| الرَّحمٰنُ (آيت : 1) |
|
(اهو) بي انتها مهربان آهي. |
| عَلَّمَ القُرءانَ (آيت : 2) |
|
(جنهن) قرآن سيکاريو. |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ (آيت : 3) |
|
انسان کي پيدا ڪيائين. |
| عَلَّمَهُ البَيانَ (آيت : 4) |
|
ان کي ڳالهائڻ سيکاريائين. |
| الشَّمسُ وَالقَمَرُ بِحُسبانٍ (آيت : 5) |
|
سج ۽ چنڊ (مقرر) حساب سان آهن. |
| وَالنَّجمُ وَالشَّجَرُ يَسجُدانِ (آيت : 6) |
|
۽ زمين تي پکڙيل وَلِيون ۽ وڻ سڀئي (کيس) سجدو ڪن ٿا. |
| وَالسَّماءَ رَفَعَها وَوَضَعَ الميزانَ (آيت : 7) |
|
۽ ان آسمان کي بلند ڪيو ۽ ان (عدل لاءِ) تارازي رکي. |
| أَلّا تَطغَوا فِى الميزانِ (آيت : 8) |
|
جو توهان تورڻ ۾ بي اعتدالي نه ڪيو. |
| وَأَقيمُوا الوَزنَ بِالقِسطِ وَلا تُخسِرُوا الميزانَ (آيت : 9) |
|
۽ انصاف سان تور برابر ڪيو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪيو. |
| وَالأَرضَ وَضَعَها لِلأَنامِ (آيت : 10) |
|
۽ ان زمين کي وڇايو مخلوق جي لاءِ. |
| فيها فٰكِهَةٌ وَالنَّخلُ ذاتُ الأَكمامِ (آيت : 11) |
|
ان ۾ ميوا آهن ۽ ڇُڳن وارين کجورن جا وڻ آهن. |
| وَالحَبُّ ذُو العَصفِ وَالرَّيحانُ (آيت : 12) |
|
۽ تُهن وارو اَنُ آهي ۽ خوشبوئدار ٻوٽا آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 13) |
|
پوءِ (اي انسانو اي جنو!) توهان پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ كَالفَخّارِ (آيت : 14) |
|
ان انسان کي وڄندڙ مِٽيءَ مان پيدا ڪيو جا ٺڪريءَ وانگر هئي. |
| وَخَلَقَ الجانَّ مِن مارِجٍ مِن نارٍ (آيت : 15) |
|
۽ جِنن کي باهه جي شعلي مان پيدا ڪيائين. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 16) |
|
پوءِ توهان (جن ۽ انسان) ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو! |
| رَبُّ المَشرِقَينِ وَرَبُّ المَغرِبَينِ (آيت : 17) |
|
اُهو مالڪ آهي ٻنهين اوڀرن جو ۽ مالڪ آهي ٻنهين اولهن جو. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 18) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي مالڪ جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
| مَرَجَ البَحرَينِ يَلتَقِيانِ (آيت : 19) |
|
ان ٻن سمنڊن کي وهايو جيڪي پاڻ ۾ ملن ٿا. |
| بَينَهُما بَرزَخٌ لا يَبغِيانِ (آيت : 20) |
|
انهن ٻنهين جي وچ ۾ پردو آهي جو هڪ ٻئي ۾ رَل وچڙ نه ٿا ٿين. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 21) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندئو! |
| يَخرُجُ مِنهُمَا اللُّؤلُؤُ وَالمَرجانُ (آيت : 22) |
|
انهن ٻنهين مان موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 23) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن احسانن جو انڪار ڪندؤ. |
| وَلَهُ الجَوارِ المُنشَـٔاتُ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 24) |
|
۽ ان الله جا آهن سمنڊ ۾ سڙهه کنيل جهاز جيڪي جبلن جهڙا (اوچا) آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 25) |
|
پوءِ (اي انسانو اي جنو!) توهان پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو! |
| كُلُّ مَن عَلَيها فانٍ (آيت : 26) |
|
هرڪو ئي جيڪو به ان (ڌرتيءَ) تي آهي فنا ٿيڻ وارو آهي. |
| وَيَبقىٰ وَجهُ رَبِّكَ ذُو الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 27) |
|
۽ باقي رهندي تنهنجي پالڻهار جي ذات جيڪو عظمت ۽ بزرگي وارو آهي. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 28) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو! |
| يَسـَٔلُهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلَّ يَومٍ هُوَ فى شَأنٍ (آيت : 29) |
|
سڀ (پنهنجون حاجتون) ان کان گهرن ٿا جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن. هر ڏينهن اهو هڪ شان سان آهي. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 30) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو! |
