| إِذا وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 1) |
|
جڏهن واقع ٿيڻ واري (قيامت) واقع ٿي پوندي. |
| لَيسَ لِوَقعَتِها كاذِبَةٌ (آيت : 2) |
|
ته ان جي واقع ٿي پوڻ کي ڪو ڪوڙو چوڻ وارو نه هوندو. |
| خافِضَةٌ رافِعَةٌ (آيت : 3) |
|
اها (ڪنهن کي) هيٺ ڪرڻ واري، (ته ڪنهن کي) مٿي ڪرڻ واري هوندي. |
| إِذا رُجَّتِ الأَرضُ رَجًّا (آيت : 4) |
|
جڏهن زمين لرزائي ويندي سخت لرزڻ. |
| وَبُسَّتِ الجِبالُ بَسًّا (آيت : 5) |
|
۽ جبل ذرا ذرا ڪيا ويندا. |
| فَكانَت هَباءً مُنبَثًّا (آيت : 6) |
|
پوءِ اهي پوءِ سنهي پکڙيل ڌوڙ وانگر ٿي پوندا. |
| وَكُنتُم أَزوٰجًا ثَلٰثَةً (آيت : 7) |
|
۽ توهان (ان وقت) ٽي گروهه ٿي پوندؤ. |
| فَأَصحٰبُ المَيمَنَةِ ما أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 8) |
|
پوءِ (پهريان) ساڄي پاسي وارا ڇا ته ساڄي پاسي وارا هوندا. |
| وَأَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ ما أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 9) |
|
۽ (ٻيا) کاٻي پاسي وارا ڪهڙا نه (بڇڙا هوندا) کاٻي پاسي وارا. |
| وَالسّٰبِقونَ السّٰبِقونَ (آيت : 10) |
|
۽ (ٽيان) اڳتي وڌي وڃڻ وارا (اُهي ته) اڳتي وڌي وڃڻ وارا آهن. |
| أُولٰئِكَ المُقَرَّبونَ (آيت : 11) |
|
اُهي ماڻهو (الله جا) مقرب هوندا. |
| فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 12) |
|
نعمتن وارن باغن ۾ هوندا. |
| ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
(انهن مقربن ۾) وڏي جماعت اڳين ماڻهن مان هوندي. |
| وَقَليلٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 14) |
|
۽ پوين مان (انهن ۾) ٿورا هوندا. |
| عَلىٰ سُرُرٍ مَوضونَةٍ (آيت : 15) |
|
سون سان جَڙيل تختن تي هوندا. |
| مُتَّكِـٔينَ عَلَيها مُتَقٰبِلينَ (آيت : 16) |
|
انهن (تختن تي) ٽيڪ لڳائي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ويٺل هوندا. |
| يَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ (آيت : 17) |
|
انهن جي چؤ طرف ڳڀرُو ڇوڪرا ڦرندڙ هوندا جي هميشه (هڪ حال ۾) رهڻ وارا هوندا. |
| بِأَكوابٍ وَأَباريقَ وَكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 18) |
|
پيالن ۽ جڳن سان ۽ وهندڙ چشمي مان شراب جا ڀريل جام کڻي (بيٺل هوندا) |
| لا يُصَدَّعونَ عَنها وَلا يُنزِفونَ (آيت : 19) |
|
ان سان نه انهن جو مٿو چڪرائيندو ۽ نه ئي انهن جي عقل ۾ فتور ايندو. |
| وَفٰكِهَةٍ مِمّا يَتَخَيَّرونَ (آيت : 20) |
|
۽ ميوات (پيش ڪندا) جيڪي چاهن پسند ڪن. |
| وَلَحمِ طَيرٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 21) |
|
۽ پکين جو گوشت جنهن جي خواهش ڪندا. |
| وَحورٌ عينٌ (آيت : 22) |
|
۽ خوبصورت ڪشادين اکين واريون حورون. |
| كَأَمثٰلِ اللُّؤلُؤِ المَكنونِ (آيت : 23) |
|
جيئن لڪائي رکيل موتي هجن. |
| جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
|
(اهو) بدلو هوندو انهن (صالح) عملن جو جيڪي ڪندا هئا. |
| لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا تَأثيمًا (آيت : 25) |
