| اقتَرَبَتِ السّاعَةُ وَانشَقَّ القَمَرُ (آيت : 1) |
|
قيامت ويجهي اچي ويئي جو چنڊ ٻه ٽڪر ٿي پيو. |
| وَإِن يَرَوا ءايَةً يُعرِضوا وَيَقولوا سِحرٌ مُستَمِرٌّ (آيت : 2) |
|
۽ جيڪڏهن اهي ڪافر (ڪو) معجزو ڏسن (به) ٿا تڏهن (به) منهن ڦيرين ٿا ۽ چون ٿا هيءُ تمام زبردست جادو آهي. |
| وَكَذَّبوا وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم وَكُلُّ أَمرٍ مُستَقِرٌّ (آيت : 3) |
|
۽ انهن (ان کي) ڪوڙو ڄاتو ۽ پنهنجي نفساني خواهش تي هليا پر سڀ ڪنهن ڪم (ڳالھ) جو وقت مقرر آهي. |
| وَلَقَد جاءَهُم مِنَ الأَنباءِ ما فيهِ مُزدَجَرٌ (آيت : 4) |
|
پڻ انهن وٽ ته اهي حالتون (اڳين قومن جون) پهچي چڪيون آهن جن ۾ وڏي تنبيه هئي. |
| حِكمَةٌ بٰلِغَةٌ فَما تُغنِ النُّذُرُ (آيت : 5) |
|
۽ انتها درجي جي دانائي پر (کين) ڊيڄارڻ مان ڪجھ به نه ٿو وري. |
| فَتَوَلَّ عَنهُم يَومَ يَدعُ الدّاعِ إِلىٰ شَيءٍ نُكُرٍ (آيت : 6) |
|
ته (اي رسول) تون انهن کان پاسيرو رھ! جنهن ڏينهن سڏيندڙ (اسرافيل) اڻ وڻندڙ شيءِ ڏي سڏيندو. |
| خُشَّعًا أَبصٰرُهُم يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ كَأَنَّهُم جَرادٌ مُنتَشِرٌ (آيت : 7) |
|
ته قيامت ۾ اکيون هيٺ ڪيل قبرن مان پکڙيل مڪڙن وانگر ٿي نڪرندا. |
| مُهطِعينَ إِلَى الدّاعِ يَقولُ الكٰفِرونَ هٰذا يَومٌ عَسِرٌ (آيت : 8) |
|
سڏيندڙ ڏي گردن وڌائي ڀڄندا ويندا. ڪافر چوندا (ويندا) هي ته وڏو سخت ڏينهن آهي. |
| كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ فَكَذَّبوا عَبدَنا وَقالوا مَجنونٌ وَازدُجِرَ (آيت : 9) |
|
ان کان اڳ نوح جي قوم به ڪوڙو ڪيو هو، جو اسان جي (خاص) بندي (نوح) کي ڪوڙو ڪيائون ۽ چيائون ته چريو آهي ۽ کيس ڌمڪايائون. |
| فَدَعا رَبَّهُ أَنّى مَغلوبٌ فَانتَصِر (آيت : 10) |
|
پوءِ ان پنهنجي پالڻهار کي سڏيو ته: آءُ (انهن جي مقابلي ۾) ڪمزور ٿي پيو آهيان پوءِ تون (انهن کان) وير وٺ. |
| فَفَتَحنا أَبوٰبَ السَّماءِ بِماءٍ مُنهَمِرٍ (آيت : 11) |
|
پوءِ اسان وسندڙ پاڻيءَ سان آسمان جا دروازا کولي ڇڏيا. |
| وَفَجَّرنَا الأَرضَ عُيونًا فَالتَقَى الماءُ عَلىٰ أَمرٍ قَد قُدِرَ (آيت : 12) |
|
۽ زمين جا چشما وهائي ڇڏياسون. ته اهو هڪ ان ڪم جي لاءِ جيڪو مقدر ٿي چڪو هو. (۽ ٻئي) پاڻي ملي (ڪري هڪ) ٿي پيا. |
| وَحَمَلنٰهُ عَلىٰ ذاتِ أَلوٰحٍ وَدُسُرٍ (آيت : 13) |
|
۽ اسان ان کي تختن ۽ ميخن سان تيار ڪيل (ٻيڙيءَ) تي چاڙهيو. |
| تَجرى بِأَعيُنِنا جَزاءً لِمَن كانَ كُفِرَ (آيت : 14) |
|
جا اسان جي نظرداريءَ ۾ هلي رهي هئي ان شخص (نوح) جي بدلي وٺڻ لاءِ جنهن کي ماڻهن نٿي مڃيو. |
| وَلَقَد تَرَكنٰها ءايَةً فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 15) |
|
۽ اسان ان (ٻوڏ) کي هڪ عبرت جي نشاني ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو آهي جو عبرت حاصل ڪري. |
| فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 16) |
|
پوءِ منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪئين آهي؟ |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 17) |
|
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي (ته) ڪو آهي جو نصيحت حاصل ڪري؟ |
| كَذَّبَت عادٌ فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 18) |
|
عاد جي قوم (به پنهنجي پيغمبر کي) ڪوڙو ڪيو پوءِ منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪئين هو؟ |
| إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى يَومِ نَحسٍ مُستَمِرٍّ (آيت : 19) |
|
بيشڪ اسان مٿن منحوس ڏينهن تمام سخت تيز هوا کي موڪليو. |
| تَنزِعُ النّاسَ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ مُنقَعِرٍ (آيت : 20) |
|
جنهن ماڻهن کي پاڙ کان پٽيو ٿي ڄڻ ته اهي پاڙ کان پٽيل کجيءَ جا ٿڙ آهن. |
| فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 21) |
|
پوءِ منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪئي هو؟ |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 22) |
|
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو آهي جو نصيحت حاصل ڪري؟ |
| كَذَّبَت ثَمودُ بِالنُّذُرِ (آيت : 23) |
|
ثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن (پيغمبرن) کي ڪوڙو ڪيو. |
| فَقالوا أَبَشَرًا مِنّا وٰحِدًا نَتَّبِعُهُ إِنّا إِذًا لَفى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 24) |
|
جو چوڻ لڳا اسين پاڻ مان هڪڙي ماڻهو جي تابعداري ڪريون ڇا؟ جيڪڏهن اسين ائين ڪريون ته گمراهي ۽ چريائي ۾ هونداسون. |
| أَءُلقِىَ الذِّكرُ عَلَيهِ مِن بَينِنا بَل هُوَ كَذّابٌ أَشِرٌ (آيت : 25) |
|
ڇا اسان سڀني مان رڳو ان تي ئي وحي نازل ٿيو آهي (نه! نه!) پر اهو ڪوڙو ٻڌائيندڙ آهي. |
| سَيَعلَمونَ غَدًا مَنِ الكَذّابُ الأَشِرُ (آيت : 26) |
|
عنقريب سڀاڻي کين معلوم ٿي ويندو ته ڪير وڏو ڪوڙو (۽) پاڻ پڏائيندڙ آهي. |
| إِنّا مُرسِلُوا النّاقَةِ فِتنَةً لَهُم فَارتَقِبهُم وَاصطَبِر (آيت : 27) |
|
(اي صالح) اسين سندن امتحان لاءِ ڏاچيءَ کي موڪليو ته پوءِ تون انهن کي ڏسندو رھ ۽ (ڪجھ) صبر ڪر! |
| وَنَبِّئهُم أَنَّ الماءَ قِسمَةٌ بَينَهُم كُلُّ شِربٍ مُحتَضَرٌ (آيت : 28) |
|
۽ کين خبر ڏي ته سندن وچ ۾ پاڻيءَ جو (وارو) ورهايل آهي سڀ ڪو پنهنجي واري تي حاضر ٿئي. |
| فَنادَوا صاحِبَهُم فَتَعاطىٰ فَعَقَرَ (آيت : 29) |
|
پوءِ انهن پنهنجي سنگتيءَ (قدار) کي سڏيو جنهن (زور سان) وار ڪري (ڏاچيءَ جا) پير وڍي وڌا. |
| فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 30) |
|
پوءِ منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪئين هو.؟ |
| إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم صَيحَةً وٰحِدَةً فَكانوا كَهَشيمِ المُحتَظِرِ (آيت : 31) |
|
بيشڪ اسان مٿن هڪ (هيبت ڀريو) آواز موڪليو پوءِ لوڙهي ڏيڻ واريءَ جي لوڙهي جو ڀور وانگر (ڍڳ) ٿي پيا. |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 32) |
|
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ آهي ڪو جو نصيحت حاصل ڪري؟ |
| كَذَّبَت قَومُ لوطٍ بِالنُّذُرِ (آيت : 33) |
|
لوط جي قوم به ڊيڄارڻ وارن (پيغمبرن) کي ڪوڙو ڪيو. |
| إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم حاصِبًا إِلّا ءالَ لوطٍ نَجَّينٰهُم بِسَحَرٍ (آيت : 34) |
|
ان ڪري اسان مٿن پٿرين وسائڻ واري جهڪ موڪلي سواءِ لوط جي گهر وارن جي جو کين اسر جي مهل (اتان) ڪڍي بچايوسون. |
| نِعمَةً مِن عِندِنا كَذٰلِكَ نَجزى مَن شَكَرَ (آيت : 35) |
|
پنهنجي طرفان مهرباني ڪري. اهڙيءَ طرح جيڪو شڪر ڪندو آهي تنهن کي اهڙو بدلو ڏيندا آهيون. |
| وَلَقَد أَنذَرَهُم بَطشَتَنا فَتَمارَوا بِالنُّذُرِ (آيت : 36) |
|
