القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الرَّحۡمٰنِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 78


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

الرَّحمٰنُ (آيت : 1)

ڏاتار ڏيهن کي، ڏيندڙ ڏان،

عَلَّمَ القُرءانَ (آيت : 2)

قادِر سيکاريو قرآن،

خَلَقَ الإِنسٰنَ (آيت : 3)

عجب اُپايو تِنهن اِنسان،

عَلَّمَهُ البَيانَ (آيت : 4)

خُوب سيکارِينسِ باب بيان،

الشَّمسُ وَالقَمَرُ بِحُسبانٍ (آيت : 5)

سِج، چنڊ بِه، حساب سان هَر آن.

وَالنَّجمُ وَالشَّجَرُ يَسجُدانِ (آيت : 6)

وَليون، اوڀر عالِيشان، سَڀَئـِي سَجدو ڪن سُبحان،

وَالسَّماءَ رَفَعَها وَوَضَعَ الميزانَ (آيت : 7)

ايڏو سارو آسمان، ڪَيُسِ مَٿاهون مِهربان، ۽ رکيو ساهِمِئَ کي، سُلطان،

أَلّا تَطغَوا فِى الميزانِ (آيت : 8)

تان مُور نه مُنجھو مَنجھ مِيزان.

وَأَقيمُوا الوَزنَ بِالقِسطِ وَلا تُخسِرُوا الميزانَ (آيت : 9)

۽ توريو عدل ساڻ عيان، ۽ ڪَمِي ڪانٽي ۾ ڪريو ڪانه،

وَالأَرضَ وَضَعَها لِلأَنامِ (آيت : 10)

۽ ڀون پکيڙِينسِ بي گُمان، ۽ عالم ساري تي اِحسان،

فيها فٰكِهَةٌ وَالنَّخلُ ذاتُ الأَكمامِ (آيت : 11)

جنهن ۾ ميون جا ميدان، ۽ کَجيون ڇَپرين سان چَسپان،

وَالحَبُّ ذُو العَصفِ وَالرَّيحانُ (آيت : 12)

۽ تُہ ۽ بُہ ۾، اَن اَرزان، ۽ سُهڻا، سُرها گَل ريحان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 13)

پوءِ ڌَڻِي پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو. اي جن، اِنسان!

خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ كَالفَخّارِ (آيت : 14)

عَجَب اُپائـِين، هِي اِنسان، مِٽِي پَڪل مان، مِهربان، ٺَڙ ٺَڙ واري، ٺِڪر مَڪان،

وَخَلَقَ الجانَّ مِن مارِجٍ مِن نارٍ (آيت : 15)

۽ باھِ ڄِڀئـِي مان، بي گُمان، جوڙئـِين جِن ۽ شَر شيطان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 16)

پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان ؟ جُوٺ چئو، اي جِن، اِنسان!

رَبُّ المَشرِقَينِ وَرَبُّ المَغرِبَينِ (آيت : 17)

صَحِي سَنڀالِيندڙ سُبحان، اوڀر جا ٻَئـِي آستان، ٻِن اولهن جو آگيوان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 18)

پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟، جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!

مَرَجَ البَحرَينِ يَلتَقِيانِ (آيت : 19)

ٻَه بَحر برابر بي پايان، جارِي ڪيائـِين مَنجھ جھان، مِلن وَڃيو ٻَئـِي ڪِنهن به مڪان،

بَينَهُما بَرزَخٌ لا يَبغِيانِ (آيت : 20)

تَن ٻِن وِچ، پَردو ڪو پنهان، هڪ ٻئي تي، ڪن هلان سي ڪانه،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 21)

پوءِ ڌَڻِئَ پنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!

يَخرُجُ مِنهُمَا اللُّؤلُؤُ وَالمَرجانُ (آيت : 22)

تَن ٻِن مان حِڪمت ساڻ حَنّان، نِڪرن موتِي ۽ مَرجان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 23)

پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!