| سَنَفرُغُ لَكُم أَيُّهَ الثَّقَلانِ (آيت : 31) |
|
اي ٻئي ڳريون جماعتون (انسانو ۽ جنو!) جلد اسان توهان (کان حساب ڪتاب وٺڻ) لاءِ متوجهه ٿينداسين. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 32) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙي ڪهڙي ڪمالات جو انڪار ڪندؤ. |
| يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنِ استَطَعتُم أَن تَنفُذوا مِن أَقطارِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ فَانفُذوا لا تَنفُذونَ إِلّا بِسُلطٰنٍ (آيت : 33) |
|
اي جِنَن ۽ انسانن جي جماعت جيڪڏهن توهان آسمانن ۽ زمين جي سرحدن کان ٻاهر نڪري سگهو ٿا ته پوءِ نڪري وڃو. نه ٿا نڪرو (ڪنهن جاءِ تي) مگر ان جي سلطنت ۾ هوندا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 34) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
| يُرسَلُ عَلَيكُما شُواظٌ مِن نارٍ وَنُحاسٌ فَلا تَنتَصِرانِ (آيت : 35) |
|
(ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندئو ته) توهان ٻنهين تي خالص باهه جا شعلا ۽ دونهون موڪليو ويندو پوءِ توهان بچاءُ ڪري نه سگهندؤ. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 36) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين انعامن جو انڪار ڪندؤ. |
| فَإِذَا انشَقَّتِ السَّماءُ فَكانَت وَردَةً كَالدِّهانِ (آيت : 37) |
|
پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو ته پوءِ گلابي ٿي پوندو جيئن ڳاڙهو چَمُ. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 38) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن ٿورن جو انڪار ڪندؤ. |
| فَيَومَئِذٍ لا يُسـَٔلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلا جانٌّ (آيت : 39) |
|
پوءِ ان ڏينهن نه ته ڪنهن انسان کان سندس گناهه پڇڻ (جي ثابتي)جي ضرورت هوندي ۽ نه ڪنهن جِنَ کان. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 40) |
|
پوءِ (ڏٺو ويندو ته) توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ٿا ڪيو. |
| يُعرَفُ المُجرِمونَ بِسيمٰهُم فَيُؤخَذُ بِالنَّوٰصى وَالأَقدامِ (آيت : 41) |
|
ڏوهاري ماڻهو پنهنجي نشانين (يعني چهرن جي ڪاراڻ) سان سڃاتا ويندا پوءِ انهن کي پيشاني جي وارن ۽ پيرن کان پڪڙي (گِــــهِليو) ويندو. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 42) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
| هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى يُكَذِّبُ بِهَا المُجرِمونَ (آيت : 43) |
|
(چيو ويندو) هيءُ آهي دوزخ جنهن کي ڏوهاري ماڻهو ڪوڙو چوندا هئا. |
| يَطوفونَ بَينَها وَبَينَ حَميمٍ ءانٍ (آيت : 44) |
|
اُهي ان (جهنم) ۾ ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻيءَ ۾ چڪر هڻندا رهندا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 45) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين قدرتن جو انڪار ڪندؤ. |
| وَلِمَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ جَنَّتانِ (آيت : 46) |
|
۽ ان ماڻهوءَ لاءِ جيڪو پنهنجي پالڻهار جي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ٻه باغ آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 47) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين چَڱَائِــيُن جو انڪار ڪندؤ. |
| ذَواتا أَفنانٍ (آيت : 48) |
|
اُهي ٻئي (جنتون) گهڻين ٽارين ۽ شاخن واريون آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 49) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين ڀلائِـــيــُن جو انڪار ڪندؤ. |
| فيهِما عَينانِ تَجرِيانِ (آيت : 50) |
|
انهن ٻنهين باغن ۾ ٻه چشما وهندڙ آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 51) |
|
پوءِ توهان (اي جنو اي انسانو!) پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
