| إِذا وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 1) |
|
جڏهن قيامت ايندي |
| لَيسَ لِوَقعَتِها كاذِبَةٌ (آيت : 2) |
|
جو ان جي اچڻ ۾ (ڪوبه) ڪوڙ ناهي |
| خافِضَةٌ رافِعَةٌ (آيت : 3) |
|
(اها خدا جي دشمنن کي) ذليل ڪندڙ (۽ الله جي پيارن کي) بلند ڪندڙ آهي |
| إِذا رُجَّتِ الأَرضُ رَجًّا (آيت : 4) |
|
جنهن وقت زمين ۾ سخت زلزلو ايندو |
| وَبُسَّتِ الجِبالُ بَسًّا (آيت : 5) |
|
۽ جبل ذرا ذرا ٿي ويندا |
| فَكانَت هَباءً مُنبَثًّا (آيت : 6) |
|
پوءِ اهي پکڙيل ڪِرڻا ٿي پوندا |
| وَكُنتُم أَزوٰجًا ثَلٰثَةً (آيت : 7) |
|
۽ (ان وقت) توهان (انسان) ٽي قِسم هوندا |
| فَأَصحٰبُ المَيمَنَةِ ما أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 8) |
|
پوءِ ساڄي پاسي وارا، اهي ساڄي پاسي وارا ڪهڙا هوندا؟ |
| وَأَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ ما أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 9) |
|
۽ کاٻي پاسي وارا، اهي کاٻي پاسي وارا ڪهڙا هوندا؟ |
| وَالسّٰبِقونَ السّٰبِقونَ (آيت : 10) |
|
۽ اڳرائي ڪندڙ (نيڪيءَ جي ڪمن ۾) ته اڳرائي ڪندڙ آهن |
| أُولٰئِكَ المُقَرَّبونَ (آيت : 11) |
|
اهي ئي مقرب بندا آهن |
| فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 12) |
|
(جيڪي) جنت النعيم ۾ آهن |
| ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
اهڙا (نيڪوڪار) پَهِرِيَنِ مان گھڻا آهن |
| وَقَليلٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 14) |
|
۽ پوين مان ٿورڙا آهن |
| عَلىٰ سُرُرٍ مَوضونَةٍ (آيت : 15) |
|
(سون سان) واڻيل پلنگن تي |
| مُتَّكِـٔينَ عَلَيها مُتَقٰبِلينَ (آيت : 16) |
|
ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا |
| يَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ (آيت : 17) |
|
انهن جي چوڌاري هميشه جوان رهندڙ ڇوڪرا (خدمتگار) هوندا |
| بِأَكوابٍ وَأَباريقَ وَكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 18) |
|
جيڪي انهن کي پيالا ۽ مگا، ۽ هيشهه وهندڙ شراب جا جام پيش ڪندا |
| لا يُصَدَّعونَ عَنها وَلا يُنزِفونَ (آيت : 19) |
|
(ان جي پيئڻ سان) نه کين مٿي ۾ سور پوندو ۽ نه سندن عقل گھٽ ٿيندو |
| وَفٰكِهَةٍ مِمّا يَتَخَيَّرونَ (آيت : 20) |
|
۽ (انهن کي اهي) ميوا ملندا جيڪي پاڻ پسند ڪندا |
| وَلَحمِ طَيرٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 21) |
|
۽ پکين جو گوشت ملندو جيڪو کين وڻندو |
| وَحورٌ عينٌ (آيت : 22) |
|
۽ وڏين اکين واريون حورون هونديون |
| كَأَمثٰلِ اللُّؤلُؤِ المَكنونِ (آيت : 23) |
|
جيڪي (حفاظت ۾ رکيل) موتين جهڙيون هونديون |
| جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
|
اها سندن نيڪ عملن جي جزا هوندي |
| لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا تَأثيمًا (آيت : 25) |
|
(اِهي) بهشت ۾ اجايون ڳالهيون ۽ ڪوڙ نه ٻڌندا |
| إِلّا قيلًا سَلٰمًا سَلٰمًا (آيت : 26) |
