إِذا وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 1) |
جڏهن اهو ٿيڻ وارو واقعو پيش ايندو |
لَيسَ لِوَقعَتِها كاذِبَةٌ (آيت : 2) |
ته نه هوندو واقعي کي چوڻ وارو ان وقت ڪوڙو |
خافِضَةٌ رافِعَةٌ (آيت : 3) |
اها ختم ڪندڙ آفت هوندي |
إِذا رُجَّتِ الأَرضُ رَجًّا (آيت : 4) |
جڏهن ڌوڏي ويندي زمين سخت |
وَبُسَّتِ الجِبالُ بَسًّا (آيت : 5) |
۽ ذرا ذرا ڪيا ويندا جبل بلڪل پڻيءَ وانگر |
فَكانَت هَباءً مُنبَثًّا (آيت : 6) |
پوءِ اهي دز ٿي ويندا اڏامندڙ |
وَكُنتُم أَزوٰجًا ثَلٰثَةً (آيت : 7) |
۽ توهان ٽولا ٿي ويندا ٽن قسمن جا |
فَأَصحٰبُ المَيمَنَةِ ما أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 8) |
پوءِ اهي صاحب ساڄي پاسي وارا (انهن سڀاڳن) جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ساڄي پاسي وارن جي |
وَأَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ ما أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 9) |
۽ اهي جيڪي کاٻي پاسي وارا ته (انهن نڀاڳن) جو ڪهڙو ٺڪاڻو کاٻي پاسي وارن جو |
وَالسّٰبِقونَ السّٰبِقونَ (آيت : 10) |
۽ (چڱائيءَ) ۾ اڳرائي ڪرڻ وارا اڳيان وارا ئي آهن |
أُولٰئِكَ المُقَرَّبونَ (آيت : 11) |
اهي ته مقرب ماڻهو آهن |
فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 12) |
رهندا (اهي) نعمتن ڀريل جنتن ۾ |
ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
گهڻا ئي هوندا اڳين مان |
وَقَليلٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 14) |
۽ ٿورا هوندا پوين مان |
عَلىٰ سُرُرٍ مَوضونَةٍ (آيت : 15) |
سينگاريل تختن تي |
مُتَّكِـٔينَ عَلَيها مُتَقٰبِلينَ (آيت : 16) |
ٽيڪ لڳائي ويهندا آمهون سامهون |
يَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ (آيت : 17) |
سندن مجلسن ۾ سدا ڳڀرو ڇوڪرا رهڻ وارا |
بِأَكوابٍ وَأَباريقَ وَكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 18) |
جاري چشمن مان جمن جڳ ۽ پيالا کنيو شراب جا (پيا ڊوڙندا) |
لا يُصَدَّعونَ عَنها وَلا يُنزِفونَ (آيت : 19) |
نه پوندو سور مٿي جو تن کي ۽ نه اجايو ڳالهائيندا (نه بيهوش ٿيندا) |
وَفٰكِهَةٍ مِمّا يَتَخَيَّرونَ (آيت : 20) |
۽ اهي سندن سامهون پيش ڪندا لذيذ ميوا (قسمين قسمين) |
وَلَحمِ طَيرٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 21) |
۽ گوشت پکين جو (جيڪو چاهين) کين پيش ڪندا |
وَحورٌ عينٌ (آيت : 22) |
۽ حورون هونديون سهڻين اکين واريون |
كَأَمثٰلِ اللُّؤلُؤِ المَكنونِ (آيت : 23) |
اهڙيون سهڻيون جهڙا موتي لڪائي رکيل |
جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
اهو سڀ ڪجهه بدلو هوندو سندن انهن (سهڻن) عملن جو (دنيا ۾ ڪيل) |
لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا تَأثيمًا (آيت : 25) |
