| الرَّحمٰنُ (آيت : 1) |
|
نهايت ٻاجهاري |
| عَلَّمَ القُرءانَ (آيت : 2) |
|
(الله) قرآن سيکاريو. |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ (آيت : 3) |
|
ماڻهوءَ کي پيدا ڪيائين، |
| عَلَّمَهُ البَيانَ (آيت : 4) |
|
ان کي ڳالهائڻ سيکاريائين. |
| الشَّمسُ وَالقَمَرُ بِحُسبانٍ (آيت : 5) |
|
سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ٿا هلن. |
| وَالنَّجمُ وَالشَّجَرُ يَسجُدانِ (آيت : 6) |
|
۽ وليون ۽ وڻ سجدو ڪندا آهن. |
| وَالسَّماءَ رَفَعَها وَوَضَعَ الميزانَ (آيت : 7) |
|
۽ آسمان کي مٿاهون ڪيائين ۽ انصاف جي ساهمي رکيائين. |
| أَلّا تَطغَوا فِى الميزانِ (آيت : 8) |
|
هن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگهو، |
| وَأَقيمُوا الوَزنَ بِالقِسطِ وَلا تُخسِرُوا الميزانَ (آيت : 9) |
|
انصاف سان پورو توريندا رهو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو. |
| وَالأَرضَ وَضَعَها لِلأَنامِ (آيت : 10) |
|
۽ ماڻهن لاءِ زمين کي پکيڙيائين. |
| فيها فٰكِهَةٌ وَالنَّخلُ ذاتُ الأَكمامِ (آيت : 11) |
|
منجهس ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آهن. |
| وَالحَبُّ ذُو العَصفِ وَالرَّيحانُ (آيت : 12) |
|
۽ بُهه وارو اَن ۽ سرهاڻيون آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 13) |
|
پوءِ (اي جنؤ ۽ انسانو!) ”پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟“ |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ كَالفَخّارِ (آيت : 14) |
|
انسان کي ٺڪر جهڙي وڄندڙ مٽيءَ مان بنايائين، |
| وَخَلَقَ الجانَّ مِن مارِجٍ مِن نارٍ (آيت : 15) |
|
۽ جن کي باهه جي ڄڀيءَ مان. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 16) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| رَبُّ المَشرِقَينِ وَرَبُّ المَغرِبَينِ (آيت : 17) |
|
جو ٻنهي اوڀرندن جو ڌڻي ۽ ٻنهي اولهندن جو ڌڻي آهي. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 18) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| مَرَجَ البَحرَينِ يَلتَقِيانِ (آيت : 19) |
|
هن ٻن سمنڊن کي جاري ڪيو، جي پاڻ ۾ گڏ جي ٿا وهن. |
| بَينَهُما بَرزَخٌ لا يَبغِيانِ (آيت : 20) |
|
انهن ٻنهي جي وچ ۾ اوٽ آهي، جو هڪ ٻئي تي اڳرائي نٿا ڪن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 21) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| يَخرُجُ مِنهُمَا اللُّؤلُؤُ وَالمَرجانُ (آيت : 22) |
|
انهن ٻنهي مان موتي ۽ مرجان ٿا نڪرن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 23) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| وَلَهُ الجَوارِ المُنشَـٔاتُ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 24) |
|
۽ سمنڊ ۾ هلندڙ جهاز جبلن وانگر ان جا آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 25) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| كُلُّ مَن عَلَيها فانٍ (آيت : 26) |
|
جيڪو به زمين تي آهي، اهو فنا ٿيندو. |
| وَيَبقىٰ وَجهُ رَبِّكَ ذُو الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 27) |
|
۽ تنهنجي ڌڻيءَ جي ذات باقي رهندي، جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آهي. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 28) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| يَسـَٔلُهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلَّ يَومٍ هُوَ فى شَأنٍ (آيت : 29) |
|
جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو الله کان گهرندو آهي، سڀ ڪنهن وقت اهو ڪم ۾ آهي- |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 30) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| سَنَفرُغُ لَكُم أَيُّهَ الثَّقَلانِ (آيت : 31) |
|
اي ٻئي ٽوليون! اسين جلد ئي اوهان ڏي ڪو ڌيان ڪنداسون. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 32) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنِ استَطَعتُم أَن تَنفُذوا مِن أَقطارِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ فَانفُذوا لا تَنفُذونَ إِلّا بِسُلطٰنٍ (آيت : 33) |
|
اي جِنن ۽ ماڻهن جي ٽولي! جيڪڏهن اوهين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاهر نڪري سگهو ٿا، ته نڪري ڏيکاريو! وڏيءَ همت کان سواءِ ٻاهر نڪري نه سگهندؤ. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 34) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| يُرسَلُ عَلَيكُما شُواظٌ مِن نارٍ وَنُحاسٌ فَلا تَنتَصِرانِ (آيت : 35) |
|
اوهان تي باهه جو اُلو ۽ دونهون موڪلبو، پوءِ مقابلو ڪري نه سگهندؤ. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 36) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فَإِذَا انشَقَّتِ السَّماءُ فَكانَت وَردَةً كَالدِّهانِ (آيت : 37) |
|
پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽندو تڏهن ڳاڙهيءَ ڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 38) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فَيَومَئِذٍ لا يُسـَٔلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلا جانٌّ (آيت : 39) |