|
اُهي ان ۾ نه بيهودي ڳالهه ٻڌندا نه ڪا گناهه جي ڳالهه. |
| إِلّا قيلًا سَلٰمًا سَلٰمًا (آيت : 26) |
|
سواءِ هڪ ڳالهه جي سلام ئي سلام ٻڌندا. |
| وَأَصحٰبُ اليَمينِ ما أَصحٰبُ اليَمينِ (آيت : 27) |
|
۽ ساڄي پاسي وارا ڇا ته (شان وارا) هوندا ساڄي پاسي وارا. |
| فى سِدرٍ مَخضودٍ (آيت : 28) |
|
بنا ڪنڊن وارين ٻيرين ۾. |
| وَطَلحٍ مَنضودٍ (آيت : 29) |
|
۽ تَهه به تَهه ڪيلن ۾. |
| وَظِلٍّ مَمدودٍ (آيت : 30) |
|
۽ ڊگهن ڊگهن پاڇولن ۾. |
| وَماءٍ مَسكوبٍ (آيت : 31) |
|
۽ پلٽندڙ پاڻي. |
| وَفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ (آيت : 32) |
|
۽ گهڻن ميون ۾. |
| لا مَقطوعَةٍ وَلا مَمنوعَةٍ (آيت : 33) |
|
جي نه ختم ٿيندا ۽ نه روڪيا ويندا. |
| وَفُرُشٍ مَرفوعَةٍ (آيت : 34) |
|
۽ وِڇايل بستر هوندا اوچن پلنگن تي. |
| إِنّا أَنشَأنٰهُنَّ إِنشاءً (آيت : 35) |
|
بيشڪ اسان انهن (جي گھر واريُن حورن) کي خاص طرح سان بنايو آهي. |
| فَجَعَلنٰهُنَّ أَبكارًا (آيت : 36) |
|
جو اسان انهن کي ڪنواريون بنايو آهي. |
| عُرُبًا أَترابًا (آيت : 37) |
|
محبت ڪرڻ واريون هم عمر آهن. |
| لِأَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 38) |
|
اهي (نعمتون) ساڄي پاسي وارن لاءِ آهن. |
| ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 39) |
|
(انهن ۾) وڏي جماعت اڳين ماڻهن مان هوندي. |
| وَثُلَّةٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 40) |
|
۽ (انهن ۾) پوين ماڻهن مان به وڏي جماعت هوندي. |
| وَأَصحٰبُ الشِّمالِ ما أَصحٰبُ الشِّمالِ (آيت : 41) |
|
۽ کاٻي پاسي وارا ڪيڏا نه (بڇڙا) آهن کاٻي پاسي وارا. |
| فى سَمومٍ وَحَميمٍ (آيت : 42) |
|
جيڪي ساڙيندڙ جهولي ۽ ٽهڪندڙ پاڻي ۾. |
| وَظِلٍّ مِن يَحمومٍ (آيت : 43) |
|
۽ ساڙيندڙ دونهين جي ڇانؤ ۾ هوندا. |
| لا بارِدٍ وَلا كَريمٍ (آيت : 44) |
|
جو نه ٿڌو هوندو نه فرحت بخش. |
| إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُترَفينَ (آيت : 45) |
|
بيشڪ اُهي هن کان اڳ (دنيا ۾) خوشحال هئا. |
| وَكانوا يُصِرّونَ عَلَى الحِنثِ العَظيمِ (آيت : 46) |
|
۽ اهي زور وڏي گناهه (شرڪ) تي هميشگي ڪندڙ هئا. |
| وَكانوا يَقولونَ أَئِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 47) |
|
۽ چوندا هئا ته: ”ڇا جڏهن اسان مري وينداسين، ۽ اسان مٽي ۽ (ڳريل) هڏا ٿي وينداسين ته ڇا اسان وري (زنده ڪري) اٿاريا وينداسين؟ |
| أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 48) |
|
۽ ڇا اسان جا اڳيان ابا ڏاڏا به (اٿاريا ويندا؟) |
| قُل إِنَّ الأَوَّلينَ وَالءاخِرينَ (آيت : 49) |
|
چؤ بيشڪ اڳيان ۽ پويان. |
| لَمَجموعونَ إِلىٰ ميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 50) |
|
هڪ مقرر ڏينهن جي مقرر وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا. |
| ثُمَّ إِنَّكُم أَيُّهَا الضّالّونَ المُكَذِّبونَ (آيت : 51) |
|
پوءِ بيشڪ توهان اي گمراهو! ڪوڙو چوڻ وارؤ! |
