| إِذا وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 1) |
|
جڏهن واقع ٿيڻ واري ( قيامت) واقع ٿيندي. |
| لَيسَ لِوَقعَتِها كاذِبَةٌ (آيت : 2) |
|
ان جي واقع ٿيڻ کي ڪير به ڪوڙو ڪرڻ وارو نه هوندو. |
| خافِضَةٌ رافِعَةٌ (آيت : 3) |
|
اها هر ڪنھن کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيندي. |
| إِذا رُجَّتِ الأَرضُ رَجًّا (آيت : 4) |
|
جڏهن سموري زمين کي سخت زلزلي سان (هڪ ئي وقت) ڌوڏيو ويندو. |
| وَبُسَّتِ الجِبالُ بَسًّا (آيت : 5) |
|
۽ جبلن کي ٽوڙي ذرا ذرا ڪيو ويندو. |
| فَكانَت هَباءً مُنبَثًّا (آيت : 6) |
|
پوءِ هو اڏامندڙ دَز وانگر ٿي ويندا. |
| وَكُنتُم أَزوٰجًا ثَلٰثَةً (آيت : 7) |
|
پوءِ توهان سڀ ماڻهو ٽن گروهن ۾ ورهائجي ويندا. |
| فَأَصحٰبُ المَيمَنَةِ ما أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 8) |
|
(هڪ) ساڄي پاسي وارا، ساڄي پاسي وارا ڪھڙا نه ڀلا ماڻهو هوندا. |
| وَأَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ ما أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 9) |
|
(ٻيو) کاٻي پاسي وارا. (افسوس) کاٻي پاسي وارا ڪيڏا نه خراب ماڻهو هوندا. |
| وَالسّٰبِقونَ السّٰبِقونَ (آيت : 10) |
|
(۽ ٽيون اُنهن ٻنهي کان) اڳتي وڌي وڃڻ وارا،اهي ته اڳتي وڌي وڃڻ وارا ئي آهن. |
| أُولٰئِكَ المُقَرَّبونَ (آيت : 11) |
|
اُهي ئي (الله تعالى جي) ويجهو هوندا. |
| فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 12) |
|
نعمتن وارن باغن ۾ هوندا. |
| ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
(تعداد ۾) گذريل ماڻهن مان گهڻا هوندا. |
| وَقَليلٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 14) |
|
۽ پوين مان ٿورا هوندا. |
| عَلىٰ سُرُرٍ مَوضونَةٍ (آيت : 15) |
|
اُهي سون جي تارُن سان واڻيل تختن تي ويٺل هوندا. |
| مُتَّكِـٔينَ عَلَيها مُتَقٰبِلينَ (آيت : 16) |
|
ٽيڪ لڳائي هڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺا هوندا. |
| يَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ (آيت : 17) |
|
انهن جي اڳيان هميشه هڪ ئي قد ۽ بت ۾ رهڻ وارا ڇوڪرا گهمندا رهندا. |
| بِأَكوابٍ وَأَباريقَ وَكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 18) |
|
۽ اهي صاف چشمي مان ڀريل (شراب جا) پيالا، جَڳ ۽ گلاس کڻي (جنتي ماڻهن جي چوڌاري) ڦرندا رهندا. |
| لا يُصَدَّعونَ عَنها وَلا يُنزِفونَ (آيت : 19) |
|
ان (شراب جي پيئڻ) سان نه ته مٿي ۾ سُور پوندو ۽ نه ئي نشو چڙهندو. |
| وَفٰكِهَةٍ مِمّا يَتَخَيَّرونَ (آيت : 20) |
|
۽ (ڇوڪرا) طرح طرح جا ميوا پيش ڪندا جن کي جنتي ماڻهو پسند ڪندا. |
| وَلَحمِ طَيرٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 21) |
|
۽ پکين جي گوشت مان به جيڪو قسم هو چاهيندا، سو ملندو. |
| وَحورٌ عينٌ (آيت : 22) |
|
۽ وڏين وڏين سُھڻين اکين واريون حورون هونديون. |
| كَأَمثٰلِ اللُّؤلُؤِ المَكنونِ (آيت : 23) |
|
ڄڻ ته اُهي (سِپيءَ اندر) رکيل موتي هجن. |
| جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
|
هي انهن جي عملن جو بدلو هوندو. |
| لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا تَأثيمًا (آيت : 25) |
|
