقونَهُ أَم نَحنُ الخٰلِقونَ (آيت : 59) |
|
اَوهين جوڙيو اُن مَنجهان، ڦيري ڪو فرزند، يا خَلقِيندڙ خاوند، اَسِين پاڻ آهيون؟ |
| نَحنُ قَدَّرنا بَينَكُمُ المَوتَ وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 60) |
|
اَسان اوهان جي وِچ ۾، موت ڪيو مَقدُور، ۽ پيل نه آهيون پوئتي، منجِھين هِن مَذڪور، |
| عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ أَمثٰلَكُم وَنُنشِئَكُم فى ما لا تَعلَمونَ (آيت : 61) |
|
ته آن کي اوهان جِھڙن سان، مَٽي ڇَڏيون مُور، ۽ جِنهن جِي پَونيان نه پَروڙ، آن کي آڻيو اُن شڪل ۾. |
| وَلَقَد عَلِمتُمُ النَّشأَةَ الأولىٰ فَلَولا تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
|
۽ سَچ پَچ ته اوهان سَمجھيو، پهريون جوڙڻ پاڻ، پوءِ، سوئـِي سَبق سُڄاڻ! ڇو هِنيِـين ساڻ نه هنڊايو؟ |
| أَفَرَءَيتُم ما تَحرُثونَ (آيت : 63) |
|
سَچ پَچ ڪِي سوچيان؟ ته اوهين پوکيو اَن، |
| ءَأَنتُم تَزرَعونَهُ أَم نَحنُ الزّٰرِعونَ (آيت : 64) |
|
اَوهِين اُڀارِيندڙ آهيو، تَوهن مَنجھان تَن؟ يا تِن کي تنها تَن، اَسِين اُڀارِيندڙ آهيون. |
| لَو نَشاءُ لَجَعَلنٰهُ حُطٰمًا فَظَلتُم تَفَكَّهونَ (آيت : 65) |
|
جي اَسِين گُھرون ته اُن کي، لاشڪ ڪيوسون لاس، پوءِ ڦِرِي پِئا فِڪرات ۾، وَڏا ڪريو وَماس، |
| إِنّا لَمُغرَمونَ (آيت : 66) |
|
ته هي هي! هارِيا آهيون، ناڻا داڻا ناس، |
| بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 67) |
|
نا اُمِيد نِراس، اُٽلو اَسِين آهيون. |
| أَفَرَءَيتُمُ الماءَ الَّذى تَشرَبونَ (آيت : 68) |
|
سچ پچ ڪي سوچيان؟ ته جو پِيو پاڻِي پاڻ، |
| ءَأَنتُم أَنزَلتُموهُ مِنَ المُزنِ أَم نَحنُ المُنزِلونَ (آيت : 69) |
|
پاڻ اُتاريان اُن کي، مَنجھان مِينهن مانڊاڻ؟ يا بِنا ڪِنهن جِي ڪاڻ، اَسِين اُتارِيندڙ آهيون. |
| لَو نَشاءُ جَعَلنٰهُ أُجاجًا فَلَولا تَشكُرونَ (آيت : 70) |
|
جي اَسِين گُھرون ته اُن کي، کارو ڪريونسِ کَڻِي، پوءِ دُهرادان ڌَڻِئ، ڳهيلا! ڇو نه ڳائيو؟ |
| أَفَرَءَيتُمُ النّارَ الَّتى تورونَ (آيت : 71) |
|
سوچيان ڪِي سڄاڻ! ته آگ اوهين جا ٻاريو، |
| ءَأَنتُم أَنشَأتُم شَجَرَتَها أَم نَحنُ المُنشِـٔونَ (آيت : 72) |
|
اوهان وڻ اُنهِئ جو، پِيدا ڪيو پاڻ؟ يا ڪامِل قُدرت ساڻ، اَسِين اُپائـِيندڙ آهيون. |
| نَحنُ جَعَلنٰها تَذكِرَةً وَمَتٰعًا لِلمُقوينَ (آيت : 73) |
|
اَسان ڪيو اُن کي، پيدا پُرجھڻ ڪاڻ، پڻ واٽهڙن جي وَاٽ لئي، سَنهج سَندو سانجاڻ، |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 74) |
|
پوءِ پنهنجي پاڪ ڌَڻِئَ جي، نِرمل نالي ساڻ، وَر وَر ڪر واکاڻ، جو وَڏِي وڏائـِئَ جو ڌَڻِي. |
| فَلا أُقسِمُ بِمَوٰقِعِ النُّجومِ (آيت : 75) |
|