| لَءاكِلونَ مِن شَجَرٍ مِن زَقّومٍ (آيت : 52) |
|
توهان ضرور ڪنڊن واري ٿوهر جي وڻ مان کائيندؤ. |
| فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 53) |
|
پوءِ ان مان پيٽ ڀرڻ وارا آهيو. |
| فَشٰرِبونَ عَلَيهِ مِنَ الحَميمِ (آيت : 54) |
|
پوءِ ان تي ٽهڪندڙ پاڻي پيئڻ وارا آهيو. |
| فَشٰرِبونَ شُربَ الهيمِ (آيت : 55) |
|
پوءِ توهان سخت اڃاري اٺ جي پيئڻ وانگر پيئڻ وارا آهيو. |
| هٰذا نُزُلُهُم يَومَ الدّينِ (آيت : 56) |
|
اها انهن جي مهماني هوندي بدلي واري ڏينهن. |
| نَحنُ خَلَقنٰكُم فَلَولا تُصَدِّقونَ (آيت : 57) |
|
اسان توهان کي پيدا ڪيو آهي پوءِ ڇو نه ٿا يقين ڪيو؟ |
| أَفَرَءَيتُم ما تُمنونَ (آيت : 58) |
|
ڇا اوهان غور ڪيو آهي ته جيڪا مني اوهان (رحم ۾) ڪيرايو ٿا. |
| ءَأَنتُم تَخلُقونَهُ أَم نَحنُ الخٰلِقونَ (آيت : 59) |
|
ته ڇا ان (مان ماڻهو) کي توهان ٿا پيدا ڪيو يا اسان پيدا ڪرڻ وارا آهيون. |
| نَحنُ قَدَّرنا بَينَكُمُ المَوتَ وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 60) |
|
اسان ئي توهان جي وچ ۾ موت کي مقرر ڪيو آهي ۽ اسان ان کان عاجز نه ٿيا آهيون. |
| عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ أَمثٰلَكُم وَنُنشِئَكُم فى ما لا تَعلَمونَ (آيت : 61) |
|
جو توهان جي بدلي توهان جهڙا ٻيا پيدا ڪيون ۽ توهان کي نئين سِر اهڙي صورت ۾ پيدا ڪيون جنهن کي توهان ڄاڻو به نه ٿا. |
| وَلَقَد عَلِمتُمُ النَّشأَةَ الأولىٰ فَلَولا تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
|
توهان کي يقيني طرح پهرئين ڀيري جي پيدائش معلوم آهي پوءِ ڇو نه ٿا نصيحت پِرايو؟ |
| أَفَرَءَيتُم ما تَحرُثونَ (آيت : 63) |
|
ڀلا هي ته ٻڌايو جيڪي اوهين پوکيو ٿا. |
| ءَأَنتُم تَزرَعونَهُ أَم نَحنُ الزّٰرِعونَ (آيت : 64) |
|
ڇا ان کي اوهان ٿا ڄمايو يا اسان ڄمائڻ وارا آهيون. |
| لَو نَشاءُ لَجَعَلنٰهُ حُطٰمًا فَظَلتُم تَفَكَّهونَ (آيت : 65) |
|
جيڪڏهن اسان چاهيون ته ان کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيون پوءِ توهان ڳالهيون ڪندا رهجي وڃو. |
| إِنّا لَمُغرَمونَ (آيت : 66) |
|
(۽ چوڻ لڳو ته) اسان تي چَٽي پئجي وئي. |
| بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 67) |
|
بلڪه اسان بي نصيب ٿي وياسين. |
| أَفَرَءَيتُمُ الماءَ الَّذى تَشرَبونَ (آيت : 68) |
|
ڀلا هي ته ٻڌايو جيڪو پاڻي توهان پيئو ٿا. |
| ءَأَنتُم أَنزَلتُموهُ مِنَ المُزنِ أَم نَحنُ المُنزِلونَ (آيت : 69) |
|
ڇا ان کي ڪڪرن مان توهان لاٿو آهي يا اسان لاهڻ وارا آهيون. |
| لَو نَشاءُ جَعَلنٰهُ أُجاجًا فَلَولا تَشكُرونَ (آيت : 70) |
|
جيڪڏهن اسين چاهيون ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ توهان ڇونه ٿا شڪر ادا ڪيو. |
| أَفَرَءَيتُمُ النّارَ الَّتى تورونَ (آيت : 71) |
|
ڀلا هي ته ٻڌايو جيڪا باهه توهان ٻاريو ٿا. |
| ءَأَنتُم أَنشَأتُم شَجَرَتَها أَم نَحنُ المُنشِـٔونَ (آيت : 72) |
|
ڇا ان جي وڻ کي توهان پيدا ڪيو آهي يا اسان پيدا ڪرڻ وارا آهيون. |
| نَحنُ جَعَلنٰها تَذكِرَةً وَمَتٰعًا لِلمُقوينَ (آيت : 73) |
