القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الۡقَمَرِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 55


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

اقتَرَبَتِ السّاعَةُ وَانشَقَّ القَمَرُ (آيت : 1)

ساعت ويجهي آئي ۽ چنڊ چير جي پيو-

وَإِن يَرَوا ءايَةً يُعرِضوا وَيَقولوا سِحرٌ مُستَمِرٌّ (آيت : 2)

۽ جيڪڏهن ڪا نشاني ڏسندا ته منهن موڙيندا ۽ چوندا ته ”هي ته اڳوڻو جادو آهي.“

وَكَذَّبوا وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم وَكُلُّ أَمرٍ مُستَقِرٌّ (آيت : 3)

۽ ڪوڙ ڄاتائون ۽ پنهنجن سڌن تي هليا- هر ڪو ڪم پنهنجي وقت تي ٺهرايل آهي.

وَلَقَد جاءَهُم مِنَ الأَنباءِ ما فيهِ مُزدَجَرٌ (آيت : 4)

۽ بيشڪ انهن وٽ اُهي خبرون آيل آهن؛ جن ۾ جِهڻڪ آهي.

حِكمَةٌ بٰلِغَةٌ فَما تُغنِ النُّذُرُ (آيت : 5)

پوري ڏاهپ آهي؛ پوءِ عبرت جون ڳالهيون کين فائدو نٿيون ڏين.

فَتَوَلَّ عَنهُم يَومَ يَدعُ الدّاعِ إِلىٰ شَيءٍ نُكُرٍ (آيت : 6)

تنهن ڪري انهن کان منهن موڙ، جنهن ڏينهن سڏيندڙ اڻ وڻندڙ شيءِ ڏانهن سڏيندو؛

خُشَّعًا أَبصٰرُهُم يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ كَأَنَّهُم جَرادٌ مُنتَشِرٌ (آيت : 7)

تڏهن قبرن مان جِهڪين اکين سان ائين ٻاهر نڪرندا؛ جو ڄڻڪ اهي پکڙيل مڪڙ آهن!

مُهطِعينَ إِلَى الدّاعِ يَقولُ الكٰفِرونَ هٰذا يَومٌ عَسِرٌ (آيت : 8)

سڏيندڙ ڏانهن ڊوڙندا ويندا_ ڪافر چوندا ته ”هيءُ سخت ڏينهن آهي!“

كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ فَكَذَّبوا عَبدَنا وَقالوا مَجنونٌ وَازدُجِرَ (آيت : 9)

انهن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙ ڀانيو؛ پوءِ اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو ڄاتائون ۽ چيائون ته ”چريو آهي“ ۽ ساڻس سخت ڳالهايو ويو.

فَدَعا رَبَّهُ أَنّى مَغلوبٌ فَانتَصِر (آيت : 10)

پوءِ هن پنهنجي رب کي سڏ ڪيو ته ”تحقيق آءُ هيڻو آهيان؛ تنهن ڪري تون انهن کي پهچ.“ (يعني مدد ڪريمِ)

فَفَتَحنا أَبوٰبَ السَّماءِ بِماءٍ مُنهَمِرٍ (آيت : 11)

پوءِ آسمان جا دروازا گهڻي وهندڙ پاڻي سان کولياسون.

وَفَجَّرنَا الأَرضَ عُيونًا فَالتَقَى الماءُ عَلىٰ أَمرٍ قَد قُدِرَ (آيت : 12)

۽ زمين مان چشما جاري ڪياسون، پاڻي جنهن ڪم لاءِ مقرر ٿيل هو، انهي لاءِ اچي گڏيو.

وَحَمَلنٰهُ عَلىٰ ذاتِ أَلوٰحٍ وَدُسُرٍ (آيت : 13)

۽ نوح کي تختن ۽ ميخن واريءَ ٻيڙيءَ تي چاڙهيوسون.

تَجرى بِأَعيُنِنا جَزاءً لِمَن كانَ كُفِرَ (آيت : 14)

جا اسان جي اکين آڏو هلي ٿي_ انهي شخص جي بدلي وٺڻ لاءِ، جنهن کي نه مڃيو ويو.

وَلَقَد تَرَكنٰها ءايَةً فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 15)

۽ بيشڪ انهي (سزا) کي هڪ نشاني ڪئي سون، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟

فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 16)

پوءِ ڏس، ته منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ ڪيئن هو!

