اقتَرَبَتِ السّاعَةُ وَانشَقَّ القَمَرُ (آيت : 1) |
اها گهڙي ويجهي اچي وئي ۽ (رسول جي معجزي سان) چنڊ ڦاٽي پيو |
وَإِن يَرَوا ءايَةً يُعرِضوا وَيَقولوا سِحرٌ مُستَمِرٌّ (آيت : 2) |
هوڏانهن اهي جيڪڏهن ڪابه نشاني ڏسندا ته منهن ڦيريندا ۽ چوندا ته هي جادو آهي جو اصل کان هليو اچي. |
وَكَذَّبوا وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم وَكُلُّ أَمرٍ مُستَقِرٌّ (آيت : 3) |
۽ انهن ڪوڙو ڪيو ۽ پنهنجن خواهشن تي هليا ۽ سڀ ڪو ڪم (پنهنجي وقت ۾ ) ٿيڻ وارو آهي |
وَلَقَد جاءَهُم مِنَ الأَنباءِ ما فيهِ مُزدَجَرٌ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ انهن وٽ (اڳوڻن قومن جي) خبرن مان اهو ڪجهه آيو آهي جنهن ۾ دڙڪو آهي. اهو (دڙڪو) پوري پوري ڏاهپ (به آهي) |
حِكمَةٌ بٰلِغَةٌ فَما تُغنِ النُّذُرُ (آيت : 5) |
پوءِ عبرت جون ڳالهيون فائدو نه ٿيون ڏين. |
فَتَوَلَّ عَنهُم يَومَ يَدعُ الدّاعِ إِلىٰ شَيءٍ نُكُرٍ (آيت : 6) |
ان ڪري (اي پيغمبرﷺ!) تون انهن کان منهن موڙ! جنهن ڏينهن سڏيندڙ اڻوڻندڙ شيءِ ڏي سڏيندو. |
خُشَّعًا أَبصٰرُهُم يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ كَأَنَّهُم جَرادٌ مُنتَشِرٌ (آيت : 7) |
ان ڏينهن جهڪين اکين سان قبرن مان نڪرندا ڄڻ ته اهي پکڙيل مڪڙ آهن. |
مُهطِعينَ إِلَى الدّاعِ يَقولُ الكٰفِرونَ هٰذا يَومٌ عَسِرٌ (آيت : 8) |
سڏيندڙ ڏي ڀڄندا ويندا. ڪافر چوندا (ويندا) ته هي سخت ڏينهن آهي. |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ فَكَذَّبوا عَبدَنا وَقالوا مَجنونٌ وَازدُجِرَ (آيت : 9) |
انهن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙو ڪيو جو اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو ڪيائون ۽ چيائون ته چريو آهي ۽ ان کي ڌمڪايو ويو. |
فَدَعا رَبَّهُ أَنّى مَغلوبٌ فَانتَصِر (آيت : 10) |
پوءِ ان پنهنجي پاليندڙ کي سڏيو ته آءُ عاجز ٿي ويو آهيان پوءِ تون (انهن کان) وير وٺ. |
فَفَتَحنا أَبوٰبَ السَّماءِ بِماءٍ مُنهَمِرٍ (آيت : 11) |
پوءِ اسان وسندڙ پاڻيءَ سان آسمان جا دروازا کولي ڇڏيا. |
وَفَجَّرنَا الأَرضَ عُيونًا فَالتَقَى الماءُ عَلىٰ أَمرٍ قَد قُدِرَ (آيت : 12) |
۽ زمين جا چشما وهائي ڇڏياسون. پوءِ پاڻي ان ڪم لاءِ گڏ ٿيو جنهن جو فيصلو ٿي چڪو هو. |
وَحَمَلنٰهُ عَلىٰ ذاتِ أَلوٰحٍ وَدُسُرٍ (آيت : 13) |
۽ اسان ان کي تختن ۽ ميخن واريءَ (ٻيڙيءَ) تي چاڙهيو |
تَجرى بِأَعيُنِنا جَزاءً لِمَن كانَ كُفِرَ (آيت : 14) |
جا اسان جي اکين اڳيان ٿي هلي ان شخص جي بدلي وٺڻ لاءِ جنهن جي بي قدري ڪئي وئي هئي |
وَلَقَد تَرَكنٰها ءايَةً فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 15) |
۽ بيشڪ اسان ان (سزا) کي (عبرت لاءِ) هڪ نشاني ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو سوچڻ وارو آهي. |
فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 16) |
پوءِ ڪيئن منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ هو. |
وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 17) |
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو سوچڻ وارو آهي؟ |
كَذَّبَت عادٌ فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 18) |
