| إِذا وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 1) |
|
(ياد ڪر) جڏهن ٿيڻ واري (ڳالهه) ٿي پوندي |
| لَيسَ لِوَقعَتِها كاذِبَةٌ (آيت : 2) |
|
ان ٿيڻ ۾ ڪوئي ڪوڙ نه آهي. |
| خافِضَةٌ رافِعَةٌ (آيت : 3) |
|
(اها ڪِن کي) هيٺ ڪرڻ واري (۽ ڪِن کي) مٿي ڪرڻ واري هوندي. |
| إِذا رُجَّتِ الأَرضُ رَجًّا (آيت : 4) |
|
جنهن وقت زمين ڌٻائي ويندي، |
| وَبُسَّتِ الجِبالُ بَسًّا (آيت : 5) |
|
۽ جبل ذرا ذرا ڪيا ويندا. |
| فَكانَت هَباءً مُنبَثًّا (آيت : 6) |
|
پوءِ (اُهي) سنهين پکڙيل دز جهڙا ٿي پوندا، |
| وَكُنتُم أَزوٰجًا ثَلٰثَةً (آيت : 7) |
|
۽ اوهين ٽي قسم ٿي پوندو. |
| فَأَصحٰبُ المَيمَنَةِ ما أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 8) |
|
پوءِ ساڄي پاسي وارا، ڪهڙا (نه چڱا) آهن ساڄي پاسي وارا، |
| وَأَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ ما أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 9) |
|
۽ کاٻي پاسي وارا،ڪهڙا (نه بڇڙا) آهن کاٻي پاسي وارا |
| وَالسّٰبِقونَ السّٰبِقونَ (آيت : 10) |
|
۽ اڳي وڌي وڃڻ وارا (ته نيٺ) اڳي وڌڻ وارا آهن. |
| أُولٰئِكَ المُقَرَّبونَ (آيت : 11) |
|
اهي ئي ويجها آهن. |
| فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 12) |
|
نعمتن وارن باغن ۾ هوندا. |
| ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
(اهي) پهرين مان وڏي جماعت |
| وَقَليلٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 14) |
|
۽ پوين مان ٿورا هوندا. |
| عَلىٰ سُرُرٍ مَوضونَةٍ (آيت : 15) |
|
(سون سان) واڻيل کٽن تي. |
| مُتَّكِـٔينَ عَلَيها مُتَقٰبِلينَ (آيت : 16) |
|
ٽيڪ لڳائي هڪ ٻئي جي سامهون (ويٺا هوندا). |
| يَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ (آيت : 17) |
|
هميشه (ننڍا) رهڻ وارا ڇوڪرا وٽن، |
| بِأَكوابٍ وَأَباريقَ وَكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 18) |
|
پيالن ۽ ڪوزن ۾ وهندڙ شراب جي پيالن سان پيا ايندا ويندا، |
| لا يُصَدَّعونَ عَنها وَلا يُنزِفونَ (آيت : 19) |
|
جنهن سان نه مٿي ۾ سور پوندن ۽ نه نشو ٿيندن |
| وَفٰكِهَةٍ مِمّا يَتَخَيَّرونَ (آيت : 20) |
|
۽ ميوا جيڪي پسند ڪندا، |
| وَلَحمِ طَيرٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 21) |
|
۽ پکين جو گوشت جيڪو خواهش ڪندا (سو به ڇوڪرا پيا آڻيندا) |
| وَحورٌ عينٌ (آيت : 22) |
|
۽ وڏين ڪارين اکين واريون گوريون زالون، |
| كَأَمثٰلِ اللُّؤلُؤِ المَكنونِ (آيت : 23) |
|
جي (سپن جي اندر) ڍڪيل موتين جي نموني جهڙيون آهن |
| جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
|
(سي انهن لاءِ آهن) هي بدلو انهن ڪمن ڪرڻ جو آهي |
| لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا تَأثيمًا (آيت : 25) |
|
جيڪو پيا ڪن. (اتي نه بڪ ٻڌندا ۽ نه (ڪنهن تي) تهمت لڳائڻ جي ڳالهه |
| إِلّا قيلًا سَلٰمًا سَلٰمًا (آيت : 26) |