وَلَهُ الجَوارِ المُنشَـٔاتُ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 24)

۽ آهِن سَگھ، سَندِي سُبْحان، هَلندڙ ٻيڙا، هَر زمان، مَنجھ سَمنڊ، سَٿيل سامان، جِھڙا جاڏا جَبل جَھان، پَريان نِڪرن ٿِي نِشان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 25)

پوءِ ڌڻئ پنهنجي جا ڪهڙا دان؟جُوٺ چئو، اي جن، اِنسان!

كُلُّ مَن عَلَيها فانٍ (آيت : 26)

هِن تي وَسندڙ،سڀ ويران،

وَيَبقىٰ وَجهُ رَبِّكَ ذُو الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 27)

ذات تُنهنجي ڌَڻِئَ دَيَّان، باقِي رَهندِي بيگمان، جو صاحب عزّت ۽ اِحسان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 28)

پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چئو اي، جِن اِنسان!

يَسـَٔلُهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلَّ يَومٍ هُوَ فى شَأنٍ (آيت : 29)

جيڪِي اَندر آسمان، جيڪِي مَنجھ زَمِين زمان، گُھرن اُنهِئَ کان سَڀ گُذران، نِت نِئين حِڪمت ۾ حَنان، نئين نئين جوڙي جوڙ جھان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 30)

پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ ڇئو، اي جِن اِنسان!

سَنَفرُغُ لَكُم أَيُّهَ الثَّقَلانِ (آيت : 31)

جلد اوهان لئي، جِن، انسان!، ڏينداسون، داد مَٿي ڌِيان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 32)

پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!

يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنِ استَطَعتُم أَن تَنفُذوا مِن أَقطارِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ فَانفُذوا لا تَنفُذونَ إِلّا بِسُلطٰنٍ (آيت : 33)

اي جماعتون! جِن، اِنسان، ساريو جُرئت، ڪا مَنجھ جان، ته ڪٿان به، ڪَنڌيَن مان آسمان، ڀَر پاسي ڀُون مان، بي گمان، ڀَڄِي نِڪرو اي نادان!، نِڪري نه سَگھندا نيٺ نِڌان!، مقابِلي ري مَنجھ ميدان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 34)

پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چئو، اي جِن، اِنسان!

يُرسَلُ عَلَيكُما شُواظٌ مِن نارٍ وَنُحاسٌ فَلا تَنتَصِرانِ (آيت : 35)

اوهان مٿي، اي جِن، اِنسان! وَسندا، بَرسِر بيگمان، ٽامون، اُلون آگ عيان، پوئوارِي پوءِ، ٿِينديان ڪانه،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 36)

پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!

فَإِذَا انشَقَّتِ السَّماءُ فَكانَت وَردَةً كَالدِّهانِ (آيت : 37)

پوءِ اوچتو هِي آسمان، جڏهن ڦاٽو، سِين فرمان، پوءِ هُوندو، اَرتو، ارغوان، ڪُل آڌوڙ جا اَرڪان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 38)

پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چئو، اي جن اِنسان!

فَيَومَئِذٍ لا يُسـَٔلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلا جانٌّ (آيت : 39)

پوءِ اُن ڏِينهن، ڪنان ڪِنهن جِن اِنسان، بابت سَندسِ بَديَن بيان، مور نه پُڇبو، مَنجھ ميدان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 40)

پوءِ ڌڻئَ پنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!

يُعرَفُ المُجرِمونَ بِسيمٰهُم فَيُؤخَذُ بِالنَّوٰصى وَالأَقدامِ (آيت : 41)

مَدا سُڃاپَن مَنجھ ميدان، سَندنِ نِراڙن جي نِيشان، پوءِ پير، پيشانيان، پَڪڙبان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 42)

پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جَن، اِنسان!

هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى يُكَذِّبُ بِهَا المُجرِمونَ (آيت : 43)

هِي جَھَنَّم، مَنجھ جولان، جنهن کي ڪُوڙو ڪوٺِينِ ٿا ڪُفران،

يَطوفونَ بَينَها وَبَينَ حَميمٍ ءانٍ (آيت : 44)

تِنهن وِچ ۽ جَر جَلائـِيندڙ جان، ڦِرندا گِھرندا بي فرمان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 45)

پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!

وَلِمَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ جَنَّتانِ (آيت : 46)

۽ جو ڊِنو بِيهڻ کان بيگمان، اڳيان پَنهنجي رَبَّ، رَحمان، تِنهن لئي، ٻه باغ ڀَلا بُستان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 47)

پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا، ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!

ذَواتا أَفنانٍ (آيت : 48)

شاخن وارا عالِى شان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 49)

پوءِ ڌڻئ پنهنجي جاڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!

فيهِما عَينانِ تَجرِيانِ (آيت : 50)

ٻه تَلاءِ تَن ۾، روز روان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 51)

پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن اِنسان!

فيهِما مِن كُلِّ فٰكِهَةٍ زَوجانِ (آيت : 52)

ٻِن باغن ۾ بي گُمان، هر ميوي جا، مَنجھ هر مڪان، ٻه جوڙا جِنس عَجِيب عيان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 53)

پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!

مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ فُرُشٍ بَطائِنُها مِن إِستَبرَقٍ وَجَنَى الجَنَّتَينِ دانٍ (آيت : 54)

ويٺل خاص هنڌن تي خان، جَن اَستر اَطلس عالِى شان، ۽ ٻن باغن جا بي گمان، ميوا ويجھا مُنهن مَڪان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 55)

پوءِ ڌَڻِئَ پنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!

فيهِنَّ قٰصِرٰتُ الطَّرفِ لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 56)

هيٺ نگاهن، نوجوان، هَٿ نه لاتو، جَن جي جان، اِن کان اڳ، ڪِنهن جِن، اِنسان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 57)

پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!

كَأَنَّهُنَّ الياقوتُ وَالمَرجانُ (آيت : 58)

سي ڪَر ياقُوت ۽ مَرجان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 59)

پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!

هَل جَزاءُ الإِحسٰنِ إِلَّا الإِحسٰنُ (آيت : 60)

ناهي بَدلو بيگمان، اِحسان جو، ري اِحسان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 61)

پوءِ ڌڻئَ پنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن، اِنسان!

وَمِن دونِهِما جَنَّتانِ (آيت : 62)

تَن ٻِن باغن ري بي گمان، ٻِيا ٻَه باغ، ڀَلا بستان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 63)

پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!

مُدهامَّتانِ (آيت : 64)

بي حد ساوا بي گُمان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 65)

پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!

فيهِما عَينانِ نَضّاخَتانِ (آيت : 66)

ٻَه تلاء تن ۾، بي گمان، مِثل ڦُوهارن، فرحت جان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 67)

پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!

فيهِما فٰكِهَةٌ وَنَخلٌ وَرُمّانٌ (آيت : 68)

ٻِن ۾ ميون جا ميدان، خاصيون کجيون، ڏاڙهون ڏان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 69)

پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!.

فيهِنَّ خَيرٰتٌ حِسانٌ (آيت : 70)

تَن ۾ نارِيون نور نِشان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 71)

پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!

حورٌ مَقصورٰتٌ فِى الخِيامِ (آيت : 72)

نيڻ ڪٽورا، نوجوان، حورون پَردن ۾ پنهان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 73)

پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!

لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 74)

هَٿ نه لايو، جَن جي، جان، اِن کان اڳ ڪِنهن جِن، اِنسان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 75)

پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!

مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ رَفرَفٍ خُضرٍ وَعَبقَرِىٍّ حِسانٍ (آيت : 76)

سِر وِهاڻن ويٺل خان، جي سائـِرا، ۽ سَبز نِشان، سُهڻين سيجن تي سُلطان،

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 77)

پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!

تَبٰرَكَ اسمُ رَبِّكَ ذِى الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 78)

برڪت ڀريو بي گمان، نالو تُنهنجي، ربَّ، رحمان، جو صاحِب عِزَّت ۽ اِحسان.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025