القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الۡوَاقِعَۃِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 96


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

إِذا وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 1)

جڏهن واقع ٿيندي واقع ٿيندڙ .

لَيسَ لِوَقعَتِها كاذِبَةٌ (آيت : 2)

ناهي ان جي واقع ٿيڻ جي لاءِ ڪو ڪوڙو چوندڙ .

خافِضَةٌ رافِعَةٌ (آيت : 3)

هيٺ ڪندڙ، مٿي ڪندڙ .

إِذا رُجَّتِ الأَرضُ رَجًّا (آيت : 4)

جڏهن ڌوڏي ويندي زمين سخت ڌوڏڻ .

وَبُسَّتِ الجِبالُ بَسًّا (آيت : 5)

۽ ذرا ذرا ڪيا ويندا جبل ذرا ذرا ڪرڻ .

فَكانَت هَباءً مُنبَثًّا (آيت : 6)

پوءِ هوندا غبار پکڙجندڙ .

وَكُنتُم أَزوٰجًا ثَلٰثَةً (آيت : 7)

۽ هوندو اوهان ٽي قسم .

فَأَصحٰبُ المَيمَنَةِ ما أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 8)

پوءِ سڄي هٿ وارا ڪهڙا آهن سڄي هٿ وارا .

وَأَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ ما أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 9)

۽ کٻي هٿ وارا ڪهڙا آهن کٻي هٿ وارا .

وَالسّٰبِقونَ السّٰبِقونَ (آيت : 10)

۽ اڳتي ٿيندڙ اڳتي هوندڙ .

أُولٰئِكَ المُقَرَّبونَ (آيت : 11)

اهي مقرب آهن .

فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 12)

نعمتن وارين جنتن ۾ .

ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 13)

هڪ جماعت پهرين مان .

وَقَليلٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 14)

۽ ٿورا پوين مان .

عَلىٰ سُرُرٍ مَوضونَةٍ (آيت : 15)

واڻيلن تختن تي هوندا .

مُتَّكِـٔينَ عَلَيها مُتَقٰبِلينَ (آيت : 16)

ٽيڪون ڏيندڙ انهن تي هڪ ٻئي کي سامهون وهندڙ .

يَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ (آيت : 17)

ڦرندا رهندا انهن تي ننڍا نوان ڇوڪرا اتي هميشہ رهندڙ هوندا .

بِأَكوابٍ وَأَباريقَ وَكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 18)

آبخورن ۽ ڪونرن ۽ پيالن سان وهندڙ شراب مان .

لا يُصَدَّعونَ عَنها وَلا يُنزِفونَ (آيت : 19)

نه مٿي جو سور وڌا ويندا ان کان ۽ نه بيهوش ٿيندا .

وَفٰكِهَةٍ مِمّا يَتَخَيَّرونَ (آيت : 20)

۽ ميوا ان مان جو پسند ڪندا .

وَلَحمِ طَيرٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 21)

۽ پکين جو گوشت ان مان جو اشتها رکندا .

وَحورٌ عينٌ (آيت : 22)

۽ حورون وڏين اکين واريون .

كَأَمثٰلِ اللُّؤلُؤِ المَكنونِ (آيت : 23)

موتين، ڍڪيلن وانگر .

جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24)

بدلو ٿي ان جو جيڪي ڪندا هئا .

لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا تَأثيمًا (آيت : 25)

نه ٻڌندا ان ۾ اجائي ڳالهه ۽ نه گناهه .

إِلّا قيلًا سَلٰمًا سَلٰمًا (آيت : 26)

مگر گفتگو سلام سلام .

وَأَصحٰبُ اليَمينِ ما أَصحٰبُ اليَمينِ (آيت : 27)

۽ سڄي وارا ڪهڙا آهن سڄي وارا .

فى سِدرٍ مَخضودٍ (آيت : 28)

ڪنڊن کان سواءِ ٻيرين ۾ .

وَطَلحٍ مَنضودٍ (آيت : 29)

۽ ڇڳا ٿيل ڪيلن ۾ .

وَظِلٍّ مَمدودٍ (آيت : 30)

۽ هميشہ واري پاڇي ۾ .

وَماءٍ مَسكوبٍ (آيت : 31)

۽ هميشہ وهايل پاڻيءَ ۾ .

وَفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ (آيت : 32)

۽ گهڻن ميون ۾ .

لا مَقطوعَةٍ وَلا مَمنوعَةٍ (آيت : 33)

نه ختم ڪيل (هوندا) ۽ نه روڪيل (هوندا) .

وَفُرُشٍ مَرفوعَةٍ (آيت : 34)

۽ وڇاڻا مٿاهان .

إِنّا أَنشَأنٰهُنَّ إِنشاءً (آيت : 35)

بلاشڪ اسان انهن کي نئون پيدا ڪيو پيدا ڪرڻ .

فَجَعَلنٰهُنَّ أَبكارًا (آيت : 36)

پوءِ بنايو اسان انهن کي ڪنواريون .

عُرُبًا أَترابًا (آيت : 37)

پيارڪندڙيون هڪ عمر واريون .

لِأَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 38)

سڄي وارن جي لاءِ .

ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 39)

گهڻا پهرين مان .

وَثُلَّةٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 40)

۽ گهڻا پوين مان .

وَأَصحٰبُ الشِّمالِ ما أَصحٰبُ الشِّمالِ (آيت : 41)

۽ کٻي وارا ڪهڙا آهن کٻي وارا .

فى سَمومٍ وَحَميمٍ (آيت : 42)

ساڙيندڙ هوا ۽ گرم پاڻيءَ ۾ هوندا .

وَظِلٍّ مِن يَحمومٍ (آيت : 43)

۽ ڪاري دونهين جي پاڇي ۾ .

لا بارِدٍ وَلا كَريمٍ (آيت : 44)

نه ٿڌو هوندو ۽ نه عزت وارو .

إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُترَفينَ (آيت : 45)

بيشڪ اهي هئا ان کان اڳي نعمت ڪيل .

وَكانوا يُصِرّونَ عَلَى الحِنثِ العَظيمِ (آيت : 46)

۽ ضد ڪندا هئا گناهه وڏي تي .

وَكانوا يَقولونَ أَئِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 47)

۽ چوندا هئا ته ڇا جڏهن مرنداسون ۽ هونداسون مٽي ۽ هڏا ڇا بيشڪ اسين البته اٿاريل آهيون .

أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 48)

يا ابا، ڏاڏا اسان جا پهريان .

قُل إِنَّ الأَوَّلينَ وَالءاخِرينَ (آيت : 49)

فرماءِ ته بيشڪ پهريان ۽ پويان .

لَمَجموعونَ إِلىٰ ميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 50)

البته گڏ ڪيل آهن معلوم ڏينهن جي وقت تائين .

ثُمَّ إِنَّكُم أَيُّهَا الضّالّونَ المُكَذِّبونَ (آيت : 51)

ان کان پوءِ بيشڪ اوهان اي گمراهؤ! ڪوڙو چوندڙؤ! .

لَءاكِلونَ مِن شَجَرٍ مِن زَقّومٍ (آيت : 52)

البته کائيندڙ آهيو ٿوهر جي وڻ مان .

فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 53)

پوءِ ڀريندڙ آهيو ان مان پيٽن کي .

فَشٰرِبونَ عَلَيهِ مِنَ الحَميمِ (آيت : 54)

پوءِ پيئندڙ آهيو ان جي مٿان ٽهڪندڙ گرم پاڻي .

فَشٰرِبونَ شُربَ الهيمِ (آيت : 55)

پوءِ پيئندڙ آهيو اڃايل اٺ جي پيئڻ وانگر .

هٰذا نُزُلُهُم يَومَ الدّينِ (آيت : 56)

هيءَ مهماني انهن جي آهي قيامت جي ڏينهن .

نَحنُ خَلَقنٰكُم فَلَولا تُصَدِّقونَ (آيت : 57)

اسان پيدا ڪيو اوهان کي پوءِ ڇونه ٿا سچو چئو اوهان .

أَفَرَءَيتُم ما تُمنونَ (آيت : 58)

ڇا پوءِ ڏٺي اوهان اها مني جيڪا داخل ڪيو ٿا .

ءَأَنتُم تَخلُقونَهُ أَم نَحنُ الخٰلِقونَ (آيت : 59)

ڇا اوهان ان کي پيدا ڪيو ٿا يا اسين پيدا ڪندڙ آهيون .

نَحنُ قَدَّرنا بَينَكُمُ المَوتَ وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 60)

اسان مقرر ڪيو اوهان جي وچ ۾ موت ۽ ناهيون اسين اڳرائي ڪيل .

عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ أَمثٰلَكُم وَنُنشِئَكُم فى ما لا تَعلَمونَ (آيت : 61)

هن تي جو مٽائي آڻيون اوهان جهڙا ۽ نئون پيدا ڪيوسين اوهان کي ان ۾ جو نه ٿا ڄاڻو .

وَلَقَد عَلِمتُمُ النَّشأَةَ الأولىٰ فَلَولا تَذَكَّرونَ (آيت : 62)

۽ البته تحقيق ڄاتو اوهان پيدائش پهرينءَ کي پوءِ ڇو نه ٿا نصيحت وٺو .

أَفَرَءَيتُم ما تَحرُثونَ (آيت : 63)

ڇا پوءِ ڏٺي اوهان جيڪي پوک پوکيو ٿا .

ءَأَنتُم تَزرَعونَهُ أَم نَحنُ الزّٰرِعونَ (آيت : 64)

ڇا اوهان ٿا ڄمايو ان کي يا اسين ڄمائيندڙ آهيون .

لَو نَشاءُ لَجَعَلنٰهُ حُطٰمًا فَظَلتُم تَفَكَّهونَ (آيت : 65)

جيڪڏهن اسين گهرون ته البته ڪيون اسين ان کي ڪاٺيون پوءِ اوهان ڳالهيون ڪندا رهجي وڃو ته .

إِنّا لَمُغرَمونَ (آيت : 66)

بيشڪ اسين البته چٽيءَ ۾ پيل آهيون .

بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 67)

بلڪ اسين بي نصيب آهيون .

أَفَرَءَيتُمُ الماءَ الَّذى تَشرَبونَ (آيت : 68)

ڇا پوءِ ڏٺو اوهان پاڻي جيڪو اوهان پيئو ٿا .

ءَأَنتُم أَنزَلتُموهُ مِنَ المُزنِ أَم نَحنُ المُنزِلونَ (آيت : 69)

ڇا اوهان لاٿو ان کي ڪڪر مان يا اسين لاهيندڙ آهيون .

لَو نَشاءُ جَعَلنٰهُ أُجاجًا فَلَولا تَشكُرونَ (آيت : 70)

جيڪڏهن گهرون اسين ته بنايون ان کي کارو پوءِ ڇو نه ٿا شڪر ڪيو؟ .

أَفَرَءَيتُمُ النّارَ الَّتى تورونَ (آيت : 71)

ڇا پوءِ ڏٺو اوهان باهه کي جيڪا ٻاريو ٿا .

ءَأَنتُم أَنشَأتُم شَجَرَتَها أَم نَحنُ المُنشِـٔونَ (آيت : 72)

ڇا اوهان پيدا ڪيو ان جي وڻ کي يا اسين پيدا ڪندڙ آهيون .

نَحنُ جَعَلنٰها تَذكِرَةً وَمَتٰعًا لِلمُقوينَ (آيت : 73)

اسان بنايو ان کي نصيحت ۽ سامان مسافرن جي لاءِ .

فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 74)

پوءِ تسبيح پڙهه پنهنجي وڏي رب جي نالي سان .

فَلا أُقسِمُ بِمَوٰقِعِ النُّجومِ (آيت : 75)

پوءِ قسم ٿو کڻان مان تارن جي واقع ٿيڻ وارين جاين جو .

وَإِنَّهُ لَقَسَمٌ لَو تَعلَمونَ عَظيمٌ (آيت : 76)

۽ بيشڪ اهو البته قسم آهي جيڪڏهن اوهان ڄاڻو وڏو .

إِنَّهُ لَقُرءانٌ كَريمٌ (آيت : 77)

بيشڪ اهو البته قرآن ڪريم آهي .

فى كِتٰبٍ مَكنونٍ (آيت : 78)

محفوظ دفتر ۾ .

لا يَمَسُّهُ إِلَّا المُطَهَّرونَ (آيت : 79)

نه هٿ لڳائن ان کي مگر پاڪ .

تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 80)

نازل ڪرڻ آهي جهانن جي رب جي طرفان .

أَفَبِهٰذَا الحَديثِ أَنتُم مُدهِنونَ (آيت : 81)

ڇا پوءِ هن ڳالهه ۾ اوهان سستي ڪندڙ آهيو .

وَتَجعَلونَ رِزقَكُم أَنَّكُم تُكَذِّبونَ (آيت : 82)

۽ بنايو ٿا پنهنجو حصو هيءُ ته اوهان ڪوڙو چئو ٿا .

فَلَولا إِذا بَلَغَتِ الحُلقومَ (آيت : 83)

پوءِ ڇو نه جڏهن پهتو نر گهٽ کي .

وَأَنتُم حينَئِذٍ تَنظُرونَ (آيت : 84)

۽ اوهان ان وقت ڏسي رهيا آهيو .

وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِنكُم وَلٰكِن لا تُبصِرونَ (آيت : 85)

۽ اسين وڌيڪ ويجها آهيون ان کي اوهان کان ۽ پر نه ٿا ڏسو اوهان .

فَلَولا إِن كُنتُم غَيرَ مَدينينَ (آيت : 86)

پوءِ ڇو نه جيڪڏهن آهيو نه بدلو ڏنل ته .

تَرجِعونَها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 87)

موٽايو ها ان کي جيڪڏهن آهيو سچا .

فَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 88)

پوءِ پر جيڪڏهن هوندو مقربن مان .

فَرَوحٌ وَرَيحانٌ وَجَنَّتُ نَعيمٍ (آيت : 89)

پوءِ راحت ۽ خوشبو ۽ نعمتن واري جنت آهي .

وَأَمّا إِن كانَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 90)

۽ پر جيڪڏهن هوندو سڄي وارن مان .

فَسَلٰمٌ لَكَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 91)

پوءِ تنهنجي لاءِ سلام آهي سڄي وارن کان .

وَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُكَذِّبينَ الضّالّينَ (آيت : 92)

۽ پر جيڪڏهن هوندو ڪوڙو چوندڙن گمراهن مان .

فَنُزُلٌ مِن حَميمٍ (آيت : 93)

ته پوءِ مهماني آهي گرم ٽچڪندڙ پاڻيءَ مان .

وَتَصلِيَةُ جَحيمٍ (آيت : 94)

۽ پهچائڻ جهنم جو .

إِنَّ هٰذا لَهُوَ حَقُّ اليَقينِ (آيت : 95)

بيشڪ هي البته اهو ئي حق اليقين آهي .

فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 96)

پوءِ تسبيح پڙهه پنهنجي وڏي رب جي نالي سان. ع


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025