| اقتَرَبَتِ السّاعَةُ وَانشَقَّ القَمَرُ (آيت : 1) |
|
ويجِھي پَئـِي ساوار، ۽ ڦاٽِي چَنڊ ڦارون ٿيو، |
| وَإِن يَرَوا ءايَةً يُعرِضوا وَيَقولوا سِحرٌ مُستَمِرٌّ (آيت : 2) |
|
۽ جي پَسن آيت اََکِيين، ڪا نِشاني نِروار، ته موڙهيل مُنهن موڙِين پِيا، اَنڌا ڪن اِنڪار، ۽ چَوَن چالُو مَنڊ سو، |
| وَكَذَّبوا وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم وَكُلُّ أَمرٍ مُستَقِرٌّ (آيت : 3) |
|
۽ ڪوٺيون ڪُوڙِي ڪار، ۽ سَندنِ سَکڻِي سَڌن جا، ٿِيا تِهدِل تابِعدار، ۽ آهي بَرقرار، هَرڪو ڪم حِساب لئي. |
| وَلَقَد جاءَهُم مِنَ الأَنباءِ ما فيهِ مُزدَجَرٌ (آيت : 4) |
|
۽ ڳالهيون ڪَئـِين ڳوٺن جون، پَڪ پُهِتينِ پاڻ، جن ۾ ڇِينڀِيندڙن ڇيبَرون، |
| حِكمَةٌ بٰلِغَةٌ فَما تُغنِ النُّذُرُ (آيت : 5) |
|
۽ پورو پورو ڄاڻ، پوءِ عِبرت جا اُهڃاڻ، اَثر نَه ڪَن اُنهن تي. |
| فَتَوَلَّ عَنهُم يَومَ يَدعُ الدّاعِ إِلىٰ شَيءٍ نُكُرٍ (آيت : 6) |
|
پوءِ مُنهن، تن کان مُورهِين، تون مُرسل! موڙي ڇَڏ، جِنهن ڏِينهن، نه ڏِٺل ٽول ڏي، ڪَندو، سَڏِيندڙ سَڏ، |
| خُشَّعًا أَبصٰرُهُم يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ كَأَنَّهُم جَرادٌ مُنتَشِرٌ (آيت : 7) |
|
هُوندن اُنهِئَ حال ۾، نيڻ نِماڻا نَڏ، مِڙئـِي مُقامَن مان، نِڪرن سَڏ سان گَڏ، هُوندا هيڪاندا هَڏ، ڪَر ماڪڙ پَکڙِيل مُلڪ ۾. |
| مُهطِعينَ إِلَى الدّاعِ يَقولُ الكٰفِرونَ هٰذا يَومٌ عَسِرٌ (آيت : 8) |
|
ڀَڄندڙ، ڊُڪندڙ، ڊوڙندڙ، سَڀيئـِي سَڏِيندڙ پار، ڪَهن لڳَن ڪُفار، ته ڏاڍو ڏُکيو ڏِينهن هِي. |
| كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ فَكَذَّبوا عَبدَنا وَقالوا مَجنونٌ وَازدُجِرَ (آيت : 9) |
|
قوم، نَبي نُوح جِي، صابِر، صَبر ڀَريو، اُنهن ڪنان اََڳڀرو، سَڀ ڪوٺيؤن ڪُوڙ، ڪريو، پوءِ ڪُوڙو اسان جي ڪَس کي، ڪوٺؤن وَريو وَريو، پڻ چيائون چَريو، ۽ وِيو ڌَمڪايو دوست کي. |
| فَدَعا رَبَّهُ أَنّى مَغلوبٌ فَانتَصِر (آيت : 10) |
|
تڏهن پَنهنجي پالڻهار کي، ڪيائين ساري سَڏ، ته آئون هيڻو هَڏ، پوءِ واحِد!، واهِر تون ٿِيِن. |
| فَفَتَحنا أَبوٰبَ السَّماءِ بِماءٍ مُنهَمِرٍ (آيت : 11) |
|
پوءِ اُپٽيا سون اَورڪ سان، اُن تي اُڀ جادَر، |
| وَفَجَّرنَا الأَرضَ عُيونًا فَالتَقَى الماءُ عَلىٰ أَمرٍ قَد قُدِرَ (آيت : 12) |
|
۽ چِيري ڪڍياسون چِشمان، ڌَئون هَڻِي مَنجھ ڌر، پوءِ وَڃِي چَڙهيو چوٽيِـين، پاڻِي اِهڙئَ پر، مٿائـِين مُقرر، هُئو اَمر جِنهن اَنداز تي. |
| وَحَمَلنٰهُ عَلىٰ ذاتِ أَلوٰحٍ وَدُسُرٍ (آيت : 13) |