| فيهِما مِن كُلِّ فٰكِهَةٍ زَوجانِ (آيت : 52) |
|
انهن ٻنهين (باغن) ۾ هر ميوو ٻن ٻن قسمن جو آهي. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 53) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن انعامن جو انڪار ڪندؤ. |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ فُرُشٍ بَطائِنُها مِن إِستَبرَقٍ وَجَنَى الجَنَّتَينِ دانٍ (آيت : 54) |
|
جنتي اهڙن بسترن تي ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا جن جا استر ٿلهي ريشم جا هوندا. ۽ ٻنهين باغن جا ميوا (سندن) ويجهو جهڪيل هوندا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 55) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن احسانن جو انڪار ڪندؤ. |
| فيهِنَّ قٰصِرٰتُ الطَّرفِ لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 56) |
|
انهن (باغن) ۾ جهُڪيل (شرميلي) نگاهن واريون حورون هونديون جن کي انهن کان اڳ نه ڪنهن انسان هٿ لاٿو هوندو نه ڪنهن جِنَ. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 57) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين مهربانين جو انڪار ڪندؤ. |
| كَأَنَّهُنَّ الياقوتُ وَالمَرجانُ (آيت : 58) |
|
اُهي (حورون) اهڙيون خوبصورت هونديون ڄڻڪ ياقوت ۽ مرجان آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 59) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
| هَل جَزاءُ الإِحسٰنِ إِلَّا الإِحسٰنُ (آيت : 60) |
|
نيڪي جو بدلو صرف نيڪي ئي آهي. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 61) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين سُهڻين صفتن جو انڪار ڪندؤ. |
| وَمِن دونِهِما جَنَّتانِ (آيت : 62) |
|
۽ (انهن لاءِ) انهن ٻن کان سواءِ ٻه ٻيا باغ (به) آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 63) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
| مُدهامَّتانِ (آيت : 64) |
|
اُهي ٻئي گهڻي ساوڪ سبب سياهي جي جهلڪ ڏئي رهيا آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 65) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ. |
| فيهِما عَينانِ نَضّاخَتانِ (آيت : 66) |
|
انهن ٻنهين ۾ ٻه (جوش سبب) ڇُلڪندڙ چشما آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 67) |
|
پوءِ توهان ٻئي (اي جِنو! اي انسانو) پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
| فيهِما فٰكِهَةٌ وَنَخلٌ وَرُمّانٌ (آيت : 68) |
|
انهن ٻنهين ۾ ميوات ۽ کجور ۽ ڏاڙهون آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 69) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
| فيهِنَّ خَيرٰتٌ حِسانٌ (آيت : 70) |
|
انهن ۾ خوبصورت ۽ نيڪ سيرت زالون (حورون) آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 71) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟ |
| حورٌ مَقصورٰتٌ فِى الخِيامِ (آيت : 72) |
|
اهڙيون حورون جيڪي خيمن ۾ پرده نشين آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 73) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟ |
| لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 74) |
|
انهن کي اڳ ۾ نه ڪنهن انسان هٿ لاٿو آهي ۽ نه ڪنهن جِنَ. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 75) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟ |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ رَفرَفٍ خُضرٍ وَعَبقَرِىٍّ حِسانٍ (آيت : 76) |
|
(جنتي) سائي رنگ جي مَسندن ۽ خوبصورت چِٽِيَلَ چادرن تي ٽيڪ لڳائي (ويٺل) هوندا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 77) |
|
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟ |
| تَبٰرَكَ اسمُ رَبِّكَ ذِى الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 78) |
|
تنهنجي پالڻهار جو نالو وڏي برڪت وارو آهي جيڪو عظمت ۽ بزرگي وارو آهي. |