|
اسان ان باهه کي (جهنم جي باهه جي) ياد ڏيارڻ واري ۽ جهنگل جي مسافرن لاءِ فائدي جي شيءِ بنايو آهي. |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 74) |
|
پوءِ تون پاڪائي بيان ڪر پنهنجي وڏي پالڻهار جي نالي جي. |
| فَلا أُقسِمُ بِمَوٰقِعِ النُّجومِ (آيت : 75) |
|
مون کي قسم آهي تارن جي لهڻ جي جاين جو. |
| وَإِنَّهُ لَقَسَمٌ لَو تَعلَمونَ عَظيمٌ (آيت : 76) |
|
۽ بيشڪ اهو وڏو زبردست قسم آهي اگر توهان ڄاڻو ته. |
| إِنَّهُ لَقُرءانٌ كَريمٌ (آيت : 77) |
|
جو بيشڪ هي قرآن وڏي عزت وارو آهي. |
| فى كِتٰبٍ مَكنونٍ (آيت : 78) |
|
جو هڪ محفوظ ڪتاب ۾ (لکيل) آهي. |
| لا يَمَسُّهُ إِلَّا المُطَهَّرونَ (آيت : 79) |
|
ان کي هٿ نه لائن سواءِ پاڪ ماڻهن جي. |
| تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
|
جهانن جي پالڻهار پاران نازل ڪيل آهي. |
| أَفَبِهٰذَا الحَديثِ أَنتُم مُدهِنونَ (آيت : 81) |
|
ڇا پوءِ توهان هن ڪلام ۾ سستي ڪندڙ آهيو؟ |
| وَتَجعَلونَ رِزقَكُم أَنَّكُم تُكَذِّبونَ (آيت : 82) |
|
۽ توهان پنهنجو حصو اهو ڪيو ٿا جو توهان ان کي ڪوڙو چوندا رهو. |
| فَلَولا إِذا بَلَغَتِ الحُلقومَ (آيت : 83) |
|
پوءِ ڇو نه (ٿا موٽايو روح کي) جنهن وقت نرگهٽ تائين پهچي ٿو. |
| وَأَنتُم حينَئِذٍ تَنظُرونَ (آيت : 84) |
|
۽توهان ان وقت ڏسندا رهو ٿا. |
| وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِنكُم وَلٰكِن لا تُبصِرونَ (آيت : 85) |
|
۽ اسان ان (مرڻ واري کي) توهان کان گهڻو ويجها آهيون پر توهان نه ٿا ڏسو. |
| فَلَولا إِن كُنتُم غَيرَ مَدينينَ (آيت : 86) |
|
پوءِ ڇونه (ٿا ائين ڪري سگهو) جيڪڏهن توهان ڪنهن جي زير فرمان نه آهيو. |
| تَرجِعونَها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 87) |
|
جو ان (جي ساهه) کي واپس موٽايو جي توهان سچا آهيو. |
| فَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 88) |
|
پوءِ جيڪڏهن اهو (مرڻ وارو) مقربن مان آهي. |
| فَرَوحٌ وَرَيحانٌ وَجَنَّتُ نَعيمٍ (آيت : 89) |
|
پوءِ (ان لاءِ) راحت ۽ خوشبودار ٻوٽا نعمتن واري جنت آهي. |
| وَأَمّا إِن كانَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 90) |
|
۽ جيڪڏهن اهو ساڄي پاسي وارن مان آهي. |
| فَسَلٰمٌ لَكَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 91) |
|
پوءِ (چيو ويندو) تو لاءِ سلام آهي اي ساڄي پاسي وارن مان هجڻ وارا! |
| وَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُكَذِّبينَ الضّالّينَ (آيت : 92) |
|
۽ جيڪڏهن اهو (مرڻ وارو) ڪوڙو چوڻ وارن گمراهن مان آهي. |
| فَنُزُلٌ مِن حَميمٍ (آيت : 93) |
|
ته (ان لاءِ) ٽهڪندڙ پاڻي جي مهماني آهي. |
| وَتَصلِيَةُ جَحيمٍ (آيت : 94) |
|
۽ (ان کي) جهنم ۾ داخل ڪرڻو آهي. |
| إِنَّ هٰذا لَهُوَ حَقُّ اليَقينِ (آيت : 95) |
|
بيشڪ هي خبر سراسر حق ۽ پوري يقيني آهي. |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 96) |
|
پوءِ تون پاڪائي بيان ڪر پنهنجي وڏي پالڻهار جي نالي جي. |