|
پوءِ ڪيو سونسِ ڪشتِئَ ۾، ساٿِيَن ساڻ سُوار، |
| تَجرى بِأَعيُنِنا جَزاءً لِمَن كانَ كُفِرَ (آيت : 14) |
|
جا مَهندئـِي هُئـِي، ميخن ۽ تختن ساڻ تيار، اسان جي اََک ٽيٽ ۾، هَلِي ٿِي هَموار، اُنهِئ کي آڌار، جنهن کي، مڃيو نه ويو مُورهِين. |
| وَلَقَد تَرَكنٰها ءايَةً فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 15) |
|
۽ اَسان اُن عذاب کي، ڪيو نِشانِي نِروار، جيڪسِ آھِ جھان ۾، پوءِ وٺندڙ ڪو ويچار؟، |
| فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 16) |
|
پوءِ هُئا ڪهڙِي ڪار، اطلاع ۽ عَذاب مُنهنجو! |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 17) |
|
۽ سارڻ لاءِ سَولو، ڪَيو سُون قُرآن، پوءِ آھِ ڪو اِنسان، سارِيندڙ سَرِير ۾؟ |
| كَذَّبَت عادٌ فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 18) |
|
ڪاهي قوم عاد جِي، پِيا ڪُوڙن مَنجهه ڪُفار، پوءِ هُئِي ڪِهڙِي ڪار، اطلاع، ڪِ عذاب مُنهنجو! |
| إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى يَومِ نَحسٍ مُستَمِرٍّ (آيت : 19) |
|
اَسان اُماڻيو اُنهن تي، تمام تِکو طوفان، اَکٽ اَڀاڳي ڏِينهن ۾، پيو اُکيڙي اِنسان، |
| تَنزِعُ النّاسَ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ مُنقَعِرٍ (آيت : 20) |
|
ڪَر آهِن ٿُڙ عيان، پاڙان پَٽِيَل کِجِيَن جا! |
| فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 21) |
|
پوءِ ڪِنهن پَرهو مُنهنجو، عَذاب ۽ اِعلان؟ |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 22) |
|
۽ سارڻ لاءِ سَولو،ڪيو سون قرآن، پوءِ آهي ڪو اِنسان، سارِيندڙ سرِير ۾؟ |
| كَذَّبَت ثَمودُ بِالنُّذُرِ (آيت : 23) |
|
سَمجهيا ثَمُود ڪُوڙي ڪري، ڄاڻويَن جا ڄاڻ، |
| فَقالوا أَبَشَرًا مِنّا وٰحِدًا نَتَّبِعُهُ إِنّا إِذًا لَفى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 24) |
|
پوءِ آڪَڙ جِي آکڻ لڳا، اِنهئَ پَر اَڄاڻ، ته اَسان مان هِڪ آدمِي، ڪِيئن هَلون پُٺيانسِ هاڻ؟ تڏهن ته پٽئـِين پاڻ، آهيون ڀورائـِئَ ۽ ڀُل ۾. |
| أَءُلقِىَ الذِّكرُ عَلَيهِ مِن بَينِنا بَل هُوَ كَذّابٌ أَشِرٌ (آيت : 25) |
|
اَسان وِچان ڪِيئن اُن تي، وِيو موڪليو مَذڪُور!، بلڪ ڪُوڙو آهي اِهو، مَٿي ڦِريل مَغرور، |
| سَيَعلَمونَ غَدًا مَنِ الكَذّابُ الأَشِرُ (آيت : 26) |
|
ڄاڻن جَلد ضرور، ته وڏو ڪوڙو ڪير هُئو؟ |
| إِنّا مُرسِلُوا النّاقَةِ فِتنَةً لَهُم فَارتَقِبهُم وَاصطَبِر (آيت : 27) |
|