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 17)

بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ سولو ڪيو آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟

كَذَّبَت عادٌ فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 18)

عاد جي قوم (نبيءَ کي) ڪوڙو ڀانيو، پوءِ منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو!

إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى يَومِ نَحسٍ مُستَمِرٍّ (آيت : 19)

اسان سخت طوفان کي وڏي نڀاڳي ڏينهن ۾ انهن تي موڪليو.

تَنزِعُ النّاسَ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ مُنقَعِرٍ (آيت : 20)

جنهن ماڻهن کي اُکيڙيو ٿي، ڄڻڪ اهي پاڙون پٽيل کجيءَ جا ٿڙ آهن.

فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 21)

پوءِ منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو!

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 22)

بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ سولو ڪيو آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟

كَذَّبَت ثَمودُ بِالنُّذُرِ (آيت : 23)

ثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڀانيو.

فَقالوا أَبَشَرًا مِنّا وٰحِدًا نَتَّبِعُهُ إِنّا إِذًا لَفى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 24)

چيائون ته اسان پاڻ مان هڪ شخص جي ، تابعداري ڪيون ڇا؟ تڏهن ته اسين گمراهي ۽ چريائي ۾ هونداسون.

أَءُلقِىَ الذِّكرُ عَلَيهِ مِن بَينِنا بَل هُوَ كَذّابٌ أَشِرٌ (آيت : 25)

اسان جي وچان انهي تي ئي نصيحت نازل ڪئي ويئي ڇا؟ بلڪ اُهو وڏو ڪوڙو ۽ پاڻ پڏائيندڙ آهي.

سَيَعلَمونَ غَدًا مَنِ الكَذّابُ الأَشِرُ (آيت : 26)

(اسان چيو ته) ”سڀان ڄاڻندا، ته پاڻ پڏائيندڙ ۽ وڏو ڪوڙو ڪير آهي؟

إِنّا مُرسِلُوا النّاقَةِ فِتنَةً لَهُم فَارتَقِبهُم وَاصطَبِر (آيت : 27)

بيشڪ اسين انهن جي آزمائش لاءِ ڏاچي موڪلينداسون، پوءِ (اي صالح) انهن جو انتظار ڪر ۽ صبر ڪر.

وَنَبِّئهُم أَنَّ الماءَ قِسمَةٌ بَينَهُم كُلُّ شِربٍ مُحتَضَرٌ (آيت : 28)

انهن کي خبردار ڪر، ته انهن جي وچ ۾ پاڻي وراهيل آهي، جو هر هڪ واري تي حاضر ٿئي.“

فَنادَوا صاحِبَهُم فَتَعاطىٰ فَعَقَرَ (آيت : 29)

پوءِ پنهنجي ساٿيءَ کي سڏيائون، پوءِ انهيءَ وڌيڪ قدم کنيو ۽ ڏاچيءَ کي منڊو ڪيائين.

فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 30)

پوءِ ڏس ته منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ ڪيئن هئو؟

إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم صَيحَةً وٰحِدَةً فَكانوا كَهَشيمِ المُحتَظِرِ (آيت : 31)

اسان هڪ ڌڪاءُ انهن تي موڪليو، پوءِ ڦِٽل ڪاٺين جي واڙ وانگر ٿي پيا-

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 32)

بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ سولو ڪيو آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟

كَذَّبَت قَومُ لوطٍ بِالنُّذُرِ (آيت : 33)

لوط جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڄاتو.

إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم حاصِبًا إِلّا ءالَ لوطٍ نَجَّينٰهُم بِسَحَرٍ (آيت : 34)

اسان انهن تي پٿريون وسائيندڙ واءُ موڪليو، سواءِ لوط جي گهر وارن جي، جو انهن کي فجر وقت بچايوسون

نِعمَةً مِن عِندِنا كَذٰلِكَ نَجزى مَن شَكَرَ (آيت : 35)

پنهنجي طرفان ڪيل فضل سان، جنهن شڪرانو ڪيو، ان کي اهڙيءَ طرح بدلو ٿا ڏيون.

وَلَقَد أَنذَرَهُم بَطشَتَنا فَتَمارَوا بِالنُّذُرِ (آيت : 36)

۽ انهن کي اسان جي وٺ پڪڙ کان ڊيڄاريو ويو، پوءِ اُلٽو انهن ڊيڄاريندڙن سان تڪرار ڪيو.