|
رڳو سلام سلام چوڻ جي ڳالهه (پيا ٻڌندا) |
| وَأَصحٰبُ اليَمينِ ما أَصحٰبُ اليَمينِ (آيت : 27) |
|
۽ ساڄي پاسي وارا، ڪهڙا (نه چڱا) آهن ساڄي پاسي وارا. |
| فى سِدرٍ مَخضودٍ (آيت : 28) |
|
بنا ڪَنڊن وارين ٻيرين، |
| وَطَلحٍ مَنضودٍ (آيت : 29) |
|
۽ ڦر سان ڀريل ڪيلي جي وڻن، |
| وَظِلٍّ مَمدودٍ (آيت : 30) |
|
۽ ڊگهيءَ ڇانو، |
| وَماءٍ مَسكوبٍ (آيت : 31) |
|
۽ پلٽندڙ پاڻي، |
| وَفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ (آيت : 32) |
|
۽ گهڻن ميون ۾ ، |
| لا مَقطوعَةٍ وَلا مَمنوعَةٍ (آيت : 33) |
|
جي نه کٽندا ۽ نه (انهن کان) روڪيا ويندا، |
| وَفُرُشٍ مَرفوعَةٍ (آيت : 34) |
|
۽ مٿاهن وڇاڻن ۾ هوندا. |
| إِنّا أَنشَأنٰهُنَّ إِنشاءً (آيت : 35) |
|
بيشڪ اسان (سندن) انهن (زالن) کي هڪ نموني تي بنايو آهي، |
| فَجَعَلنٰهُنَّ أَبكارًا (آيت : 36) |
|
جو انهن کي اسان ڪنواريون، |
| عُرُبًا أَترابًا (آيت : 37) |
|
مردن کي پياريون هڪ جيڏيون ڪيو آهي. |
| لِأَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 38) |
|
ساڄي پاسي وارن لاءِ |
| ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 39) |
|
(اهي) پهرين مان وڏي جماعت آهن، |
| وَثُلَّةٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 40) |
|
۽ پوين مان به وڏي جماعت آهن. |
| وَأَصحٰبُ الشِّمالِ ما أَصحٰبُ الشِّمالِ (آيت : 41) |
|
۽ کاٻي پاسي وارا، ڪهڙا (نه بڇڙا) آهن |
| فى سَمومٍ وَحَميمٍ (آيت : 42) |
|
کاٻي پاسي وارا. (اهي) لک ۽ گرم پاڻي، |
| وَظِلٍّ مِن يَحمومٍ (آيت : 43) |
|
۽ دونهين جي ڇانوَ ۾ هوندا، |
| لا بارِدٍ وَلا كَريمٍ (آيت : 44) |
|
جا نه ٿڌي هوندي ۽ نه چٽي هوندي. |
| إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُترَفينَ (آيت : 45) |
|
بيشڪ اهي هن کان اڳ (دنيا ۾ ) آسودا هئا. |
| وَكانوا يُصِرّونَ عَلَى الحِنثِ العَظيمِ (آيت : 46) |
|
۽ وڏي گناهه (شرڪ) تي هميشه رهندا هئا. |
| وَكانوا يَقولونَ أَئِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 47) |
|
۽ چوندا هئا ته ڇا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون تڏهن اسين اٿاريا وينداسون ڇا؟ |
| أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 48) |
|
۽ اسان جا پهريان پيءُ ڏاڏا به (اٿياريا ويندا) ڇا؟ |
| قُل إِنَّ الأَوَّلينَ وَالءاخِرينَ (آيت : 49) |
|
(اي پيغمبر! کين) چئو ته بيشڪ پهريان ۽ پويان، |
| لَمَجموعونَ إِلىٰ ميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 50) |
|
هڪ مقرر ڏينهن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا. |
| ثُمَّ إِنَّكُم أَيُّهَا الضّالّونَ المُكَذِّبونَ (آيت : 51) |
|
وري اوهين اي گمراهه ڪوڙو ڪندڙو! |
| لَءاكِلونَ مِن شَجَرٍ مِن زَقّومٍ (آيت : 52) |
|
ٿوهر جي وڻ مان ضرور کائيندو، |
| فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 53) |