|
فقط (اُتي) سلام (۽) سلام چوندا |
| وَأَصحٰبُ اليَمينِ ما أَصحٰبُ اليَمينِ (آيت : 27) |
|
۽ ساڄي طرف وارا (انسان) اُهي ساڄي طرف وارا ڪهڙا هوندا؟ |
| فى سِدرٍ مَخضودٍ (آيت : 28) |
|
(اُهي بهشت جي) بنا ڪَنڊن وارن ٻيرن ۾ |
| وَطَلحٍ مَنضودٍ (آيت : 29) |
|
۽ ڪيلن جي ڇُڳن ۾ (هوندا) |
| وَظِلٍّ مَمدودٍ (آيت : 30) |
|
۽ هميشه وارن ساين ۾ |
| وَماءٍ مَسكوبٍ (آيت : 31) |
|
۽ هميشه وهندڙ پاڻي ۾ |
| وَفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ (آيت : 32) |
|
۽ گھڻن ميون ۾ (هوندا) |
| لا مَقطوعَةٍ وَلا مَمنوعَةٍ (آيت : 33) |
|
جيڪي ختم نه ٿيندا ۽ نه ممنوع هوندا |
| وَفُرُشٍ مَرفوعَةٍ (آيت : 34) |
|
۽ اعليٰ قسم جي وڇاڻن ۾ |
| إِنّا أَنشَأنٰهُنَّ إِنشاءً (آيت : 35) |
|
بيشڪ اسان انهن عورتن کي نئين سر پيدا ڪيو |
| فَجَعَلنٰهُنَّ أَبكارًا (آيت : 36) |
|
پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون |
| عُرُبًا أَترابًا (آيت : 37) |
|
مڙسن کي وڻندڙيون ھڪ جيڏيون |
| لِأَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 38) |
|
ساڄي پاسي وارن لاءِ هونديون |
| ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 39) |
|
پَهِرِيَنِ مان هڪ جماعت |
| وَثُلَّةٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 40) |
|
۽ پوين مان هڪ جماعت (هوندي) |
| وَأَصحٰبُ الشِّمالِ ما أَصحٰبُ الشِّمالِ (آيت : 41) |
|
۽ کاٻي طرف وارا، کاٻي طرف وارا ڪهڙا هوندا؟ |
| فى سَمومٍ وَحَميمٍ (آيت : 42) |
|
(اهي دوزخ جي) گرم هوا ۽ ٽهڪيل پاڻيءَ ۾ |
| وَظِلٍّ مِن يَحمومٍ (آيت : 43) |
|
۽ ٻرندڙ دُونهن جي پاڇن ۾ هوندا |
| لا بارِدٍ وَلا كَريمٍ (آيت : 44) |
|
جيڪي نه ٿڌا هوندا ۽ نه فرحت بخشيندڙ |
| إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُترَفينَ (آيت : 45) |
|
بيشڪ اهي ان کان اڳ (دنيا ۾) فرحتن ۾ هئا |
| وَكانوا يُصِرّونَ عَلَى الحِنثِ العَظيمِ (آيت : 46) |
|
۽ اهي هميشه (دنيا ۾) ڪوڙا قسم کڻندا هئا (ته مُئل ماڻهو زندهه نه ٿيندا) |
| وَكانوا يَقولونَ أَئِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 47) |
|
۽ اهي چوندا هئا ڇا ! اسين مرنداسين ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسين، ڇا اسين يقيناً ٻِئي دفعي اُٿاريا وينداسين |
| أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 48) |
|
يا اسان جا پهريان اَبا ڏاڏا به (اٿاريا ويندا) |
| قُل إِنَّ الأَوَّلينَ وَالءاخِرينَ (آيت : 49) |
|
رسولِ عربي توهان (مڪه وارن کي) چئو بيشڪ پهريان ۽ پويان |
| لَمَجموعونَ إِلىٰ ميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 50) |
|
يقيناً قيامت جي وقت جمع ٿيندڙ آهن |
| ثُمَّ إِنَّكُم أَيُّهَا الضّالّونَ المُكَذِّبونَ (آيت : 51) |
|
ان کان پوءِ بيشڪ توهان اي گمراه (۽) ڪوڙا |
| لَءاكِلونَ مِن شَجَرٍ مِن زَقّومٍ (آيت : 52) |
|
يقيناً ٿوهر جا وڻ کائيندا |
| فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 53) |
|
پوءِ ان سان (پنهنجا) پيٽ ڀريندا |
| فَشٰرِبونَ عَلَيهِ مِنَ الحَميمِ (آيت : 54) |
|
پوءِ ان جي مٿان ٽهڪيل پاڻي پيئندا |
| فَشٰرِبونَ شُربَ الهيمِ (آيت : 55) |
|
پوءِ (ٽهڪيل پاڻي) ايئن پيئندا جيئنڪِ اڃايل اُٺ (پاڻي پيئندو آهي) |
| هٰذا نُزُلُهُم يَومَ الدّينِ (آيت : 56) |
|
هي قيامت جي ڏينهن سندن مهماني آهي |
| نَحنُ خَلَقنٰكُم فَلَولا تُصَدِّقونَ (آيت : 57) |
|
اسان توهان کي تخليق ڪيو، پوءِ توهان سچ ڇو نٿا مڃو؟ |
| أَفَرَءَيتُم ما تُمنونَ (آيت : 58) |
|
ڇا پوءِ توهان ٻڌايو ٿا ته توهان سرمائيه حيات کي اڇلايو ٿا |
| ءَأَنتُم تَخلُقونَهُ أَم نَحنُ الخٰلِقونَ (آيت : 59) |
|
ڇا توهان ان مان انسان خلقيو ٿا يا اسين خالق آهيون |
| نَحنُ قَدَّرنا بَينَكُمُ المَوتَ وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 60) |
|
اسان توهان جي وچ ۾ موت جو وقت مقرر ڪيو ۽ اسان کي ڪو عاجز ڪندڙ ناهي |
| عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ أَمثٰلَكُم وَنُنشِئَكُم فى ما لا تَعلَمونَ (آيت : 61) |
|
انهيءَ تي ته توهان جهڙا ٻيا (انسان) تبديل ڪريون ۽ توهان کي اهڙين صورتن ۾ تبديل ڪريون جو توهان پاڻ به نه ڄاڻو |
| وَلَقَد عَلِمتُمُ النَّشأَةَ الأولىٰ فَلَولا تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
|
۽ بيشڪ تحقيق توهان کي پهريون دفعو زنده ٿيڻ معلوم آهي، پوءِ ڇو نٿا نصيحت حاصل ڪريو |
| أَفَرَءَيتُم ما تَحرُثونَ (آيت : 63) |
|
ڇا پوءِ توهان ٻڌايو ٿا ته توهان جيڪي ٻج پوکيو ٿا |
| ءَأَنتُم تَزرَعونَهُ أَم نَحنُ الزّٰرِعونَ (آيت : 64) |
|
ڇا توهان ان کي ڦُٽايو ٿا يا اسين ڦُٽائيندڙ آهيون |
| لَو نَشاءُ لَجَعَلنٰهُ حُطٰمًا فَظَلتُم تَفَكَّهونَ (آيت : 65) |
|
جيڪڏهن اسين گھرون ته ته ان کي سُڪائي چورو چورو ڪريون پوءِ توهان تعجب ۾ پوندا |
| إِنّا لَمُغرَمونَ (آيت : 66) |
|
(ته) بيشڪ اسان تي چٽي پئجي وئي |
| بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 67) |
|
بلڪِ اسين محروم رهياسين |
| أَفَرَءَيتُمُ الماءَ الَّذى تَشرَبونَ (آيت : 68) |
|
ڇا پوءِ توهان ٻڌائيندا ته جيڪو پاڻي توهان پيئو ٿا |
| ءَأَنتُم أَنزَلتُموهُ مِنَ المُزنِ أَم نَحنُ المُنزِلونَ (آيت : 69) |
|
ڇا توهان ان کي ڪڪر مان نازل ڪريو ٿا؟ يا اسين نازل ڪندڙ آهيون ! |
| لَو نَشاءُ جَعَلنٰهُ أُجاجًا فَلَولا تَشكُرونَ (آيت : 70) |
|
جيڪڏهن اسين گھُرون ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون، پوءِ توهان ڇو نٿا شڪر ڪريو |
| أَفَرَءَيتُمُ النّارَ الَّتى تورونَ (آيت : 71) |
|
ڇا پوءِ توهان ٻڌائيندا ته جيڪا باه توهان روشن ڪريو ٿا؟ |
| ءَأَنتُم أَنشَأتُم شَجَرَتَها أَم نَحنُ المُنشِـٔونَ (آيت : 72) |
|
ڇا توهان ان جو وڻ پيدا ڪريو ٿا يا اسين پيدا ڪندڙ آهيون |
| نَحنُ جَعَلنٰها تَذكِرَةً وَمَتٰعًا لِلمُقوينَ (آيت : 73) |
|
