| الرَّحمٰنُ (آيت : 1) |
|
وڏي مهربان (خدا) |
| عَلَّمَ القُرءانَ (آيت : 2) |
|
ان ئي قرآن جي تعليم ڏني. |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ (آيت : 3) |
|
ان ئي انسان کي پيدا ڪيو. |
| عَلَّمَهُ البَيانَ (آيت : 4) |
|
ان ئي ان کي (پنهنجو مطلب) بيان ڪرڻ سيکاريو. |
| الشَّمسُ وَالقَمَرُ بِحُسبانٍ (آيت : 5) |
|
سج ۽ چنڊ هڪ مقرر (ڪيل) حساب سان (هلي) رهيا آهن. |
| وَالنَّجمُ وَالشَّجَرُ يَسجُدانِ (آيت : 6) |
|
وليون ۽ وڻ ٻئي هن کي سجدو ڪندا رهن ٿا. |
| وَالسَّماءَ رَفَعَها وَوَضَعَ الميزانَ (آيت : 7) |
|
۽ آسمان کي بلند ڪيو اٿس ۽ (انصاف) جي ترازي قائم ڪئي اٿس. |
| أَلّا تَطغَوا فِى الميزانِ (آيت : 8) |
|
هن لاءِ ته اوهين (به) ترازي (تورڻ) ۾ حد کان لنگهي نه وڃو. |
| وَأَقيمُوا الوَزنَ بِالقِسطِ وَلا تُخسِرُوا الميزانَ (آيت : 9) |
|
۽ انصاف سان تور برابر ڪريو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو. |
| وَالأَرضَ وَضَعَها لِلأَنامِ (آيت : 10) |
|
۽ ماڻهن (جي فائدي) لاءِ زمين کي پکيڙيو اٿس. |
| فيها فٰكِهَةٌ وَالنَّخلُ ذاتُ الأَكمامِ (آيت : 11) |
|
ان ۾ ميوا ۽ چپڙڀن واريون کجيون. |
| وَالحَبُّ ذُو العَصفِ وَالرَّيحانُ (آيت : 12) |
|
۽ تهن وارو ان ۽ خوشبودار ٻوٽا آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 13) |
|
ته پوءِ (اي جنو ۽ انسانو) اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا؟ |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ كَالفَخّارِ (آيت : 14) |
|
ان ئي انسان کي ٺڪريءَ جهڙيءَ چيڪي مٽيءَ مان بنايو. |
| وَخَلَقَ الجانَّ مِن مارِجٍ مِن نارٍ (آيت : 15) |
|
۽ ان جنن کي باھ جي ڄڀيءَ مان بنايو. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 16) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا. |
| رَبُّ المَشرِقَينِ وَرَبُّ المَغرِبَينِ (آيت : 17) |
|
اهو ئي (سردي گرميءَ جي) ٻنهي مشرقن جو مالڪ آهي ۽ ٻنهي مغربن جو (به) مالڪ آهي. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 18) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا. |
| مَرَجَ البَحرَينِ يَلتَقِيانِ (آيت : 19) |
|
ان ئي ٻئي سمنڊ جاري ڪيا جي پاڻ ۾ گڏجن ٿا. |
| بَينَهُما بَرزَخٌ لا يَبغِيانِ (آيت : 20) |
|
انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو آهي جو هڪ ٻئي تي زيادتي نه ٿا ڪن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 21) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا. |
| يَخرُجُ مِنهُمَا اللُّؤلُؤُ وَالمَرجانُ (آيت : 22) |
|
انهن ٻنهين مان موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 23) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا. |
| وَلَهُ الجَوارِ المُنشَـٔاتُ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 24) |
|
۽ ان جا ئي سمنڊ ۾ سڙھ کنيل جبلن جهڙا اوچا جهاز آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 25) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا. |
| كُلُّ مَن عَلَيها فانٍ (آيت : 26) |
|
جيڪو به زمين تي آهي سو فنا ٿيڻ وارو آهي. |
| وَيَبقىٰ وَجهُ رَبِّكَ ذُو الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 27) |
|
۽ تنهنجي پالڻهار جي ذات جا عظمت ۽ ڪرامت واري آهي باقي رهندي. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 28) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا. |
| يَسـَٔلُهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلَّ يَومٍ هُوَ فى شَأنٍ (آيت : 29) |
|
جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن (سڀ) ان کان گهرن ٿا. سڀ ڪنهن ڏينهن (هر وقت) مخلوق جي هڪ نه هڪ ڪم ۾ آهي. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 30) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا. |
| سَنَفرُغُ لَكُم أَيُّهَ الثَّقَلانِ (آيت : 31) |
|
اي ٻئي وڏيون قومون اسين جلد ئي اوهان ڏانهن رخ رکنداسون. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 32) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا. |
| يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنِ استَطَعتُم أَن تَنفُذوا مِن أَقطارِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ فَانفُذوا لا تَنفُذونَ إِلّا بِسُلطٰنٍ (آيت : 33) |
|
اي جنن ۽ انسانن جون جماعتون جيڪڏهن اوهان کي طاقت آهي ته آسمانن ۽ زمين جي ڪنارن مان (ٿيندا ڪنهن پاسي) نڪري (موت يا عذاب کان بچي سگهو ته نڪري وڃو (پر) اوهين ته سواءِ طاقت ۽ غلبي جي نڪري نٿا سگهو (ڇا ڪاڻ ته توهان ۾ نه قوت آهي نه غلبو) |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 34) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا. |
| يُرسَلُ عَلَيكُما شُواظٌ مِن نارٍ وَنُحاسٌ فَلا تَنتَصِرانِ (آيت : 35) |
|
(گنهگار جنو ۽ انسانو! دوزخ ۾) اوهان ٻنهي تي باھ جي سائي (رنگ) جي ڄڀي ۽ ڪارو دونهو موڪليو ويندو ته اوهين ٻئي (ڪنهن طرح روڪي سگهندو. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 36) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا. |
| فَإِذَا انشَقَّتِ السَّماءُ فَكانَت وَردَةً كَالدِّهانِ (آيت : 37) |
|
پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽي (قيامت ۾ تتل) تيل وانگر ڳاڙهو ٿي پوندو. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 38) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا. |
