| إِذا وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 1) |
|
جڏهن قيامت ايندي. |
| لَيسَ لِوَقعَتِها كاذِبَةٌ (آيت : 2) |
|
جنهن جي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آهي. |
| خافِضَةٌ رافِعَةٌ (آيت : 3) |
|
جا ڪن کي هيٺ ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿانهين ڪرڻ واري آهي. |
| إِذا رُجَّتِ الأَرضُ رَجًّا (آيت : 4) |
|
جڏهن زمين سخت ڌوڏبي. |
| وَبُسَّتِ الجِبالُ بَسًّا (آيت : 5) |
|
۽ جبل پوريءَ طرح پڻي ڪبا. |
| فَكانَت هَباءً مُنبَثًّا (آيت : 6) |
|
پوءِ اُڏامندڙ دز وانگر ٿيندا. |
| وَكُنتُم أَزوٰجًا ثَلٰثَةً (آيت : 7) |
|
۽ اوهين تڏهن ٽي ٽوليون ٿيندؤ- |
| فَأَصحٰبُ المَيمَنَةِ ما أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 8) |
|
پوءِ سڄي پاسي وارا، ۽ سڄي پاسي وارا ڪهڙا نه (چڱا) هوندا- |
| وَأَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ ما أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 9) |
|
۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪهڙا نه (بُرا) هوندا. |
| وَالسّٰبِقونَ السّٰبِقونَ (آيت : 10) |
|
۽ اڳرائي ڪرڻ وارا، اڳي ٿيڻ وارا آهن- |
| أُولٰئِكَ المُقَرَّبونَ (آيت : 11) |
|
اُهي الله کي ويجها آهن. |
| فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 12) |
|
نعمتن وارن باغن ۾ هوندا، |
| ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
گهڻا پهرين مان |
| وَقَليلٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 14) |
|
۽ ٿورا پوين مان- |
| عَلىٰ سُرُرٍ مَوضونَةٍ (آيت : 15) |
|
سينگاريل تختن تي |
| مُتَّكِـٔينَ عَلَيها مُتَقٰبِلينَ (آيت : 16) |
|
هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿي مٿن ٽيڪ ڏيئي ويٺل هوندا. |
| يَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ (آيت : 17) |
|
هميشه رهڻ وارا ڇوڪرا وٽن پيا ايندا ويندا. |
| بِأَكوابٍ وَأَباريقَ وَكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 18) |
|
جڳن ۽ ڪوزن سان ۽ پيئڻ جي وهندڙ شيءِ جا پيالا (آڻيندا) |
| لا يُصَدَّعونَ عَنها وَلا يُنزِفونَ (آيت : 19) |
|
جنهن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندو ۽ نڪي بيهوش ٿيندا. |
| وَفٰكِهَةٍ مِمّا يَتَخَيَّرونَ (آيت : 20) |
|
پڻ هر قسم جو ميوو، جتان وڻندن، |
| وَلَحمِ طَيرٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 21) |
|
۽ پکين جو گوشت جنهن به قسم مان گهرن، |
| وَحورٌ عينٌ (آيت : 22) |
|
۽ وڏين اکين واريون حورون، |
| كَأَمثٰلِ اللُّؤلُؤِ المَكنونِ (آيت : 23) |
|
ڍڪيل موتين جهڙيون، |
| جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
|
جيڪي ڪمايو هئائون ان جي بدلي ۾ (ملندن)_ |
| لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا تَأثيمًا (آيت : 25) |
