القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الرَّحۡمٰنِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 78


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

الرَّحمٰنُ (آيت : 1)

رحمان خدا (نهايت ئي ڪريم آهي).

عَلَّمَ القُرءانَ (آيت : 2)

(جنهن اسان کي) قرآن سيکاريو آهي.

خَلَقَ الإِنسٰنَ (آيت : 3)

(جنهن) انسان کي پيدا ڪيو آهي.

عَلَّمَهُ البَيانَ (آيت : 4)

(۽) کيس ڳالهائڻ سيکاريو آهي (۽ سمجهڻ سمجهائڻ جي طاقت ۽ عقل عطا ڪيو آهي).

الشَّمسُ وَالقَمَرُ بِحُسبانٍ (آيت : 5)

(سندس پيدا ڪيل) سج ۽ چنڊ مقرر حساب (۽ قانون) سان گردش ڪري رهيا آهن.

وَالنَّجمُ وَالشَّجَرُ يَسجُدانِ (آيت : 6)

۽ ٻوٽا (گاهه، ڀاڄيون، وليون وغيره) ۽ وڻ ٽڻ سندس اڳيان سجدو ڪري رهيا آهن (يعني سندس قانونن تي هلي رهيا آهن).

وَالسَّماءَ رَفَعَها وَوَضَعَ الميزانَ (آيت : 7)

۽ آسمان کي هن ئي بلند ڪيو آهي، ۽ (قانون عدل ۽ اعتدال جي) تارازي بيهاري اٿس.

أَلّا تَطغَوا فِى الميزانِ (آيت : 8)

انهيءَ لاءِ ته توهان (انسان به سڀني دنيائي معاملن ۾ قانون، عدل ۽ احسان جي) تارازيءَ کان ٻاهر نڪري نه وڃو.

وَأَقيمُوا الوَزنَ بِالقِسطِ وَلا تُخسِرُوا الميزانَ (آيت : 9)

۽ (اي انسانو! هڪٻئي سان هلت ڪرڻ ۾) عدل ۽ انصاف جو وزن قائم رکو، ۽ (عدل ۽ احسان جي) تارازيءَ ۾ گهٽتائي نه ڪيو.

وَالأَرضَ وَضَعَها لِلأَنامِ (آيت : 10)

۽ زمين کي انهيءَ ئي (الله تعاليٰ) مخلوق (ماڻهن، مرن، پکين وغيره) لاءِ وڇائي ڇڏيو آهي.

فيها فٰكِهَةٌ وَالنَّخلُ ذاتُ الأَكمامِ (آيت : 11)

ان (زمين) ۾ (قسمين قسين) ميوا آهن ۽ کجين جا وڻ آهن، جن جي خوشن (يعني کارڪن جي ڇڳن) تي غلاف چڙهيل آهن.

وَالحَبُّ ذُو العَصفِ وَالرَّيحانُ (آيت : 12)

۽ (پڻ) اناج جون پوکون پنن ۽ ڪانن سميت آهن ۽ (پڻ) خوشبودار ٻوٽا آهن.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 13)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪري سگهندَؤ؟

خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ كَالفَخّارِ (آيت : 14)

هن انسان کي آواز ڪندڙ مٽيءَ مان ڪنڀر وانگر ٺاهيو.

وَخَلَقَ الجانَّ مِن مارِجٍ مِن نارٍ (آيت : 15)

۽ جنن کي بنا دونهي واري باهه مان پيدا ڪيو.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 16)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

رَبُّ المَشرِقَينِ وَرَبُّ المَغرِبَينِ (آيت : 17)

هو ٻن مشرقن ۽ ٻن مغربن جو پرودگار آهي.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 18)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

مَرَجَ البَحرَينِ يَلتَقِيانِ (آيت : 19)

هن ٻن (کاري ۽ مٺي) پاڻين کي اهڙيءَ طرح رکيو آهي جو پاڻ ۾ ملن به ٿا (۽)

بَينَهُما بَرزَخٌ لا يَبغِيانِ (آيت : 20)

سندن وچ ۾ ديوار (يا حد به) رکيل آهي، جنهن کان ٻاهر لنگهي نٿا سگهن.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 21)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

يَخرُجُ مِنهُمَا اللُّؤلُؤُ وَالمَرجانُ (آيت : 22)

انهن (پاڻين) مان موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 23)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

وَلَهُ الجَوارِ المُنشَـٔاتُ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 24)

۽ سمنڊ ۾ سولائيءَ سان هلندڙ جهاز، جيڪي جبلن وانگر کڙا ٿيل آهن سي به سندس ئي آهن.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 25)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

كُلُّ مَن عَلَيها فانٍ (آيت : 26)

جيڪي به زمين تي آهن سي سڀ فنا ٿي ويندا.