نه ٻڌندا اهي اتي ڪا بيهودي ڳالهه ۽ نه ڪا گناهه جي ڳالهه |
إِلّا قيلًا سَلٰمًا سَلٰمًا (آيت : 26) |
جيڪا به ڳالهه هوندي چيل صحيح بلڪل صحيح |
وَأَصحٰبُ اليَمينِ ما أَصحٰبُ اليَمينِ (آيت : 27) |
۽ ساڄي پاسي وارا ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي، خوش نصيبي جي ڪجي ساڄي پاسي وارن جي |
فى سِدرٍ مَخضودٍ (آيت : 28) |
اهي بنا ڪنڊن جي ٻيرين |
وَطَلحٍ مَنضودٍ (آيت : 29) |
۽ تهه مٿان تهه چڙهيل ڪيلن |
وَظِلٍّ مَمدودٍ (آيت : 30) |
۽ ڇانوَ پري تائين پکڙيل |
وَماءٍ مَسكوبٍ (آيت : 31) |
۽ پاڻي سدا وهندڙ |
وَفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ (آيت : 32) |
۽ جام ميوا، جن جي رسد بند نه ٿيندي |
لا مَقطوعَةٍ وَلا مَمنوعَةٍ (آيت : 33) |
۽ بنا روڪ ٽوڪ جي نئين سر پيدا ڪنداسين |
وَفُرُشٍ مَرفوعَةٍ (آيت : 34) |
۽ اوچين منزلن وارين ماڙين تي هوندا |
إِنّا أَنشَأنٰهُنَّ إِنشاءً (آيت : 35) |
بيشڪ اسان سندن زالن کي خاص وري بنائينداسين |
فَجَعَلنٰهُنَّ أَبكارًا (آيت : 36) |
پوءِ کين بنائينداسين ڪنواريون |
عُرُبًا أَترابًا (آيت : 37) |
پياريون مڙسن جون عاشق هم عمر |
لِأَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 38) |
اهو سڀ ڪجهه ساڄي پاسي وارن لاءِ آهي |
ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 39) |
گهڻا هوندا اهي پهرين مان |
وَثُلَّةٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 40) |
۽ ڪيترا ئي پوين مان به |
وَأَصحٰبُ الشِّمالِ ما أَصحٰبُ الشِّمالِ (آيت : 41) |
۽ اهي جيڪي کاٻي پاسي وارا، انهن جي نڀاڳ جو ڇا چئجي |
فى سَمومٍ وَحَميمٍ (آيت : 42) |
اهي لُڪ جي لهس ۽ ٽهڪندڙ پاڻي |
وَظِلٍّ مِن يَحمومٍ (آيت : 43) |
۽ ڇانوَ ۾ هوندا ڪاري دونهين جي |
لا بارِدٍ وَلا كَريمٍ (آيت : 44) |
نه ٿڌو هوندو ۽ نه آرامده |
إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُترَفينَ (آيت : 45) |
هي اهي ماڻهو هوندا جيڪي اڳي انهيءَ کان خوشحال هئا |
وَكانوا يُصِرّونَ عَلَى الحِنثِ العَظيمِ (آيت : 46) |
۽ ڪندا هئا اسرار (رڳو) ضد گناهه وڏي تي |
وَكانوا يَقولونَ أَئِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 47) |
۽ اهي چوندا هئا، ڇا جڏهن اسان مري مٽي ٿي ۽ هڏن جو پڃرو ٿينداسين ته وري اٿاريا وينداسين؟ |
أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 48) |
ڇا اهي اسان جا ابا ڏاڏا به اٿاريا ويندا؟ |
قُل إِنَّ الأَوَّلينَ وَالءاخِرينَ (آيت : 49) |
(اي نبي!) انهن ماڻهن کي چؤ، بيشڪ اڳيان ۽ پويان سڀئي |
لَمَجموعونَ إِلىٰ ميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 50) |
سڀ گڏ ٿيڻ وارا آهن ضرور هڪ ڏينهن، جنهن جو وقت معلوم آهي |
ثُمَّ إِنَّكُم أَيُّهَا الضّالّونَ المُكَذِّبونَ (آيت : 51) |
پوءِ بيشڪ توهان اي گمراهو ۽ منڪرؤ! |
لَءاكِلونَ مِن شَجَرٍ مِن زَقّومٍ (آيت : 52) |
