القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الرَّحۡمٰنِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 78


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

الرَّحمٰنُ (آيت : 1)

(الله تعالى) بيحد مھربان آهي.

عَلَّمَ القُرءانَ (آيت : 2)

ان ئي قرآن سيکاريو.

خَلَقَ الإِنسٰنَ (آيت : 3)

اُن (ئي) انسان کي پيدا ڪيو.

عَلَّمَهُ البَيانَ (آيت : 4)

۽ ان کي چٽو ڳالهائڻ سيکاريو.

الشَّمسُ وَالقَمَرُ بِحُسبانٍ (آيت : 5)

سج ۽ چنڊ هڪ مقرر حساب سان هلن ٿا.

وَالنَّجمُ وَالشَّجَرُ يَسجُدانِ (آيت : 6)

تارا ۽ (هر قسم جا) وڻ (ان جي اڳيان) سجدو ڪندا آهن.

وَالسَّماءَ رَفَعَها وَوَضَعَ الميزانَ (آيت : 7)

هُن آسمان کي بلند ڪيو ۽ ان ۾ توازن رکيو.

أَلّا تَطغَوا فِى الميزانِ (آيت : 8)

سو توهان ان توازن ۾ خلل نه وجهو.

وَأَقيمُوا الوَزنَ بِالقِسطِ وَلا تُخسِرُوا الميزانَ (آيت : 9)

انصاف سان پوري تور ڪندا ڪريو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.

وَالأَرضَ وَضَعَها لِلأَنامِ (آيت : 10)

۽ ان ئي زمين کي هر مخلوق جي رهڻ خاطر پکيڙيو.

فيها فٰكِهَةٌ وَالنَّخلُ ذاتُ الأَكمامِ (آيت : 11)

اُن ۾ ميوا ۽ کجين جا وڻ آهن جن جي ڇڳن تي غلاف چڙهيل هوندا آهن.

وَالحَبُّ ذُو العَصفِ وَالرَّيحانُ (آيت : 12)

۽ هن هر طرح جا اناج (پيدا ڪيا) جن ۾ بُهه به هوندو آهي،(کائڻ لاءِ) داڻو به ۽ خوشبودار گل (به پيدا ڪيا).

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 13)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ كَالفَخّارِ (آيت : 14)

هُن انسان کي ٺڪري جھڙي کڙڪندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيو.

وَخَلَقَ الجانَّ مِن مارِجٍ مِن نارٍ (آيت : 15)

۽ جِنن کي وري باهه جي ڄَرُ (يعني ڄڀيءَ) مان پيدا ڪيو.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 16)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

رَبُّ المَشرِقَينِ وَرَبُّ المَغرِبَينِ (آيت : 17)

(هو) ٻنهي اولهن ۽ ٻنهي اوڀرن جو پالڻھار آهي.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 18)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

مَرَجَ البَحرَينِ يَلتَقِيانِ (آيت : 19)

هن ٻنهي سمنڊن (يعني کاري ۽ مٺي پاڻيءَ وارن) کي گڏيل وهايو.

بَينَهُما بَرزَخٌ لا يَبغِيانِ (آيت : 20)

(پر) انهن جي وچ ۾هڪ اهڙو ته پردو رکيو اٿس جو هو هڪ ٻئي (جي ذائقي) کي تبديل نٿا ڪري سگهن.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 21)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

يَخرُجُ مِنهُمَا اللُّؤلُؤُ وَالمَرجانُ (آيت : 22)

انهن ٻنهي سمنڊن مان موتي ۽ مڻيا (يعني قيمتي پٿر) نڪرن ٿا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 23)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

وَلَهُ الجَوارِ المُنشَـٔاتُ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 24)

۽ سمنڊ ۾ جبلن جيڏا اُڀا بيٺل ٻيڙا (يعني جھاز) به اُن جا ئي آهن.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 25)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

كُلُّ مَن عَلَيها فانٍ (آيت : 26)

زمين تي رهڻ واري هر شيءِ فنا ٿيڻ واري آهي.

وَيَبقىٰ وَجهُ رَبِّكَ ذُو الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 27)

صرف تنھنجي پالڻھار جي ذات بابرڪات ئي باقي رهندي جيڪا وڏي عزت ۽ بزرگي واري آهي.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 28)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

يَسـَٔلُهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلَّ يَومٍ هُوَ فى شَأنٍ (آيت : 29)

آسمانن ۽ زمين جي هر مخلوق ان کان ئي هر شيءِ گهرندي آهي. هو روزانو هڪ نئين شان (۽ انداز) ۾ هوندو آهي.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 30)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

سَنَفرُغُ لَكُم أَيُّهَ الثَّقَلانِ (آيت : 31)

اي جنو ۽ انسانو! عنقريب اسان توهان (جي عملن) جو حساب ڪتاب شروع ڪرڻ وارا آهيون.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 32)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنِ استَطَعتُم أَن تَنفُذوا مِن أَقطارِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ فَانفُذوا لا تَنفُذونَ إِلّا بِسُلطٰنٍ (آيت : 33)

اي جنن ۽ انسانن جا گروهو! جيڪڏهن توهان جي اندر آسمانن ۽ زمين جي حدن کان ٻاهر نڪرڻ جي طاقت آهي ته نڪري ڏيکاريو. وڏي طاقت کان سواءِ توهان نٿا نڪري سگهو (اها طاقت توهان جي اندر رکيل ئي نه آهي) .

