القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الۡقَمَرِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 55


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

اقتَرَبَتِ السّاعَةُ وَانشَقَّ القَمَرُ (آيت : 1)

قيامت جي گهڙي اچي ويجهي ٿي ۽ چنڊ چيرجي پيو

وَإِن يَرَوا ءايَةً يُعرِضوا وَيَقولوا سِحرٌ مُستَمِرٌّ (آيت : 2)

پر انهن جي حالت اها آهي، جو کڻي ڪابه نشاني ڏسن ته به منهن موڙي هليا وڃن ٿا ۽ چون ٿا: اهو ته جادو آهي، جيڪو هلندو پيو اچي

وَكَذَّبوا وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم وَكُلُّ أَمرٍ مُستَقِرٌّ (آيت : 3)

انهن ڪوڙو سڏيو ۽ پنهنجن نفسن جي خواهشن جي ڪڍ لڳا ۽ هر ڳالهه کي نيٺ توڙ تي پهچڻو آهي

وَلَقَد جاءَهُم مِنَ الأَنباءِ ما فيهِ مُزدَجَرٌ (آيت : 4)

انهن ماڻهن جي آڏو (اڳين قومن جا) احوال پهچي چڪا آهن، جن ۾ سرڪشيءَ کان پاسو ڪرڻ لاءِ عبرت جو ڪافي سامان آهي

حِكمَةٌ بٰلِغَةٌ فَما تُغنِ النُّذُرُ (آيت : 5)

۽ اهڙي حڪمت به جيڪا نصيحت جي مقصد جو چڱيءَ طرح پورائو ڪرڻ واري آهي، پر ڊيڄارڻ انهن لاءِ بيڪار آهي

فَتَوَلَّ عَنهُم يَومَ يَدعُ الدّاعِ إِلىٰ شَيءٍ نُكُرٍ (آيت : 6)

پوءِ اي نبي! انهن کان منهن موڙ. جنهن ڏينهن سڏڻ وارو اڻ وڻندڙ شيءِ ڏانهن سڏيندو

خُشَّعًا أَبصٰرُهُم يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ كَأَنَّهُم جَرادٌ مُنتَشِرٌ (آيت : 7)

ماڻهو هيسيل نگاهن سان پنهنجي قبرن مان ائين نڪري ايندا، ڄڻ ته ٽـڙيل پکڙيل ماڪڙ آهن

مُهطِعينَ إِلَى الدّاعِ يَقولُ الكٰفِرونَ هٰذا يَومٌ عَسِرٌ (آيت : 8)

سڏڻ واري ڏانهن ڊوڙندي وڃي رهيا هوندا ۽ اهي ئي ڪافر (جيڪي دنيا ۾ ان جو انڪار ڪندا هئا) ان وقت چوندا ته اڄوڪو ڏينهن ته ڏاڍو ڏکيو آهي

كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ فَكَذَّبوا عَبدَنا وَقالوا مَجنونٌ وَازدُجِرَ (آيت : 9)

انهن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙو سڏيو هو. انهن اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو چيو ۽ چيائون ته هي چريو آهي ۽ دڙڪا داٻ ڏنائونس

فَدَعا رَبَّهُ أَنّى مَغلوبٌ فَانتَصِر (آيت : 10)

نيٺ هن پنهنجي رب کي ٻاڏايو ته "مونکي زير ڪيو ويو آهي، هاڻي تون ئي کانئن پلئه وٺ"

فَفَتَحنا أَبوٰبَ السَّماءِ بِماءٍ مُنهَمِرٍ (آيت : 11)

ته پوءِ اسان زورائتي برسات سان آسمان جا در کولي ڇڏيا

وَفَجَّرنَا الأَرضَ عُيونًا فَالتَقَى الماءُ عَلىٰ أَمرٍ قَد قُدِرَ (آيت : 12)

۽ زمين کي چيري چشما بڻائي ڇڏيا، پوءِ اهو سمورو پاڻي اهو ڪم پورو ڪرڻ لاءِ ملي ويو جيڪو مقدر ٿي چڪو هو

وَحَمَلنٰهُ عَلىٰ ذاتِ أَلوٰحٍ وَدُسُرٍ (آيت : 13)

۽ نوح کي اسان هڪڙيءَ تختن ۽ ڪوڪن واريءَ (ٻيڙيءَ) تي چاڙهي ڇڏيو

تَجرى بِأَعيُنِنا جَزاءً لِمَن كانَ كُفِرَ (آيت : 14)

جيڪا اسان جي نظرداريءَ هيٺ پئي هلي، اهو هو بدلو انهيءَ شخص جي خاطر، جنهن جي بي قدري ڪئي وئي هئي

وَلَقَد تَرَكنٰها ءايَةً فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 15)

انهيءَ ٻيڙيءَ کي اسان نشاني بڻائي ڇڏيو، پوءِ آهي ڪو نصيحت پرائڻ وارو؟

فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 16)