اهي جنت ۾ ڪابه بيھوده گفتگو ۽ گناهه جي ڳالهه نه ٻڌندا. |
| إِلّا قيلًا سَلٰمًا سَلٰمًا (آيت : 26) |
|
(بس هر طرف کان) رڳو السلام عليڪم(جا آواز) ٻڌندا . |
| وَأَصحٰبُ اليَمينِ ما أَصحٰبُ اليَمينِ (آيت : 27) |
|
۽ ساڄي پاسي وارا. ساڄي پاسي وارا ڪھڙا نه خوش قسمت ماڻهو هوندا. |
| فى سِدرٍ مَخضودٍ (آيت : 28) |
|
جيڪي بغير ڪنڊن جي ٻيرين واري باغ ۾ هوندا. |
| وَطَلحٍ مَنضودٍ (آيت : 29) |
|
ڪيلن جي ڇُڳن جي هيٺان هوندا. |
| وَظِلٍّ مَمدودٍ (آيت : 30) |
|
ڊگهين ڇانون ۾ هوندا. |
| وَماءٍ مَسكوبٍ (آيت : 31) |
|
۽ هو مٿان کان هيٺ ڪرندڙ پاڻي (واري منظر) ۾ هوندا. |
| وَفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ (آيت : 32) |
|
(انهن جي اڳيان ۽ پويان) گهڻا ئي ميوا هوندا. |
| لا مَقطوعَةٍ وَلا مَمنوعَةٍ (آيت : 33) |
|
اهڙا ميوا جيڪي نه کٽڻ وارا هوندا ۽ نه (ئي جنهن جي کائڻ کان) روڪ ٽوڪ هوندي. |
| وَفُرُشٍ مَرفوعَةٍ (آيت : 34) |
|
اُهي مٿانهين بيٺڪن تي هوندا. |
| إِنّا أَنشَأنٰهُنَّ إِنشاءً (آيت : 35) |
|
بيشڪ اسان سندن گهر وارين کي (خاص نموني سان ) نئين سر پيدا ڪنداسين. |
| فَجَعَلنٰهُنَّ أَبكارًا (آيت : 36) |
|
۽ انهن کي ڪنواريون بنائينداسين. |
| عُرُبًا أَترابًا (آيت : 37) |
|
جيڪي مڙسن سان پيار ڪندڙ ۽ هم عمر هونديون. |
| لِأَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 38) |
|
(هي سڀ نعمتون) ساڄي پاسي وارن لاءِ هونديون. |
| ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 39) |
|
جيڪي گذريل ماڻهن مان گهڻا هوندا. |
| وَثُلَّةٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 40) |
|
۽ پوين مان به گهڻا هوندا. |
| وَأَصحٰبُ الشِّمالِ ما أَصحٰبُ الشِّمالِ (آيت : 41) |
|
کاٻي پاسي وارا، کاٻي پاسي وارا ڪھڙا نه خراب ماڻهو هوندا. |
| فى سَمومٍ وَحَميمٍ (آيت : 42) |
|
ڪوسي هوا ۽ گرم پاڻي ۾ هوندا. |
| وَظِلٍّ مِن يَحمومٍ (آيت : 43) |
|
۽ ڪاري دونھين جي ڇانو ۾ هوندا. |
| لا بارِدٍ وَلا كَريمٍ (آيت : 44) |
|
جيڪا نه ته ٿڌي هوندي ۽ نه ئي وڻندڙ . |
| إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُترَفينَ (آيت : 45) |
|
بيشڪ هي ماڻهو ان کان اڳ (دنيا ۾ وڏا) خوشحال هئا. |
| وَكانوا يُصِرّونَ عَلَى الحِنثِ العَظيمِ (آيت : 46) |
|
(انهيءَ خوشحاليءَ سبب) هو وڏي گناهه ڪرڻ تي ضد ٻڌي بيھندا هئا. |
| وَكانوا يَقولونَ أَئِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 47) |
|
چوندا هئا ته ڇا اسان جڏهن مري مٽي ۽ هڏا ٿي وينداسين ته ڇا اسان کي ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريو ويندو؟ |
| أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 48) |
|
ڇا اسان جا ابا ڏاڏا به اهڙي طرح اٿاريا ويندا؟ |
| قُل إِنَّ الأَوَّلينَ وَالءاخِرينَ (آيت : 49) |
|
چؤ ته: (هائو!) بيشڪ اڳيان ۽ پويان (ابا ڏاڏا سڀ اٿاريا ويندا) |
| لَمَجموعونَ إِلىٰ ميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 50) |
|
انهن سڀني کي مقرر ڏينھن تي هڪ هنڌ ضرور گڏ ڪيو ويندو. |
| ثُمَّ إِنَّكُم أَيُّهَا الضّالّونَ المُكَذِّبونَ (آيت : 51) |
|
پوءِ (کين چيو ويندو ته) اي گمراهو! ۽ ڪوڙو ڪرڻ وارو! |
| لَءاكِلونَ مِن شَجَرٍ مِن زَقّومٍ (آيت : 52) |
|
