القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الۡقَمَرِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 55


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

اقتَرَبَتِ السّاعَةُ وَانشَقَّ القَمَرُ (آيت : 1)

(تباهيءَ جي) گهڙي ويجهي اچي ويئي آهي ۽ چنڊ ڦاٽي پيو آهي.

وَإِن يَرَوا ءايَةً يُعرِضوا وَيَقولوا سِحرٌ مُستَمِرٌّ (آيت : 2)

۽ هي (ڪافر) جيڪڏهن ڪا نشاني ڏسن ٿا ته منهن موڙي هليا ٿا وڃن ۽ چون ٿا ته هي وقتي (يا معمولي) جادو آهي.

وَكَذَّبوا وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم وَكُلُّ أَمرٍ مُستَقِرٌّ (آيت : 3)

هو (حق کي) ڪوڙو ٺهرائين ٿا ۽ پنهنجي نفساني خواهشن جي پٺيان لڳن ٿا. پر (هنن کي يقين رکڻ گهرجي ته) هر ڪنهن ڳالهه لاءِ وقت مقرر آهي، (سو سندن تباهي به مقرر وقت تي اچي ويندي).

وَلَقَد جاءَهُم مِنَ الأَنباءِ ما فيهِ مُزدَجَرٌ (آيت : 4)

۽ هيءَ حقيقت آهي ته هنن (ڪافرن) وٽ گهڻيون ئي خبرون (۽ پيغمبرن جا چتاوَ ۽ اڳوڻين قومن جي تباهيءَ جا احوال) اچي چڪا آهن جن ۾ ڪافي تنبيهه آهي.

حِكمَةٌ بٰلِغَةٌ فَما تُغنِ النُّذُرُ (آيت : 5)

(۽ جن ۾ دلين تي اثر ڪندڙ) اعليٰ حڪمت رکيل آهي، پر (افسوس جو هنن ڪافرن کي) خبردار ڪندڙن (پيغمبرن) جون نصيحتون ڪجهه به فائدو ڪونه ٿيون ڏين.

فَتَوَلَّ عَنهُم يَومَ يَدعُ الدّاعِ إِلىٰ شَيءٍ نُكُرٍ (آيت : 6)

سو (اي پيغمبر!) هنن (ڪافرن) کي ڇڏي ڏي. جنهن ڏينهن سڏ ڪندڙ (کين) سخت اڻ وڻندڙ (عذاب جي) واقعي ڏي سڏيندو.

خُشَّعًا أَبصٰرُهُم يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ كَأَنَّهُم جَرادٌ مُنتَشِرٌ (آيت : 7)

تنهن ڏينهن سندن اکيون جهڪيل هونديون ۽ قبرن مان ائين نڪري پوندا جو ڄڻ ته ٽڙيل پکڙيل ماڪڙ آهي.

مُهطِعينَ إِلَى الدّاعِ يَقولُ الكٰفِرونَ هٰذا يَومٌ عَسِرٌ (آيت : 8)

هو هڪ هنڌ کتل اکين سان سڏيندڙ ڏي ڀڄندا ويندا. (۽) ڪافر چوندا ته هي ڏينهن ته ڏاڍو سخت آهي!

كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ فَكَذَّبوا عَبدَنا وَقالوا مَجنونٌ وَازدُجِرَ (آيت : 9)

کانئن اڳي نوح جي قوم به (حضرت نوح جي نصيحت کي) ڪوڙو ٺهرايو. سو هنن اسان جي ٻانهي (حضرت نوح) کي نه مڃيو ۽ چيائون ته، هو مجنون (چريو) آهي ۽ هن کي تڙي ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏنائون.

فَدَعا رَبَّهُ أَنّى مَغلوبٌ فَانتَصِر (آيت : 10)

سو هن پنهنجي پروردگار کي پڪاريو ته مان عاجز آهيان، سون منهنجي مدد ڪر.

فَفَتَحنا أَبوٰبَ السَّماءِ بِماءٍ مُنهَمِرٍ (آيت : 11)

سو اسان آسمان جا دروازا زبردست برسات سان کولي ڇڏيا (۽ مينهن پرٽجي پيو).