پوءِ ڏسو ته ڪهڙو نه هو منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 17)

اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت پرائڻ وارو؟

كَذَّبَت عادٌ فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 18)

عاد ڪوڙو سڏيو ته پوءِ ڏسو ته ڪهڙو نه هو منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ

إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى يَومِ نَحسٍ مُستَمِرٍّ (آيت : 19)

اسان هڪڙي لاڳيتي نڀاڳ واري ڏينهن مٿن سخت هوا جو طوفان موڪليو

تَنزِعُ النّاسَ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ مُنقَعِرٍ (آيت : 20)

جنهن ماڻهن کي ائين مٿي کڻي ٿي اڇلايو، ڄڻ ته هو کجيءَ جا پاڙؤن پٽيل ٿــڙ آهن

فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 21)

پوءِ ڏسو ته ڪهڙو نه هو منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 22)

اسان هن قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت پرائڻ وارو؟

كَذَّبَت ثَمودُ بِالنُّذُرِ (آيت : 23)

ثمود ڊيڄارڻ کي ڪوڙو سڏيو

فَقالوا أَبَشَرًا مِنّا وٰحِدًا نَتَّبِعُهُ إِنّا إِذًا لَفى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 24)

۽ چوڻ لڳا ته "هڪڙو اڪيلو ماڻهو جيڪو اسان منجهان ئي آهي، ڇا اسان ان جي ڪڍ لڳون؟ پوءِ ته اسان ٿياسون راهه کان ٿـڙيل ۽ چريائيءَ ۾ پئجي ويل

أَءُلقِىَ الذِّكرُ عَلَيهِ مِن بَينِنا بَل هُوَ كَذّابٌ أَشِرٌ (آيت : 25)

ڇا اسان منجهه بس اهوئي هو، جنهن تي ذڪر (ڪتاب) نازل ڪيو ويو؟ نه نه، اصل ڳالهه اها آهي ته اهو آهي حد درجي جو ڪوڙو ۽ هٺيلو"

سَيَعلَمونَ غَدًا مَنِ الكَذّابُ الأَشِرُ (آيت : 26)

(پوءِ اسان پنهنجي نبيءَ کي چيو ته) "سڀاڻي ئي پتو پوندن ته ڪير آهي حد درجي جو ڪوڙو ۽ هٺيلو"

إِنّا مُرسِلُوا النّاقَةِ فِتنَةً لَهُم فَارتَقِبهُم وَاصطَبِر (آيت : 27)

اسان انهن لاءِ ڏاچيءَ کي آزمائش بڻائي موڪليون ٿا، پوءِ صبر سان ويٺو ڏس ته سندن پڇاڙي ڇا ٿي ٿئي

وَنَبِّئهُم أَنَّ الماءَ قِسمَةٌ بَينَهُم كُلُّ شِربٍ مُحتَضَرٌ (آيت : 28)

ٻڌائي ڇڏ ته "پاڻي ورهايل هوندو سندن ۽ ڏاچيءَ جي وچ ۾ ۽ هر ڪو پنهنجي واري جي ڏينهن پاڻيءَ تي ايندو"

فَنادَوا صاحِبَهُم فَتَعاطىٰ فَعَقَرَ (آيت : 29)

نيٺ هنن پنهنجي سنگتيءَ کي سڏيو ۽ هن ان ڪم جو بار کنيو ۽ ڏاچيءَ جون کچون ڪپي ماري وڌائينس

فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 30)

پوءِ ڏس ته ڪهڙو نه هو منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ

إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم صَيحَةً وٰحِدَةً فَكانوا كَهَشيمِ المُحتَظِرِ (آيت : 31)

اسان مٿن هڪڙو ئي ڪڙڪو ڪيو ۽ هو واڙي واري جي لتاڙيل لوڙهي وانگر ڪــُـٽو بڻجي ويا

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 32)

اسان هن قرآن کي نصيحت لاءِ آسان ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت پرائڻ وارو؟

كَذَّبَت قَومُ لوطٍ بِالنُّذُرِ (آيت : 33)

لوط جي قوم ڊيڄارڻ کي ڪوڙو سڏيو

إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم حاصِبًا إِلّا ءالَ لوطٍ نَجَّينٰهُم بِسَحَرٍ (آيت : 34)

ته اسان مٿن پٿرن جو وسڪارو ڪندڙ هوا موڪلي، جنهن کان فقط لوط جا گهر وارا بچي ويا، انهن کي اسان پنهنجي فضل سان اسر مهل بچائي ڪڍي ڇڏيو

نِعمَةً مِن عِندِنا كَذٰلِكَ نَجزى مَن شَكَرَ (آيت : 35)

اهڙيءَ طرح اسان اجر ڏيندا آهيون، هر انهيءَ شخص کي جيڪو شڪر ٿو ڪري

وَلَقَد أَنذَرَهُم بَطشَتَنا فَتَمارَوا بِالنُّذُرِ (آيت : 36)