توهان ٿوهر جي وڻ مان (غذا) کائيندا. |
| فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 53) |
|
ان مان ئي پنھنجا پيٽ ڀريندا. |
| فَشٰرِبونَ عَلَيهِ مِنَ الحَميمِ (آيت : 54) |
|
پوءِ ان جي مٿان ٽچڪندڙ پاڻي پيئندا. |
| فَشٰرِبونَ شُربَ الهيمِ (آيت : 55) |
|
پاڻي به سخت اُڃايل اُٺ وانگر پيئندا. |
| هٰذا نُزُلُهُم يَومَ الدّينِ (آيت : 56) |
|
انهن جي قيامت جي ڏينھن اها مھماني آهي. |
| نَحنُ خَلَقنٰكُم فَلَولا تُصَدِّقونَ (آيت : 57) |
|
اسان ئي توهان کي پيدا ڪيو آهي پوءِ توهان (دل سان) ڇو نٿا مڃو؟ |
| أَفَرَءَيتُم ما تُمنونَ (آيت : 58) |
|
ڇا توهان کي نظر نٿو اچي ته جيڪا مَني توهان (ٻچيدانيءَ ۾) اڇليو ٿا؟ |
| ءَأَنتُم تَخلُقونَهُ أَم نَحنُ الخٰلِقونَ (آيت : 59) |
|
پوءِ (ان مان انساني شڪل ۽ صورت) توهان ٺاهيو ٿا يا ان جا ٺاهيندڙ اسان آهيون. |
| نَحنُ قَدَّرنا بَينَكُمُ المَوتَ وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 60) |
|
اسان ئي توهان جي لاءِ موت مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان (ان شيءِ کان) بي وس نه آهيون. |
| عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ أَمثٰلَكُم وَنُنشِئَكُم فى ما لا تَعلَمونَ (آيت : 61) |
|
ته توهان جي شڪلين کي تبديل ڪري توهان کي هڪ نئين شڪل ۾ آڻيون جنھن کي توهان سمجهي ئي نه سگهو. |
| وَلَقَد عَلِمتُمُ النَّشأَةَ الأولىٰ فَلَولا تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
|
پوءِ جڏهن توهان کي پھرين پيدائش جي (طريقي جي) خبر به آهي ته پوءِ ان مان سبق ڇو نٿا پرايو؟ |
| أَفَرَءَيتُم ما تَحرُثونَ (آيت : 63) |
|
ڇا توهان ڪڏهن ان ٻج تي غور ڪيو آهي جيڪو توهان پوکيندا آهيو؟ |
| ءَأَنتُم تَزرَعونَهُ أَم نَحنُ الزّٰرِعونَ (آيت : 64) |
|
ڇا (ان مان) توهان فصل کي ڦُٽايو ٿا يا ان کي ڦُٽائڻ وارا اسان آهيون؟ |
| لَو نَشاءُ لَجَعَلنٰهُ حُطٰمًا فَظَلتُم تَفَكَّهونَ (آيت : 65) |
|
جيڪڏهن اسان چاهيون ته ان پوک کي خَس ڪري ڇڏيون (توهان کي رڳو بُهه ملي) پوءِ توهان ويھي (هاءِ افسوس! جون) ڳالهيون ڪندا رهجي وڃو. |
| إِنّا لَمُغرَمونَ (آيت : 66) |
|
(۽ چوندا وتو ته) اسان جي مٿان چٽي پئجي وئي. |
| بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 67) |
|
بلڪه اسان ته ڪي وڏابدنصيب ماڻهو آهيون. |
| أَفَرَءَيتُمُ الماءَ الَّذى تَشرَبونَ (آيت : 68) |
|
ڇا توهان جي نظر پاڻي تي نٿي پوي جيڪو توهان پيئندا آهيو؟ |
| ءَأَنتُم أَنزَلتُموهُ مِنَ المُزنِ أَم نَحنُ المُنزِلونَ (آيت : 69) |
|
ڇا توهان ان کي ڪڪرن مان وَسايو ٿا يا ان کي وَسائيندڙاسان آهيون؟ |
| لَو نَشاءُ جَعَلنٰهُ أُجاجًا فَلَولا تَشكُرونَ (آيت : 70) |
|
جيڪڏهن اسان چاهيون ته ان پاڻي کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ به توهان شڪرگذاري ڇو نٿا ڪريو؟ |
| أَفَرَءَيتُمُ النّارَ الَّتى تورونَ (آيت : 71) |
|
ڇا توهان جي نظر باهه تي نٿي پوي جيڪا توهان ٻاريو ٿا؟ |
| ءَأَنتُم أَنشَأتُم شَجَرَتَها أَم نَحنُ المُنشِـٔونَ (آيت : 72) |
|
ڇا ان (۾ ٻرندڙ ڪاٺين) جي وڻ کي توهان پيدا ڪيو آهي يا ان جا پيدا ڪندڙ اسان آهيون؟ |
| نَحنُ جَعَلنٰها تَذكِرَةً وَمَتٰعًا لِلمُقوينَ (آيت : 73) |
|
