| الرَّحمٰنُ (آيت : 1) |
|
رحمان، |
| عَلَّمَ القُرءانَ (آيت : 2) |
|
قرآن سيکاريو، |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ (آيت : 3) |
|
انسان کي پيدا ڪيائين، |
| عَلَّمَهُ البَيانَ (آيت : 4) |
|
ان کي ڳالهائڻ سيکاريائين. |
| الشَّمسُ وَالقَمَرُ بِحُسبانٍ (آيت : 5) |
|
سج ۽ چنڊ (مقرر)حساب سان هلن ٿا. |
| وَالنَّجمُ وَالشَّجَرُ يَسجُدانِ (آيت : 6) |
|
وليو ن۽ وڻ ٻئي سجدو ڪندا رهن ٿا. |
| وَالسَّماءَ رَفَعَها وَوَضَعَ الميزانَ (آيت : 7) |
|
۽ آسمان کي بلند ڪيو اٿس ۽ (اتي) ترازي رکي اٿس، |
| أَلّا تَطغَوا فِى الميزانِ (آيت : 8) |
|
ته ترازي ۾ حد کان لنگهي نه وڃو. |
| وَأَقيمُوا الوَزنَ بِالقِسطِ وَلا تُخسِرُوا الميزانَ (آيت : 9) |
|
۽ انصاف سان تور برابر ڪريو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو. |
| وَالأَرضَ وَضَعَها لِلأَنامِ (آيت : 10) |
|
۽ ماڻهن لاءِ زمين کي پکيڙيو اٿس. |
| فيها فٰكِهَةٌ وَالنَّخلُ ذاتُ الأَكمامِ (آيت : 11) |
|
ان ۾ ميوا ۽ چپڙين واريون کجيون |
| وَالحَبُّ ذُو العَصفِ وَالرَّيحانُ (آيت : 12) |
|
۽ تُهن وارو اُن ۽ خوشبودار ٻوٽا آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 13) |
|
پوءِ (اي جنو ۽ انسانو !) اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ كَالفَخّارِ (آيت : 14) |
|
انسان کي ٺڪريءَ جهڙيءَ چيڪي مٽيءَ مان بنايائين، |
| وَخَلَقَ الجانَّ مِن مارِجٍ مِن نارٍ (آيت : 15) |
|
۽ جنّ باهه جي ڄڀيءَ مان بنايائين. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 16) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| رَبُّ المَشرِقَينِ وَرَبُّ المَغرِبَينِ (آيت : 17) |
|
(اهو) ٻنهي اوڀرن جو مالڪ ۽ ٻنهي اولهن جو مالڪ آهي |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 18) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| مَرَجَ البَحرَينِ يَلتَقِيانِ (آيت : 19) |
|
ٻن سمنڊن کي ڇڏيو اٿس ته ٻئي پاڻ ۾ گڏجن. |
| بَينَهُما بَرزَخٌ لا يَبغِيانِ (آيت : 20) |
|
انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو آهي جو هڪ ٻئي تي زيادتي نٿا ڪن، |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 21) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| يَخرُجُ مِنهُمَا اللُّؤلُؤُ وَالمَرجانُ (آيت : 22) |
|
انهن ٻنهي مان موتي ۽مرجان نڪرن ٿا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 23) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| وَلَهُ الجَوارِ المُنشَـٔاتُ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 24) |
|
۽ ان جائي سمنڊ ۾ سڙ کنيل جبلن جهڙا جهاز آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 25) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| كُلُّ مَن عَلَيها فانٍ (آيت : 26) |
|
جيڪو به زمين تي آهي سو فنا ٿيڻ وارو آهي |
| وَيَبقىٰ وَجهُ رَبِّكَ ذُو الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 27) |
|
۽ تنهنجي پاليندڙ جو منهن باقي رهندو جو وڏائي ۽ چڱائي ڪرڻ وارو آهي. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 28) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| يَسـَٔلُهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلَّ يَومٍ هُوَ فى شَأنٍ (آيت : 29) |
|
جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي ان کان گهرن ٿا.سڀڪنهن ڏينهن اهو (جدا جدا) شان ۾ آهي. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 30) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| سَنَفرُغُ لَكُم أَيُّهَ الثَّقَلانِ (آيت : 31) |
|
اي ٻئي ڳريو ن قومون! (جنو ۽ انسانو !) اسين جلد اوهان (کان حساب ڪتاب وٺڻ) لاءِ واندا ٿينداسون. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 32) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنِ استَطَعتُم أَن تَنفُذوا مِن أَقطارِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ فَانفُذوا لا تَنفُذونَ إِلّا بِسُلطٰنٍ (آيت : 33) |
|
پوءِ اي جنن ۽ انسانن جون جماعتون جيڪڏهن اوهين آسمانن ۽ زمين جي پاسن مان نڪري سگهو ٿا ته نڪرو. اوهين طاقت کان سواءِ نڪري ڪين سگهندو. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 34) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| يُرسَلُ عَلَيكُما شُواظٌ مِن نارٍ وَنُحاسٌ فَلا تَنتَصِرانِ (آيت : 35) |
|
اوهان ٻنهي تي باهه جي ڄڀي ۽ دونهون موڪليو ويندو پوءِ اوهين ٻئي بدلو نه وٺي سگهندو. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 36) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙوڪريو ٿا. |
| فَإِذَا انشَقَّتِ السَّماءُ فَكانَت وَردَةً كَالدِّهانِ (آيت : 37) |
|
پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽندو ته ڳاڙهي چم وانگر (رنگ جو) ڳاڙهو ٿي پوندو. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 38) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| فَيَومَئِذٍ لا يُسـَٔلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلا جانٌّ (آيت : 39) |