وَفَجَّرنَا الأَرضَ عُيونًا فَالتَقَى الماءُ عَلىٰ أَمرٍ قَد قُدِرَ (آيت : 12)

۽ (ان سان گڏ) زمين مان چشمان به وهائي ڇڏياسين. سو (آسمان ۽ زمين جو) پاڻي گڏجي پيو ۽ (الله جي) حڪم موجب ٺهرايل حد تائين چڙهيو.

وَحَمَلنٰهُ عَلىٰ ذاتِ أَلوٰحٍ وَدُسُرٍ (آيت : 13)

۽ اسان هن کي (يعني حضرت نوح کي سندس ماڻهن سميت) تختن ۽ ڪِلين واري ٻيڙيءَ تي کڻي وياسين.

تَجرى بِأَعيُنِنا جَزاءً لِمَن كانَ كُفِرَ (آيت : 14)

جا اسان جي اکين اڳيان (اسان جي خاص نظر ۽ سنڀال هيٺ) هلڻ لڳي (۽ کيس سلامت کڻي ويئي) اهو (خاص) بدلو مليو انهيءَ کي جنهن کي ڪافرن نه مڃيو.

وَلَقَد تَرَكنٰها ءايَةً فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 15)

۽ يقيناً اسان ان کي نشانيءَ طور ڇڏيو. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي.

فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 16)

پوءِ (ڏسو ته) منهنجو عذاب ۽ تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي.

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 17)

۽ يقيناً اسان قرآن کي سمجهڻ لاءِ ۽ (ان مان) نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ۽ سولو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي!

كَذَّبَت عادٌ فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 18)

عاد جي قوم به (پيغمبرن جي تعليم کي) نه مڃيو ۽ ان کي رد ڪيو، سو (ڏسو ته) منهنجو عذاب ۽ منهنجي تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي.

إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى يَومِ نَحسٍ مُستَمِرٍّ (آيت : 19)

اسان انهن (عاد جي ماڻهن) جي مٿان هڪڙو سخت طوفان اهڙي ڏينهن موڪليو جو سخت نڀاڳائي ۽ زبردست مصيبت وارو ڏينهن هو.

تَنزِعُ النّاسَ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ مُنقَعِرٍ (آيت : 20)

جنهن انهن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح پٽي (اڇلائي) ماريو جو ڄڻ ته هو پاڙون پٽيل کجين جا ٿڙ هئا.

فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 21)

سو (ڏسو ته) منهنجو عذاب ۽ منهنجي تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي.

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 22)

۽ يقيناً اسان قرآن کي سمجهڻ لاءِ (۽ ان مان) نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ۽ سولو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي!

كَذَّبَت ثَمودُ بِالنُّذُرِ (آيت : 23)

ثمود جي ماڻهن به خبردار ڪندڙ (پيغمبرن) کي نه مڃيو.

فَقالوا أَبَشَرًا مِنّا وٰحِدًا نَتَّبِعُهُ إِنّا إِذًا لَفى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 24)

هنن چيو ته، ڇا اسان مان هڪڙو انسان، اڪيلوئي اڪيلو! اسان هن جي پيروي ڪيون ۽ سندس تابعدار ٿيون! جيڪڏهن ائين ڪيون ته گمراهي ۽ چريائيءَ ۾ پئجي وينداسين.

أَءُلقِىَ الذِّكرُ عَلَيهِ مِن بَينِنا بَل هُوَ كَذّابٌ أَشِرٌ (آيت : 25)

ڇا اسان سڀني جي وچئون اچي هن (مڙس) تي (خدائي) پيغام نازل ٿيو آهي؟ (بلڪل نه) بلڪ هو ڪوڙو ٻٽاڪي آهي.

سَيَعلَمونَ غَدًا مَنِ الكَذّابُ الأَشِرُ (آيت : 26)

(اي حضرت صالح) هي (نادان) سڀاڻي ئي ڏسي وٺندا ته، ڪير ڪوڙو ۽ ٻٽاڪي آهي.

إِنّا مُرسِلُوا النّاقَةِ فِتنَةً لَهُم فَارتَقِبهُم وَاصطَبِر (آيت : 27)

اسان ڏاچي موڪلڻ وارا آهيون جا هنن لاءِ آزمائش آهي. سو تون ترس ۽ ڏس ۽ صبر اختيار ڪر.