اسان ئي ان باهه کي (جھنم جي تصور طور) نصيحت جو ذريعو ۽ ٻيلن ۾ اچ وڃ ڪندڙ مسافرن جي لاءِ فائدي وارو بنايو آهي. |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 74) |
|
(اي نبيﷺ!بس!) تون پنھنجي عظيم پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪندو رهه. |
| فَلا أُقسِمُ بِمَوٰقِعِ النُّجومِ (آيت : 75) |
|
مان تارن جي لھڻ جي جاين جو قسم کڻان ٿو. |
| وَإِنَّهُ لَقَسَمٌ لَو تَعلَمونَ عَظيمٌ (آيت : 76) |
|
جيڪڏهن توهان سمجهو ته اهو تمام وڏو قسم آهي. |
| إِنَّهُ لَقُرءانٌ كَريمٌ (آيت : 77) |
|
ته بيشڪ هي قرآن وڏي عزت وارو آهي. |
| فى كِتٰبٍ مَكنونٍ (آيت : 78) |
|
هڪ حفاظت سان رکيل ڪتاب ۾ لکيل آهي. |
| لا يَمَسُّهُ إِلَّا المُطَهَّرونَ (آيت : 79) |
|
ان ڪتاب کي پاڪ فرشتن کان سواءِ ٻيو ڪير به هٿ نه لائي سگهندو آهي. |
| تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
|
جيڪو جھانن جي پالڻھار جي طرفان نازل ڪيل آهي. |
| أَفَبِهٰذَا الحَديثِ أَنتُم مُدهِنونَ (آيت : 81) |
|
پوءِ به توهان اِن کي هلڪو سمجهي بي رُخي اختيار ڪريو ٿا. |
| وَتَجعَلونَ رِزقَكُم أَنَّكُم تُكَذِّبونَ (آيت : 82) |
|
۽ هن کي ڪوڙو ڪرڻ جي صورت ۾ پنھنجو نصيب ٺاهيو ٿا. |
| فَلَولا إِذا بَلَغَتِ الحُلقومَ (آيت : 83) |
|
جڏهن ڪنھن جو ساهه نڙيءَ تي اچي پھچي ٿو ته توهان ان کي ڇو نٿا موٽايو؟ |
| وَأَنتُم حينَئِذٍ تَنظُرونَ (آيت : 84) |
|
توهان ته رڳو ان کي تڪيندا ئي رهو ٿا. |
| وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِنكُم وَلٰكِن لا تُبصِرونَ (آيت : 85) |
|
اسان ئي توهان کان وڌيڪ ان (مرڻ واري) جي ويجهو هوندا آهيون، پر توهان اسان کي ڏسي نه سگهندا آهيو. |
| فَلَولا إِن كُنتُم غَيرَ مَدينينَ (آيت : 86) |
|
جيڪڏهن توهان(الله تعالى جي اڳيان) پاڻ کي بيوس نٿا سمجهو. |
| تَرجِعونَها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 87) |
|
۽ جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته پوءِ ان (مرڻ واري) جي ساهه کي ڇو نٿا موٽايو؟ |
| فَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 88) |
|
جيڪڏهن هو (مئل ماڻهو) پيارن ٻانهن مان هوندو. |
| فَرَوحٌ وَرَيحانٌ وَجَنَّتُ نَعيمٍ (آيت : 89) |
|
ته ان جي لاءِ سڪون (۽ عزت واري) روزي ۽ نعمت واري جنت آهي. |
| وَأَمّا إِن كانَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 90) |
|
۽ جيڪڏهن هو ساڄي پاسي وارن مان هوندو. |
| فَسَلٰمٌ لَكَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 91) |
|
ته کيس چيو ويندو ته: توتي سلام آهي، جو تون ساڄي پاسي وارن ماڻهن ۾ شامل آهين. |
| وَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُكَذِّبينَ الضّالّينَ (آيت : 92) |
|
پر جيڪڏهن هو ڪوڙو ڪرڻ وارن گمراهه ماڻهن مان هوندو. |
| فَنُزُلٌ مِن حَميمٍ (آيت : 93) |
|
ته سندس مھماني ٽچڪيل پاڻي سان ڪئي ويندي. |
| وَتَصلِيَةُ جَحيمٍ (آيت : 94) |
|
۽ کيس جھنم ۾ داخل ٿيڻو پوندو. |
| إِنَّ هٰذا لَهُوَ حَقُّ اليَقينِ (آيت : 95) |
|
(اي نبيﷺ!) بيشڪ هي سڀ معاملا پڪ سان ٿيڻا آهن. |
| فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 96) |
|
بس! تون پنھنجي عظيم پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪندو رهه. |