| الرَّحمٰنُ (آيت : 1) |
|
نهايت مهربان |
| عَلَّمَ القُرءانَ (آيت : 2) |
|
تعليم ڏني هن قرآن جي |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ (آيت : 3) |
|
پيدا ڪيو جنهن انسان کي |
| عَلَّمَهُ البَيانَ (آيت : 4) |
|
سيکاريائين کيس ڳالهائڻ |
| الشَّمسُ وَالقَمَرُ بِحُسبانٍ (آيت : 5) |
|
سج ۽ چنڊ (پائبند آهن) هڪ حساب (چرپر) سان |
| وَالنَّجمُ وَالشَّجَرُ يَسجُدانِ (آيت : 6) |
|
۽ تارا ۽ وڻ (سڀ) سجدو ڪندا آهن |
| وَالسَّماءَ رَفَعَها وَوَضَعَ الميزانَ (آيت : 7) |
|
۽ آسمان کي مٿاهون رکيو ۽ قائم ڪيائين ساهمي کي |
| أَلّا تَطغَوا فِى الميزانِ (آيت : 8) |
|
(تقاضا اها آهي ته) حد کان نه لنگهو تور ماپ ۾ |
| وَأَقيمُوا الوَزنَ بِالقِسطِ وَلا تُخسِرُوا الميزانَ (آيت : 9) |
|
۽ قائم رکو وزن انصاف سان ۽ کوٽ نه ڪريو تور ماپ ۾ |
| وَالأَرضَ وَضَعَها لِلأَنامِ (آيت : 10) |
|
۽ زمين کي ٺاهيو آهي مخلوق جي لاءِ |
| فيها فٰكِهَةٌ وَالنَّخلُ ذاتُ الأَكمامِ (آيت : 11) |
|
جنهن ۾ ڪيترا ئي سوادي ميوا ۽ کجين جا وڻ جن جا ڦر پڙدن ۾ ويڙهيل آهن |
| وَالحَبُّ ذُو العَصفِ وَالرَّيحانُ (آيت : 12) |
|
۽ قسمين قسمين اناج (داڻن ۽ تُهه وارا) آهن ۽ خوشبودار گل ڦل آهن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 13) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ كَالفَخّارِ (آيت : 14) |
|
خلقيائين انسان کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان (وڄندڙ) ٺڪر جهڙي |
| وَخَلَقَ الجانَّ مِن مارِجٍ مِن نارٍ (آيت : 15) |
|
۽ خلقيائين جنن کي ڄڀيءَ باهه جي مان |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 16) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| رَبُّ المَشرِقَينِ وَرَبُّ المَغرِبَينِ (آيت : 17) |
|
رب ٻن اوڀرن ۽ رب ٻن اولهن جو (مالڪ) اهو ئي آهي |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 18) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| مَرَجَ البَحرَينِ يَلتَقِيانِ (آيت : 19) |
|
ٻن سمنڊن کي ان ڇڏي ڏنو ته پاڻ ۾ ملن |
| بَينَهُما بَرزَخٌ لا يَبغِيانِ (آيت : 20) |
|
پوءِ به انهن جي وچ ۾ پردو اوٽ آهي جيڪو ٽپن نٿا |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 21) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| يَخرُجُ مِنهُمَا اللُّؤلُؤُ وَالمَرجانُ (آيت : 22) |
|
نڪرن ٿا (انهن سمنڊن مان) موتي ۽ مرجان |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 23) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| وَلَهُ الجَوارِ المُنشَـٔاتُ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 24) |
|
۽ انهيءَ جا آهن اهي جهاز، جيڪي سمنڊ ۾ جبل وانگر اوچا ٿيل آهن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 25) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| كُلُّ مَن عَلَيها فانٍ (آيت : 26) |
|
هر شيءِ (جا زمين تي آهي) فنا ٿيندي |
| وَيَبقىٰ وَجهُ رَبِّكَ ذُو الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 27) |
|
۽ باقي رهڻ واري تنهنجي رب جي ذات آهي جيڪا جلال ۽ ڪرم واري آهي |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 28) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| يَسـَٔلُهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلَّ يَومٍ هُوَ فى شَأنٍ (آيت : 29) |
|
اهي سڀ مرادون پني رهيا آهن جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن، هو هر گهڙيءَ آهي پنهنجي نئين شان وارو |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 30) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| سَنَفرُغُ لَكُم أَيُّهَ الثَّقَلانِ (آيت : 31) |
|
سگهوئي توهان کان پڇاڻي لاءِ واندا ٿينداسين (اي زمين جا بار جن ۽ انسان) |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 32) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنِ استَطَعتُم أَن تَنفُذوا مِن أَقطارِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ فَانفُذوا لا تَنفُذونَ إِلّا بِسُلطٰنٍ (آيت : 33) |
|
اي ٽولا جنن ۽ انسانن جا! جيڪڏهن توهان سگهه رکو ٿا نڪرڻ جي سرحدن منجهان آسمانن ۽ زمين جي، ته ڀڄي ڏسو، نه ڀڄي سگهندؤ ان لاءِ وڏو زور کپي |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 34) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| يُرسَلُ عَلَيكُما شُواظٌ مِن نارٍ وَنُحاسٌ فَلا تَنتَصِرانِ (آيت : 35) |
|
(ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندؤ ته) توهان تي اڇليو ويندو اُلو باهه جو ۽ دونهون، پوءِ توهان مقابلو ڪري نه سگهندؤ |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 36) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فَإِذَا انشَقَّتِ السَّماءُ فَكانَت وَردَةً كَالدِّهانِ (آيت : 37) |
|
پوءِ (ڇا ٿيندو ان وقت) جڏهن ڦاٽندو آسمان پوءِ ٿي پوندو ڳاڙهي کل وانگر سرخ |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 38) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فَيَومَئِذٍ لا يُسـَٔلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلا جانٌّ (آيت : 39) |
