| اقتَرَبَتِ السّاعَةُ وَانشَقَّ القَمَرُ (آيت : 1) |
|
قيامت جي گھڙي ويجهو اچي وئي ۽ چنڊ چيرجي پيو. |
| وَإِن يَرَوا ءايَةً يُعرِضوا وَيَقولوا سِحرٌ مُستَمِرٌّ (آيت : 2) |
|
۽ جيڪڏهن اهي (ڪافر) ڪا نشاني ڏسن ٿا ته مُنهن ڦيرن ٿا ۽ چون ٿا ته (هي) هميشه کان هليو ايندڙ جادو آهي. |
| وَكَذَّبوا وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم وَكُلُّ أَمرٍ مُستَقِرٌّ (آيت : 3) |
|
۽ انهن ڪوڙ سمجهيو ۽ پنهنجي خواهشن جي پيروي ڪيائون ۽ هر ڪم جو هڪ انجام آهي. |
| وَلَقَد جاءَهُم مِنَ الأَنباءِ ما فيهِ مُزدَجَرٌ (آيت : 4) |
|
۽ بيشڪ انهن وٽ (اڳين قومن جون) اهڙيون خبرون پهتيون آهن جن ۾ دڙڪو (۽ سامانِ عبرت) آهي. |
| حِكمَةٌ بٰلِغَةٌ فَما تُغنِ النُّذُرُ (آيت : 5) |
|
حڪمتِ ڪامله آهي پوءِ به اهڙيون ڊيڄارڻ واريون ڳالهيون (انهن کي) ڪو فائدو نه ٿيون ڏين؟ |
| فَتَوَلَّ عَنهُم يَومَ يَدعُ الدّاعِ إِلىٰ شَيءٍ نُكُرٍ (آيت : 6) |
|
پوءِ تون انهن کان منهن موڙ. جنهن ڏينهن سڏڻ وارو (ملائڪ) سخت ناگوار شيءِ (قيامت) ڏانهن سڏيندو. |
| خُشَّعًا أَبصٰرُهُم يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ كَأَنَّهُم جَرادٌ مُنتَشِرٌ (آيت : 7) |
|
(ان ڏينهن ماڻهو) جُهڪيل اکين سان قبرن مان نڪرندا ڄڻڪ اِهي پکڙيل مَاڪَڙِ آهن. |
| مُهطِعينَ إِلَى الدّاعِ يَقولُ الكٰفِرونَ هٰذا يَومٌ عَسِرٌ (آيت : 8) |
|
سڏيندڙ ڏانهن ڊوڙندا ويندا. ڪافر چوندا ته هي ڏاڍو سخت ڏينهن آهي. |
| كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ فَكَذَّبوا عَبدَنا وَقالوا مَجنونٌ وَازدُجِرَ (آيت : 9) |
|
انهن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙو سمجهيو هيو جو اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو سمجهيائون ۽ چيائون عقل کان خالي آهي ۽ ان کي ڌمڪيون ڏنيون ويون. |
| فَدَعا رَبَّهُ أَنّى مَغلوبٌ فَانتَصِر (آيت : 10) |
|
سو پنهنجي پالڻهار کان دعا گهريائين ته ”آءٌ عاجز آهيان پوءِ تون (منهنجو) بدلو وٺ“. |
| فَفَتَحنا أَبوٰبَ السَّماءِ بِماءٍ مُنهَمِرٍ (آيت : 11) |
|
پوءِ اسان وڏ ڦڙي مينهن سان آسمان جا دروازا کولي ڇڏيا. |
| وَفَجَّرنَا الأَرضَ عُيونًا فَالتَقَى الماءُ عَلىٰ أَمرٍ قَد قُدِرَ (آيت : 12) |
|
۽ اسان زمين جا چشما وهائي ڇڏيا پوءِ پاڻي ان ڪم (يعني انهن جي هلاڪت) لاءِ گڏ ٿيو جنهن جو فيصلو ٿي چڪو هيو. |
| وَحَمَلنٰهُ عَلىٰ ذاتِ أَلوٰحٍ وَدُسُرٍ (آيت : 13) |
|
۽ اسان ان (نوح) کي تختن ۽ ميخن واري (ٻيڙي) تي سوار ڪيو. |
| تَجرى بِأَعيُنِنا جَزاءً لِمَن كانَ كُفِرَ (آيت : 14) |
|
جا اسان جي نگراني ۾ پي هلي، هي ان شخص (يعني نوح) جي خاطر بدلو وٺڻ هيو جنهن جي بي قدري ڪئي وئي. |
| وَلَقَد تَرَكنٰها ءايَةً فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 15) |
|
۽ بيشڪ اسان ان (سزا) کي هڪ نشاني ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ |
| فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 16) |
|
پوءِ منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هيو؟ |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 17) |
|
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ |
| كَذَّبَت عادٌ فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 18) |
|
عاد جي قوم ڪوڙو سمجهيو پوءِ ڪيئن منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ هيو. |
| إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى يَومِ نَحسٍ مُستَمِرٍّ (آيت : 19) |
|
بيشڪ اسان انهن تي سخت آواز واري تيز هوا (انهن جي حق ۾) هميشه واري نحوست واري ڏينهن ۾ موڪلي. |
| تَنزِعُ النّاسَ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ مُنقَعِرٍ (آيت : 20) |
|
ماڻهن کي کڻي اهڙي طرح پئي اڇلايائين ڄڻڪ اُهي پاڙ کان پٽيل کجيءَ جا پَورا ٿُــڙَ آهن. |
| فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 21) |
|
پوءِ ڪيئن هيو منهنجو عذاب ۽ (ڪيئن هيو) منهنجو ڊيڄارڻ. |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 22) |
|
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان بنايو آهي پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو!! |
| كَذَّبَت ثَمودُ بِالنُّذُرِ (آيت : 23) |
|
ثمود جي قوم ڊيڄارڻ وارن کي ڪوڙو سمجهيو. |
| فَقالوا أَبَشَرًا مِنّا وٰحِدًا نَتَّبِعُهُ إِنّا إِذًا لَفى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 24) |
|
پوءِ چيائون ته : ”ڇا اسان پاڻ مان هڪڙي بشر جي پيروي ڪيون تڏهن ته اسان پڪ سان گمراهي ۽ چريائي ۾ هونداسين. |
| أَءُلقِىَ الذِّكرُ عَلَيهِ مِن بَينِنا بَل هُوَ كَذّابٌ أَشِرٌ (آيت : 25) |
|
ڇا اسان سڀني جي وچ ۾ اهوئي هيو جنهن تي نصيحت لاٿي وئي؟ بلڪه اهو ڪوڙو خود پسند آهي. |
| سَيَعلَمونَ غَدًا مَنِ الكَذّابُ الأَشِرُ (آيت : 26) |
|
(اسان چيو) ”سڀاڻي ئي کين معلوم ٿي ويندو ته ڪير ڪوڙو خود پسند آهي؟ |
| إِنّا مُرسِلُوا النّاقَةِ فِتنَةً لَهُم فَارتَقِبهُم وَاصطَبِر (آيت : 27) |
|
بيشڪ اسان انهن جي آزمائش لاءِ ڏاچي کي موڪلڻ وارا آهيون پوءِ تون (اي صالح!)انهن (جي انجام) جو انتظار ڪر ۽ صبر ڪر. |
| وَنَبِّئهُم أَنَّ الماءَ قِسمَةٌ بَينَهُم كُلُّ شِربٍ مُحتَضَرٌ (آيت : 28) |
|
۽ انهن کي ٻڌائي ڇڏ ته انهن جي وچ ۾ پاڻي ورهايل آهي. هر ڪو پنهنجي واري تي حاضر ٿئي“. |
| فَنادَوا صاحِبَهُم فَتَعاطىٰ فَعَقَرَ (آيت : 29) |
|
پوءِ انهن پنهنجي ساٿي کي سڏ ڪيو پوءِ ان (ڏاچيءَ تي) وار ڪري ان جا پير وڍي وڌا. |
| فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 30) |
|
پوءِ منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هيو؟ |
| إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم صَيحَةً وٰحِدَةً فَكانوا كَهَشيمِ المُحتَظِرِ (آيت : 31) |
|
بيشڪ اسان مٿن هڪ خوفناڪ آواز موڪليو پوءِ اُهي لوڙهي لڳائڻ واري جي لتاڙيل گاهه وانگر ٿي پيا. |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 32) |
|
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ آسان بنايو آهي پوءِ آهي ڪو نصيحت حاصل ڪرڻ وارو؟ |
| كَذَّبَت قَومُ لوطٍ بِالنُّذُرِ (آيت : 33) |
|
لوط جي قوم (به) ڊيڄارڻ وارن (رسولن) کي ڪوڙو سمجهيو. |
| إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم حاصِبًا إِلّا ءالَ لوطٍ نَجَّينٰهُم بِسَحَرٍ (آيت : 34) |
|
بيشڪ اسان انهن تي پٿر وسائڻ واري جهَڪَ موڪلي سواءِ لوط جي گهروارن جي. اسان انهن کي اسر مهل (عذاب کان) بچايو. |
| نِعمَةً مِن عِندِنا كَذٰلِكَ نَجزى مَن شَكَرَ (آيت : 35) |
|
پنهنجي طرفان مهرباني سان. اهڙي طرح اسان ان کي بدلو ڏيندا آهيون جو شڪر ڪندو آهي. |
| وَلَقَد أَنذَرَهُم بَطشَتَنا فَتَمارَوا بِالنُّذُرِ (آيت : 36) |
|