|
پوءِ انهي ڏينهن نڪي ماڻهو، نڪي جن پنهنجي گناهه بابت (عُذر) پڇبا_ |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 40) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| يُعرَفُ المُجرِمونَ بِسيمٰهُم فَيُؤخَذُ بِالنَّوٰصى وَالأَقدامِ (آيت : 41) |
|
ڏوهاري پنهنجين شڪلين مان ئي سڃاتا ويندا، پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 42) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى يُكَذِّبُ بِهَا المُجرِمونَ (آيت : 43) |
|
هي اهو دوزخ آهي، جنهن کي گنهگارن ڪوڙو ڀانيو هو. |
| يَطوفونَ بَينَها وَبَينَ حَميمٍ ءانٍ (آيت : 44) |
|
جنهن ۾ تتي ٽهڪندڙ پاڻي ۾ پيا ايندا ويندا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 45) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| وَلِمَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ جَنَّتانِ (آيت : 46) |
|
۽ جيڪو پنهنجي ڌڻيءَ جي اڳيان بيهڻ کان ڊنو، ان لاءِ ٻه باغ آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 47) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| ذَواتا أَفنانٍ (آيت : 48) |
|
اهي ٻئي باغ گهاٽا آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 49) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فيهِما عَينانِ تَجرِيانِ (آيت : 50) |
|
انهن ۾ ٻه چشما وهن ٿا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 51) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فيهِما مِن كُلِّ فٰكِهَةٍ زَوجانِ (آيت : 52) |
|
انهن ۾ سڀ ڪنهن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 53) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ فُرُشٍ بَطائِنُها مِن إِستَبرَقٍ وَجَنَى الجَنَّتَينِ دانٍ (آيت : 54) |
|
اهڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا هوندا، جن جو استر استبرق (پٽ) مان هوندو- انهن ٻنهي باغن جو ميوو ويجهو هوندو. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 55) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فيهِنَّ قٰصِرٰتُ الطَّرفِ لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 56) |
|
انهن (باغن) ۾ هيٺ نگاهه ڪرڻ واريون هونديون، جن کي انهن کان اڳ نڪي ڪنهن ماڻهوءَ هٿ لاتو هوندو، نڪي ڪنهن جن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 57) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| كَأَنَّهُنَّ الياقوتُ وَالمَرجانُ (آيت : 58) |
|
اهي ڄڻڪ يا قوت ۽ مرجان آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 59) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| هَل جَزاءُ الإِحسٰنِ إِلَّا الإِحسٰنُ (آيت : 60) |
|
نيڪيءَ جو بدلو نيڪيءَ کان سواءِ ٻيو ڪونهي. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 61) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| وَمِن دونِهِما جَنَّتانِ (آيت : 62) |
|
انهن ٻن کان سواءِ ٻيا ٻه باغ آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 63) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| مُدهامَّتانِ (آيت : 64) |
|
ٻئي (باغ) ڏاڍا سر سبز آهن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 65) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فيهِما عَينانِ نَضّاخَتانِ (آيت : 66) |
|
انهن ۾ ڦوهاري وانگر پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما هوندا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 67) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فيهِما فٰكِهَةٌ وَنَخلٌ وَرُمّانٌ (آيت : 68) |
|
انهن ۾ ميوو، کجيون ۽ ڏاڙهون هوندا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 69) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فيهِنَّ خَيرٰتٌ حِسانٌ (آيت : 70) |
|
انهن ۾ سڳوريون سهڻيون زالون هونديون. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 71) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| حورٌ مَقصورٰتٌ فِى الخِيامِ (آيت : 72) |
|
حورون تنبن ۾ پڙدي اندر هونديون. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 73) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 74) |
|
انهن کي انهن کان اڳ نڪي ڪنهن انسان هٿ لاتو هوندو، نڪي ڪنهن جن. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 75) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ رَفرَفٍ خُضرٍ وَعَبقَرِىٍّ حِسانٍ (آيت : 76) |
|
ساون وهاڻن ۽ سهڻين پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هوندا. |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 77) |
|
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| تَبٰرَكَ اسمُ رَبِّكَ ذِى الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 78) |
|
تنهنجي ڌڻيءَ عزت واري ۽ نعمتن واري جو نالو نهايت ڀلارو آهي. |