القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الرَّحۡمٰنِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 78


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

الرَّحمٰنُ (آيت : 1)

بيحد مهر واري (رحمان)

عَلَّمَ القُرءانَ (آيت : 2)

هي قرآن سيکاريو آهي

خَلَقَ الإِنسٰنَ (آيت : 3)

انهيءَ ئي انسان کي پيدا ڪيو

عَلَّمَهُ البَيانَ (آيت : 4)

۽ کيس ڳالهائڻ سيکاريائين

الشَّمسُ وَالقَمَرُ بِحُسبانٍ (آيت : 5)

سج ۽ چنڊ هڪڙي حساب سان ٻڌل آهن

وَالنَّجمُ وَالشَّجَرُ يَسجُدانِ (آيت : 6)

۽ تارا ۽ وڻ سڀئي سجدو ڪن ٿا

وَالسَّماءَ رَفَعَها وَوَضَعَ الميزانَ (آيت : 7)

آسمان کي هن اوچو ڪيو ۽ ٻئي پــُـڙ برابر رکڻ واري تارازي رکي ڇڏيائين

أَلّا تَطغَوا فِى الميزانِ (آيت : 8)

پوءِ توهان انهيءَ تارازي ۾ ڪو خلل نه وجهو

وَأَقيمُوا الوَزنَ بِالقِسطِ وَلا تُخسِرُوا الميزانَ (آيت : 9)

۽ تور انصاف سان پوري توريندا ڪريو ۽ تارازيءَ ۾ کوٽ نه ڪريو

وَالأَرضَ وَضَعَها لِلأَنامِ (آيت : 10)

زمين کي هن ساري مخلوقات لاءِ بڻايو

فيها فٰكِهَةٌ وَالنَّخلُ ذاتُ الأَكمامِ (آيت : 11)

منجهس هر قسم جا جهجها لذيذ ميوا آهن، کجيءَ جا وڻ آهن، جن جو ڦـر ٻوڪن ۾ ويڙهيل آهي

وَالحَبُّ ذُو العَصفِ وَالرَّيحانُ (آيت : 12)

قسمين قسمين اناج آهي، جنهن ۾ بُـهُه به ٿئي ٿو ته داڻو به

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 13)

پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟

خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ كَالفَخّارِ (آيت : 14)

انسان کي هن ســُـڪي ٺوٺ ٿي ويل ڪــِـني گاري مان خلقيو

وَخَلَقَ الجانَّ مِن مارِجٍ مِن نارٍ (آيت : 15)

۽ جنن کي باهه جي ڄڀيءَ مان پيدا ڪيائين

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 16)

پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي قدرت جي ڪهڙين ڪهڙين عجائبن کان انڪار ڪندؤ؟

رَبُّ المَشرِقَينِ وَرَبُّ المَغرِبَينِ (آيت : 17)

سج اڀرڻ جي ٻنهي هنڌن ۽ سج لهڻ جي ٻنهي هنڌن جو رب اهوئي آهي

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 18)

پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين قدرتن جو انڪار ڪندؤ

مَرَجَ البَحرَينِ يَلتَقِيانِ (آيت : 19)

ٻن سمنڊن کي ڇڏيائين ته پاڻ ۾ ملي وڃن

بَينَهُما بَرزَخٌ لا يَبغِيانِ (آيت : 20)

ته به وچ ۾ هڪڙو پردو اٿن، جنهن کان هو نٿا ٽپن

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 21)

پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي قدرت جي ڪهڙن ڪهڙن ڪرشمن جو انڪار ڪندؤ؟

يَخرُجُ مِنهُمَا اللُّؤلُؤُ وَالمَرجانُ (آيت : 22)

انهن سمنڊن مان موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 23)

پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي قدرت جي ڪهڙن ڪهڙن ڪمالن جو انڪار ڪندؤ؟

وَلَهُ الجَوارِ المُنشَـٔاتُ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 24)

۽ انهيءَ جا ئي آهن اهي جهاز، جيڪي سمنڊ ۾ جبلن وانگر اوچا کڙا ٿيا بيٺا آهن

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 25)

پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙن ڪهڙن احسانن جو انڪار ڪندؤ؟

كُلُّ مَن عَلَيها فانٍ (آيت : 26)

هر شيءِ جيڪا هن ڌرتيءَ تي آهي سا فنا ٿيڻ واري آهي

وَيَبقىٰ وَجهُ رَبِّكَ ذُو الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 27)