۽ بيشڪ ان (لوط) کين اسان جي پڪڙ کان ڊيڄاريو هيو پوءِ اهي جھڳڙو ڪرڻ لڳا ان جي ڊيڄارڻ ۾. |
| وَلَقَد رٰوَدوهُ عَن ضَيفِهِ فَطَمَسنا أَعيُنَهُم فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 37) |
|
۽ بيشڪ انهن (لوط) کان سندس مهمان ڦُرڻ جو ارادو ڪيو پوءِ اسان انهن جي اکين کي ميٽائي (بي نور بنائي) ڇڏيو پوءِ (چيو سين) ”منهنجي عذاب ۽ منهنجي ڊيڄارڻ جو مزو چکو“. |
| وَلَقَد صَبَّحَهُم بُكرَةً عَذابٌ مُستَقِرٌّ (آيت : 38) |
|
۽ بيشڪ انهن تي صبح سوير ئي هڪ اٽل عذاب آيو. |
| فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 39) |
|
پوءِ منهنجي عذاب ۽ ڊيڄارڻ جو مزو چکو. |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 40) |
|
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ آسان بنايو آهي پوءِ آهي ڪو نصيحت حاصل ڪرڻ وارو؟ |
| وَلَقَد جاءَ ءالَ فِرعَونَ النُّذُرُ (آيت : 41) |
|
۽ بيشڪ فرعون وارن وٽ (به) ڊيڄارڻ وارا آيا. |
| كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كُلِّها فَأَخَذنٰهُم أَخذَ عَزيزٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 42) |
|
انهن اسان جي سڀني نشانين کي ڪوڙو سمجهيو پوءِ اسان انهن کي ائين پڪڙيو جيئن ڪو وڏو غالب وڏي طاقت وارو پڪڙيندو آهي. |
| أَكُفّارُكُم خَيرٌ مِن أُولٰئِكُم أَم لَكُم بَراءَةٌ فِى الزُّبُرِ (آيت : 43) |
|
ڇا توهان جا ڪافر انهن کان ڀلا آهن؟ يا توهان جي لاءِ (آسماني) ڪتابن ۾ ڪو ڇوٽڪارو لکيل آهي. |
| أَم يَقولونَ نَحنُ جَميعٌ مُنتَصِرٌ (آيت : 44) |
|
يا اُهي چون ٿا ته: ”اسان هڪ مضبوط جٿو آهيون سڀ ملي بچاءُ ڪرڻ وارا آهيون“. |
| سَيُهزَمُ الجَمعُ وَيُوَلّونَ الدُّبُرَ (آيت : 45) |
|
سگهو ئي اها جماعت شڪست کائيندي ۽ اهي پٺي ڦيرائي ڀڄندا. |
| بَلِ السّاعَةُ مَوعِدُهُم وَالسّاعَةُ أَدهىٰ وَأَمَرُّ (آيت : 46) |
|
بلڪه کين (عذاب لاء اصل) ڏنل وقت ته قيامت جو ڏينهن آهي ۽ قيامت وڏي آفت ۽ ڏاڍي ڪَڙِي آهي. |
| إِنَّ المُجرِمينَ فى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 47) |
|
بيشڪ ڏوهاري گمراهي ۽ چريائپ ۾ مبتلا آهن. |
| يَومَ يُسحَبونَ فِى النّارِ عَلىٰ وُجوهِهِم ذوقوا مَسَّ سَقَرَ (آيت : 48) |
|
جنهن ڏينهن باهه ۾ ٻوٿن ڀر گهليا ويندا. (چيو ويندو) ”باهه ۾ سڙڻ جو مزو چکو“. |
| إِنّا كُلَّ شَيءٍ خَلَقنٰهُ بِقَدَرٍ (آيت : 49) |
|
بيشڪ اسان هر شيءِ کي هڪ مقرر اندازي سان بنايو آهي. |
| وَما أَمرُنا إِلّا وٰحِدَةٌ كَلَمحٍ بِالبَصَرِ (آيت : 50) |
|
۽ اسان جو حڪم ته رڳو هڪ لحظي ۾ واقع ٿئي ٿو جيئن اک ڇنڀڻ. |
| وَلَقَد أَهلَكنا أَشياعَكُم فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 51) |
|
۽ بيشڪ اسان توهان جهڙين (ڪيترين ئي) جماعتن کي برباد ڪري ڇڏيو پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو!! |
| وَكُلُّ شَيءٍ فَعَلوهُ فِى الزُّبُرِ (آيت : 52) |
|
۽ جو ڪجهه انهن ڪيو سو سمورو اعمال نامن ۾ (لکيل) آهي. |
| وَكُلُّ صَغيرٍ وَكَبيرٍ مُستَطَرٌ (آيت : 53) |
|
۽ هر ننڍو ۽ وڏو (عمل) لکيل آهي. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَهَرٍ (آيت : 54) |
|
بيشڪ پرهيزگار ماڻهو بهشتن ۽ نهرن ۾ (مزا ماڻيندڙ) هوندا. |
| فى مَقعَدِ صِدقٍ عِندَ مَليكٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 55) |
|
سچي عزت جي جاءِ ۾ طاقت واري بادشاهه جي بارگاهه ۾. |