| الرَّحمٰنُ (آيت : 1) |
|
رحمٰن (جلَّ جلالہٗ) |
| عَلَّمَ القُرءانَ (آيت : 2) |
|
پنهنجي حبيب ڪريم کي قرآن ڪريم سيکاريو |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ (آيت : 3) |
|
انسانيت جي جان محمد ڪريم کي پيدا ڪيو |
| عَلَّمَهُ البَيانَ (آيت : 4) |
|
(۽) اُن کي سڀئي علم عطا ڪيا |
| الشَّمسُ وَالقَمَرُ بِحُسبانٍ (آيت : 5) |
|
سج ۽ چنڊ پنهنجي حساب سان هلن ٿا |
| وَالنَّجمُ وَالشَّجَرُ يَسجُدانِ (آيت : 6) |
|
۽ وَلون ۽ وَڻ سجدا ڪن ٿا |
| وَالسَّماءَ رَفَعَها وَوَضَعَ الميزانَ (آيت : 7) |
|
۽ الله تعالى آسمان کي بلند فرمايو ۽ ميزان کي مقرر ڪيو |
| أَلّا تَطغَوا فِى الميزانِ (آيت : 8) |
|
توهان ميزان ۾ گھاٽي واڌي نه ڪريو |
| وَأَقيمُوا الوَزنَ بِالقِسطِ وَلا تُخسِرُوا الميزانَ (آيت : 9) |
|
۽ توهان انصاف سان وزن ڪريو ۽ توهان تور کي نه گھٽايو |
| وَالأَرضَ وَضَعَها لِلأَنامِ (آيت : 10) |
|
۽ الله تعالى زمين کي پنهنجي مخلوق لاءِ رکيو |
| فيها فٰكِهَةٌ وَالنَّخلُ ذاتُ الأَكمامِ (آيت : 11) |
|
انهيءَ ۾ ميوا آهن ۽ غلاف واريون کجيون آهن |
| وَالحَبُّ ذُو العَصفِ وَالرَّيحانُ (آيت : 12) |
|
۽ بُوسي سان گڏ اناج آهن ۽ خوشبودار گل آهن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 13) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ كَالفَخّارِ (آيت : 14) |
|
الله تعالى انسان کي اهڙي مِٽيءَ مان پيدا ڪيو جيڪا ٺڪري وانگر وڄي ٿي |
| وَخَلَقَ الجانَّ مِن مارِجٍ مِن نارٍ (آيت : 15) |
|
۽ الله تعالى جِنن کي خالص باه مان پيدا ڪيو |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 16) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| رَبُّ المَشرِقَينِ وَرَبُّ المَغرِبَينِ (آيت : 17) |
|
اُهو ٻن اوڀرن ۽ ٻن اولهن جو مالڪ آهي |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 18) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| مَرَجَ البَحرَينِ يَلتَقِيانِ (آيت : 19) |
|
اهو ٻن سمنڊن کي وَهائي ٿو جيڪي بظاهر پاڻ ۾ مليل آهن |
| بَينَهُما بَرزَخٌ لا يَبغِيانِ (آيت : 20) |
|
پر انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو آهي جو اُهي هڪ ٻئي کان تجاوز نٿا ڪن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 21) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| يَخرُجُ مِنهُمَا اللُّؤلُؤُ وَالمَرجانُ (آيت : 22) |
|
انهن ٻنهي سمنڊن مان، موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 23) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| وَلَهُ الجَوارِ المُنشَـٔاتُ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 24) |
|
۽ اُن جون اُهي ٻيڙيون آهن جيڪي سمنڊ ۾ جبلن وانگر نمايان آهن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 25) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| كُلُّ مَن عَلَيها فانٍ (آيت : 26) |
|
جيڪو زمين تي آهي فنا ٿيندڙ آهي |
| وَيَبقىٰ وَجهُ رَبِّكَ ذُو الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 27) |
|
۽ توهان جي رب جي ذات اقدس باقي آهي جيڪو صاحبِ جلال ۽ اڪرام آهي |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 28) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| يَسـَٔلُهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلَّ يَومٍ هُوَ فى شَأنٍ (آيت : 29) |
|
جيڪي (مخلوق) آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي (اُهي سڀ) اُنهيءَ جا سوالي آهن. اُن کي هر روز مصروفيت آهي |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 30) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| سَنَفرُغُ لَكُم أَيُّهَ الثَّقَلانِ (آيت : 31) |
|
اي انسان ۽ جن اسين جلد توهان جي (حساب) لاءِ فارغ ٿينداسين |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 32) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنِ استَطَعتُم أَن تَنفُذوا مِن أَقطارِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ فَانفُذوا لا تَنفُذونَ إِلّا بِسُلطٰنٍ (آيت : 33) |
|
اي جن ۽ انسان جا گروه، جيڪڏهن توهان کي طاقت آهي ته توهان آسمانن ۽ زمينن جي ڪِنارن کان ٻاهر نڪرو پوءِ توهان ٻاهر نڪرو، نٿا نڪري سگھو توهان مگر (روحاني يا سائنسي) قوت سان |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 34) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| يُرسَلُ عَلَيكُما شُواظٌ مِن نارٍ وَنُحاسٌ فَلا تَنتَصِرانِ (آيت : 35) |
|
توهان تي بِنا دونهين جي باه موڪلي ويندي ۽ (اُن جو رنگ) ٽامي جهڙو هوندو، پوءِ توهان کي مدد نه ملندي |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 36) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| فَإِذَا انشَقَّتِ السَّماءُ فَكانَت وَردَةً كَالدِّهانِ (آيت : 37) |
|
پوءِ جنهن وقت آسمان چيريو ويندو پوءِ گلاب جهڙو ڳاڙهو (۽) تيل وانگر پگھريل هوندو |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 38) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| فَيَومَئِذٍ لا يُسـَٔلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلا جانٌّ (آيت : 39) |