|
پوءِ ان مان پيٽ ڀريندو، |
| فَشٰرِبونَ عَلَيهِ مِنَ الحَميمِ (آيت : 54) |
|
پوءِ مٿانس گرم پاڻي پيئندو. |
| فَشٰرِبونَ شُربَ الهيمِ (آيت : 55) |
|
پوءِ (اهو به) اڃ جي بيماريءَ ۾ ورتلن اٺن وانگر پيئندو. |
| هٰذا نُزُلُهُم يَومَ الدّينِ (آيت : 56) |
|
اها قيامت جي ڏينهن سندن مهماني آهي. |
| نَحنُ خَلَقنٰكُم فَلَولا تُصَدِّقونَ (آيت : 57) |
|
اسان اوهان کي پيدا ڪيو آهي پوءِ ڇو ويساهه نٿا ڪريو. |
| أَفَرَءَيتُم ما تُمنونَ (آيت : 58) |
|
ڀلا ٻڌايو ته جيڪا اوهين مني ٿا ڪيرايو، |
| ءَأَنتُم تَخلُقونَهُ أَم نَحنُ الخٰلِقونَ (آيت : 59) |
|
ان کي اوهان پيدا ڪيو آهي ڇا؟ |
| نَحنُ قَدَّرنا بَينَكُمُ المَوتَ وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 60) |
|
يا اسين پيدا ڪندڙ آهيون. اسان اوهان ۾ موت مقرر ڪيو آهي ۽ اسين هن ڳالهه کان عاجز نه ٿيا آهيون |
| عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ أَمثٰلَكُم وَنُنشِئَكُم فى ما لا تَعلَمونَ (آيت : 61) |
|
ته اوهان جهڙا (ٻيا اوهان جي) بدلي ۾ آڻيون۽ اوهان کي اهڙي جهان ۾ وڃي ڪڍون جنهن کي اوهين نه ٿا ڄاڻو. |
| وَلَقَد عَلِمتُمُ النَّشأَةَ الأولىٰ فَلَولا تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
|
۽ بيشڪ اوهان پهرين پيدائش کي ڄاتو پوءِ ڇو ڌيان نه ٿا ڪريو. |
| أَفَرَءَيتُم ما تَحرُثونَ (آيت : 63) |
|
ڀلا ٻڌايو ته جيڪي اوهين پوکيو ٿا، |
| ءَأَنتُم تَزرَعونَهُ أَم نَحنُ الزّٰرِعونَ (آيت : 64) |
|
ان کي اوهين اڀاڙيو ٿا ڇا؟ يا اسين اڀاڙيندڙ آهيون؟ |
| لَو نَشاءُ لَجَعَلنٰهُ حُطٰمًا فَظَلتُم تَفَكَّهونَ (آيت : 65) |
|
جيڪڏهن اسين گهرون ته ان کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيون پوءِ اوهين عجب ۾ رهجي وڃو |
| إِنّا لَمُغرَمونَ (آيت : 66) |
|
(۽ چوندو ته) اسان تي چٽي پئجي ويئي آهي، |
| بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 67) |
|
پر (اصلي) اسين بي نصيب آهيون. |
| أَفَرَءَيتُمُ الماءَ الَّذى تَشرَبونَ (آيت : 68) |
|
ڀلا ٻڌايو ته جو پاڻي پيئو ٿا، |
| ءَأَنتُم أَنزَلتُموهُ مِنَ المُزنِ أَم نَحنُ المُنزِلونَ (آيت : 69) |
|
ان کي ڪڪرن مان اوهان لاٿو آهي ڇا؟ يا اسين لاهيندڙ آهيون؟ |
| لَو نَشاءُ جَعَلنٰهُ أُجاجًا فَلَولا تَشكُرونَ (آيت : 70) |
|
جيڪڏهن گهرون ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇو احسان نه ٿا مڃيو؟ |
| أَفَرَءَيتُمُ النّارَ الَّتى تورونَ (آيت : 71) |
|
ڀلا ٻڌايو ته باهه جا اوهين ٻاريو ٿا، |
| ءَأَنتُم أَنشَأتُم شَجَرَتَها أَم نَحنُ المُنشِـٔونَ (آيت : 72) |
|
اوهان ان جي وڻ کي پيدا ڪيو آهي |
| نَحنُ جَعَلنٰها تَذكِرَةً وَمَتٰعًا لِلمُقوينَ (آيت : 73) |
|
يا اسين پيدا ڪرڻ وارا آهيون؟ اسان ان باهه کي (دوزخ جي باهه کي) ياد ڏيارڻ لاءِ جهنگل وارن جي فائدي لاءِ ٺاهيو آهي. |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 74) |