توهان کاڌو کائڻ وارا آهيو ٿوهر جي وڻ مان |
فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 53) |
پوءِ انهيءَ مان ڀرڻ وارا آهيو پيٽ |
فَشٰرِبونَ عَلَيهِ مِنَ الحَميمِ (آيت : 54) |
پوءِ پيئندؤ انهيءَ جي مٿان ٽهڪندڙ پاڻي |
فَشٰرِبونَ شُربَ الهيمِ (آيت : 55) |
پوءِ ائين پيئندؤ جيئن اُڃايل اُٺ |
هٰذا نُزُلُهُم يَومَ الدّينِ (آيت : 56) |
اهو آهي کاٻي پاسي وارن جي مهمانيءَ جو سامان جزا جي ڏينهن |
نَحنُ خَلَقنٰكُم فَلَولا تُصَدِّقونَ (آيت : 57) |
اسان ئي ته پيدا ڪيو آهي توهان کي پوءِ ڇو نٿا تصديق ڪريو؟ |
أَفَرَءَيتُم ما تُمنونَ (آيت : 58) |
ڪڏهن غور ڪيو اٿوَ ته اهو جيڪو ڦڙو توهان وجهو ٿا؟ |
ءَأَنتُم تَخلُقونَهُ أَم نَحنُ الخٰلِقونَ (آيت : 59) |
ڇا توهان ان مان ٻار ٿا پيدا ڪريو يا اسين ٿا ان کي ٺاهيون؟ |
نَحنُ قَدَّرنا بَينَكُمُ المَوتَ وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 60) |
اسان ورهايو آهي توهان جي وچ ۾ موت کي ۽ ناهيون اسان ان ڳالهه کان عاجز |
عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ أَمثٰلَكُم وَنُنشِئَكُم فى ما لا تَعلَمونَ (آيت : 61) |
جو توهان جون بدلائي ڇڏيون شڪليون ۽ ڪنهن اهڙي شڪل ۾ توهان کي پيدا ڪريون جنهن کي توهان نٿا ڄاڻو |
وَلَقَد عَلِمتُمُ النَّشأَةَ الأولىٰ فَلَولا تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
۽ توهان ڄاڻو ٿا پنهنجي پيدائش کي جيڪا پهرين ٿي، پوءِ ڇو سبق نٿا وٺو؟ |
أَفَرَءَيتُم ما تَحرُثونَ (آيت : 63) |
ڪڏهن اهو به سوچيو اٿوَ ته هي ٻج جيڪو پوکيو ٿا |
ءَأَنتُم تَزرَعونَهُ أَم نَحنُ الزّٰرِعونَ (آيت : 64) |
ڇا توهان انهن مان اپايو ٿا يا اسين انهن مان اپائيندڙ آهيون؟ |
لَو نَشاءُ لَجَعَلنٰهُ حُطٰمًا فَظَلتُم تَفَكَّهونَ (آيت : 65) |
جيڪڏهن اسان چاهيون ته انهن کي ناس ڪري ڇڏيون ۽ توهان طرح طرح جون ڳالهيون ڪندا رهو |
إِنّا لَمُغرَمونَ (آيت : 66) |
ته اسان تي اٽلندو چٽي پئجي وئي |
بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 67) |
پر اسان جا ته نصيب ئي ڦٽل آهن |
أَفَرَءَيتُمُ الماءَ الَّذى تَشرَبونَ (آيت : 68) |
ڪڏهن اکيون پٽي ڏٺو اٿوَ ته جيڪو پاڻي توهان پيئو ٿا |
ءَأَنتُم أَنزَلتُموهُ مِنَ المُزنِ أَم نَحنُ المُنزِلونَ (آيت : 69) |
ڇا توهان ان کي ڪڪر مان وسايو آهي يا ان کي اسان ئي وسائڻ وارا آهيون؟ |
لَو نَشاءُ جَعَلنٰهُ أُجاجًا فَلَولا تَشكُرونَ (آيت : 70) |
جيڪڏهن چاهيون اسان ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇو نٿا شڪرگذار ٿيو؟ |
أَفَرَءَيتُمُ النّارَ الَّتى تورونَ (آيت : 71) |
ڪڏهن سوچيو اٿوَ ته هيءَ باهه جيڪا ٻاريو ٿا |
ءَأَنتُم أَنشَأتُم شَجَرَتَها أَم نَحنُ المُنشِـٔونَ (آيت : 72) |
ڇا ان جي وڻ پيدا ڪرڻ وارا توهين آهيو يا اسان ئي ان جا پيدا ڪندڙ آهيون؟ |