عاد جي قوم ڪوڙو ڪيو پوءِ ڪيئن منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ هو. |
إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى يَومِ نَحسٍ مُستَمِرٍّ (آيت : 19) |
بيشڪ اسان مٿن هميشه رهندڙ بدبختي جي ڏينهن ۾ سخت هوا کي موڪليو، |
تَنزِعُ النّاسَ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ مُنقَعِرٍ (آيت : 20) |
جنهن ماڻهن کي پاڙ کان پٽيو ٿي ڄڻ ته اهي پاڙ کان پٽيل کجيءَ جا ٿڙ آهن. |
فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 21) |
پوءِ ڪيئن منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ هو. |
وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 22) |
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪوسوچڻ وارو آهي؟ |
كَذَّبَت ثَمودُ بِالنُّذُرِ (آيت : 23) |
ثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڪيو. |
فَقالوا أَبَشَرًا مِنّا وٰحِدًا نَتَّبِعُهُ إِنّا إِذًا لَفى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 24) |
جو چيائون ته اسين پاڻ مان هڪڙي ماڻهوءَ جي تابعداري ڪريون ڇا؟ بيشڪ اسين تڏهن گمراهي ۽ چريائي ۾ هونداسون. |
أَءُلقِىَ الذِّكرُ عَلَيهِ مِن بَينِنا بَل هُوَ كَذّابٌ أَشِرٌ (آيت : 25) |
ڇا اسان مان ان تي ئي نصيحت لاٿي ويئي آهي پر اهو ڪوڙو پاڻ پڏائيندڙ آهي. |
سَيَعلَمونَ غَدًا مَنِ الكَذّابُ الأَشِرُ (آيت : 26) |
(اسان صالح کي چيو) سڀاڻي اهي معلوم ڪندا ته ڪير وڏو ڪوڙو پاڻ پڏائيندڙ آهي. |
إِنّا مُرسِلُوا النّاقَةِ فِتنَةً لَهُم فَارتَقِبهُم وَاصطَبِر (آيت : 27) |
بيشڪ اسين ڏاچيءَ کي انهن جي امتحان لاءِ موڪليون ٿا پوءِ تون کين ڏسندو رهه ۽ جيئن تيئن صبر ڪر! |
وَنَبِّئهُم أَنَّ الماءَ قِسمَةٌ بَينَهُم كُلُّ شِربٍ مُحتَضَرٌ (آيت : 28) |
۽ کين خبر ڏي ته سندن وچ ۾ پاڻي ورهايل آهي سڀڪو پنهنجي واري تي حاضر ٿئي. |
فَنادَوا صاحِبَهُم فَتَعاطىٰ فَعَقَرَ (آيت : 29) |
پوءِ انهن پنهنجي سنگتي (قندار) کي سڏ ڪيو پوءِ ان (زور سان) وار ڪري (ڏاچيءَ جا) پير وڍي وڌا. |
فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 30) |
پوءِ ڪيئن منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ هو. |
إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم صَيحَةً وٰحِدَةً فَكانوا كَهَشيمِ المُحتَظِرِ (آيت : 31) |
بيشڪ اسان مٿن هڪ (هيبت ڀريو) آواز موڪليو پوءِ لوڙهي ڏيڻ واري جي لوڙهي جي ڀور وانگر (ڍڳ) ٿي پيا |
وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 32) |
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو سوچڻ وارو آهي؟ |
كَذَّبَت قَومُ لوطٍ بِالنُّذُرِ (آيت : 33) |
لوط جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڪيو. |
إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم حاصِبًا إِلّا ءالَ لوطٍ نَجَّينٰهُم بِسَحَرٍ (آيت : 34) |
ان ڪري اسان مٿن پٿرين وسائڻ واري جهلڪ موڪلي سواءِ لوط جي گهر وارن جي جو کين اسر جي مهل (اتان ڪڍي) بچايوسون. |
نِعمَةً مِن عِندِنا كَذٰلِكَ نَجزى مَن شَكَرَ (آيت : 35) |
پنهنجي طرفان مهرباني ڪري. اهڙيءَ طرح جو شڪر ڪندو آهي تنهن کي (ان جو) بدلو ڏيندا آهيون. |
وَلَقَد أَنذَرَهُم بَطشَتَنا فَتَمارَوا بِالنُّذُرِ (آيت : 36) |