| فَيَومَئِذٍ لا يُسـَٔلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلا جانٌّ (آيت : 39) |
|
پوءِ ان ڏينهن نه ته ڪنهين انسان کان سندس گناھ بابت پڇيو ويندو ۽ نه ڪنهن جن کان. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 40) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا. |
| يُعرَفُ المُجرِمونَ بِسيمٰهُم فَيُؤخَذُ بِالنَّوٰصى وَالأَقدامِ (آيت : 41) |
|
ڏوهاري پنهنجي شڪلين مان سڃاتا ويندا. پوءِ پيشانين ۽ پيرن کان پڪڙي کين دوزخ ۾ ڌوڪيو ويندو. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 42) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى يُكَذِّبُ بِهَا المُجرِمونَ (آيت : 43) |
|
(پوءِ کين چيو ويندو ته) هي اهو دوزخ آهي جنهن کي ڏوهارين ڪوڙو ٿي ڄاتو. |
| يَطوفونَ بَينَها وَبَينَ حَميمٍ ءانٍ (آيت : 44) |
|
ان (باھ) جي وچ ۾ ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي وچ ۾ (بيقراري ۾ ڊوڙندا) پيا چڪر ڪاٽيندا). |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 45) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| وَلِمَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ جَنَّتانِ (آيت : 46) |
|
۽ جو شخص پنهنجي پروردگار جي اڳيان بيهڻ کان ڊڄندو رهيو تنهن لاءِ ٻه باغ آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 47) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| ذَواتا أَفنانٍ (آيت : 48) |
|
اهي ٻئي باغ گهاٽا (ميوي دار) آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 49) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| فيهِما عَينانِ تَجرِيانِ (آيت : 50) |
|
انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما به آهن جي پيا وهندا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 51) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| فيهِما مِن كُلِّ فٰكِهَةٍ زَوجانِ (آيت : 52) |
|
انهن ٻنهي باغن ۾ سڀ ڪنهن ميوي جا ٻه ٻه قسم هوندا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 53) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ فُرُشٍ بَطائِنُها مِن إِستَبرَقٍ وَجَنَى الجَنَّتَينِ دانٍ (آيت : 54) |
|
اهڙن (طول) وهاڻن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا جن جا استر (ڇوون) ٿلهي اطلس (ريشم) جا هوندا ۽ ٻنهي باغن جا ميوا (ايترو ته) ويجها هوندا (جو جيڪڏهن چاهين ته لڳل ئي کائن). |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 55) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| فيهِنَّ قٰصِرٰتُ الطَّرفِ لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 56) |
|
انهن ۾ (پاڪدامن) ڌاري ڏي اک کڻي نه ڏسڻ واريون زالون هونديون جن کي هن کان اڳي نه ڪنهن انسان هٿ لاتو هوندو ۽ نه ڪنهن جن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 57) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| كَأَنَّهُنَّ الياقوتُ وَالمَرجانُ (آيت : 58) |
|
(اهڙيون سهڻيون جو) ڄڻ ته اهي (مجسم) ياقوت يا مرجان آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 59) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| هَل جَزاءُ الإِحسٰنِ إِلَّا الإِحسٰنُ (آيت : 60) |
|
ڀلا نيڪي جو بدلو نيڪيءَ کان سواءِ ڪجھ ٻيو به آهي ڇا؟ |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 61) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| وَمِن دونِهِما جَنَّتانِ (آيت : 62) |
|
۽ انهن ٻن باغن کان سواءِ ٻه باغ ٻيا (به) آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 63) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| مُدهامَّتانِ (آيت : 64) |
|
اهي (ٻئي) ڏاڍا گهاٽا سرسبز آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 65) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| فيهِما عَينانِ نَضّاخَتانِ (آيت : 66) |
|
انهن ٻنهي ۾ ڦوهارا هڻندڙ چشما آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 67) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| فيهِما فٰكِهَةٌ وَنَخلٌ وَرُمّانٌ (آيت : 68) |
|
انهن ٻنهين ۾ ميوا ۽ خرما ۽ ڏاڙهيون آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 69) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| فيهِنَّ خَيرٰتٌ حِسانٌ (آيت : 70) |
|
انهن باغن ۾ خوش خلق ۽ سهڻيون زالون هونديون. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 71) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| حورٌ مَقصورٰتٌ فِى الخِيامِ (آيت : 72) |
|
اهي ڪارين اکين واريون حورون تنبن ۾ لڪل ويٺيون هونديون. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 73) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندو؟ |
| لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 74) |
|
تن کي انهن کان اڳي نه ڪنهن انسان هٿ لاتو هوندو ۽ نه ڪنهن جن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 75) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ رَفرَفٍ خُضرٍ وَعَبقَرِىٍّ حِسانٍ (آيت : 76) |
|
اهي ساون غاليچن ۽ نفيس مسندن تي ٽيڪ لڳائي (ويٺا) هوندا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 77) |
|
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو. |
| تَبٰرَكَ اسمُ رَبِّكَ ذِى الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 78) |
|
(اي رسول) تنهنجو پروردگار جو جلال ۽ ڪرامت وارو آهي تنهن جو نالو وڏي برڪت وارو آهي. |