وَيَبقىٰ وَجهُ رَبِّكَ ذُو الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 27)

۽ فقط تنهنجي پروردگار جي هستي قائم رهندي جو وڏي شوڪت ۽ جلال وارو ۽ وڏي سخا ۽ شان وارو آهي.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 28)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

يَسـَٔلُهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلَّ يَومٍ هُوَ فى شَأنٍ (آيت : 29)

جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي سڀ پنهنجن گهرجن لاءِ سندس محتاج آهن. هر روز (هر گهڙيءَ) هو (پنهنجو نئون نئون) شان ڏيکاري رهيو آهي (يعني نيون نيون حالتون پيدا ڪري رهيو آهي.)

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 30)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

سَنَفرُغُ لَكُم أَيُّهَ الثَّقَلانِ (آيت : 31)

اي جنو ۽ انسانو، اسان جلد ئي توهان جو فيصلو ڪنداسين.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 32)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنِ استَطَعتُم أَن تَنفُذوا مِن أَقطارِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ فَانفُذوا لا تَنفُذونَ إِلّا بِسُلطٰنٍ (آيت : 33)

اي جنن ۽ انسانن جا ٽولا! جيڪڏهن توهان کي آسمانن ۽ زمين جي ڪنارن کان ڀڄي نڪرڻ جي سگهه آهي ته ڀڄي ته ڏيکاريو، توهان (الله جي پرمٽ يا پاسن) حڪم ۽ اجازت کان سواء هرگز ڪونه ٻاهر نڪري سگهندؤ.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 34)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

يُرسَلُ عَلَيكُما شُواظٌ مِن نارٍ وَنُحاسٌ فَلا تَنتَصِرانِ (آيت : 35)

توهان جي مٿان باهه جا شعلا ۽ دونهون موڪليو ويندو، پوءِ توهان (ان کان) ڪوبه بچاءُ ڪونه ڪري سگهندؤ.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 36)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

فَإِذَا انشَقَّتِ السَّماءُ فَكانَت وَردَةً كَالدِّهانِ (آيت : 37)

پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو تڏهن چم وانگر (يا مَلههَ وانگر) ڳاڙهو ٿي ويندو.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 38)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

فَيَومَئِذٍ لا يُسـَٔلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلا جانٌّ (آيت : 39)

پوءِ انهيءَ ڏينهن ڪنهن به انسان ۽ جن کان سندس گناهن بابت پڇيو ئي ڪونه ويندو، (ڇو ته سندن گناهه ظاهر هوندا).

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 40)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

يُعرَفُ المُجرِمونَ بِسيمٰهُم فَيُؤخَذُ بِالنَّوٰصى وَالأَقدامِ (آيت : 41)

گنهگار ماڻهو سندن ظاهر نشانن مان سڃاتا ويندا ۽ پوءِ هنن کي پيشانيءَ جي وارن ۽ پيرن کان پڪڙيو ويندو.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 42)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى يُكَذِّبُ بِهَا المُجرِمونَ (آيت : 43)

اهو اٿو، اهو جهنم جنهن کي گنهگار ڪونه مڃيندا هئا (۽ چوندا هئا ته، اسان تي عذاب ايندو ئي ڪونه، نڪو اچڻو آهي).