۽ بيشڪ ان اسان جي پڪڙ کان کين ديڄاريو پوءِ هٿون ڊيڄارڻ جي ڪري (شڪ آڻي) جهڳڙو ڪرڻ لڳا. |
وَلَقَد رٰوَدوهُ عَن ضَيفِهِ فَطَمَسنا أَعيُنَهُم فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 37) |
۽ بيشڪ ان کي ڌتاري سندس مهمان گهرڻ لڳا پوءِ اسان سندين اکين کي ميٽي ڇڏيو پوءِ (چيوسون ته) منهجي سزا ۽ منهنجي ڊيڄارڻ جو مزو چکو. |
وَلَقَد صَبَّحَهُم بُكرَةً عَذابٌ مُستَقِرٌّ (آيت : 38) |
۽ بيشڪ صبح جو سويري مٿن (هميشه) رهڻ وارو عذاب آيو. |
فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 39) |
پوءِ (چيوسون ته) منهنجي سزا ۽ منهنجي ڊيڄارڻ جو مزو چکو. |
وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 40) |
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو سوچڻ وارو آهي. |
وَلَقَد جاءَ ءالَ فِرعَونَ النُّذُرُ (آيت : 41) |
۽ بيشڪ فرعون جي تابعدارن وٽ ڊيڄارڻ وارا آيا. |
كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كُلِّها فَأَخَذنٰهُم أَخذَ عَزيزٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 42) |
انهن اسان جي سڀني نشانين کي ڪوڙو ڪيو پوءِ کين زبردست (۽) طاقتور جي پڪڙڻ وانگر پڪڙيوسون |
أَكُفّارُكُم خَيرٌ مِن أُولٰئِكُم أَم لَكُم بَراءَةٌ فِى الزُّبُرِ (آيت : 43) |
(اي مڪي وارا !) ڇا اوهان جاڪافر انهن کان گهڻو چڱا آهن يا اوهان لاءِ ڪتابن ۾ ڇوٽڪاري جي چٺي آهي. |
أَم يَقولونَ نَحنُ جَميعٌ مُنتَصِرٌ (آيت : 44) |
يا ته اهي چون ٿا ته اسين سڀئي وير وٺڻ واري جماعت آهيون. |
سَيُهزَمُ الجَمعُ وَيُوَلّونَ الدُّبُرَ (آيت : 45) |
سگهوئي (سندن )جماعت کي شڪست ڏني ويندي ۽ اهي پٺ ڦيريندا. |
بَلِ السّاعَةُ مَوعِدُهُم وَالسّاعَةُ أَدهىٰ وَأَمَرُّ (آيت : 46) |
پر اها گهڙي سندن انجام جو وقت آهي ۽ اها گهڙي وڏي آفت ۽ سخت ڪوڙي آهي. |
إِنَّ المُجرِمينَ فى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 47) |
بيشڪ ڏوهاري ته گمراهي ۽ چريائي ۾ آهن. |
يَومَ يُسحَبونَ فِى النّارِ عَلىٰ وُجوهِهِم ذوقوا مَسَّ سَقَرَ (آيت : 48) |
(وري) جنهن ڏينهن باهه ۾ پنهنجي منهن ڀرگهليا ويندا (تنهن ڏينهن کين چيو ويندو) ته دوزخ جي ڇهڻ جو مزو چکو. |
إِنّا كُلَّ شَيءٍ خَلَقنٰهُ بِقَدَرٍ (آيت : 49) |
بيشڪ اسان سڀڪنهن شيءِ کي ٺهرايل اندازي سان پيدا ڪيو آهي |
وَما أَمرُنا إِلّا وٰحِدَةٌ كَلَمحٍ بِالبَصَرِ (آيت : 50) |
۽ اسان جو ڪم رڳو اک ڇنڀ (۾ ٿيڻ) جهڙو هڪ سخن آهي. |
وَلَقَد أَهلَكنا أَشياعَكُم فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 51) |
۽ (اي مڪي وارو !) بيشڪ اسان اوهان جي هم طريقي وارن کي برباد ڪيو ڇا پوءِ ڪو سوچڻ وارو آهي. |
وَكُلُّ شَيءٍ فَعَلوهُ فِى الزُّبُرِ (آيت : 52) |
۽ سڀڪا شيءِ جا انهن ڪئي آهي سا (سندن) اعمالن ۾ (لکيل) آهي. |
وَكُلُّ صَغيرٍ وَكَبيرٍ مُستَطَرٌ (آيت : 53) |
۽ سڀڪو ننڍو ۽ وڏو (ڪم) لکيل آهي |
إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَهَرٍ (آيت : 54) |
بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ واهن (جي وچ) ۾ هوندا. |
فى مَقعَدِ صِدقٍ عِندَ مَليكٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 55) |
۽ (اُهي) سچائي جي جاءِ ۾ طاقت واري بادشاه وٽ (رهندا). |