نَحنُ جَعَلنٰها تَذكِرَةً وَمَتٰعًا لِلمُقوينَ (آيت : 73) |
اسان بڻايو آهي ان کي يادگيريءَ جو وسيلو ۽ حاجتمندي جي زندگيءَ جو سامان |
فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 74) |
پوءِ (اي نبي!) تسبيح بيان ڪر پنهنجي رب عظيم جي |
فَلا أُقسِمُ بِمَوٰقِعِ النُّجومِ (آيت : 75) |
پوءِ ائين ناهي آئون قسم کڻان ٿو تارن جي موقعن جو |
وَإِنَّهُ لَقَسَمٌ لَو تَعلَمونَ عَظيمٌ (آيت : 76) |
۽ بيشڪ اهو قسم، جيڪڏهن توهان ڄاڻو ته تمام وڏو آهي |
إِنَّهُ لَقُرءانٌ كَريمٌ (آيت : 77) |
ته بيشڪ هي قرآن تمام وڏي پائي جو آهي |
فى كِتٰبٍ مَكنونٍ (آيت : 78) |
هڪ محفوظ ڪتاب ۾ (لکيل) |
لا يَمَسُّهُ إِلَّا المُطَهَّرونَ (آيت : 79) |
نٿو ڇهي سگهي ان کي پاڪن کان سواء |
تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
اهو نازل ڪيل آهي طرفان رب العالمين جي |
أَفَبِهٰذَا الحَديثِ أَنتُم مُدهِنونَ (آيت : 81) |
پوءِ ڇا هن ڪلام سان توهان بي توجهي جو ورتاءُ ڪريو ٿا |
وَتَجعَلونَ رِزقَكُم أَنَّكُم تُكَذِّبونَ (آيت : 82) |
۽ ڪريو ٿا پنهنجي ان حصي جي نعمت جو انڪار ڪوڙو ڀائڻ سان؟ |
فَلَولا إِذا بَلَغَتِ الحُلقومَ (آيت : 83) |
پوءِ ڇو نه جڏهن (ساهه) پهچي ٿو نڙگهٽ ۾ |
وَأَنتُم حينَئِذٍ تَنظُرونَ (آيت : 84) |
۽ توهان ان وقت ڏسندا |
وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِنكُم وَلٰكِن لا تُبصِرونَ (آيت : 85) |
ته اسان ئي ان کي ويجها هوندا آهيون توهان کان پر توهان نٿا ڏسو |
فَلَولا إِن كُنتُم غَيرَ مَدينينَ (آيت : 86) |
پوءِ جيڪڏهن توهان کي نه ڏنو ويندو بدلو |
تَرجِعونَها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 87) |
ته موٽايو ان کي جيڪڏهن ( واقعي) توهان سچا آهيو؟ |
فَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 88) |
پوءِ جيڪڏهن اهو آهي (الله جي) مقرب ٻانهن مان |
فَرَوحٌ وَرَيحانٌ وَجَنَّتُ نَعيمٍ (آيت : 89) |
پوءِ راحت ۽ (سهڻو) رزق آهي ان جي لاءِ نعمتن واري جنت |
وَأَمّا إِن كانَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 90) |
۽ جيڪڏهن آهي اهو ساڄي پاسي وارن مان (پوءِ ته) |
فَسَلٰمٌ لَكَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 91) |
ته سلام آهي تنهنجي لاءِ ساڄي پاسي وارن مان |
وَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُكَذِّبينَ الضّالّينَ (آيت : 92) |
۽ جيڪڏهن آهي اهو شخص ڪوڙو ڪندڙ آهي گمراهن مان (ته پوءِ) |
فَنُزُلٌ مِن حَميمٍ (آيت : 93) |
ته ان جي مهماني آهي ٽهڪندڙ پاڻي |
وَتَصلِيَةُ جَحيمٍ (آيت : 94) |
۽ (يقيني) داخل ٿيڻ دوزخ ۾ |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ حَقُّ اليَقينِ (آيت : 95) |
بيشڪ اهو ئي حق آهي يقيني |
فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 96) |
پوءِ ساراهه ڪر انهيءَ پالڻهار پنهنجي رب عظيم جي |