|
پوءِ ان ڏينهن سوال پڇڻ جي ضرورت ئي نه هوندي گناهن جي ڪنهن انسان ۽ جن کان |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 40) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| يُعرَفُ المُجرِمونَ بِسيمٰهُم فَيُؤخَذُ بِالنَّوٰصى وَالأَقدامِ (آيت : 41) |
|
۽ سڃاتا ويندا ڏوهاري اتي سندن چهرن مان، پوءِ کين ورتو ويندو پيشانين (وارن) مان ۽ پيرن کان (گهليو ويندو) |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 42) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى يُكَذِّبُ بِهَا المُجرِمونَ (آيت : 43) |
|
(ان وقت چيو ويندن) هيءَ اها ئي دوزخ آهي جنهن کي ڪوڙو ڀائيندا هئا ڏوهاري |
| يَطوفونَ بَينَها وَبَينَ حَميمٍ ءانٍ (آيت : 44) |
|
ڦرندا رهندا انهيءَ جي وچ ۾ ۽ وچ ۾ ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 45) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| وَلِمَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ جَنَّتانِ (آيت : 46) |
|
۽ (هر اهو شخص) جيڪو خوف رکندڙ هجي پنهنجي رب جي حضور ۾ پيش ٿيڻ جو، ان لاءِ ٻه باغ آهن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 47) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| ذَواتا أَفنانٍ (آيت : 48) |
|
سرسبز (ميويدار) ٽارين سان ڀريل |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 49) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فيهِما عَينانِ تَجرِيانِ (آيت : 50) |
|
ٻنهي باغن ۾ ٻه چشما جاري آهن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 51) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فيهِما مِن كُلِّ فٰكِهَةٍ زَوجانِ (آيت : 52) |
|
ٻنهي باغن ۾ هر ڪنهن قسم جا ٻه ميوا آهن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 53) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ فُرُشٍ بَطائِنُها مِن إِستَبرَقٍ وَجَنَى الجَنَّتَينِ دانٍ (آيت : 54) |
|
جنتي ماڻهو اهڙن طول وهاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا هوندا جن جا استر ٿلهي پٽ جا هوندا، ۽ باغن جون ٽاريون ميون سان نميل هونديون |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 55) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فيهِنَّ قٰصِرٰتُ الطَّرفِ لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 56) |
|
انهن نعمتن جي وچ ۾ شرميلي نگاهن واريون (حورون)، جن کي ڇهيو به نه هوندو انسان اڳي ۽ نه وري جن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 57) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| كَأَنَّهُنَّ الياقوتُ وَالمَرجانُ (آيت : 58) |
|
اهڙيون سهڻيون (حورون) جهڙا هيرا ۽ موتي |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 59) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| هَل جَزاءُ الإِحسٰنِ إِلَّا الإِحسٰنُ (آيت : 60) |
|
ڪهڙو بدلو ٿي سگهي ٿو نيڪيءَ کان سواءِ نيڪيءَ جو |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 61) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| وَمِن دونِهِما جَنَّتانِ (آيت : 62) |
|
۽ انهن باغن کان سواءِ هوندا ٻه ٻيا باغ |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 63) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| مُدهامَّتانِ (آيت : 64) |
|
گهاٽا ۽ ساوا باغ |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 65) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فيهِما عَينانِ نَضّاخَتانِ (آيت : 66) |
|
ٻنهي باغن ۾ ٻه چشما ڦونهارن وانگر پاڻي ڏيندا هوندا |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 67) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فيهِما فٰكِهَةٌ وَنَخلٌ وَرُمّانٌ (آيت : 68) |
|
انهن ۾ گهڻا ئي ميوا ۽ کجيون ۽ ڏاڙهون هوندا |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 69) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| فيهِنَّ خَيرٰتٌ حِسانٌ (آيت : 70) |
|
انهن نعمتن جي وچ ۾ سٺي سيرت ۽ صورت جون زالون هونديون |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 71) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| حورٌ مَقصورٰتٌ فِى الخِيامِ (آيت : 72) |
|
حورون ترسايل خيمن ۾ |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 73) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 74) |
|
ڪنهن ڇهيو نه هوندو انسان انهن کي اڳ ۾ ۽ نه جن |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 75) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ رَفرَفٍ خُضرٍ وَعَبقَرِىٍّ حِسانٍ (آيت : 76) |
|
ٽيڪ ڏيو ويٺا هوندا اهي جنتي نفيس ساون گلمن ۽ نادر طول وهاڻن کي |
| فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 77) |
|
پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ |
| تَبٰرَكَ اسمُ رَبِّكَ ذِى الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 78) |
|
وڏي برڪت وارو نالو آهي تنهنجي رب جليل ۽ ڪريم جو |