پوءِ ڇو نه شاهِد واريان، سي موقعا مُقرّر، سِج، چَنڊ تارا ڪتيون، ڪِرن جھِين ڪَر، |
| وَإِنَّهُ لَقَسَمٌ لَو تَعلَمونَ عَظيمٌ (آيت : 76) |
|
سَچ پَچ وَڏِي اِئَ ثابتِي، جي اَٿان خُوب خبر، |
| إِنَّهُ لَقُرءانٌ كَريمٌ (آيت : 77) |
|
ته پَڪ آهي پاڪ اِهو، مَصحف مُنوّر، |
| فى كِتٰبٍ مَكنونٍ (آيت : 78) |
|
لِکيَل لِڪيَل ڪتاب ۾، اکر زير زَبر، |
| لا يَمَسُّهُ إِلَّا المُطَهَّرونَ (آيت : 79) |
|
هَٿ نه لائـِن اُن کي، مؤمن پاڪ مگر، |
| تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
|
آهِن آسمان کان، اوتارا اَطهر، پاران تِنهن پَروَر، جو صاحِب سَڀ جھان جو، |
| أَفَبِهٰذَا الحَديثِ أَنتُم مُدهِنونَ (آيت : 81) |
|
پوءِ ڇا، اَوهِين اِن ڳالھ ۾، مُنڪر آهيو مور؟ |
| وَتَجعَلونَ رِزقَكُم أَنَّكُم تُكَذِّبونَ (آيت : 82) |
|
ڪريو ڪُوڙ فُتور، تنهِن کي، قُوت ڪريو ٿا پانهنجو. |
| فَلَولا إِذا بَلَغَتِ الحُلقومَ (آيت : 83) |
|
پوءِ پَساه جڏهن پُهتو هِڪِي ۾ هيڪر، |
| وَأَنتُم حينَئِذٍ تَنظُرونَ (آيت : 84) |
|
۽ اَوِهين ڪَندا پيا، اُن ڏي، نِماڻو نظر، |
| وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِنكُم وَلٰكِن لا تُبصِرونَ (آيت : 85) |
|
۽ اَسِين اوهان کان اُن کي، اوڏا اوڏِيهر، پر اسان کي اُن حال ۾، پَسو نه اَوِهين ڪِنهن پَر، |
| فَلَولا إِن كُنتُم غَيرَ مَدينينَ (آيت : 86) |
|
پوءِ جي هُجو، حُڪم ۾، ٻَڌلن کان ٻاهِر، |
| تَرجِعونَها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 87) |
|
ته واريوسِ ٿِي واهر، جي سَچا سخن ۾ آهيو. |
| فَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 88) |
|
پر پوءِ اُهو پاڻ جي، هُوندو حُضورِيَن مَنجھان، |
| فَرَوحٌ وَرَيحانٌ وَجَنَّتُ نَعيمٍ (آيت : 89) |
|
پوِ سَرهائـِي سُرهاڻ، پڻ باغ سُکن جا سُوکڙِي. |
| وَأَمّا إِن كانَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 90) |
|
۽ ساڄي جي سانَينِ مان، جي هُوندو نيڪ نام، |
| فَسَلٰمٌ لَكَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 91) |
|
پوءِ توتي سَئو سلام،ساڄي جي سانيَن ڪنان. |
| وَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُكَذِّبينَ الضّالّينَ (آيت : 92) |
|
جي هُوندو ڪُوڙ ڪَندڙن، ۽ مُنجَھيَلن مان مُنڪر، |
| فَنُزُلٌ مِن حَميمٍ (آيت : 93) |
|
پوءِ پاڻِي گَرم گند جِي، مِهمانِي مُقرّر، |
| وَتَصلِيَةُ جَحيمٍ (آيت : 94) |
|
سَزا اِي بَرسِر، |
| إِنَّ هٰذا لَهُوَ حَقُّ اليَقينِ (آيت : 95) |
|
هرگز حق يَقين سان. |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 96) |
|
پوءِ پَنهنجي پَروَر پاڪ جي، نِرمل نالي ساڻ، وَر وَر ڪر واکاڻ، جو وَڏو وَڏائـِي جو ڌَڻِي. |