|
اتي نه ڪا اجائي بڪ ٻڌندا، نه ڪا گناهه جهڙي ڳالهه |
| إِلّا قيلًا سَلٰمًا سَلٰمًا (آيت : 26) |
|
پر هر ڪو پيو سلام سلام چوندو. |
| وَأَصحٰبُ اليَمينِ ما أَصحٰبُ اليَمينِ (آيت : 27) |
|
۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪهڙي حال ۾ هوندا؟ |
| فى سِدرٍ مَخضودٍ (آيت : 28) |
|
لا سڙيل ٻيرين ۾، |
| وَطَلحٍ مَنضودٍ (آيت : 29) |
|
ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾، |
| وَظِلٍّ مَمدودٍ (آيت : 30) |
|
ڊگهن پاڇن ۾، |
| وَماءٍ مَسكوبٍ (آيت : 31) |
|
هيٺ ڪرندڙ پاڻيءَ ۾، |
| وَفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ (آيت : 32) |
|
۽ گهڻن ميون ۾ هوندا، |
| لا مَقطوعَةٍ وَلا مَمنوعَةٍ (آيت : 33) |
|
جي نڪي کُٽندا ۽ نڪي انهن کان روڪيل هوندا. |
| وَفُرُشٍ مَرفوعَةٍ (آيت : 34) |
|
۽ اونچا وڇاڻا به، |
| إِنّا أَنشَأنٰهُنَّ إِنشاءً (آيت : 35) |
|
بيشڪ اسان حورن کي هڪ نموني تي پيدا ڪيو آهي. |
| فَجَعَلنٰهُنَّ أَبكارًا (آيت : 36) |
|
پوءِ انهن کي ڪنواريون، |
| عُرُبًا أَترابًا (آيت : 37) |
|
مڙسن کي وڻندڙ ۽ هڪ جيڏيون بنايوسون، |
| لِأَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 38) |
|
سڄي پاسي وارن لاءِ، |
| ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 39) |
|
گهڻا پهرين مان، |
| وَثُلَّةٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 40) |
|
۽ گهڻا پوين مان. |
| وَأَصحٰبُ الشِّمالِ ما أَصحٰبُ الشِّمالِ (آيت : 41) |
|
۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪهڙي نه بُري حال سان هوندا! |
| فى سَمومٍ وَحَميمٍ (آيت : 42) |
|
جهولي ۽ تتي پاڻي ۾، |
| وَظِلٍّ مِن يَحمومٍ (آيت : 43) |
|
ڪاري دونهين جي پاڇي ۾، |
| لا بارِدٍ وَلا كَريمٍ (آيت : 44) |
|
جو نڪي ٿڌو هوندو ۽ نڪي سهائيندڙ. |
| إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُترَفينَ (آيت : 45) |
|
بيشڪ اُهي انهي کان اڳ (دنيا ۾) سک ۾ پليل هئا. |
| وَكانوا يُصِرّونَ عَلَى الحِنثِ العَظيمِ (آيت : 46) |
|
۽ وڏي گناهه تي ضد ڪندا هئا، |
| وَكانوا يَقولونَ أَئِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 47) |
|
۽ چوندا هئا ته ”جڏهن مرنداسون ۽ مٽيءَ ۽ هڏا ٿينداسون، تڏهن وري اسين اٿاريا وينداسون ڇا؟ |
| أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 48) |
|
۽ ڇا اسان جا پهريان ابا ڏاڏا به؟“ |
| قُل إِنَّ الأَوَّلينَ وَالءاخِرينَ (آيت : 49) |
|
چئو ته ”بيشڪ اڳيان خواهه پويان، |
| لَمَجموعونَ إِلىٰ ميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 50) |
|
هڪ مقرر ڪيل ڏينهن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا.“ |
| ثُمَّ إِنَّكُم أَيُّهَا الضّالّونَ المُكَذِّبونَ (آيت : 51) |
|
پوءِ اي ڪوڙ ڀائيندڙ گمراهو! |
| لَءاكِلونَ مِن شَجَرٍ مِن زَقّومٍ (آيت : 52) |