اَسِين موڪلِيندڙ آهيون، توڏي ڪا تَڪرار، اُنهن جي اِيمان کي، پَر ۾ پَرکڻ هار، پوءِ ڪَر اوسِين اِنتظار، ۽ سَڀ ڪجھ سَہ سَرِير تي. |
| وَنَبِّئهُم أَنَّ الماءَ قِسمَةٌ بَينَهُم كُلُّ شِربٍ مُحتَضَرٌ (آيت : 28) |
|
۽ سُڌ ڏِيينِ، ته سَندنِ وِچ ۾، آھِ وِراست آب، حاضِر ساڻ حِساب، وارو سَندن وِچ ۾. |
| فَنادَوا صاحِبَهُم فَتَعاطىٰ فَعَقَرَ (آيت : 29) |
|
اُنهن سَندنِ اڳواڻ کي، ڪَئـِي پوءِ ڪُوڪار، پوءِ کَنئـِي تِنهن ترار، پوءِ گُڏيائـِين گوڏن ڪنان. |
| فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 30) |
|
پوءِ هُئو ڪِيئن قَهر مُنهنجو، پڻ چتاءُ ڪِهڙِي چال! |
| إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم صَيحَةً وٰحِدَةً فَكانوا كَهَشيمِ المُحتَظِرِ (آيت : 31) |
|
مَٿنِ اَسان موڪليو، ڪو ڌَماڪو ڌَمتال، پوءِ ڦِري ٿِيا فِى الحال، دَن ڀُريَل جِيان دَم ۾. |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 32) |
|
سارڻ لئي سَولو، ڪيو سُون قُرآن، پوءِ آهي ڪو اِنسان، سارِيندڙ سَرِير ۾! |
| كَذَّبَت قَومُ لوطٍ بِالنُّذُرِ (آيت : 33) |
|
ڪُوڙا قوم لُوط جي، چَيا سَڀ چِتاء، |
| إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم حاصِبًا إِلّا ءالَ لوطٍ نَجَّينٰهُم بِسَحَرٍ (آيت : 34) |
|
پَٿرن وارو واء، پوءِ ڇُوٽ ڇَڏيوسون اُنهن مَٿان. سوا ساٿين لُوط جي، جن کي پِرھ ساڻ پاڻ، |
| نِعمَةً مِن عِندِنا كَذٰلِكَ نَجزى مَن شَكَرَ (آيت : 35) |
|
پَنهنجي پاران ٻاجھ سان، ڏِنوسونِ جِئ ڏان، اِهڙا سَهنج ڪريو تنهن ساڻ، جِنهن مِهربانيون مڃيون. |
| وَلَقَد أَنذَرَهُم بَطشَتَنا فَتَمارَوا بِالنُّذُرِ (آيت : 36) |
|
۽ آگاھَ ڪيائـِينِ، اَسان جي، پَڪڙ ڪنان پَڪ، پوءِ بِيٺا ٻَڌِي بَڪ، ڄاڻويَن سان ڄاڻ ۾. |
| وَلَقَد رٰوَدوهُ عَن ضَيفِهِ فَطَمَسنا أَعيُنَهُم فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 37) |
|
۽ بِلڪُل بُري فِعل لئي، تِنهن کان مَڱيائون مِهمان، پوءِ ميٽي ڇَڏياسون مُورهِين، سَندن نيڻ نشان، پوءِ عَذاب ۽ اِعلان، مُنهنجو مَزي ساڻ چَکو. |
| وَلَقَد صَبَّحَهُم بُكرَةً عَذابٌ مُستَقِرٌّ (آيت : 38) |
|
۽ سَزا ٺَهرايل سِرتي، پِيَن پِرھ ساڻ، |
| فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 39) |
|
پوءِ چکو چيٺي پاڻ، عذاب، ڪِ اِطلاع مُنهنجو. |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 40) |
|
سارڻ لاءِ سَولو، ڪيو سون قُرآن، پوءِ آهي ڪو اِنسان، سارِيندڙ سَرِير ۾؟ |
| وَلَقَد جاءَ ءالَ فِرعَونَ النُّذُرُ (آيت : 41) |
|
۽ آيو آل فِرعون کي، اَوس ڄاڻ عَذاب، |
| كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كُلِّها فَأَخَذنٰهُم أَخذَ عَزيزٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 42) |
|
پوءِ ڪُل اَسان جون آيتون، ڪوٺيؤَن ڪُوڙ ڪذاب، پوءِ پَڪڙيوسون اُنهن کي، گھيري مَنجھ گرداب، پَڪڙڻ پُوري تاب، ڪنهن زوراور زَبر جو. |
| أَكُفّارُكُم خَيرٌ مِن أُولٰئِكُم أَم لَكُم بَراءَةٌ فِى الزُّبُرِ (آيت : 43) |
|
ڏِسو ته ڏاڍا ڏيہ ۾، اُهي ڦِريل فَسادِي، يا اَهنجاڪافِر اُنهن ڪنان، بِهتر بُنيادِي؟ يا پَنهنجِي آزادِي، ڪَڍيان ڪتابن مان. |
| أَم يَقولونَ نَحنُ جَميعٌ مُنتَصِرٌ (آيت : 44) |
|
ڇا، آکِين ٿا ته آهيون اَسِين، ڪَٺي ڪُل قطار، هِڪ ٻئي سان هر ڳالھ ۾، اُهکِئَ ويل وَاهار؟، |
| سَيُهزَمُ الجَمعُ وَيُوَلّونَ الدُّبُرَ (آيت : 45) |
|
سِگھو ساٿ ڀَڄائـِبو، هِڪدم ڏيئـِي هار، ۽ بِنا نَظر نِهار، ڪانئـِر ڏِين ڪِياڙيون. |
| بَلِ السّاعَةُ مَوعِدُهُم وَالسّاعَةُ أَدهىٰ وَأَمَرُّ (آيت : 46) |
|
اُٽلو اُهکِي وارجو، آهي اُنهن سان اَنجام، ۽ ڪَٺڻ ڏِينهن قِيام جو، ڪَڙو تَلخ تمام، |
| إِنَّ المُجرِمينَ فى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 47) |
|
گنه گار غُلام، آهِن ڀورائـِئَ ۽ ڀُل ۾. |
| يَومَ يُسحَبونَ فِى النّارِ عَلىٰ وُجوهِهِم ذوقوا مَسَّ سَقَرَ (آيت : 48) |
|
مُنهن ڀَر جنهن مَهل ۾، اُڇَلبا مَنجھ آگ، چَکو ساڻ چاڳ، لُوسِي! لُوس باھِ جِي. |
| إِنّا كُلَّ شَيءٍ خَلَقنٰهُ بِقَدَرٍ (آيت : 49) |
|
اَسان اَندازي ماپ سان، جوڙيو هَر جِنسار، |
| وَما أَمرُنا إِلّا وٰحِدَةٌ كَلَمحٍ بِالبَصَرِ (آيت : 50) |
|
۽ آهي هِڪ اََک ڇنڀ جِيئن، اَسان جو ڪم ڪار، |
| وَلَقَد أَهلَكنا أَشياعَكُم فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 51) |
|
۽ اَسان ته اوهان جھڙيون، ٽوليون، ٽوليون ڌار، بيشڪ بَرقرار، ماري مِڙئـِي مات ڪيون. پوءِ ڪو آهي آخِرڪار، سارِيندڙ سَرِير ۾؟ |
| وَكُلُّ شَيءٍ فَعَلوهُ فِى الزُّبُرِ (آيت : 52) |
|
۽ قابُو ڪُل ڪِتاب ۾، جي ڪيائون ڪم ڪار، |
| وَكُلُّ صَغيرٍ وَكَبيرٍ مُستَطَرٌ (آيت : 53) |
|
۽ وَڏا نَنڍا نِبار، سَڀ لِکـيَل لوح مَحفوظ ۾. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَهَرٍ (آيت : 54) |
|
سَچ پَچ ته صاحِب سِيل جا، مَنجھ باغن برقرار، ۽ ناليون پاڻئَ پاڪ جون، چالون پڻ چوڌار، |
| فى مَقعَدِ صِدقٍ عِندَ مَليكٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 55) |
|
سَچي رُوح رِهاڻ ۾، سَدا گُل بَهار، جِنهنجو اَعلىٰ اِختيار، تِنهن حاڪِم جي حُضور ۾. |