اسان ان کي (جهنم جي باه جي) يادگيري بنايو ۽ مسافرن لاءِ فائديمند بنايو |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 74) |
|
پوءِ رسولِ عربي توهان پنهنجي عظيم رب جي نالي سان تسبيح پڙهو |
| فَلا أُقسِمُ بِمَوٰقِعِ النُّجومِ (آيت : 75) |
|
پوءِ مون کي قسم آهي انهن جاين جو جتي تارا غروب ٿين ٿا |
| وَإِنَّهُ لَقَسَمٌ لَو تَعلَمونَ عَظيمٌ (آيت : 76) |
|
۽ بيشڪ اهو يقيناً عظيم قَسَمُ آهي، جيڪڏهن توهان سمجھو ٿا |
| إِنَّهُ لَقُرءانٌ كَريمٌ (آيت : 77) |
|
بيشڪ اهو قرآن ڪريم آهي |
| فى كِتٰبٍ مَكنونٍ (آيت : 78) |
|
جيڪو لوحِ محفوظ ۾ آهي |
| لا يَمَسُّهُ إِلَّا المُطَهَّرونَ (آيت : 79) |
|
نٿا هٿ لائن ان کي مگر پاڪائي ڪندڙ |
| تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
|
نازل ڪيل آهي رب العالمين جي طرفان |
| أَفَبِهٰذَا الحَديثِ أَنتُم مُدهِنونَ (آيت : 81) |
|
ڇا پوءِ توهان قرآن ڪريم کي ڪوڙو ڪندڙ آهيو |
| وَتَجعَلونَ رِزقَكُم أَنَّكُم تُكَذِّبونَ (آيت : 82) |
|
۽ توهان پنهنجي لاءِ (قرآن ڪريم مان) اهو حصو رکو ٿا ته بيشڪ توهان ئي (ان کي) ڪوڙو سمجھو ٿا |
| فَلَولا إِذا بَلَغَتِ الحُلقومَ (آيت : 83) |
|
پوءِ اهو ڪيئن ٿيندو جنهن وقت (ساهه) نڙي تائين پهتل هوندو |
| وَأَنتُم حينَئِذٍ تَنظُرونَ (آيت : 84) |
|
۽ توهان ان وقت (ان قريب الموت کي) ڏسي رهيا هوندا |
| وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِنكُم وَلٰكِن لا تُبصِرونَ (آيت : 85) |
|
۽ اسين ان کي توهان کان وڌيڪ ويجھا آهيون پر توهان نٿا ڏسي سگھو |
| فَلَولا إِن كُنتُم غَيرَ مَدينينَ (آيت : 86) |
|
پوءِ اهو ڪيئن ٿيندو جيڪڏهن توهان کان حساب ڪتاب ٿيندڙ نه هجي ها |
| تَرجِعونَها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 87) |
|
(ته پوءِ ڇو) ان روح کي بدن ۾ موٽايو ويو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
| فَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 88) |
|
پر پوءِ جيڪڏهن اهو (فوت ٿيل ماڻهو) مُقرب بندن مان آهي |
| فَرَوحٌ وَرَيحانٌ وَجَنَّتُ نَعيمٍ (آيت : 89) |
|
پوءِ (ان لاءِ) راحت ۽ گل آهن ۽ جنت نعيم آهي |
| وَأَمّا إِن كانَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 90) |
|
۽ پر جيڪڏهن اهو ساڄي طرف وارن مان آهي |
| فَسَلٰمٌ لَكَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 91) |
|
پوءِ رسولِ عربي توهان تي ساڄي طرف وارن جي طرفان سلام آهي |
| وَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُكَذِّبينَ الضّالّينَ (آيت : 92) |
|
۽ پر جيڪڏهن اهو ڪوڙن گمراهن مان آهي |
| فَنُزُلٌ مِن حَميمٍ (آيت : 93) |
|
پوءِ (سندس) مهماني گرم پاڻي سان آهي |
| وَتَصلِيَةُ جَحيمٍ (آيت : 94) |
|
۽ دوزخ ۾ داخل ٿيڻ آهي |
| إِنَّ هٰذا لَهُوَ حَقُّ اليَقينِ (آيت : 95) |
|
بيشڪ هيءُ ئي حق (۽) يقيني ڳالهه آهي |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 96) |
|
پوءِ توهان اي رسولِ عربي پنهنجي عظيم رب جي پاڪ نالي سان ان جي تسبيح پڙهو |