| اقتَرَبَتِ السّاعَةُ وَانشَقَّ القَمَرُ (آيت : 1) |
|
قيامت ويجھي ٿي ۽ (رسولِ عربيءَ جي اشاري سان) چنڊ ٻه ٽُڪرا ٿيو |
| وَإِن يَرَوا ءايَةً يُعرِضوا وَيَقولوا سِحرٌ مُستَمِرٌّ (آيت : 2) |
|
۽ جيڪڏهن اهي ڪو معجزو ڏسن ٿا ته مُنهن موڙين ٿا ۽ چون ٿا (ته هيءُ) مضبوط جادو آهي |
| وَكَذَّبوا وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم وَكُلُّ أَمرٍ مُستَقِرٌّ (آيت : 3) |
|
۽ انهن تڪذيب ڪئي ۽ انهن پنهنجي سَڌن جي تابعداري ڪئي ۽ هر هڪ ڪم پنهنجي انتها تي پهچندڙ آهي |
| وَلَقَد جاءَهُم مِنَ الأَنباءِ ما فيهِ مُزدَجَرٌ (آيت : 4) |
|
۽ بيشڪ تحقيق انهن وٽ اُهي خبرون پهتيون جن ۾ تنبيهه ڪيل هئي |
| حِكمَةٌ بٰلِغَةٌ فَما تُغنِ النُّذُرُ (آيت : 5) |
|
(انهيءَ ۾) نهايت دانائي واري ڳالهه هئي، پوءِ پيغمبر ڪهڙو ڪم ڏِيَنِ ؟ |
| فَتَوَلَّ عَنهُم يَومَ يَدعُ الدّاعِ إِلىٰ شَيءٍ نُكُرٍ (آيت : 6) |
|
پوءِ رسولِ عربي توهان انهن کان پاسو ڪريو، اُن ڏينهن سڏي ٿو سڏيندڙ ان شيءِ ڏانهن جيڪا کين ناپسند آهي |
| خُشَّعًا أَبصٰرُهُم يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ كَأَنَّهُم جَرادٌ مُنتَشِرٌ (آيت : 7) |
|
(اهي) اکيون هيٺ ڪري (پنهنجي) قبرن مان نڪرندا، گوياڪِ اهي مڪڙ آهن جيڪي منتشر آهن |
| مُهطِعينَ إِلَى الدّاعِ يَقولُ الكٰفِرونَ هٰذا يَومٌ عَسِرٌ (آيت : 8) |
|
سڏيندڙ ڏانهن اهي ڊوڙي ويندڙ آهن، ڪافر چوندا هيءُ ڏينهن سخت ڏکيو آهي |
| كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ فَكَذَّبوا عَبدَنا وَقالوا مَجنونٌ وَازدُجِرَ (آيت : 9) |
|
انهن کان اڳ نوح جي قوم نه مڃو پوءِ انهن اسان جي ٻانهي (نوح) کي ڪوڙو سمجھو ۽ چيو (هيءُ) مجنون آهي ۽ ان کي جھڻڪيو |
| فَدَعا رَبَّهُ أَنّى مَغلوبٌ فَانتَصِر (آيت : 10) |
|
پوءِ ان پنهنجي خالق کي پڪاريو ته بيشڪ آئون مغلوب آهيان پوءِ تون (انهن کان) انتقام وٺ |
| فَفَتَحنا أَبوٰبَ السَّماءِ بِماءٍ مُنهَمِرٍ (آيت : 11) |
|
پوءِ اسان آسمان جا دروازا کوليا ان مِينهن لاءِ جيڪو گھڻو وسندڙ آهي |
| وَفَجَّرنَا الأَرضَ عُيونًا فَالتَقَى الماءُ عَلىٰ أَمرٍ قَد قُدِرَ (آيت : 12) |
|
۽ زمين مان (پاڻيءَ جا) چشما جاري ڪيا پوءِ ٻئي پاڻ مِلي پيا ان امر لاءِ جيڪو اندازو ڪيو ويو هو |
| وَحَمَلنٰهُ عَلىٰ ذاتِ أَلوٰحٍ وَدُسُرٍ (آيت : 13) |
|
۽ اسان ان کي (ٻيڙيءَ تي) سوار ڪرايو جيڪا تختن ۽ ڪِلِيُنِ واري آهي |
| تَجرى بِأَعيُنِنا جَزاءً لِمَن كانَ كُفِرَ (آيت : 14) |
|
اها ٻيڙي اسان جي نگراني ۾ هلي رهي هئي، اها جزا هئي سندن نافرماني جي |
| وَلَقَد تَرَكنٰها ءايَةً فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 15) |
|
۽ بيشڪ تحقيق اسان انهيءَ واقعي کي نشاني ڪري ڇڏيو. ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺندڙ |
| فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 16) |
|
پوءِ ڏسو ته ڪهڙيءَ طرح منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ آهي؟ |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 17) |
|
۽ بيشڪ تحقيق اسان قرآن ڪريم کي نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ آسان بنايو، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺندڙ ! |
| كَذَّبَت عادٌ فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 18) |
|