يَطوفونَ بَينَها وَبَينَ حَميمٍ ءانٍ (آيت : 44)

اُهي (گنهگار) جهنم جي (باهه جي) ۽ ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي وچ ۾ چڪر ڏيندا رهندا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 45)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟

وَلِمَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ جَنَّتانِ (آيت : 46)

جيڪي ماڻهو انهيءَ گهڙيءَ بابت ڊڄندا رهن ٿا جنهن گهڙيءَ پنهنجي پروردگار جي اڳيان کڙا ڪيا ويندا (۽ انهيءَ ڊڄڻ جي ڪري گناهن کان پرهيز ڪن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪندا رهن ٿا) تن جي لاءِ ٻه باغ هوندا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 47)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

ذَواتا أَفنانٍ (آيت : 48)

انهن ٻنهي باغن ۾ گهڻن ئي قسمن جون نعمتون هونديون.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 49)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

فيهِما عَينانِ تَجرِيانِ (آيت : 50)

انهن ٻن ٻاغن ۾ ٻه چشما وهندڙ هوندا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 51)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

فيهِما مِن كُلِّ فٰكِهَةٍ زَوجانِ (آيت : 52)

انهن باغن ۾ هر قسم جا ميوا جوڙين جوڙين ۾ هوندا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 53)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ فُرُشٍ بَطائِنُها مِن إِستَبرَقٍ وَجَنَى الجَنَّتَينِ دانٍ (آيت : 54)

اُهي (جنتي) اهڙن غاليچن تي ٽيڪ ڏيئي ويهندا جن جا استر قيمتي مخمل جا هوندا، ۽ انهن باغن جا ميوا جهڪيل ۽ ويجها هوندا (انهيءَ لاءِ ته انهن جي حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه تڪليف نه ٿئي).

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 55)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

فيهِنَّ قٰصِرٰتُ الطَّرفِ لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 56)

انهن (باغن) ۾ ڪنواريون پاڪ ڇوڪريون هونديون جن جون (شرميليون) اکيون هيٺ جهڪيل هونديون، جن کي کانئن اڳي ڪنهن به انسان يا جن ڇهيو ئي نه هوندو.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 57)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

كَأَنَّهُنَّ الياقوتُ وَالمَرجانُ (آيت : 58)

اهي (ڪنواريون) اهڙيون هونديون جهڙا (چمڪندڙ) ياقوت ۽ مرجان (جا مڻيا).

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 59)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

هَل جَزاءُ الإِحسٰنِ إِلَّا الإِحسٰنُ (آيت : 60)

نيڪيءَ جي بدلي ۾ چڱائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ملندو ڇا؟ (هرگز نه، چڱائيءَ جو نتيجو نيٺ چڱوئي ملندو).

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 61)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟

وَمِن دونِهِما جَنَّتانِ (آيت : 62)

۽ انهن ٻن باغن کان سواءِ ٻيا به ٻه باغ هوندا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 63)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟

مُدهامَّتانِ (آيت : 64)

اهي (ٻئي باغ) روز ساوا هوندا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 65)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟

فيهِما عَينانِ نَضّاخَتانِ (آيت : 66)

انهن ۾ ٻه چشما گهڻي پاڻيءَ وارا اڇلون ڏيئي وهندڙ هوندا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 67)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

فيهِما فٰكِهَةٌ وَنَخلٌ وَرُمّانٌ (آيت : 68)

انهن ٻن (باغن) ۾ قسمين قسمين ميوا هوندا ۽ کجين (جا ڏوڪا) ۽ ڏاڙهون به هوندا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 69)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

فيهِنَّ خَيرٰتٌ حِسانٌ (آيت : 70)

انهن ۾ نيڪ، پاڪ ۽ سهڻا ساٿي ملندا).

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 71)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

حورٌ مَقصورٰتٌ فِى الخِيامِ (آيت : 72)

اهي اهڙيون حورون عاليشان تنبن ۾ هونديون جن جون نظرون (شرم ۽ حياء جي ڪري) هيٺ کتل هونديون.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 73)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 74)

انهن کي کانئن اڳي ڪنهن به انسان يا جن ڇهيو ئي ڪونه هوندو.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 75)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ رَفرَفٍ خُضرٍ وَعَبقَرِىٍّ حِسانٍ (آيت : 76)

اهي (جنتي) سبز ڪوچن تي ۽ سهڻن غاليچن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هوندا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 77)

پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟

تَبٰرَكَ اسمُ رَبِّكَ ذِى الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 78)

(اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار جو نالو وڏين برڪتن وارو آهي. هو اعليٰ شوڪت وارو، وڏي شان ۽ سخا جو صاحب آهي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025