|
پوءِ ان ڏينهن نه ماڻهوءَ کان ۽ نه جن کان سندس گناهه بابت پڇيو ويندو. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 40) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| يُعرَفُ المُجرِمونَ بِسيمٰهُم فَيُؤخَذُ بِالنَّوٰصى وَالأَقدامِ (آيت : 41) |
|
ڏوهاري پنهنجي شڪلين مان سڃاتا ويندا پوءِ پيشانين ۽ پيرن مان جهليو ويندن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 42) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى يُكَذِّبُ بِهَا المُجرِمونَ (آيت : 43) |
|
هي اهو جهنم آهي جنهن کي ڏوهارين ڪوڙو ٿي ڪيو. |
| يَطوفونَ بَينَها وَبَينَ حَميمٍ ءانٍ (آيت : 44) |
|
ان جي وچ ۾ ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻيءَ جي وچ ۾ پيا ايندا ويندا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 45) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| وَلِمَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ جَنَّتانِ (آيت : 46) |
|
۽ جيڪو پنهنجي پاليندڙ جي اڳيان بيهڻ کان ڊنو تنهن لاءِ ٻه باغ آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 47) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| ذَواتا أَفنانٍ (آيت : 48) |
|
اهي ٻئي (باغ) گهاٽا آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 49) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| فيهِما عَينانِ تَجرِيانِ (آيت : 50) |
|
انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما آهن جي پيا وهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 51) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| فيهِما مِن كُلِّ فٰكِهَةٍ زَوجانِ (آيت : 52) |
|
انهن ٻنهي (باغن) ۾ سڀڪنهن ميوي جا ٻه ٻه قسم آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 53) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ فُرُشٍ بَطائِنُها مِن إِستَبرَقٍ وَجَنَى الجَنَّتَينِ دانٍ (آيت : 54) |
|
اهڙن وڇاڻن تي ٽيڪ لڳائي (ويٺا هوندا) جن جا استر ٿلهي ريشم جا هوندا ۽ ميوو انهن ٻنهي باغن جو ويجهو هوندو. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 55) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| فيهِنَّ قٰصِرٰتُ الطَّرفِ لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 56) |
|
انهن ۾ هيٺ نگاهه ڪرڻ واريون زالون هونديون جن کي انهن کان اڳي نه ڪنهن انسان ۽ نه ڪنهن جِن هٿ لاتو هوندو. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 57) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| كَأَنَّهُنَّ الياقوتُ وَالمَرجانُ (آيت : 58) |
|
ڄڻ ته اهي ياقوت ۽ مرجان آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 59) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| هَل جَزاءُ الإِحسٰنِ إِلَّا الإِحسٰنُ (آيت : 60) |
|
ڀلائي جو بدلو رڳي ڀلائي آهي. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 61) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| وَمِن دونِهِما جَنَّتانِ (آيت : 62) |
|
۽ انهن ٻن (باغن) کان سواءِ (ٻيا) ٻه باغ آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 63) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| مُدهامَّتانِ (آيت : 64) |
|
(اهي ٻئي) ڏاڍا ساوا آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 65) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| فيهِما عَينانِ نَضّاخَتانِ (آيت : 66) |
|
انهن ٻنهي ۾ ٻه ٻه ڦوهارا هلندڙ ٻه چشما آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 67) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| فيهِما فٰكِهَةٌ وَنَخلٌ وَرُمّانٌ (آيت : 68) |
|
انهن ٻنهي ۾ ميوا ۽ کجيون ۽ ڏاڙهون آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 69) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| فيهِنَّ خَيرٰتٌ حِسانٌ (آيت : 70) |
|
انهن (باغن) ۾ ڏاڍيون چٽيون سهڻيون زالون هونديون. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 71) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| حورٌ مَقصورٰتٌ فِى الخِيامِ (آيت : 72) |
|
هي ڪارين اکين واريون گوريون زالون تنبن ۾ وهاريل هونديون. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 73) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 74) |
|
انهن کي نه ڪنهن انسان۽ نه ڪنهن جِن انهن کان اڳي هٿ لاتو هوندو. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 75) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ رَفرَفٍ خُضرٍ وَعَبقَرِىٍّ حِسانٍ (آيت : 76) |
|
ساون وهاڻن ۽ سٺين چاندنين تي ٽيڪ لڳائي (ويٺا هوندا). |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 77) |
|
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| تَبٰرَكَ اسمُ رَبِّكَ ذِى الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 78) |
|
وڏائي ۽ چڱائي ڪرڻ واري تنهنجي پاليندڙ جو نالو وڏيءَ برڪت وارو آهي. |