وَلَقَد رٰوَدوهُ عَن ضَيفِهِ فَطَمَسنا أَعيُنَهُم فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 37)

۽ مهمانن بابت ڇڪتاڻ ڪيائون، پوءِ انهن جي اکين کي وڃايوسون_ پوءِ (چيوسون ته) ”منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ چکو.“

وَلَقَد صَبَّحَهُم بُكرَةً عَذابٌ مُستَقِرٌّ (آيت : 38)

۽ انهن لاءِ جيڪو عذاب مقرر ٿيل هو، سو مٿن صبح جو اچي پيو.

فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 39)

پوءِ (چيوسون ته) ”چکو منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ!“

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 40)

بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ سولو ڪيو آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟

وَلَقَد جاءَ ءالَ فِرعَونَ النُّذُرُ (آيت : 41)

۽ فرعون جي قوم ڏانهن ڊيڄاريندڙ آيا.

كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كُلِّها فَأَخَذنٰهُم أَخذَ عَزيزٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 42)

هنن اسان جي سڀني نشانين کي ڪوڙو ڄاتو، تنهن ڪري کين غالب پڪڙڻ واري وانگر پڪڙيوسون.

أَكُفّارُكُم خَيرٌ مِن أُولٰئِكُم أَم لَكُم بَراءَةٌ فِى الزُّبُرِ (آيت : 43)

(اي قريشيو!) اوهان جا ڪافر انهن کان وڌيڪ چڱا آهن ڇا؟ يا اوهان لاءِ اڳين ڪتابن ۾ ڪا ڇوٽڪاري جي چٺي آهي ڇا؟

أَم يَقولونَ نَحنُ جَميعٌ مُنتَصِرٌ (آيت : 44)

چون ٿا ته ”اسين وير وٺڻ واري جماعت آهيون.“

سَيُهزَمُ الجَمعُ وَيُوَلّونَ الدُّبُرَ (آيت : 45)

انهي جماعت کي جلد شڪست ڏبي ۽ هو پٺي ڏيئي ڀڄندا.

بَلِ السّاعَةُ مَوعِدُهُم وَالسّاعَةُ أَدهىٰ وَأَمَرُّ (آيت : 46)

پر سندن انجام جي جاءِ قيامت آهي ۽ قيامت ڏاڍي سخت ۽ ڪؤڙي آهي.

إِنَّ المُجرِمينَ فى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 47)

بيشڪ ڏوهاري گمراهي ۽ چريائي ۾ آهن.

يَومَ يُسحَبونَ فِى النّارِ عَلىٰ وُجوهِهِم ذوقوا مَسَّ سَقَرَ (آيت : 48)

جنهن ڏينهن انهن کي منهن ڀر باهه ۾ گهلبو، (۽ چئبو ته) ”هاڻي دوزخ جي ڇُهڻ جومزو چکو.“

إِنّا كُلَّ شَيءٍ خَلَقنٰهُ بِقَدَرٍ (آيت : 49)

اسان هر هڪ شيءِ کي ٺهرايل انداز سان ئي بنايو آهي.

وَما أَمرُنا إِلّا وٰحِدَةٌ كَلَمحٍ بِالبَصَرِ (آيت : 50)

۽ اسان جو ڪم اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ جهڙو حڪم آهي.

وَلَقَد أَهلَكنا أَشياعَكُم فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 51)

۽ بيشڪ اسان اوهان جهڙيون ڪئين ٽوليون ناس ڪيون، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو!

وَكُلُّ شَيءٍ فَعَلوهُ فِى الزُّبُرِ (آيت : 52)

جيڪي به ڪيو اٿن، سو سڀ ڪتاب ۾ (لکيل) آهي.

وَكُلُّ صَغيرٍ وَكَبيرٍ مُستَطَرٌ (آيت : 53)

۽ سڀڪو ننڍو وڏو لکيل آهي_

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَهَرٍ (آيت : 54)

بيشڪ نيڪ باغن ۽ نهرن ۾ هوندا.

فى مَقعَدِ صِدقٍ عِندَ مَليكٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 55)

اهي سچيءَ مجلس ۾ سگهه واري بادشاهه وٽ هوندا.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025