|
پوءِ قيامت جي ڏينهن انسانن ۽ جنن کان سندن گناهن بابت پڇا نه ڪئي ويندي |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 40) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| يُعرَفُ المُجرِمونَ بِسيمٰهُم فَيُؤخَذُ بِالنَّوٰصى وَالأَقدامِ (آيت : 41) |
|
مجرم سندن شڪلن مان سڃاتا ويندا، پوءِ انهن کي پيشاني ۽ پيرن کان پڪڙيو ويندو (۽ جهنم رسيد ڪيا ويندا) |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 42) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى يُكَذِّبُ بِهَا المُجرِمونَ (آيت : 43) |
|
هيءُ اها جهنم آهي جنهنکي مجرم نه مڃيندا هئا |
| يَطوفونَ بَينَها وَبَينَ حَميمٍ ءانٍ (آيت : 44) |
|
اُهي جهنم ۽ سخت گرم پاڻي جي درميان چڪر لڳائيندا رهندا |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 45) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| وَلِمَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ جَنَّتانِ (آيت : 46) |
|
۽ جيڪو مؤمن پنهنجي رب جي دربار ۾ بيهڻ کان ڊنو (اُن لاءِ) ٻه باغ آهن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 47) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| ذَواتا أَفنانٍ (آيت : 48) |
|
انهن باغن ۾ قسمين قسمين ميوا ۽ گل هوندا |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 49) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| فيهِما عَينانِ تَجرِيانِ (آيت : 50) |
|
انهن ٻنهي باغن ۾ ٻه چشما وهندڙ هوندا |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 51) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| فيهِما مِن كُلِّ فٰكِهَةٍ زَوجانِ (آيت : 52) |
|
انهن ٻنهي ۾ هر هڪ ميوو ٻن ٻن قسمن جو هوندو |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 53) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ فُرُشٍ بَطائِنُها مِن إِستَبرَقٍ وَجَنَى الجَنَّتَينِ دانٍ (آيت : 54) |
|
(اُهي بهشت ۾) اهڙن وِڇاڻن تي ٽيڪ لڳائيندا جن جو اَستر ٿلهي ريشمي ڪپڙي جو هوندو، ۽ انهن ٻنهي باغن جا ميوا تمام ويجھا هوندا |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 55) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| فيهِنَّ قٰصِرٰتُ الطَّرفِ لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 56) |
|
انهن وِڇاڻن تي اهي عورتون هونديون جن جو نگاهون هيٺ هونديون، انهيءَ کان اڳ انهن کي نه ڪنهن انسان ۽ نه ڪنهن جِن هٿ لڳايو هوندو |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 57) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| كَأَنَّهُنَّ الياقوتُ وَالمَرجانُ (آيت : 58) |
|
اُهي (خوبصورتي ۾) ياقوت ۽ مرجان جهڙيون هونديون |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 59) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| هَل جَزاءُ الإِحسٰنِ إِلَّا الإِحسٰنُ (آيت : 60) |
|
احسان (نيڪيءَ) جو بدلو احسان آهي |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 61) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| وَمِن دونِهِما جَنَّتانِ (آيت : 62) |
|
۽ انهن کان علاوه ٻه ٻيا باغ آهن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 63) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| مُدهامَّتانِ (آيت : 64) |
|
(اُهي باغ گھڻي ڀلاڻ جي ڪري) ٻئي ڪارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 65) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| فيهِما عَينانِ نَضّاخَتانِ (آيت : 66) |
|
انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما آهن جيڪي ڦوهارن وانگر آهن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 67) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| فيهِما فٰكِهَةٌ وَنَخلٌ وَرُمّانٌ (آيت : 68) |
|
انهن ٻنهي ۾ ميوا ۽ کجيون ۽ ڏاڙهون آهن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 69) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| فيهِنَّ خَيرٰتٌ حِسانٌ (آيت : 70) |
|
انهن ۾ نيڪ سيرت ۽ نيڪ صورت عورتون آهن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 71) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| حورٌ مَقصورٰتٌ فِى الخِيامِ (آيت : 72) |
|
پرده نشين حورون خيمن ۾ آهن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 73) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 74) |
|
ان کان اڳ انهن کي نه ڪنهن انسان ۽ نه ڪنهن جِن هٿ لاٿو هوندو |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 75) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ رَفرَفٍ خُضرٍ وَعَبقَرِىٍّ حِسانٍ (آيت : 76) |
|
اهي سَاون وِڇاڻن ۽ چِٽ ٿيل خوبصورت سفيد چادرن تي ٽيڪ هڻي ويهندڙ آهن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 77) |
|
پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا |
| تَبٰرَكَ اسمُ رَبِّكَ ذِى الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 78) |
|
رسولِ عربي توهان جي رب جو نالو بابرڪت آهي جيڪو صاحبِ جلال ۽ اڪرام آهي |