|
ضرور اوهين ٿوهر جي وڻ مان کائيندؤ. |
| فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 53) |
|
انهن مان پيٽن کي ڀريندؤ، |
| فَشٰرِبونَ عَلَيهِ مِنَ الحَميمِ (آيت : 54) |
|
ان جي مٿان تتل پاڻيءَ مان پيئندؤ. |
| فَشٰرِبونَ شُربَ الهيمِ (آيت : 55) |
|
۽ پوءِ اڃايل اٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ! |
| هٰذا نُزُلُهُم يَومَ الدّينِ (آيت : 56) |
|
قيامت جي ڏينهن اها سندن مهماني آهي. |
| نَحنُ خَلَقنٰكُم فَلَولا تُصَدِّقونَ (آيت : 57) |
|
اسان اوهان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيئارڻ کي) ڇو نه ٿا سچ ڀانيو؟ |
| أَفَرَءَيتُم ما تُمنونَ (آيت : 58) |
|
ڀلا ڏسو ته سهي، ته جيڪو ڦڙو اوهين اڇليو ٿا، |
| ءَأَنتُم تَخلُقونَهُ أَم نَحنُ الخٰلِقونَ (آيت : 59) |
|
تنهن مان اوهين ٿا خلقيو يا اسين خلقڻ وارا آهيون؟ |
| نَحنُ قَدَّرنا بَينَكُمُ المَوتَ وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 60) |
|
اسان اوهان ۾ موت مقرر ڪيو آهي ۽ اسين عاجز نه آهيون. |
| عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ أَمثٰلَكُم وَنُنشِئَكُم فى ما لا تَعلَمونَ (آيت : 61) |
|
جو اوهان جهڙن کي مٽائي ٻيا پيدا ڪريون ۽ اوهان کي اهڙو پيدا ڪريون، جنهن کي ڄاڻندا ئي نه هجو. |
| وَلَقَد عَلِمتُمُ النَّشأَةَ الأولىٰ فَلَولا تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
|
۽ اوهين ته پهرين پيدائش به ڄاڻي چڪا، پوءِ ڇو نٿا نصيحت وٺو؟ |
| أَفَرَءَيتُم ما تَحرُثونَ (آيت : 63) |
|
ڀلا ڏسو ته سهي، جيڪي اوهين پوکيو ٿا، |
| ءَأَنتُم تَزرَعونَهُ أَم نَحنُ الزّٰرِعونَ (آيت : 64) |
|
سو اوهين ڄمائيندا آهيو، يا اسين اُڀاريندڙ آهيون؟ |
| لَو نَشاءُ لَجَعَلنٰهُ حُطٰمًا فَظَلتُم تَفَكَّهونَ (آيت : 65) |
|
جيڪڏهن چاهيون ته ان کي ناس ڪري ڇڏيون، پوءِ اوهين حيرت ۾ رهجي وڃو |
| إِنّا لَمُغرَمونَ (آيت : 66) |
|
ته بيشڪ اسين نقصان ۾ پئجي وياسون، |
| بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 67) |
|
بلڪ اسين بدنصيب آهيون! |
| أَفَرَءَيتُمُ الماءَ الَّذى تَشرَبونَ (آيت : 68) |
|
ڀلا ڏسو ته سهي، جيڪو پاڻي اوهين پيئو ٿا، |
| ءَأَنتُم أَنزَلتُموهُ مِنَ المُزنِ أَم نَحنُ المُنزِلونَ (آيت : 69) |
|
اهو اوهين ڪڪرن مان هيٺ لاهيندا آهيو، يا اسين لاهيندا آهيون؟ |
| لَو نَشاءُ جَعَلنٰهُ أُجاجًا فَلَولا تَشكُرونَ (آيت : 70) |
|
جيڪڏهن چاهيون، ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون_ پوءِ ڇو نٿا شڪرانو ڪريو؟ |
| أَفَرَءَيتُمُ النّارَ الَّتى تورونَ (آيت : 71) |
|
ڀلا ڏسو ته سهي، جيڪا باهه اوهين ٻاريو ٿا، |
| ءَأَنتُم أَنشَأتُم شَجَرَتَها أَم نَحنُ المُنشِـٔونَ (آيت : 72) |
|
ان جي وڻ کي اوهان پيدا ڪيو آهي، يا اسين پيدا ڪندڙ آهيون؟ |
| نَحنُ جَعَلنٰها تَذكِرَةً وَمَتٰعًا لِلمُقوينَ (آيت : 73) |