|
پوءِ تون پنهنجي وڏي پاليندڙ جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر! |
| فَلا أُقسِمُ بِمَوٰقِعِ النُّجومِ (آيت : 75) |
|
پوءِ آءُ تارن جي ڪِرڻ جو قسم کڻان ٿو. |
| وَإِنَّهُ لَقَسَمٌ لَو تَعلَمونَ عَظيمٌ (آيت : 76) |
|
۽ بيشڪ اهو وڏو قسم آهي |
| إِنَّهُ لَقُرءانٌ كَريمٌ (آيت : 77) |
|
جيڪڏهن اوهين ڄاڻو. بيشڪ هي (ڪتاب)خوبين وارو قرآن آهي، |
| فى كِتٰبٍ مَكنونٍ (آيت : 78) |
|
حفاظت سان رکيل ڪتاب ۾ (لکيل) آهي. |
| لا يَمَسُّهُ إِلَّا المُطَهَّرونَ (آيت : 79) |
|
ان کي رڳو پاڪ ئي هٿ لائين ٿا. |
| تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
|
جهانن جي پاليندڙ جي طرفان نازل ڪيل آهي. |
| أَفَبِهٰذَا الحَديثِ أَنتُم مُدهِنونَ (آيت : 81) |
|
ڇا پوءِ اوهين هن ڪلام (مان فائدي وٺڻ) ۾ سستي ڪريو ٿا؟ |
| وَتَجعَلونَ رِزقَكُم أَنَّكُم تُكَذِّبونَ (آيت : 82) |
|
۽ (ان مان) پنهنجو هي حصو (حاصل) ڪريو ٿا جو اوهين (ان کي) ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| فَلَولا إِذا بَلَغَتِ الحُلقومَ (آيت : 83) |
|
پوءِ جنهن مهل (ڪنهن جو ساهه) نڙگهٽ کي پهچي، |
| وَأَنتُم حينَئِذٍ تَنظُرونَ (آيت : 84) |
|
۽ اوهين ان وقت پيا ڏسو، |
| وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِنكُم وَلٰكِن لا تُبصِرونَ (آيت : 85) |
|
۽ اسين ان (شخص) کي اوهان کان گهڻو ويجها آهيون پر اوهين نه ٿا ڏسو، |
| فَلَولا إِن كُنتُم غَيرَ مَدينينَ (آيت : 86) |
|
پوءِ جيڪڏهن اوهان کي جزا سزا ملڻ واري نه آهي، تڏهن ڇو ان (جي ساهه) کي نٿا موٽايو |
| تَرجِعونَها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 87) |
|
جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. |
| فَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 88) |
|
پوءِ جيڪڏهن اهو (ميّت الله جي) ويجهن (ٻانهن) مان آهي، |
| فَرَوحٌ وَرَيحانٌ وَجَنَّتُ نَعيمٍ (آيت : 89) |
|
ته (ان لاءِ) راحت ۽ خوشبودار ٻوٽا ۽ نعمت جو باغ آهي. |
| وَأَمّا إِن كانَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 90) |
|
۽ جيڪڏهن ساڄي پاسي وارن مان آهي، |
| فَسَلٰمٌ لَكَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 91) |
|
ته پوءِ توتي سلامتي آهي ساڄي پاسي وارن کان. |
| وَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُكَذِّبينَ الضّالّينَ (آيت : 92) |
|
۽ جيڪڏهن ڪوڙي ڪندڙ گمراهن مان آهي |
| فَنُزُلٌ مِن حَميمٍ (آيت : 93) |
|
ته (ان لاءِ) گرم پاڻي جي مهماني آهي |
| وَتَصلِيَةُ جَحيمٍ (آيت : 94) |
|
۽ (ان کي) باهه ۾ داخل ڪرڻو آهي. |
| إِنَّ هٰذا لَهُوَ حَقُّ اليَقينِ (آيت : 95) |
|
بيشڪ هي (خبر) پوري يقيني آهي. |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 96) |
|
پوءِ (اي پيغمبر !) تون پنهنجي وڏي پاليندڙ جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر! |