وَنَبِّئهُم أَنَّ الماءَ قِسمَةٌ بَينَهُم كُلُّ شِربٍ مُحتَضَرٌ (آيت : 28)

۽ هنن کي ٻڌائي ڇڏ ته پاڻي سندن وچ ۾ ورهايل آهي ۽ هرڪو پنهنجي واري تي حاضر ٿئي (۽ پنهنجي ڍورن کي پاڻي پياري).

فَنادَوا صاحِبَهُم فَتَعاطىٰ فَعَقَرَ (آيت : 29)

پر هنن ڇا ڪيو جو پنهنجي (هڪ شرير) سنگتيءَ کي سڏيائون، سو هن هڪ تلوار هٿ ۾ کنئي ۽ ان ڏاچيءَ جا پير ڪپي وڌائين.

فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 30)

سو (ڏسو ته) اسان جو عذاب ۽ تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي.

إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم صَيحَةً وٰحِدَةً فَكانوا كَهَشيمِ المُحتَظِرِ (آيت : 31)

اسان هنن جي مٿان هڪڙو اڪيلو سخت ڌڪاءُ نازل ڪيو، ۽ (ان زلزلي ۾) هو واڙ ٺاهيندڙ جي سڪين ڪاٺين جهڙا ٿي پيا.

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 32)

۽ يقيناً اسان قرآن کي سمجهڻ ۽ (ان مان) نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ۽ سولو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي؟

كَذَّبَت قَومُ لوطٍ بِالنُّذُرِ (آيت : 33)

حضرت لوط جي قوم به خبردار ڪندڙ (پيغمبرن) کي نه مڃيو.

إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم حاصِبًا إِلّا ءالَ لوطٍ نَجَّينٰهُم بِسَحَرٍ (آيت : 34)

اسان هنن جي مٿان پٿرن جو مينهن وسايو، سواءِ حضرت لوط جي ماڻهن جي. انهن کي اسان اَسُر جي وقت (شهر مان ڪڍي ٻاهر ڪيو ۽ تباهه ٿيڻ کان) بچائي ورتو.

نِعمَةً مِن عِندِنا كَذٰلِكَ نَجزى مَن شَكَرَ (آيت : 35)

اهو (مٿن) اسان جو فضل ٿيو. اسان اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن کي چڱو بدلو ڏيندا آهيون، جيڪي خدا جي نعمت جو قدر ڪندا آهن (۽ سندس حڪمن تي هلندا آهن).

وَلَقَد أَنذَرَهُم بَطشَتَنا فَتَمارَوا بِالنُّذُرِ (آيت : 36)

۽ هيءَ حقيقت آهي ته حضرت لوط هنن کي اسان جي سخت پڪڙ بابت خبردار ڪيو هو، پر هو ان تنبيهه بابت جهڳڙا ڪندا رهيا.

وَلَقَد رٰوَدوهُ عَن ضَيفِهِ فَطَمَسنا أَعيُنَهُم فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 37)

۽ هيءَ به حقيقت آهي ته هو سندس مهمانن کي (بد ارادي سان) کانئس کسي کڻي وڃڻ لڳا. پر اسان سندن اکيون انڌيون ڪري ڇڏيون (۽ اهي مهمان سلامت نڪري ويا ۽ ڪافرن کي چيو ويو ته) هاڻي منهنجي عذاب ۽ تنبيهه جو مزو چکو.

وَلَقَد صَبَّحَهُم بُكرَةً عَذابٌ مُستَقِرٌّ (آيت : 38)

۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ئي دائمي (تباهيءَ جو) عذاب مٿن اچي ڪڙڪيو.

فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 39)

سو هاڻي چکو منهنجي عذاب ۽ تبيهه جو مزو.

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 40)

۽ يقيناً اسان قرآن کي سمجهڻ لاءِ (۽ ان مان) نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ۽ سولو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي.

وَلَقَد جاءَ ءالَ فِرعَونَ النُّذُرُ (آيت : 41)

۽ هيءَ حيقت آهي ته، فرعون جي ماڻهن ڏي به خبردار ڪندڙ (پيغمبر) آيا.

كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كُلِّها فَأَخَذنٰهُم أَخذَ عَزيزٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 42)

پر هنن اسان جي سڀني نشانين ۽ حڪمن کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ نه مڃيو. سو اسان به هنن کي اهڙي سخت پڪڙ ڪئي جهڙي زبردست قدرت وارو (الله) ڪندو آهي.

أَكُفّارُكُم خَيرٌ مِن أُولٰئِكُم أَم لَكُم بَراءَةٌ فِى الزُّبُرِ (آيت : 43)

(اي قريشيو) توهان جا ڪافر انهن اڳين (ڪافرن) کان (طاقت، علم، هنرن وغيره ۾) بهتر آهن ڇا؟ (جو پاڻ کي تباهيءَ کان بچائي سگهندا) يا (هيئن آهي ڇا ته) توهان جي لاءِ خدائي ڪتابن ۾ ڇوٽڪارو لکجي ويو آهي.

أَم يَقولونَ نَحنُ جَميعٌ مُنتَصِرٌ (آيت : 44)

يا اهي (مڪي جا ڪافر) هيئن ٿا چون ڇا ته، اسان وڏي جماعت آهيون ۽ پاڻ کي بچائي سگهنداسين. (نه نه!)

سَيُهزَمُ الجَمعُ وَيُوَلّونَ الدُّبُرَ (آيت : 45)

جلد ئي هنن جي (وڏي) جماعت شڪست ڏيئي ڀڄائي ويندي، ۽ هو پٺي ڏيئي ڀڄي ويندا (جيئن جلد بدر جي جنگ ۾ ٿيو).

بَلِ السّاعَةُ مَوعِدُهُم وَالسّاعَةُ أَدهىٰ وَأَمَرُّ (آيت : 46)

بلڪ(سندس تباهيءَ جي) گهڙي جنهن جو کين واعدو ڪيل آهي سا به مقرر ٿي ويئي آهي، ۽ اها گهڙي تمام سخت عذاب واري ۽ سخت ڪوڙي هوندي.

إِنَّ المُجرِمينَ فى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 47)

يقيناً (ظالم) گنهگار ماڻهو ئي ڀليل ۽ ديوانا آهن.

يَومَ يُسحَبونَ فِى النّارِ عَلىٰ وُجوهِهِم ذوقوا مَسَّ سَقَرَ (آيت : 48)

انهيءَ ڏينهن هنن کي باهه ۾ منهن ڀر گهليو ويندو (۽ کين چيو ويندو ته هاڻي) باهه جي پڪڙ جو مزو چکو.

إِنّا كُلَّ شَيءٍ خَلَقنٰهُ بِقَدَرٍ (آيت : 49)

يقيناً اسان هرهڪ شيء کي اندازي ۽ مناسبت تي خلقيو آهي.

وَما أَمرُنا إِلّا وٰحِدَةٌ كَلَمحٍ بِالبَصَرِ (آيت : 50)

۽ اسان جو حڪم (۽ جهان جي هلائڻ جو هرهڪ ڪم) فقط هڪ هوندو آهي، جيئن اک جو ڇنڀڻ (هڪ ڏسڻ ۾ ايندو آهي).

وَلَقَد أَهلَكنا أَشياعَكُم فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 51)

۽ هيءَ حقيقت آهي ته، اسان اوهان جهڙا (ڪافر) ٽولا تباهه ڪري ڇڏيا، پوءِ آهي ڪو جو نصيحت (۽ عبرت) وٺي (۽ پاڻ سڌاري تباهيءَ کان بچي).

وَكُلُّ شَيءٍ فَعَلوهُ فِى الزُّبُرِ (آيت : 52)

۽ جيڪي جيڪي هو ڪن ٿا سو سڀ (اسان جي) ڪتابن ۾ (لکجي ويو) آهي.

وَكُلُّ صَغيرٍ وَكَبيرٍ مُستَطَرٌ (آيت : 53)

۽ هرهڪ ننڍي توڙي وڏي ڳالهه لکيل آهي.

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَهَرٍ (آيت : 54)

يقيناً پرهيزگار نيڪ ماڻهو باغن ۾ نهرن جي وچ ۾ هوندا.

فى مَقعَدِ صِدقٍ عِندَ مَليكٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 55)

هو سچائيءَ واري مجلس ۾ ويهندا، انهيءَ الله وٽ ويندا جو وڏو شهنشاه ۽ قادر مطلق آهي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025