لوط پنهنجيءَ قوم کي اسان جي پڪڙ کان خبردار ڪيو پر ڊيڄارڻ تي اعتبار نه ڪندي هنن تڪرار ڪيو

وَلَقَد رٰوَدوهُ عَن ضَيفِهِ فَطَمَسنا أَعيُنَهُم فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 37)

۽ وري هنن کيس پنهنجن مهمانن جي حفاظت ڪرڻ کان باز رکڻ جي ڪوشش ڪئي. نيٺ اسان سندن ديد ئي کسي ڇڏي ته چکو مزو منهنجي عذاب جو ۽ منهنجي ڊيڄارڻ جو

وَلَقَد صَبَّحَهُم بُكرَةً عَذابٌ مُستَقِرٌّ (آيت : 38)

۽ صبح ساجهر ئي هڪڙي عذاب جيڪو ٽرڻو ئي نه هو کين اچي ورتو

فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 39)

پوءِ چکو مزو منهنجي عذاب جو ۽ منهنجي ڊيڄارڻ جو

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 40)

اسان هن قرآن کي نصيحت لاءِ آسان ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت پرائڻ وارو؟

وَلَقَد جاءَ ءالَ فِرعَونَ النُّذُرُ (آيت : 41)

۽ فرعون وارن وٽ به ڊيڄارڻ وارا آيا هئا

كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كُلِّها فَأَخَذنٰهُم أَخذَ عَزيزٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 42)

مگر انهن اسان جي سمورين نشانين کي ڪوڙو ڪوٺيو، نيٺ اسان کين ائين پڪڙيو، جيئن ڪو زبردست طاقت وارو پڪڙيندو آهي

أَكُفّارُكُم خَيرٌ مِن أُولٰئِكُم أَم لَكُم بَراءَةٌ فِى الزُّبُرِ (آيت : 43)

ڇا توهان وارا ڪافر ڪو انهن کان ڀلا آهن؟ يا مٿان لٿل ڪتابن ۾ توهان لاءِ ڪو معافيءَ جو اعلان آهي؟

أَم يَقولونَ نَحنُ جَميعٌ مُنتَصِرٌ (آيت : 44)

يا وري چون ٿا ته اسان هڪڙو مضبوط جٿو آهيون، پنهنجو بچاءُ ڪري وٺنداسون؟

سَيُهزَمُ الجَمعُ وَيُوَلّونَ الدُّبُرَ (آيت : 45)

سگهوئي اهو جٿو هارائيندو ۽ اهي سڀ پٺي ڏيئي ڀڄندا

بَلِ السّاعَةُ مَوعِدُهُم وَالسّاعَةُ أَدهىٰ وَأَمَرُّ (آيت : 46)

بلڪه انهن سان پڄڻ لاءِ اصل وعدي وارو وقت ته قيامت آهي ۽ اها وڏي آفت ۽ ڏاڍي سخت گهڙي آهي

إِنَّ المُجرِمينَ فى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 47)

اهي ڏوهاري حقيقت ۾ ڀــُـل ۾ پيل آهن ۽ عقل به چــَـٽُ ٿي ويو اٿن

يَومَ يُسحَبونَ فِى النّارِ عَلىٰ وُجوهِهِم ذوقوا مَسَّ سَقَرَ (آيت : 48)

جنهن ڏينهن اهي منهن ڀر باهه ۾ گهليا ويندا ته چيو ويندن ته چکو مزو جهنم جي لــَـهس جو

إِنّا كُلَّ شَيءٍ خَلَقنٰهُ بِقَدَرٍ (آيت : 49)

اسان هر شيءِ هڪ اندازي سان پيدا ڪئي آهي

وَما أَمرُنا إِلّا وٰحِدَةٌ كَلَمحٍ بِالبَصَرِ (آيت : 50)

۽ اسان جو حڪم بس هڪ ئي حڪم هوندو آهي ۽ اک ڇنڀ ۾ عمل ۾ اچي ويندو آهي

وَلَقَد أَهلَكنا أَشياعَكُم فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 51)

توهان جهڙن ته گهڻن کي ئي اسان برباد ڪري چڪا آهيون، پوءِ آهي ڪو نصيحت پرائڻ وارو؟

وَكُلُّ شَيءٍ فَعَلوهُ فِى الزُّبُرِ (آيت : 52)

جيڪي ڪجهه به انهن ڪيو سو سڀ دفترن ۾ لکيل آهي

وَكُلُّ صَغيرٍ وَكَبيرٍ مُستَطَرٌ (آيت : 53)

۽ هر ڪا ننڍي توڙي وڏي ڳالهه لکي پئي آهي

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَهَرٍ (آيت : 54)

نافرمانيءَ کان بچڻ وارا بيشڪ باغن ۽ نهرن ۾ هوندا

فى مَقعَدِ صِدقٍ عِندَ مَليكٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 55)

سچيءَ عزت واري هنڌ، وڏي اختيار واري بادشاهه جي ويجهو


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025