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 34)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

يُرسَلُ عَلَيكُما شُواظٌ مِن نارٍ وَنُحاسٌ فَلا تَنتَصِرانِ (آيت : 35)

(ان ڪوشش ۾) توهان تي باهه جو شعلو ۽ دونھون اڇلايو ويندو. پوءِ توهان ان جو مقابلو ئي نه ڪري سگهندا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 36)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

فَإِذَا انشَقَّتِ السَّماءُ فَكانَت وَردَةً كَالدِّهانِ (آيت : 37)

(قيامت جي ڏينھن) جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو ته اهو ڳاڙهي چمڙي وانگر ٿي ويندو.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 38)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

فَيَومَئِذٍ لا يُسـَٔلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلا جانٌّ (آيت : 39)

پوءِ ان ڏينھن انسانن ۽ جنن کان سندن گناهن جي باري ۾ پڇيو ئي نه ويندو.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 40)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

يُعرَفُ المُجرِمونَ بِسيمٰهُم فَيُؤخَذُ بِالنَّوٰصى وَالأَقدامِ (آيت : 41)

(ڇو ته ) ڏوهاري پنھنجي چھرن مان ئي سڃاتا ويندا پوءِ کين وارن ۽ ٽنگن کان پڪڙي گهليو ويندو.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 42)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى يُكَذِّبُ بِهَا المُجرِمونَ (آيت : 43)

هي اهوئي جھنم آهي جنھن کي ڏوهاري ماڻهو ڪوڙو سمجهندا هئا.

يَطوفونَ بَينَها وَبَينَ حَميمٍ ءانٍ (آيت : 44)

(ٿڌي پاڻي جي تلاش ۾) انهن جي باهه ۽ گرم پاڻي جي وچ ۾ اچ وڃ لڳي پئي هوندي.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 45)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

وَلِمَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ جَنَّتانِ (آيت : 46)

(دنيا جي زندگيءَ ۾) جيڪو ماڻهو آخرت واري ڏينھن پنھنجي پالڻھار جي سامھون پيش ٿيڻ کان ڊنو ته ان جي لاءِ (اتي) ٻه باغ آهن.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 47)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

ذَواتا أَفنانٍ (آيت : 48)

ٻئي باغ گهاٽين (ساين) ٽارين وارا آهن.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 49)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

فيهِما عَينانِ تَجرِيانِ (آيت : 50)

انهن ٻنهي (باغن) ۾ ٻه چشما وهن ٿا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 51)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

فيهِما مِن كُلِّ فٰكِهَةٍ زَوجانِ (آيت : 52)

انهن (باغن) ۾ هر قسم جي ميون جا ٻه ٻه قسم هوندا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 53)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ فُرُشٍ بَطائِنُها مِن إِستَبرَقٍ وَجَنَى الجَنَّتَينِ دانٍ (آيت : 54)

اُهي اهڙن بسترن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا جنھن جا اَستر (يعني پوش) ٿلهي ريشم جا هوندا ۽ ٻنهي باغن جون ٽاريون ميون سان ٽنڊڙيل ۽ جهڪيل هونديون.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 55)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

فيهِنَّ قٰصِرٰتُ الطَّرفِ لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 56)

انهن باغن ۾ هيٺ نگاهه رکندڙ (شرميلي طبيعت واريون) عورتون هونديون جن کي انهن (جنتين) کان اڳ ڪنھن انسان يا جنَ هٿ نه لاٿو هوندو.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 57)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

كَأَنَّهُنَّ الياقوتُ وَالمَرجانُ (آيت : 58)

(اهي اهڙيون ته سھڻيون هونديون) ڄڻ ته هيرا ۽ موتي (چمڪي رهيا) آهن.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 59)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

هَل جَزاءُ الإِحسٰنِ إِلَّا الإِحسٰنُ (آيت : 60)

(حقيقت هي آهي ته) نيڪيءَ جو بدلو نيڪي ئي هوندو آهي.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 61)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

وَمِن دونِهِما جَنَّتانِ (آيت : 62)

۽ اُنهن ٻن باغن کان سواءِ (وڌيڪ) ٻه باغ ٻيا به آهن.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 63)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

مُدهامَّتانِ (آيت : 64)

اُهي ٻئي باغ گَھري سائي رنگ جا هوندا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 65)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

فيهِما عَينانِ نَضّاخَتانِ (آيت : 66)

انهن ٻنهي ۾ ڦوهاري وانگر زور سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما هوندا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 67)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

فيهِما فٰكِهَةٌ وَنَخلٌ وَرُمّانٌ (آيت : 68)

انهن ٻنهي ۾ (مختلف قسم جا) ميوا، کجيون ۽ ڏاڙهون هوندا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 69)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

فيهِنَّ خَيرٰتٌ حِسانٌ (آيت : 70)

انهن ٻنهي ۾ سھڻي ڪردار ۽ سھڻي شڪل جون گهر واريون هونديون.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 71)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

حورٌ مَقصورٰتٌ فِى الخِيامِ (آيت : 72)

(اُتي) خيمن ۾ پرده نشين حورون (به) هونديون.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 73)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 74)

اُنهن کي (هِنن جنتين کان) اڳ ڪنھن انسان يا جن هٿ نه لاٿو هوندو.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 75)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ رَفرَفٍ خُضرٍ وَعَبقَرِىٍّ حِسانٍ (آيت : 76)

جنتي ماڻهو سائي رنگ جي وهاڻن ۽ خوبصورت غاليچن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا.

فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 77)

پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟

تَبٰرَكَ اسمُ رَبِّكَ ذِى الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 78)

تنھنجي پالڻھار جو نالو وڏو برڪت وارو آهي. جيڪو وڏي عزت ۽ بزرگي وارو آهي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025