|
اسان ان کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آهي. |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 74) |
|
تنهن ڪري پنهنجي وڏي ڌڻيءَ جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪريو. |
| فَلا أُقسِمُ بِمَوٰقِعِ النُّجومِ (آيت : 75) |
|
پوءِ آءُ تارن جي ڪرڻ جي جاءِ جو قسم ٿو کڻان، |
| وَإِنَّهُ لَقَسَمٌ لَو تَعلَمونَ عَظيمٌ (آيت : 76) |
|
۽ جيڪڏهن ڄاڻو ته بيشڪ اهو قسم وڏو آهي، |
| إِنَّهُ لَقُرءانٌ كَريمٌ (آيت : 77) |
|
ته اهو سڳورو قرآن آهي، |
| فى كِتٰبٍ مَكنونٍ (آيت : 78) |
|
لڪل ڪتاب ۾ آهي، |
| لا يَمَسُّهُ إِلَّا المُطَهَّرونَ (آيت : 79) |
|
پاڪائي وارن کان سواءِ ٻيو ڪو به ان کي هٿ نٿو لائي. |
| تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
|
جهانن جي ڌڻيءَ وٽان نازل ڪيل آهي. |
| أَفَبِهٰذَا الحَديثِ أَنتُم مُدهِنونَ (آيت : 81) |
|
پوءِ اوهين هن ڳالهه ۾ سستي ڪرڻ وارا آهيو ڇا؟ |
| وَتَجعَلونَ رِزقَكُم أَنَّكُم تُكَذِّبونَ (آيت : 82) |
|
۽ ان کي ڪوڙ ڀانئڻ پنهنجو حصو ڪريو ٿا؟ |
| فَلَولا إِذا بَلَغَتِ الحُلقومَ (آيت : 83) |
|
پوءِ جڏهن ڪنهنجو ساهه نڙيءَ وٽ پهچي ٿو، |
| وَأَنتُم حينَئِذٍ تَنظُرونَ (آيت : 84) |
|
تڏهن اوهين ڏسو ويٺا- |
| وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِنكُم وَلٰكِن لا تُبصِرونَ (آيت : 85) |
|
۽ اسين اوهان جي به نسبت ان ڏانهن تمام ويجها آهيون، پر توهين ڏسندا نه آهيو. |
| فَلَولا إِن كُنتُم غَيرَ مَدينينَ (آيت : 86) |
|
پوءِ جيڪڏهن (خدا جي حڪم ۾) لاچار ٿيل نه آهيو، |
| تَرجِعونَها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 87) |
|
ته جيڪڏهن سچا آهيو ته روح کي ڇو نٿا موٽايو؟ |
| فَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 88) |
|
پوءِ جيڪڏهن (مئل، خدا جي) ويجهن ٻانهن مان هوندو، |
| فَرَوحٌ وَرَيحانٌ وَجَنَّتُ نَعيمٍ (آيت : 89) |
|
ته ان لاءِ خوشي ۽ سرهاڻ ۽ نعمت وارو باغ آهي_ |
| وَأَمّا إِن كانَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 90) |
|
جيڪڏهن سڄي پاسي وارن مان هوندو، |
| فَسَلٰمٌ لَكَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 91) |
|
ته (چئبو ته) ”اي سڄي پاسي وارا! توتي سلامتي آهي.“ |
| وَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُكَذِّبينَ الضّالّينَ (آيت : 92) |
|
پر جيڪڏهن اهو ڪوڙ ڀائيندڙ گمراهن مان هوندو، |
| فَنُزُلٌ مِن حَميمٍ (آيت : 93) |
|
ته ان لاءِ تتل پاڻي جي مهماني، |
| وَتَصلِيَةُ جَحيمٍ (آيت : 94) |
|
۽ دوزخ ۾ گهيڙڻ آهي. |
| إِنَّ هٰذا لَهُوَ حَقُّ اليَقينِ (آيت : 95) |
|
بيشڪ هيءَ خبر پوري سچي يقيني آهي، |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 96) |
|
تنهن ڪري پنهنجي ڌڻيءَ وڏي جي نالي کي پاڪائي سان بيان ڪر. |