۽ لوط انهن کي اسان جي پڪڙ کان ڊيڄاريو به هو پر انهن ڊيڄارڻ ۾ ئي شڪ ڪيو. |
| وَلَقَد رٰوَدوهُ عَن ضَيفِهِ فَطَمَسنا أَعيُنَهُم فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 37) |
|
۽ ان کان سندن مهمان (فرشتن) سان ناجائز مطلب جي خواهش ڪئي پوءِ اسان سندن اکين کي انڌو ڪيو ۽ (چيوسون ته) منهنجي سزا منهنجي ڊيڄارڻ جو مزو چکيو. |
| وَلَقَد صَبَّحَهُم بُكرَةً عَذابٌ مُستَقِرٌّ (آيت : 38) |
|
۽ صبح سويري مٿن (سدائين) رهڻ وارو عذاب آيو. جو ڪنهن طرح ٽري نه سگهيو. |
| فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 39) |
|
پوءِ (چيوسون ته) منهنجي عذاب ۽ ڊيڄارڻ جو مزو چکيو. |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 40) |
|
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي. ڇا پوءِ ڪو آهي جو نصيحت حاصل ڪري. |
| وَلَقَد جاءَ ءالَ فِرعَونَ النُّذُرُ (آيت : 41) |
|
۽ فرعون جي قوم ڏي به ڊيڄارڻ وارا (پيغمبر) آيا. |
| كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كُلِّها فَأَخَذنٰهُم أَخذَ عَزيزٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 42) |
|
ته انهن اسان جي سڀني نشاني (معجزن) کي ڪوڙو ڪيو ته اسان کين اهڙيءَ طرح پڪڙ ڪئي جيئن هڪ زبردست قدرت جو مالڪ پڪڙيندو آهي. |
| أَكُفّارُكُم خَيرٌ مِن أُولٰئِكُم أَم لَكُم بَراءَةٌ فِى الزُّبُرِ (آيت : 43) |
|
(اي مڪي وارو!) ڇا انهن ماڻهن کان به اوهان جا ڪافر وڌيڪ آهن؟ يا اوهان لاءِ (اڳين) ڪتابن ۾ معافي (لکيل) آهي. |
| أَم يَقولونَ نَحنُ جَميعٌ مُنتَصِرٌ (آيت : 44) |
|
ڇا! اهي چون ٿا ته اسين سڀئي طاقت ور جماعت آهيون. |
| سَيُهزَمُ الجَمعُ وَيُوَلّونَ الدُّبُرَ (آيت : 45) |
|
سگهو ئي (سندن) جماعت کي شڪست ڏني ويندي ۽ اهي پٺ ڦيري ڀڄندا. |
| بَلِ السّاعَةُ مَوعِدُهُم وَالسّاعَةُ أَدهىٰ وَأَمَرُّ (آيت : 46) |
|
ڳالھ هيءَ آهي ته انهن سان وعدي جو وقت قيامت آهي ۽ قيامت وڏي سخت ۽ ڪڙي (شيءِ) آهي. |
| إِنَّ المُجرِمينَ فى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 47) |
|
بيشڪ گنهگار ماڻهو گمراهيءَ ۽ چريائپ ۾ مبتلا (آهن). |
| يَومَ يُسحَبونَ فِى النّارِ عَلىٰ وُجوهِهِم ذوقوا مَسَّ سَقَرَ (آيت : 48) |
|
ان ڏينهن باھ ۾ پنهنجي منهن ڀرگهليا ويندا (۽ جيئن) ته هاڻي دوزخ جي باھ جو مزو چکيو. |
| إِنّا كُلَّ شَيءٍ خَلَقنٰهُ بِقَدَرٍ (آيت : 49) |
|
بيشڪ اسان سڀ ڪنهن شيءِ کي مقرر ڪيل اندازي سان ڪيدا ڪيو آهي. |
| وَما أَمرُنا إِلّا وٰحِدَةٌ كَلَمحٍ بِالبَصَرِ (آيت : 50) |
|
۽ اسان جو حڪم ته رڳو اک ڇنب وانگر هڪ سخن آهي. |
| وَلَقَد أَهلَكنا أَشياعَكُم فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 51) |
|
۽ (اي مڪي وارو!) بيشڪ اسان اوهان جي طريقي وارن کي برباد ڪيو ڇا پوءِ ڪو آهي جو نصيحت حاصل ڪري؟ |
| وَكُلُّ شَيءٍ فَعَلوهُ فِى الزُّبُرِ (آيت : 52) |
|
۽ سڀ ڪو ڪم جو اهي ڪري چڪا آهن (سندن) اعمال نامن ۾ (لکيل) آهي. |
| وَكُلُّ صَغيرٍ وَكَبيرٍ مُستَطَرٌ (آيت : 53) |
|
۽ هر ڪو ننڍو ۽ وڏو ڪم لکي ڇڏيل آهي. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَهَرٍ (آيت : 54) |
|
بيشڪ پرهيزگار (بهشت جي) باغن ۽ واهن ۾. |
| فى مَقعَدِ صِدقٍ عِندَ مَليكٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 55) |
|
(يعني) وڻندڙ جاءِ ۾ هر طرح جي قدرت رکندڙ بادشاھ جي بارگاھ ۾ (مقرب) هوندا. |