قوم عاد جي (هود پيغمبر) جي تڪذيب ڪئي، پوءِ (ڏسو ته) ڪهڙيءَ طرح منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ آهي |
| إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى يَومِ نَحسٍ مُستَمِرٍّ (آيت : 19) |
|
بيشڪ اسان انهن تي هڪ سخت طوفان ان ڏينهن تي موڪليو جنهن جي منحوسي (انهن تي) هميشه رهي |
| تَنزِعُ النّاسَ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ مُنقَعِرٍ (آيت : 20) |
|
ماڻهن کي ايئن پٽي اڇلايو ٿي، گوياڪِ اهي پاڙان اکڙِيل کجين جا ٿڙ آهن |
| فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 21) |
|
پوءِ (ڏسو ته) ڪهڙيءَ طرح منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ آهي؟ |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 22) |
|
۽ بيشڪ تحقيق اسان قرآن ڪريم کي نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ آسان بنايو، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺندڙ |
| كَذَّبَت ثَمودُ بِالنُّذُرِ (آيت : 23) |
|
قوم ثمود جي پيغمبرن جي تڪذيب ڪئي |
| فَقالوا أَبَشَرًا مِنّا وٰحِدًا نَتَّبِعُهُ إِنّا إِذًا لَفى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 24) |
|
پوءِ چيائون ڇا اسان مان، اسين هڪ انسان جي تابعداري ڪريون؟ بيشڪ اسين ان وقت گمراهي ۽ عذاب ۾ پونداسين |
| أَءُلقِىَ الذِّكرُ عَلَيهِ مِن بَينِنا بَل هُوَ كَذّابٌ أَشِرٌ (آيت : 25) |
|
ڇا اسان سڀني مان وحي رباني ان تي نازل ٿي آهي؟ بلڪِ اهو (حضرت صالح) وڏو ڪوڙو ۽ سرڪش آهي |
| سَيَعلَمونَ غَدًا مَنِ الكَذّابُ الأَشِرُ (آيت : 26) |
|
جلدي سڀاڻي معلوم ڪندا ته ڪير وڏو ڪوڙو سرڪش آهي |
| إِنّا مُرسِلُوا النّاقَةِ فِتنَةً لَهُم فَارتَقِبهُم وَاصطَبِر (آيت : 27) |
|
بيشڪ اسين ڏاچي انهن جي آزمائش لاءِ موڪليندڙ آهيون پوءِ تون (اي صالح) انتظار ڪر ۽ صبر ڪر |
| وَنَبِّئهُم أَنَّ الماءَ قِسمَةٌ بَينَهُم كُلُّ شِربٍ مُحتَضَرٌ (آيت : 28) |
|
۽ تون انهن کي ٻڌاءِ ته بيشڪ پاڻي انهن جي وچ ۾ تقسيم ڪيل آهي، هر ڪو پنهنجي واري تي حاضر هجي |
| فَنادَوا صاحِبَهُم فَتَعاطىٰ فَعَقَرَ (آيت : 29) |
|
پوءِ انهن پنهنجي سنگتي کي سڏيو پوءِ ان حملو ڪري ڏاچيءَ کي هلاڪ ڪيو |
| فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 30) |
|
پوءِ (ڏسو ته) منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ ڪهڙيءَ طرح آهي |
| إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم صَيحَةً وٰحِدَةً فَكانوا كَهَشيمِ المُحتَظِرِ (آيت : 31) |
|
بيشڪ اسان انهن تي هڪ زبردست دانهن موڪلي پوءِ اهو چُورو ٿيل ڍينگرن وانگر ٿي پيا |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 32) |
|
۽ بيشڪ تحقيق اسان قرآن ڪريم کي نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ آسان بنايو، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺندڙ |
| كَذَّبَت قَومُ لوطٍ بِالنُّذُرِ (آيت : 33) |
|
قوم لوط جي پيغمبر جي تڪذيب ڪئي |
| إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم حاصِبًا إِلّا ءالَ لوطٍ نَجَّينٰهُم بِسَحَرٍ (آيت : 34) |
|
بيشڪ اسان انهن تي پٿرين جو مِينهن وسايو سواءِ لوط تي ايمان آڻيندڙن جي، اسان انهن کي رات جي پوئين پهر ۾ نجات ڏني |
| نِعمَةً مِن عِندِنا كَذٰلِكَ نَجزى مَن شَكَرَ (آيت : 35) |
|
اها اسان جي طرفان نعمت هئي، اسين اهڙيءَ طرح جزا ڏيون ٿا شڪرگذار کي |