۽ فقط تنهنجي رب جي وڏي شان شوڪت ۽ نهايت مانَ واري ذات وڃي باقي رهندي

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 28)

پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙن ڪهڙن ڪمالن جو انڪار ڪندؤ؟

يَسـَٔلُهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلَّ يَومٍ هُوَ فى شَأنٍ (آيت : 29)

آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهن کانئس ئي پنهنجون مرادون گهرن ٿا، هر روز هو نرالي شان ۾ آهي

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 30)

پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين اعليٰ صفتن جو انڪار ڪندؤ؟

سَنَفرُغُ لَكُم أَيُّهَ الثَّقَلانِ (آيت : 31)

اي ٻئي ٽولؤ جن جو بار ڌرتيءَ تي آهي، اسان ڄاڻُ ٿا توهان جي پڇاڻي لاءِ واندا ٿيون

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 32)

(پوءِ ڏسي وٺنداسون ته) توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙن ڪهڙن احسانن جو انڪار ٿا ڪريو؟

يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنِ استَطَعتُم أَن تَنفُذوا مِن أَقطارِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ فَانفُذوا لا تَنفُذونَ إِلّا بِسُلطٰنٍ (آيت : 33)

اي جنن ۽ انسانن جا ٽولؤ! جيڪڏهن توهان کي آسمانن ۽ زمين جي حدن کان نڪري ڀڄي وڃڻ جي طاقت آهي ته ڀڄي ڏيکاريو. توهان اصلي نه ڀڄي سگهندؤ، ان لاءِ وڏو زور گهرجي

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 34)

پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! پنهنجي رب جي قدرت جي ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين جو توهان انڪار ڪندؤ؟

يُرسَلُ عَلَيكُما شُواظٌ مِن نارٍ وَنُحاسٌ فَلا تَنتَصِرانِ (آيت : 35)

(توهان ڀڄڻ جي ڪندؤ ته) توهان تي باهه جو شعلو ۽ دونهون ڇڏيو ويندو، جنهن سان توهان نه پــُـڄي سگهندؤ

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 36)

اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي قدرت جي ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين جو انڪار ڪندؤ؟

فَإِذَا انشَقَّتِ السَّماءُ فَكانَت وَردَةً كَالدِّهانِ (آيت : 37)

پوءِ (ڳالهه وڃي ڪٿي بيهندي) جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو ۽ ڳاڙهي چمڙي جيان ڳاڙهو لعل ٿي ويندو

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 38)

(ته پوءِ ان وقت) اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين قدرت جي ڳالهين جو انڪار ڪندؤ؟

فَيَومَئِذٍ لا يُسـَٔلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلا جانٌّ (آيت : 39)

انهيءَ ڏينهن ڪنهن به انسان ۽ ڪنهن به جن کان سندس گناهه پڇڻ جي ڪا ضرورت نه هوندي

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 40)

(پوءِ اها ڳالهه ڏٺي ويندي ته) توهان ٻئي ٽولا پنهنجي رب جي ڪهڙن ڪهڙن احسانن جو انڪار ٿا ڪريو؟

يُعرَفُ المُجرِمونَ بِسيمٰهُم فَيُؤخَذُ بِالنَّوٰصى وَالأَقدامِ (آيت : 41)

ڏوهاري اتي پنهنجن منهن مان ئي سڃاتا ويندا، پوءِ ڄـُـنڊن ۽ پيرن کان پڪڙي گهليا ويندا

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 42)

پوءِ (ان وقت) توهان ٻئي پنهنجي رب جي قدرت جي ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين جو انڪار ڪندؤ؟

هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى يُكَذِّبُ بِهَا المُجرِمونَ (آيت : 43)

(چيو ويندن ته) اهو اٿوَ اُهو جهنم، جنهن کي ڏوهاري ڪوڙ سڏيندا هئا

يَطوفونَ بَينَها وَبَينَ حَميمٍ ءانٍ (آيت : 44)

انهيءَ جهنم ۽ ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي وچ ۾ پيا ڦيرا ڏيندا رهندا

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 45)

پوءِ پنهنجي رب جي قدرت جي ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين جو توهان انڪار ڪندؤ؟

وَلِمَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ جَنَّتانِ (آيت : 46)

۽ هر انهيءَ شخص لاءِ جيڪو پنهنجي رب آڏو پيش ٿيڻ جو ڊپ ڌاريندو هجي ٻه باغ آهن

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 47)

پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙن ڪهڙن انعامن جو انڪار ڪندؤ

ذَواتا أَفنانٍ (آيت : 48)

چهچ ساين ٽارين وارا تمام گهاٽا

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 49)

پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين مهربانين جو انڪار ڪندؤ؟

فيهِما عَينانِ تَجرِيانِ (آيت : 50)

ٻنهي باغن ۾ ٻه چشما پيا وهندا

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 51)

توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟

فيهِما مِن كُلِّ فٰكِهَةٍ زَوجانِ (آيت : 52)

ٻنهي باغن ۾ هر ميوي جا ٻه قسم هوندا

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 53)

توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙن ڪهڙن انعامن جو انڪار ڪندؤ؟

مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ فُرُشٍ بَطائِنُها مِن إِستَبرَقٍ وَجَنَى الجَنَّتَينِ دانٍ (آيت : 54)

جنت وارا طول وهاڻن کي ٽيڪ ڏئي ويهندا، اهڙن وڇاڻن تي جن جا استر ٿلهي ريشم جا هوندا ۽ باغن جون ٽاريون ڦــَـرَ سبب هيٺ جهڪي آيل هونديون

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 55)

پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟

فيهِنَّ قٰصِرٰتُ الطَّرفِ لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 56)

انهن نعمتن جي وچ ۾ لـڄ کان اکيون هيٺ ڪرڻ واريون هونديون، جن کي انهن جنت وارن کان اڳ ڪنهن به انسان يا جــِـنَ هٿ نه لاتو هوندو

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 57)

توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟

كَأَنَّهُنَّ الياقوتُ وَالمَرجانُ (آيت : 58)

اهڙيون ته سهڻيون جهڙا هيرا ۽ موتي

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 59)

پوءِ توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟

هَل جَزاءُ الإِحسٰنِ إِلَّا الإِحسٰنُ (آيت : 60)

نيڪيءَ جو بدلو نيڪيءَ کان سواءِ به ڪو ٿيندو آهي ڇا؟

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 61)

پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين اعليٰ صفتن جو انڪار ڪندؤ؟

وَمِن دونِهِما جَنَّتانِ (آيت : 62)

انهن ٻن باغن کان سواءِ ٻه ٻيا باغ هوندا

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 63)

پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو توهان ٻئي انڪار ڪندؤ؟

مُدهامَّتانِ (آيت : 64)

ڏاڍا چهچ ساوا باغ

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 65)

توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟

فيهِما عَينانِ نَضّاخَتانِ (آيت : 66)

ٻنهي باغن ۾ ٻه چشما ڦوهارن وانگر پاڻي اڇلائيندڙ

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 67)

پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو توهان ٻئي انڪار ڪندؤ؟

فيهِما فٰكِهَةٌ وَنَخلٌ وَرُمّانٌ (آيت : 68)

انهن ۾ جهجها ميوا ۽ کارڪون ۽ ڏاڙهون هوندا

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 69)

پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين مهربانين جو توهان انڪار ڪندؤ؟

فيهِنَّ خَيرٰتٌ حِسانٌ (آيت : 70)

انهن نعمتن جي وچ ۾ هونديون سيرت جون ڀليون ۽ صورت جون سهڻيون زالون

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 71)

پنهنجي رب جي ڪهڙن ڪهڙن انعامن جو توهان ٻئي انڪار ڪندؤ؟

حورٌ مَقصورٰتٌ فِى الخِيامِ (آيت : 72)

تنبن ۾ ترسايل حورون

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 73)

پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين مهربانين جو توهان ٻئي انڪار ڪندؤ؟

لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 74)

انهن جنت وارن کان اڳ ڪنهن به انسان يا جن کين هٿ نه لاٿو هوندو

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 75)

پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو توهان ٻئي انڪار ڪندؤ؟

مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ رَفرَفٍ خُضرٍ وَعَبقَرِىٍّ حِسانٍ (آيت : 76)

اهي جنتي ساون غاليچن ۽ نهايت نرم ۽ اڻ لڀ سهڻن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويهندا

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 77)

پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو توهان ٻئي انڪار ڪندؤ؟

تَبٰرَكَ اسمُ رَبِّكَ ذِى الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 78)

وڏيءَ برڪت وارو آهي، تنهنجي وڏي دٻدٻي ۽ مانَ واري رب جو نانءُ


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025