| وَلَقَد أَنذَرَهُم بَطشَتَنا فَتَمارَوا بِالنُّذُرِ (آيت : 36) |
|
۽ بيشڪ تحقيق ان انهن کي اسان جي گرفت کان ڊيڄاريو پوءِ انهن پيغمبرن ۾ شڪ ڪيو |
| وَلَقَد رٰوَدوهُ عَن ضَيفِهِ فَطَمَسنا أَعيُنَهُم فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 37) |
|
۽ بيشڪ تحقيق انهن اُن جَي مهمانن ۾ بدنيتي ڪئي پوءِ اسان انهن جون اکيون ميٽي ڇڏيون پوءِ توهان منهنجي عذاب ۽ ڊيڄارڻ جو مزو چکو |
| وَلَقَد صَبَّحَهُم بُكرَةً عَذابٌ مُستَقِرٌّ (آيت : 38) |
|
۽ بيشڪ صبح جو سويري انهن تي دائمي عذاب آيو |
| فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 39) |
|
پوءِ توهان منهنجي عذاب ۽ ڊيڄارڻ جو مزو چکو |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 40) |
|
۽ بيشڪ تحقيق اسان قرآن ڪريم کي نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ آسان بنايو، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺندڙ |
| وَلَقَد جاءَ ءالَ فِرعَونَ النُّذُرُ (آيت : 41) |
|
۽ بيشڪ فرعون جي ساٿين وٽ پيغمبر آيا |
| كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كُلِّها فَأَخَذنٰهُم أَخذَ عَزيزٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 42) |
|
انهن اسان جي سڀني نشانين جي تڪذيب ڪئي پوءِ اسان انهن تي سخت پڪڙ ڪئي جيڪا اسان جي شايانِ شان هئي |
| أَكُفّارُكُم خَيرٌ مِن أُولٰئِكُم أَم لَكُم بَراءَةٌ فِى الزُّبُرِ (آيت : 43) |
|
ڇا توهان جا ڪافر انهن پَهِرِيَنِ کان بهتر آهن يا توهان لاءِ ڪتابن ۾ (نجات جي) ڪا چٺي لکيل آهي |
| أَم يَقولونَ نَحنُ جَميعٌ مُنتَصِرٌ (آيت : 44) |
|
يا اهي چون ٿا اسين سڀئي گڏجي عيوض وٺنداسين |
| سَيُهزَمُ الجَمعُ وَيُوَلّونَ الدُّبُرَ (آيت : 45) |
|
عنقريب انهن (ڪافرن) جي ٽولِي شڪست کائيندي ۽ (اهي) پٺ ورائي ڀڄندا |
| بَلِ السّاعَةُ مَوعِدُهُم وَالسّاعَةُ أَدهىٰ وَأَمَرُّ (آيت : 46) |
|
بلڪِ انهن جي (عذاب) لاءِ قيامت مقرر آهي ۽ قيامت وڏي مصيبت واري ۽ (دنيا جي عذاب کان) وڌيڪ سخت آهي |
| إِنَّ المُجرِمينَ فى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 47) |
|
بيشڪ مجرم گمراهي ۽ گھڻي عذاب ۾ آهن |
| يَومَ يُسحَبونَ فِى النّارِ عَلىٰ وُجوهِهِم ذوقوا مَسَّ سَقَرَ (آيت : 48) |
|
ان ڏينهن اهي مُنهن ڀر گِهِلِيَا ويندا، الله تعالى فرمائيندو توهان دوزخ جو عذاب چکو |
| إِنّا كُلَّ شَيءٍ خَلَقنٰهُ بِقَدَرٍ (آيت : 49) |
|
بيشڪ اسان هر شيءِ کي (پنهنجي) اندازي سان خلقيو آهي |
| وَما أَمرُنا إِلّا وٰحِدَةٌ كَلَمحٍ بِالبَصَرِ (آيت : 50) |
|
۽ اسان جو حڪم هڪ ڀيرو ايئن ٿيندو جيئن اک جو ڇِنڀڻ |
| وَلَقَد أَهلَكنا أَشياعَكُم فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 51) |
|
۽ بيشڪ اسان توهان جهڙيون ڪافر قومون هلاڪ ڪيون پوءِ آهي ڪو (توهان مان) نصيحت حاصل ڪندڙ |
| وَكُلُّ شَيءٍ فَعَلوهُ فِى الزُّبُرِ (آيت : 52) |
|
۽ اهي جيڪي عمل ڪن ٿا (اهو سڀ ڪجھه) لوحِ محفوظ ۾ لکيل آهي |
| وَكُلُّ صَغيرٍ وَكَبيرٍ مُستَطَرٌ (آيت : 53) |
|
۽ هر ننڍي ۽ وڏي شيءِ لکيل آهي |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَهَرٍ (آيت : 54) |
|
بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ نهرن ۾ آهن |
| فى مَقعَدِ صِدقٍ عِندَ مَليكٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 55) |
|
(اهي) وحد هٗ لا شرڪ لہٗ جي حضور ۾ ويهندڙ آهن |